دوا وسيلي انساني حياتي ٻه سئو سالن تائين وڌائي سگهبي
آمريڪا ۾ مچيگان يونيورسٽي جي کوجنا ڪندڙ
سائنسدانن جي هڪ جماعت اعلان ڪيو آهي ته هنن هڪ
اهڙي دوا ڳولي لڌي آهي جنهن جي ڪري انساني حياتي
ٻن سئو سالن تائين وڌائي سگهجي ٿي. کوجنا ٽيم جي
اڳواڻ ڊاڪٽر بارنيٽ روزيمبرگ چيو آهي ته جيڪڏهن
سندن نظريا صحيح ثابت ٿيا ته پوءِ انسان ٻن سئو
سالن تائين جيئرو رهي سگهندو. هن چيو ته انهيءَ ڏس
۾ ننڍن جيتن جهڙوڪ مکين وغيره تي تجربا ڪيا ويا
آهن ۽ هاڻي اهي تجربا ڪجهه وڏن ساهه وارن جهڙوڪ
ڪوئن وغيره تي ڪيا ويندا.
تاري ڪرڻ سببان پيدا ٿيل کڏ لڌي
روسي سائنسدانن يوڪرين جي هڪ ڳوٺ ويجهو،
هڪ
کڏ
لڌي آهي، جنهن بابت سندن خيال
آهي ته اها آسمان مان ڪنهن وڏي تاري جي ڪرڻ سبب
پيدا ٿي آهي. هيءَ کڏ اڄ کان ڏهه ڪروڙ سال پراڻي
آهي ۽ سائنسدانن جي چوڻ موجب تاري جي ڪرڻ ڪري 120
ميگا ٽن بم جي ڌماڪي جي برابر ڌماڪو ٿيو هوندو. هن
ڪرندڙ تاري جو وزن ڪيترائي لک ٽن هوندو.
ٻار پنهنجي اخبار پاڻ شايع ڪندا آهن
تازو جرمنيءَ جي شهر اسٽٽگارٽ ۾ ستن سالن کان وٺي
سورهن سالن جي عمر جي شاگردن پنهنجي اسڪول ۾
پنهنجين اخبارن ۽ ڪئلينڊرن کي شايع ڪرڻ جو نماءُ
ڪيو.
اسڪولن ۾ ڇپائيءَ جو ڪم سڀ کان پهرين پنجاهه سال
اڳ فرانس ۾ شروع ٿيو. هن وقت اولهه جرمنيءَ ۾ 150
اسڪولن ۾ ٻار پنهنجون اخبارون پاڻ شايع ڪندا آهن.
اسڪولن ۾ ننڍڙيون پريسون آهن، جتي ٻار پاڻ اکر
ڪمپوز ڪندا ۽ ڇپائيندا آهن. ماهرن جي خيال ۾ ان
دلچسپيءَ وسيلي ٻارن جي نهايت اعليٰ شخصي تربيت
ٿئي ٿي. ڇو ته ان سان ٻارن کي پنهنجين اخبارن ۾
لکڻ، خبرن ۽ مضمونن کي چونڊڻ، ترتيب ڏيڻ، تنقيد
ڪرڻ، لفظن ۽ جملن جي استعمال، ڇپائڻ ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ
جي سکيا ملي ٿي. ان کانسواءِ هو خرچ کي سنڀال سان
هلائڻ جو آزمودو پرائين ٿا.
ويهه ڪروڙ سال اڳ جو جانور
انٽارڪٽڪا (ڏکڻ قطب) ۾ جبلن جي هڪ حصي ۾ هڪ قديم
درياءَ جي
پيٽ
۾ ڄاڙيءَ جي هڏيءَ جو هڪ ٽُڪر
لڌو ويو آهي. سائنسدانن جي دعويٰ آهي ته اها هڏي
هڪ اهڙي کير پياريندڙ جانور جي هڏي آهي جيڪو ويهه
ڪروڙ سال اڳ واري دور ۾ رهندو هو. خود هيءَ هڏي به
ويهه ڪروڙ سال پراڻي آهي. اهڙن جانورن جون ڄمي ويل
هڏيون آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريڪا ۾ به هٿ آيون آهن.
انهن سڀني جي عمر هڪ جيتري هئي. ڪن سائنسدانن جو
وري اهو خيال آهي ته ان مان اهو ظاهر ٿو ٿئي ته
ڪروڙين سال اڳ آفريڪا، آسٽريليا، هندستان، ڏکڻ
آفريڪا ۽ انٽارڪٽڪا هڪڙي ئي وڏي زميني ٽڪر جا گڏيل
حصا هئا.
کير جون سِرون
وچ ڪزاخستان (روس) ۾ الاشا خان جو قديم مقبرو آهي.
ان جون ديوارون جيڪي سرن جون ٺهيل آهن، تن جي
ڊزائين غاليچن جهڙي آهي. هي مقبرو پنج سئو سال پراڻو
آهي. هڪ روايت موجب جڏهن اهو مقبرو ٺهي رهيو هو،
تڏهن اتي پنج هزار گهوڙين کي گڏ ڪري، انهن جو
کير
ڏُهي،
سِرن
ٺاهڻ ۾ ڪتب آندو ويو هو. ماڻهن جي چوڻ موجب ان ڪري
ئي اهو مقبرو ايترو مضبوط آهي. علم ڪيميا جي ماڻهن
تجربن ڪرڻ کان پوءِ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي.
ڇا اوهان کي خبر آهي ته.....
موڪليندڙ: ميمڻ عبدالغفور
”سنڌي“
1. بغداد جو قديم شهر، مسجدن، منارن، مقبرن ۽
خانقاهن جو ڪثير تعداد کان سڄيءَ دنيا ۾ پهريون
نمبر آهي.
2. اٽليءَ جي ملڪ ۾
”وٽيڪن
لئبريري“
آهي، جنهن ۾ هڪ ڪتاب مقدس
”انجيل“
رکيل آهي، جنهن جي تور ست مڻ آهي.
3. اخبار سڀ کان پهريان جرمنيءَ ۾ شايع ٿي.
4. عينڪ اٽليءَ جي رهاڪو ايجاد ڪئي.
5. صابڻ سڀ کان اڳ انگلينڊ ۾ ٺهيو.
6. زمين جو گول هجڻ،
”گليلو“
معلوم ڪيو.
7. فجي نالي ٻيٽ ۾ جهنگلي قوم آهي، جا پنهنجن وڏن
ڏينهن تي پير اگهاڙا ڪري ٽانڊن تي نچندي آهي.
8. پپر ۽ بڙ جو وڻ کير ڏيندو آهي، جو ڪافي ڪمائتو
آهي.
اهڙي طرح
اَڪ
جو کير به ازخود فائديمند آهي ۽ ساڳئي وقت وري
نقصانڪار پڻ آهي، انهيءَ ڪري جو هن کي ٿورو وقت
وات ۾ رکبو ته سمورا ڏند ڇڻي پوندا.
9. جاپان جي ڪن اسڪولن ۾ شاگردن کي ٻنهي هٿن سان
لکڻ سيکاريو وڃي ٿو.
10. افغانستان، دنيا ۾ هڪ اهڙو ملڪ آهي، جنهن ۾
ريلوي رستو نه آهي.
11. اڪبر بادشاهه جي وقت ۾ چانورن جو ڏيڍ رپئي مڻ
هوندو هو.
12. شينهن جي دل سڀني جانورن کان ننڍي ٿيندي آهي.
13. نانگ بنا ڪنهن کائڻ پيئڻ جي ٻن سالن تائين
جيئرو رهي سگهي ٿو.
14. پاڪستان ۾ نارٿ ويسٽرن ريلوي جي ڊيگهه ڇهه
هزار ميل آهي.
موڪليندڙ: اڪرم علي سومرو، خانپور.
1. خلا ۾ ويندڙ پهريون انسان، ميجر گگارين هو.
2. چنڊ تي پهريون قدم رکندڙ ماڻهو، نيل آرم اسٽرانگ هو.
3. جهڙي ريت شاهه عبداللطيف ڀٽائي
رحه، سنڌي ٻوليءَ جو عظيم شاعر آهي، تهڙي طرح شيڪسپيئر انگريزيءَ
جو عظيم شاعر آهي.
موڪليندڙ: منور ابڙو، نصرپور
1. دنيا ۾ 3064 زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون.
2. دنيا ۾ سڀ کان ننڍو ريڊيو سيٽ روس ۾ تيار ڪيو
ويو آهي.
3. دنيا جي سڀ کان وڏي هيري جو نالو
”ڪلنن“ آهي.
4. سگريٽ ۾ “نڪوٽين” زهر هوندو آهي.
5. دنيا جي وڏي ۾ وڏي پل
”سئنفرانسسڪو“
۾ آهي.
6. دنيا جو سڀ کان وڏو اسٽيج پيرس ۾ آهي، جنهن جي
ايراضي 3 ايڪڙ آهي.
7. دنيا جو سڀ کان وڏو کوهه فرانس ۾ آهي جيڪو ساڍا
ٽي هزار فوٽ اونهو آهي.
موڪليندڙ: مولا بخش
”ناد“،
لاڙڪاڻو.
1. پاڪستان ۾ انعامي بانڊن جي اسڪيم 1960ع ۾ شروع
ٿي.
2. دنيا ۾ مسلمانن جي ننڍي ۾ ننڍي رياست مالديپ
آهي.
3. ماچيس جي هڪ تيليءَ جي گرميءَ جو درجو 66 آهي.
4. سوره توبہ
۾ بسم الله نه پڙهبي آهي.
5. ائٽم بم جو پهريون ڌماڪو نيو ميڪسيڪو ۾ ٿيو هو.
6. 27 فيبروري 1961ع تي پاڪستان جي پهرين آدمشماري
جو آغاز ٿيو.
7. پهرين جنوري 1961ع ۾ پاڪستان ۾ پهريون دفعو
ڏهائي
سِڪو
رائج ٿيو.
8. چنبيليءَ جي گل کي 15 جولاءِ 1961ع تي پاڪستان
جو قومي گل قرار ڏنو ويو.
9. پهرين آڪٽوبر 1951ع ۾ پاڪستان جو معياري وقت
مقرر ڪيو ويو.
10. 13 آگسٽ 1954ع ۾ پاڪستان جو قومي ترانو پهريون
دفعو ريڊيو پاڪستان تان نشر ڪيو ويو.
11. 30 ڊسمبر 1967ع ۾ پاڪستان ۾ تيار ٿيندڙ پهريون
جهاز سمنڊ ۾ لاٿو ويو.
12. 1961ع ۾ پهريون دفعو ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ
تان ڪمرشل سروس شروع ڪئي ويئي.
13. 25 نومبر 1964ع ۾ ملڪ جي سڀ کان پهرينءَ ٽيليويزن اسٽيشن لاهور جو افتتاح اڳوڻي صدر فيلڊ مارشل محمد
ايوب خان ڪيو.
موڪليندڙ:
”شهزاد“
ظهيرالدين احمد فاروقي، درازه شريف.
1. دنيا ۾ سڀ کان وڏي ڀت،
”ديوار
چين“
آهي جا چين ۾ آهي.
2. دنيا ۾ سڀ کان وڏي لائبريري
”برٽش ميوزيم لائبريري“
آهي جا برطانيا ۾ آهي.
3. دنيا ۾ سڀ کان وڏي ريلوي اسٽيشن
”گرينڊ سينٽرل ٽرمينل“
آهي جا نيويارڪ آهي.
4. دنيا ۾ سڀ کان وڏي ڍنڍ
”ڪئسپين“
آهي جا ايشيا ۾ آهي.
5. دنيا ۾ سڀ کان وڏي رياست روس آهي.
6. دنيا ۾ سڀ کان وڏي دوربين
”يوڪيس پالومار“
آهي.
7. دنيا ۾ سڀ کان وڏي اسلامي رياست
”انڊو نيشيا“
آهي.
موڪليندڙ: علي اڪبر سومرو، ٽنڊو الهيار.
1. هرڻي سٺ ميل في ڪلاڪ ڊوڙي سگهي ٿي.
2. هڪ گهوڙي جي مقابلي ۾ هرڻيءَ جو ٻن ڏينهن جو
ڄاوَل
ٻچو تکو ڊوڙي سگهي ٿو.
3. سهي جي ڊوڙ 35 کان 40 ميل في ڪلاڪ ٿئي ٿي.
4. ماڻهو 25 ميل في ڪلاڪ ڊوڙي سگهي ٿو.
5. زمين جو اٽڪل مُنو
حصو پاڻيءَ سان ڍڪيل آهي.
موڪليندڙ: جيرامداس، ڪاٺڙي، تعلقو ميرپورخاص.
1. فلسطين جي آزادي جي علمبردار ياسر عرفات جو
اصلي نالو ابو عمار آهي.
2. دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڪتاب برطانيا جي عجائب گهر ۾
آهي ۽ ان جو جلد نهايت مضبوط چمڙي جو آهي ۽ ان ۾
چاندي جا ڪُڍا
لڳل آهن. هي ڪتاب سٺ فوٽ ڊگهو ۽ گهٽ ۾ گهٽ هن کي
ٽي ماڻهو هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تائين سيري سگهن ٿا.
3. سنڌي زبان ۾ سڀ کان پهرين اخبار
”معين الاسلام“
نڪتي هئي جنهن جو ايڊيٽر مرزا محمد صادق هو ۽ اها
اخبار 1870 - 1875ع ڌاري ڪڍي وئي.
4. سنڌي ٻوليءَ جو مشهور شاعر هزهائينس مير عبدالحسين خان سانگي ڪلڪتي بنگال ۾ ڄائو ۽ نپنو هو.
پرولي ته ڀڃ
موڪليندڙ: فاروق احمد ابڙو، نوابشاهه.
1. پيٽ مان ڪڍي پاسي ۾ هڻينس.
2. ٽيهه ڳنا، دل ٿي چوي ته هڪڙو به نه ڀڃان.
3. ٻيلي جي ٻائي هت ڪيئن آئي.
4. گهر گهر ۾ ڪٻڙو چور.
موڪليندڙ: جڳديش لعل بجاج، ميرپور ماٿيلو.
5. ٻه دريون ٻه دروازا، تنهن ۾ ويٺا صاحبزادا، نڪي
کائين نڪي پيئن، ته به تازا ئي تازا.
موڪليندڙ: گرمکداس
”ديوان“،
ميرپور بٺورو.
6. پاڻي ڏينس ته پيئو وڃي، ماني رک ته پئي آهي.
7. گهر گهر ۾ ڳاڙهي ڪنوار.
جواب
(1) تيلي ۽ ماچيس (2) رمضان جا روازا (3) ماکي (4)
ڏاٽو (5) اکين جا تارا) (6) وڻ (7) باهه.
کل ته سهي
موڪليندڙ: منير حسين ٽالپر، محرابپور.
هڪ دفعي ڪنهن ملان وعظ بيٺي ڪيو. ماڻهن کي خطاب
ڪندي چيائين ته جيڪو ماڻهو پنهنجو پٽڪو ڇوڙي ۽
جيترا دفعا ٻڌندو ان کي اوترن نفلن جو ثواب ملندو.
وعظ ۾ هڪ ڪنجوس جو پٽ ويٺو
هو
سو پٽڪو لاهي ۽ وري وري ٻڌڻ لڳو. اوچتو پڻس جي نظر
پئجي ويس ۽ رڙ ڪري چيائين ته
”ڇورا!
ملي جي چوڻ تي لڳي پٽڪو ڦاڙي ڇڏيندين ته پوءِ مٿي
سان نفل ٻڌندين ڇا؟“
موڪليندڙ: رشيد احمد شورو
راهه ويندڙ هڪ سيٺ صاحب کي، هڪ فقير التجا ڪندي
چيو ته
”سائين،
منهنجي ڪجهه مدد ڪريو، منهنجو سڄو گهرٻار
تباهه ٿي ويو آهي!“
سيٺ پڇيس:
”تو
وٽ گهر جلي وڃڻ جو سرٽيفڪيٽ ته هوندو، پهرين اهو
ڏيکار؟“
”سائين“
اهو به گَهر
سان گڏ سڙي ويو. فقير وراڻيو.
موڪليندڙ: زبيده سلطانه مودي، حيدرآباد.
هڪ ڳوٺانو شهر جي جامع مسجد ۾ مولويءَ سان ملڻ
ويو. هن مولوي صاحب کان پڇيو ته “اوهان شهر ۾
رمضان شريف جا گهڻا روزا رکندا آهيو؟“
مولوي چيو:
”ٽيهه“
ان تي ڳوٺاڻو ٻئي هٿ مٿي ڪري چوڻ لڳو:
”يا مولا! هي آهي تنهنجو انصاف. اسان جي ننڍڙي ڳوٺ ۾ به ٽيهه
روزا ۽ هن وڏي شهر ۾ به ٽيهه . گهٽ ۾ گهٽ هتي سٺ
روزا هئڻ گهرجن!“
موڪليندڙ: ممتاز احمد ميمڻ، لاکا دڙو.
هڪ ماڻهو: (ٻئي کي) تون روز گهڻا دفعا ڏاڙهي
لاهيندو آهين؟
ٻيو ماڻهو: ٽيهه - چاليهه دفعا.
پهريون ماڻهو: چريو آهين ڇا؟
ٻيو ماڻهو: نه، حجام آهيان.
موڪليندڙ: فياض علي
”فياض“
خيرپور.
استاد: (شاگردن کي) موٽر ڪهڙي طرح هلندي آهي؟
شاگرد: ڊرائيور سان.
ماجسٽريٽ: (چور کي) توکي شرم نٿو اچي جو تون ٽيون
ڀيرو هن ڪورٽ ۾ آيو آهين؟
چور: پر سائين، اوهان ته ڪورٽ ۾ روز اچو ٿا!
موڪليندڙ: زمان علي جوکيو، ڪوٽڙي.
هڪڙي ماستر صاحب پنهنجي شاگردن کي هرکايو ته سڀئي
گڏجي هڪ گروپ فوٽو ڪڍايون.
ماستر صاحب سمجهائيندي چيو ته
”جڏهن توهان وڏا ٿيندا ته اهو پراڻو يادگار ڏسي حيرت مان پنهنجي
دوستن کي ٻڌائيندا ته هي مسٽر زمان علي آهي جو
هاڻي ملڪ جو وزيراعظم آهي، هي مسٽر فتح خان آهي جو
هاڻي انسپيڪٽر آهي ۽ هي مسٽر عبدالحليم آهي جو
هاڻي ڊاڪٽر آهي.“
ايتري ۾ ڪلاس جي هڪ ڪنڊ مان هڪ شاگرد سليم چيو :
”هي
ويچارو اسان جو پراڻو استاد آهي جو هاڻي جنت ۾
آهي.“
موڪليندڙ: ممتاز علي
”قمر“.
هڪڙي ڇوڪر پنهنجي ماءُ کي چيو ته
”امان! جيڪو گلدستو چاچا ڏنو هو. سو جيڪڏهن ڪنهن کان ڀڄي پوي ته
پوءِ ڇا ٿيندو؟“
تنهن تي ماڻس خار مان جواب ڏنس ته جيڪو ڀڃندو تنهن جون مان
هڏيون ڀڃي ڇڏيندس. ڇوڪري مشڪي جواب ڏنو ته
”واه
امان واه! اهو ته ڪالهه بابا کان ڀڄي پيو.“
هڪ دفعي عيد جي ڏينهن ملان کي گهڻي سيري کائڻ ڪري
اچي پيٽ ۾ سور پيو. اتي سندس ساٿيءَ چيس ته
”مولوي
صاحب! ڪا ٽڪي ڪو ڦوٽو آڻين ڏيانو؟“
مولوي جواب ڏنس ته
”ڇڏ
يار! جيڪڏهن ٽڪي ڦوٽي جي ضرورت هجي ها ته جيڪر ان
جاءِ تي سيري ذري وڌيڪ نه کانوان هان.“
موڪليندڙ: علي اڪبر سومرو، ٽنڊو الهيار.
هڪ ماڻهو: (دڪاندارن کي) ڇا اوهان وٽ سِنو آهي.
دڪاندار: نه سائين.
ماڻهو: چڱو، ٽوٿ
پيسَٽ
اٿو؟
دڪاندار: نه سائين.
ماڻهو: ڀلا،
اوهان وٽ قفل ته آهي نه؟ دڪاندار: ها سائين.
ماڻهو: پوءِ هيئن ڪريو جو دڪان کي قفل ڏئي گهر
هليا وڃو.
ماستر: (شاگردن کي) ڇا توکي سوال ڏکيا ٿا لڳن؟
شاگرد: نه سائين، سوال ته ڏکيا نه آهن پر جواب ڏيڻ
ڏکيو آهي.
پٽ: بابا اهڙي ڪا بيماري آهي جنهن جي دوا مٺائي
کائڻ هجي؟
پيءُ: ڇو پٽ!
پٽ: بابا منهنجي ڏاڍي مرضي آهي ته اها بيماري جيڪر
مون کي ٿئي!
ڇوڪري: (فوٽوگرافر کي) مون کي هيءَ ڀاءُ جو فوٽو
وڏو ڪرائڻو آهي، پر وڏي فوٽي ۾ سندس ٽوپلو لٿل هجي
ته توهين ٺاهي سگهندؤ؟
فوٽوگرافر: ها، مان ٺاهي سگهندس، پر ٻڌاءِ ته
تنهنجو ڀاءُ سينڌ ڪهڙي پاسي ڪڍندو آهي؟
ڇوڪري: (عجب مان) اهو ته اوهان کي ٽوپلي پري ڪرڻ
سان معلوم ٿيندو.
موڪليندڙ: فاروق احمد ابڙو، نوابشاهه.
مشتاق: ادا، تنهنجي گهر کي باهه لڳي وئي آهي.
ذوالفقار: پر ادا، مان ته تنهنجي گهر کي ڪلف لڳائي
آيو آهيان.
خريدار: چار ڊزن انب ڏي.
دڪاندار: سائين، مون وٽ آهن ئي چار ڊزن، اوهان کي
ڏيندس ته پوءِ وڪڻندس ڇا؟
پيءُ: (پٽ کي) منهنجي قميص ڪنهن پسائي آهي؟
پٽ: بابا، سخت گرمي جي ڪري شايد قميص کي پگهر آيو
آهي.
موڪيندڙ: اڪرم علي سومرو، خانپور.
هڪ ماڻهو مٿو ڪوڙائي ٽِڪڻ
تي تيل مکيو پئي آيو. پريان ٻه ڇوڪرا وڙهي پيا. هڪ
ڇوڪر پٿر کڻي ٻئي کي هنيو ٿي ته ايتري
۾ اتان اچي گنجو لنگهيو ۽ پٿر ٺڪ وڃي گنجي جي ٽِڪڻ کي لڳو، ٽِڪڻ
دهل وانگر واڄٽ ڪيو. گنجو اڳتي وڌيو ۽ ڇوڪري جي ڪن
کان اچي ورتو،
”ڇورا،
موڪل جو شوق ٿيو اٿئي ته گهنڊ هيءَ ٽِڪڻ نه، پر هوڏانهن آهي.“
هلندي هلندي ٻه آفيمي هڪ درياءَ وٽ گڏيا، هڪ
آفيميءَ ٻئي کان پڇيو:
”مون
ٻڌو آهي ته مڇيون به پاڻي ۾ ٿيون ترن؟“
ٻئي آفيمي کيس جواب ڏنو،
”يار، اها ڪهڙي عجب جهڙي ڳالهه آهي. پر اڄ مون ماڻهو زمين تي
هلندي ڏٺا آهن!“
موڪليندڙ: مظفر علي قريشي، نوابشاهه.
احمد: يار! منهنجي ڪن ۾ الائي ڇو ڏاڍي خارش پئي
ٿئي؟
انور: ڪا مک ڪن ۾ وئي هوندي.
احمد: بلڪل ڪوڙ! جيڪڏهن مک جي وڃڻ سان ڪن ۾ خارش
ٿئي ها ته منهنجي وات ۾ ڇو نٿي خارش ٿئي، جڏهن ته
پوريون ٻه مکيون منهنجي وات ۾ هليون ويون آهن.
استاد (شاگرد کي) گهڻيون ٽيڪسيون ڪٿي آهن؟
شاگرد: سائين ٽيڪسيلا ۾.
موڪليندڙ: الطاف حسين آگرو.
ٻه ماڻهو ريل گاڏيءَ ۾ سفر ڪري رهيا هئا ته ٽِٽيِ آيو. هڪ ماڻهو کان پڇيائين ته ٽڪيٽ ڏيکار؟ ان ماڻهو چيس:
”مان
بيرنگ وڃي رهيو آهيان.“
وري ٻئي ماڻهوءَ کان پڇيائين ته ٽڪيٽ ڏيکار؟ ته ان
ماڻهو ويهن پئسن جي ٽڪلي کڻي ٽيٽيءَ کي ڏني.
ٽيٽيءَ پڇيس ته هي ڇا آهي؟ ماڻهو جواب ڏنس ته
”لفافي
تي ٽڪلي هڻي موڪلجي ته هزار ميل پري وڃي ٿو پر مان
هن ٽڪليءَ تي هڪ ميل به ڪو نه لهڻان؟“
هڪ ٻڪرار هڪ ماڻهو کان اڌارا پئسا ورتا سو واپس نه
پيو ڪري. ماڻهو لاچار ٿي هن تي ڪورٽ ۾ ڪيس داخل
ڪيو. وڪيل ٻڪرار کي چيو ته هن جا ڪل توڏي گهڻا
پئسا آهن؟ ٻڪرار چيو پنج سئو رپيا. وڪيل چيس ته
انهن پئسن مان اڌ مون کي ڏي ته مان توکي ڪيس مان
جلد ڇڏائيندس.
ٻڪرار قبول ڪيو. پوءِ وڪيل چيس ته
”جج جڏهن توکان پڇي ته تو هن کان پئسا ورتا آهن ته تون ڪو به
جواب نه ڏج، رڳو چئج ٻٻي. پوءِ جج چوندو هي چريو
آهي هن کي ٻٻي کانسواءِ ٻيو ڪجهه اچيئي ڪو نه ٿو،
پوءِ توکي آزاد ڪري ڇڏيندو.“
ٻڪرار ائين ڪيو ۽ ڪيس مان ڇٽو. وڪيل چيس ته
”ابا، اڌ پئسا هلاءِ“
تڏهن ٻڪرار چيس ٻٻي. وڪيل چيس ٻٻي جا سَڪا
پئسا ڏي، ته ٻڪرار جواب ڏنو ٻٻي.
موڪليندڙ:
”شهزادو“
مظهرالدين احمد فاروق، درازه.
هڪڙو فقير ڪنهن گنجي ماڻهو وٽ ويو ۽ خيرات
گهريائين ۽ چيائين ته
”الله
گنج ڏيندو!“
تڏهن گنجي مٿي تي هٿ رکندي چيو ته
”الله مون کي ته گنج ڏئي ڇڏي آهي. ٻي گنج مان ڇا ڪندس!“
موڪليندڙ: منظور قريشي، چنا لعل عيسن.
انور: نياز، اعجاز اليڪشن ۾ ڪِري
پيو آهي.
نياز: ڌڪ ته ڏاڍو لڳو هوندس! مئو يا بچيو؟
صفر: نظير، تون ڪڏهن ڄائو هئين؟
نظير: آچر ڏينهن.
صفر: هل ڪوڙا، آچر تي ته موڪل هوندي آهي.
هنن سان ملو
54.نالو:
اعجاز علي ولد غلام حيدر ٽالپر (پڙهندڙ ڪلاس ڇهون
سنڌي)
عمر 12
سال.
وندر: رسالا پڙهڻ.
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، ٽنڊو جان محمد.
55.نالو:
ممتاز علي
”قمر“
ولد حاجي خان
”مجاهد“
(پڙهندڙ ڪلاس ڏهون.)
عمر: 15 سال.
وندر: قلمي دوستيءَ جي خطن جا جواب ڏيڻ.
ائڊريس: معرفت هيرو فوٽو اسٽوڊيو، گمبٽ، ضلعو
خيرپور.
56.نالو:
اڪرم علي سومرو (پڙهندڙ ڪلاس ڏهون)
عمر: 12 سال.
57.وندر:
امر جليل جا افسانا شوق سان پڙهڻ.
ائڊريس: گورنمينٽ ناز هاءِ اسڪول، خيرپور سنڌ.
59.نالو:
خورشيد احمد ولد خان محمد سيهڙ (پڙهندڙ ڪلاس اٺون
- ڊي ).
عمر: 12 سال.
وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ ڪرڪيٽ کيڏڻ.
ائڊريس: جي پي هاءِ اسڪول، نمبر 1 نوابشاهه.
58..نالو:
ذوالفقار علي ولد محبوب علي سومرو (پڙهندڙ ڪلاس
ڇهون)
عمر: 12 سال.
وندر: پڙهڻ ۽ والي بال کيڏڻ.
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، سکر سنڌ
59.نالو:
امجد علي ولد امداد علي سومرو.
عمر: 12 سال.
وندر: تصويرون ٺاهڻ.
ائڊريس: معرفت محمد حسن سومرو شيدڪي کوهي،
شڪارپور.
60.نالو:
منظور قريشي ولد در محمد قريشي (پڙهندڙ درجو
نائون)
عمر: 14 سال.
وندر: اخبارون ۽ رسالا پڙهڻ.
ائڊريس: پوسٽ چنا لعل عيسن، وايا سيوهڻ.
61.نالو:
اشوڪ ڪمار پٽ آو تمل (پڙهندڙ ڪلاس ستون - اي)
عمر: 13 سال
وندر: قلمي دوستي رکڻ، ٽڪليون گڏ ڪرڻ ۽ پڙهڻ.
ائڊريس: پاڪ ٽريڊنگ ڪمپني، اناج منڊي، ڪنڌڪوٽ.
62.نالو:
مظفر علي قريشي (پڙهندڙ ڪلاس اٺون - بي)
عمر: 14 سال.
وندر: ادبي ڪتاب پڙهڻ، قلمي دوستي رکڻ ۽ ٽڪليون گڏ
ڪرڻ.
ائڊريس: معرفت ڊاڪٽر آفتاب کياروي، هائوس نمبر77
مسجد روڊ، نوابشاهه.
63.نالو:
کنڊو مل پٽ ليلا رام (پڙهندڙ ڪلاس ستون).
وندر: رسالا پڙهڻ.
ائڊريس: پوسٽ آفيس ميرپور بٺورو، ضلعو ٺٽو.
64.نالو:
ميمڻ عبدالوحيد عبدالمجيد سنڌي (پڙهندڙ ڪلاس
نائون).
عمر: 13 سال.
وندر: سنڌي رسالا پڙهڻ.
ائڊريس:
”ميمڻ
محلو“
لاهوري، لاڙڪاڻو.
65.ميمڻ
عبدالجبار حاجي رحيم بخش (پڙهندڙ ڪلاس نائون).
عمر: 14 سال.
وندر: سنڌي ڪتاب پڙهڻ ۽ راند کيڏڻ.
ائڊريس: معرفت پروفيسر ميمڻ عبدالغفور سنڌي،
”ميمڻ محلو“
لاهوري لاڙڪاڻو.
66.نالو:
عبدالرسول ولد حاجي رحيم بخش ميمڻ (پڙهندڙ ڪلاس
ڇهون).
عمر: 10 سال.
وندر: تعليم پرائڻ ۽ سنڌي رسالو
”گل ڦل“
پڙهڻ.
ائڊريس: معرفت پروفيسر ميمڻ عبدالغفور سنڌي،
”ميمڻ محلو“
لاهوري، لاڙڪاڻو.
67.نالو:
علي اڪبر سومرو ولد عبدالڪريم سومرو (پڙهندڙ ڪلاس
نائون - الف).
عمر: 13 سال.
وندر: مصوري ۽ رسالا پڙهڻ.
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، ٽنڊو الهيار.
68.نالو:
محمد انور ڪوٽائي ولد گل محمد ڪوٽائي (پڙهندڙ ڪلاس
ستون).
عمر: 12 سال.
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ.
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، ميرپور بٺورو، ضلعو
ٺٽو.
69.نالو:
وقار احمد ولد محمد دين شيخ (پڙهندڙ ڪلاس چوٿون).
عمر: 9 سال.
وندر: کيڏڻ، پڙهڻ ۽ قلمي دوستي رکڻ.
ائڊريس: 37 - سي، لطيف آباد - 8، حيدرآباد.
70.نالو:
انور علي ولد محبوب علي سومرو (پڙهندڙ ڪلاس اٺون)
عمر: 14 سال.
وندر: ٽڪليون گڏ ڪرڻ، فوٽ بال کيڏڻ ۽ پڙهڻ.
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، سکر، سنڌ.
سلام ۽ سنيها
جناب ايڊيٽر صاحب،
السلام عليڪم:
عرض ته ادا، گل ڦل جو اڳ ته مطالعو ڪو نه
ٿيو هو، پر
”واکاڻ
جي وائي“
ضرور ٻڌبي هئي.
”گل
ڦل“
کي وري شروع ڪري، سچ ته توهان اسان سنڌي ٻارن جي
دل جيتي آهي ان لاءِ اوهان کيرون لهڻيون. انهن
ڀائرن کي پڻ واڌايون هجن، جيڪي
”گل ڦل“
۾ مزيدار ۽ نصيحت ڀريون ڪهاڻيون ۽ ٻيو مواد موڪلين
ٿا. ادا اوهان اڪثر جنن، ڀوتن ۽ جانورن بابت
ڪهاڻيون ڏيو ٿا، مهرباني ڪري قومپرستيءَ وارا ليک
ڏيو. هي دور ٻارن ۾ سجاڳي آڻڻ جو دور آهي. ننڍڙا
ٻارڙا جيڪي آئنده جا ابا آهن، اهي جڏهن جنن، ڀوتن
۽ جانورن جون ڳالهيون ٻڌندا ته انهن تي ڪهڙو اثر
پوندو. اهي ڳالهيون ته اڪثر پنهنجن وڏڙن کان پڻ
ٻڌيون وڃن ٿيون. وڌيڪ مرضيءَ جا مالڪ آهيو. مون
اوهان کي اها صلاح ان ڪري ڏني جو مان سنڌي ٻار
آهيان، مون کي
”گل ڦل“
تي پورو حق آهي. ان کي سهڻو ۽ مزيدار بڻائڻ لاءِ
مون ڪجهه ٻيا به مشورا سوچيا آهن، جيڪي حاضر
آهن:
(1)
”گل
ڦل“
جي ميمبر ٿيڻ جو سلسلو شروع ڪيو وڃي. ليک به انهن
ٻارن جا ڇاپيا وڃن جيڪي هن بزم جا ميمبر هجن.
(2) ڪالم
”ننڍڙا
چترڪ“
شروع ڪيو وڃي جنهن ۾ ٻارن جي هٿ جون ٺهيل تصويرون
ڏنيون وڃن.
(3) وڏن جو ننڍپڻ ڏنو وڃي.
(4) ننڍڙن ليکڪن، شاعرن ۽ اديبن جا انٽرويو ڏيو.
(5) هڪ ڪارٽون ڏيو، جنهن جي ڳالهه ٻولهه ٻارڙا لکي
موڪلين. جن جي ڳالهه مزيدار ۽ ٺهڪي اچي، انهن ٻارن
جا فوٽو ڏيو.
اپريل 1974ع جو
”گل
ڦل“
پڙهيم. دل ٺري پئي. خطن جا جواب ۽ معلومات ڏئي
توهان اسان تي ڏاڍو احسان ڪيو آهي.
”ڏنگي
زال“
هڪ بهترين تخليق هئي، مزاحيه خاڪو
”چور نه ته ڍاڪي سهي“
کلائڻ ۾ ڪامياب رهيو. دائود بلوچ کي مبارڪ ڏيندا.
معلوماتي مضمون
”بگ
بين“
ڏئي توهان اسان جي معلومات ۾ هڪ ناياب اضافو آندو
آهي. اڪبر ساگر سنڌي جو شعر
”سهڻا
ٻار“
رسالي جي جان هو.
منظور قريشي، ڳوٺ چنا لعل عيسن.
(ادڙا، تفصيلي خط لکڻ ۽ گل ڦل کي پسند ڪرڻ لاءِ
مهرباني.
توکي خبر هوندي ته اسين ٻارن جي صلاحن ۽ مشورن تي
دل جان سان عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. اهو ان
ڪري جو گل ڦل ٻارن جو پنهنجو رسالو آهي، تنهن ڪري
سندن صلاحن کي رد ڪيئن ڪبو! البته دير مدار ٿي
سگهي ٿي. جيستائين گل ڦل جي ميمبر ٿيڻ جو تعلق آهي
ته
”هنن
سان ملو“
قلمي دوستيءَ سان گڏ ميمبري جو سلسلو پڻ آهي. باقي
ليک رڳا انهن ٻارن جا شايع ڪيا وڃن، جيڪي ميمبر
هجن، سا ڳالهه مناسب نٿي لڳي. ايڊيٽر)
جناب ايڊيٽر صاحب.
رسالي جي ٻيهر ڪڍڻ تي مبارڪ هجي. اپريل جو
پرچو سٺو سينگاريل هو. رڳو ترجما شايع نه ڪريو
ڪجهه سائنسي ۽ تاريخي مضمون سٺا سٺا پڻ
ڏيو، جنهن ۾ تصويرن جو هئڻ لازمي آهي. نون ننڍڙن
اديبن چترڪارن جا انٽرويو ڏيو ته ڏاڍو سٺو. هر
مهيني هڪ معمو هجي، جيڪو ٻار ڀري موڪلين، ان تي
انعام ڏنو وڃي.
”وڏن
جو ننڍپڻ“
جي نالي سان سنڌ جي برک اديبن، شاعرن، مصورن،
فنڪارن ۽ سياستدانن جا احوال ڏيو ته مزو ٿئي. هر
مهيني سٺي مضمون جي چونڊ ڪئي وڃي. پڙهندڙ لکي
موڪلين ته ڪهڙي ڪهاڻي ڪهڙو مضمون وڻيو، ان کي
انهيءَ مهيني جو بهترين مضمون قرار ڏيندي ان جي
تصوير سان گڏ تعارف شايع ڪيو وڃي ۽ انعام ڏنو وڃي.
اوهان جي خدمت ۾ هڪ واقعاتي ڪاهڻي موڪلي
رهيو آهيان، هي واقعو مون تي ٿي گذريو ان کي لکي
پيش ڪري رهيو آهيان.
سائين، قابل اشاعت هجي ته ٺيڪ نه ته جواب
ضرور ڏيندا جيئن انتظار نه رهي.
محب علي بلوچ، ڦليلي پار حيدرآباد.
(ادا، ترجمو ڪيل ڪهاڻيون گهڻن ٻارن کي پسند آيون
آهن، اصل مطلب سٺي شيءَ سان آهي، ترجمي سان ڪونهي.
معمن واري ڳالهه سٺي ڪانهي. باقي ٻين صلاحن کي
اسين ضرور نظر ۾ رکنداسين. ٿي سگهئي ته ڪا ٻي سٺي
ڪهاڻي لکي موڪل. ايڊيٽر)
جناب ايڊيٽر صاحب،
السلام عليڪم!
گهڻن ڏينهن کان پوءِ رسالو
”گل
ڦل“
نظر مان گذريو. سچ پچ ته دل ڏاڍي خوش ٿي. ادا، صرف
اهو ئي ته رسالو آهي جو اسان ٻارڙن جي ترجماني ڪري
ٿو.
اپريل وارو پرچو تمام گهڻو پسند آيو. خاص
ڪري،
”پرولي
ته ڀڃ“
۽
”کل
ته سهي“
گل ڦل جو سينگار آهن. ڪهاڻيون
”چور نه ته چاڪي سهي“
۽
”ڏنگي
زال“
پسند آيون. رسالي جو مواد تمام دلچسپ آهي ان لاءِ
توهان مبارڪن جا مستحق آهيو. اميد ته رسالو اڃا
وڌيڪ ترقي ڪندو.
هڪ لطيفو موڪلي رهيو آهيان.
”کل
ته سهي“
۾ شايع ڪندا ته مهرباني.
الطاف احمد ميمڻ لاکائي، دڙو، ضلعو ٺتو سنڌ.
(ادا، رسالي پسند ڪرڻ لاءِ مهرباني، ڪو نئون ۽ سٺو
لطيفو لکي موڪل. ايڊيٽر)
پيارا ادا.
فيبروري ۽ مارچ جو پرچو پڙهي ايتري ته
خوشي ٿي جو ان جي ڳالهه ئي نٿو ڪري سگهان. ڳاڙهي
نڪ واري ڇوڪري ۽ سامبر ۽ رسٽي جونس جون آکاڻيون
مون کي تمام پسند آيون. مان اڳي به هڪ خط لکيو هو
جنهن ۾ لطيفا ۽ قلمي دوستيءَ جو ڪوپن به ڀري
موڪليو هو. پر افسوس جو توهان انهيءَ خط جو جواب
ئي نه ڏنو آهي، الائي اسان سان ڪاوڙ اٿو، سو هاڻي
مان توهان ڏي هي خط ۽ ڪجهه مواد موڪليان ٿو.
مهرباني ڪري هن خط جو جواب ضرور ڏيندا.
عبدالرشيد ابڙو
”صوفي“
شڪارپور سنڌ.
(ڀلا ننڍڙن ادڙن سان به ڪا ڪاوڙ ٿيندي آهي ڇا!
تنهنجون الائي شيون اڳ ئي شايع ڪيون ويون آهن.
هاڻي ته توکي پڪ ٿي ته ڪاوڙ ٻاوڙ ڪانهي. ايڊيٽر)
جناب ايڊيٽر صاحب،
السلام عليڪم:
گذارش آهي ته مارچ 1974ع جو گل ڦل
پڙهيوسين، ڏاڍو وڻيو. ادا، مان گل ڦل ۾ پهريون
ڀيرو شريڪ ٿي رهيو آهيان، اميد ته دل شڪسته نه
ڪندا. ٻارن جو پيارو رسالو گل ڦل اڃا وڌيڪ سُهڻو
۽ خوبصورت بڻايو وڃي ته مهرباني.
مبارڪ علي بلوچ ۽ اسلم پرويز چانڊيو ٽنڊو ڄام.
محترم ايڊيٽر صاحب،
السلام عليڪم:
اپريل جو پرچو پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي. ڇاڪاڻ
ته توهان ٻارن جي ڪيترن ئي تجويزن تي عمل ڪرڻ شروع
ڪري ڏنو آهي ۽ اميد ته باقي تجويزن تي به جلد عمل
ڪندا. مهرباني ڪري
”سوال جواب“
جو صفحو جلد شروع ڪندا. ادا، اسان سنڌي ٻارڙن جو
ساٿ هميشه ئي توهان سان رهيو آهي ۽ توهان سان ئي
رهندو.
فاروق احمد ابڙو، نوابشاهه.
(ادا، في الحال سوال ۽ جواب جي سلسلي کي شروع ڪرڻ
جي گنجائش ڪانهي . ايڊيٽر)
جناب ايڊيٽر صاحب،
السلام عليڪم:
ادا، عرض ته هي رسالو جيڪو اوهان ٻارن
لاءِ ڪڍيو آهي ان لاءِ مبارڪباد قبول ڪندا. ٻارن
لاءِ هن وقت ڪو به رسالو موجود نه هو اوهان اها
ڪمي پوري ڪري سنڌ جي ٻارن جون دعائون کٽيون آهن.
احوال ته آءُ اوهان ڏي قلميءَ دوستيءَ
لاءِ پتو ۽ هڪ لطيفو موڪلي رهيو آهيان اميد ته
شايع ڪندا.
اسحاق احمد سومرو، سڪرنڊ.
(ادڙا، تنهنجو نالو قلمي دوستن جي سٿ ۾ شامل ڪيو
ويو آهي. باقي تو جيڪو لطيفو موڪليو آهي سو اڳ ۾
ئي گهڻا ڀيرا شايع ٿي چڪو آهي. ڪو نئون لکي موڪل.
ايڊيٽر) |