عبدالرشيد ابڙو، شڪارپور.
حڪمت
واري ڪمري ۾
هڪ رات اونداهي ٻي سردي گهڻي. دل چئي رهي هئي ته
اڄ نه پڙهه، پر مٿان امتحان جو ڀوت چڙهيل هو، سو
دل کان فيصلو وٺي پڙهڻ لڳس. ڪجهه وقفي بعد مون کان
بي اختيار کل نڪري ويئي، کل کي ٽاري وري پڙهڻ لڳس،
پر گذريل واقعو بار بار ياد اچڻ تي کل نڪريو پئي
ويئي، ڪتاب بند ڪيم ۽ دماغ ماضي ڏانهن موٽيو.
ننڍي هوندي مون کي مصري ڏاڍي وڻڻدي هئي، هڪ ڏينهن
جي ڳالهه آهي جو بابا سائين بازار مان ڪجهه سامان
وٺي آيو ۽ سڌو ويو حڪمت واري ڪمري ۾. وڃڻ سان
پڙيون کولڻ لڳو. ايتري ۾ بابا هڪ پڙي کولي جنهن
مان مصريءَ جا ڳنڍا نڪتا. مصريءَ کي ڏسڻ ۽ منهنجو
وات پاڻي ٿيڻ. ڏٺم ته بابا سائين اهي مصريءَ جا
ڳنڍا حڪمت واري ڪمري ۾ پيل هڪ ڪٻٽ جي مٿئين خاني
۾ رکيا. مون کي پڪ ٿي ته اها مصري ڪنهن حڪمت جي ڪم
۾ آڻيندا، ڇا لاءِ ته پاڻ حڪمت جو ڪم ڄاڻندا هئا.
بابي جي مصري رکڻ ۽ ان جي کائڻ جو پيٽ ۾ سور پوڻ.
بس پوءِ ته انهيءَ ڏينهن کان تاڙ ۾ هئس ته من ڪو
موقعو ملي. نيٺ هڪ ڏينهن موقعو وٺي گهڙي پيس حڪمت
واري ڪمري ۾. مان جيئن ڪمري ۾ داخل ٿيس ته اتفاق
سان منهنجو هٿ ميز تي پيل گلاس کي لڳو جو مون کي
الودائي سلام چئي وڃي زمين جو سلامي ٿيو. آءُ خوف
کان ڏڪي ويس، پر جلدي حواس درست ڪري ڀڳل گلاس جا
ٽڪرا کڻي، ڪمري کان ٻاهر نڪري ۽ گهر جي ڀاتين جي
نظرن کان غائب ٿي ويس. انهيءَ ڏينهن بعد مون به ٽي
دفعا مصري کائڻ جي ڪوشش ڪئي مگر وجهه ئي نه پئي
مليو. مصري کائڻ جي شوق ۾ مون کي مٺي ننڊ به نٿي
آئي. هڪ رات جيئن آءُ بستري تي ستو پيو هئس ته
مصريءَ جو خيال آهي. بس پوءِ بستري تان اٿي، ڪمري
۾ داخل ٿيس. جان کڻي ڏسان ته والد صاحب آرام
ڪرسيءَ تي هڪ حڪمت جي ڪتاب ۾ مصروف لڳا پيا هئا.
دل ئي سڙي ويئي، پوءِ ته اتان ئي پير ڊاهيم. نيٺ
هڪ ڏينهن نه ڪيم هم نه ڪيم تم، سڌو گهڙي پيس حڪمت
واري ڪمري ۾. منهنجو ڪمري ۾ داخل ٿيڻ ۽ ادي جو سڏ
ڪرڻ، جو ورانڊي ۾ ستو پيو هو. منهنجون وايون بتال
ٿي ويون، نيٺ سوچي سمجهي نڪري پيس ٻاهر. ادي کي
چيم ته ادا منهنجو انگريزيءَ جو ڪاب گم ٿي ويو آهي
سو ٻيو ڳوليان. ادي به نه ڪئي هم نه تم، نه ڪئي
سوچ نه سمجهه، هليو انگريزي ڪتاب ڳولهڻ پري وري
ڪمري ۾ ڪتاب هجي ته لڀي. هڪ دفعي اسان جي پاڙي ۾
شادي هئي. والد ۽ ادو وڏو ته اڳي ئي ويا هئا. باقي
رهيا گهر جا ڀاتي، سي به تيار ٿي وڃڻ لڳا. مون
پئي نٽايو، جڏهن کين دير ٿي تڏهن چيائون ته ”تون
جلدي تيار ٿي اچ“ ۽ هو سڀ هليا ويا. آخر جڏهن
اڪيلو ٿيس تڏهن بيفڪر ٿي گهڙي پيس حڪمت واري ڪمري
۾. مصري به هئي مٿئين خاني ۾، ڪرسي کڻي چڙهي پيس،
چڙهڻ سان اچي ڦهڪو ڪيم! ڌڪ به واه جو آيو. ڪرسي
کڻي جو ڏسان ته سندس هڪ ٽنگ لڀيئي ڪانه. پوءِ اٿي
ڪپڙا ڇنڊي هڪ ڪرسي کڻي جاچي جوچي چڙهي پيس ۽ مصري
جا ڳنڍا کڻي وٺي نچڻ ٽپڻ لڳس. جڏهن وات تي رکيم ته
رڙ نڪري ويئي: ڦٽڪي.... ڦٽڪي.... ڦٽڪي .... سچ
پڇيو ته اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن، وري مون ڪڏهن به
حڪمت واري ڪمري ۾ وڃڻ جي جرئت نه ڪئي آهي.
محمد شريف مصراڻي، خانپور
ٻاراڻا ٻول
1- سنڌي ٻولي- موتين جهولي
2- سنڌي ٻاڻي- هيرن هاڻي
3- سنڌي دوها- کير جا گوها
4- سنڌي وائي- سوز سَمائي
5- سنڌي ڪافي- سيني صافي
6- سنڌي ماڻهو- ڄاڻوءُ ڳاڻُو
7- سنڌي جوڌا- ڳڀرو ڳوڌا.
|