سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل جون 1974ع

باب: --

صفحو :2

ميلام رام واسواڻي

ڪهاڻي

ڌڻي جيڪي ڪجهه ڪري ٿو سو اسان جي ڀلائيءَ لاءِ

ڪنهن ڳوٺ ۾ سليمان نالي هڪ نهايت ايماندار شخص رهندو هو. ڳوٺ جا سڀ لُچ لُفنگ سندس برخلاف هوندا هئا، ۽ چاهيندا هئا ته ڪو موقعو ملي ته سندس سوڪ ماني پچائجي. نيٺ گهڻي ڪوشش کانپوءِ کين وجهه هٿ آيو. انهن هن غريب تي اهڙو الزام هنيو، جو کيس ڳوٺ ڇڏي وڃڻ جو حڪم مليو.

رات جي وقت کيس ڳوٺ ڇڏڻو پيو. ان ڪري هڪ ڏيئو، هڪ گڏهه ۽ هڪ ڪڪڙ پاڻ سان کڻي نڪتو. ماڻهو حيران هئا ته مسافريءَ تي انهن ٽن شين جي ڪهڙي ضرورت. مگر سليمان ڏاهو هو. گڏهه تي پاڻ چڙهيو، ڏيئو روشنيءَ لاءِ کنيائين ۽ ڪڪڙ ان لاءِ کنيائين ته جيئن پرهه ڦٽيءَ جو ٻانگ ڏئي ته اٿي خدا جي عبادت ڪريان.

ڀرسان هڪ ٻيو ڳوٺ هو، جنهن ۾ رات گذارڻ لاءِ وڃي ماڻهن کي منٿ ڪيائين پر ان ڳوٺ جا ماڻهو اهڙا بي قياس هئا، جو هڪ مسافر کي رات رهائڻ کان انڪار ڪيائيون.

ڳوٺ جي ٻاهران هڪ جهنگ هو. ويچارو سليمان اتي ئي هليو ويو ۽ اتي ئي رات ڪاٽڻ لاءِ هڪ وڻ جي پاسي ۾سمهي رهيو. ڀرسان ڏيئو ٻاري رکيائين، پر ڳڻتيءَ ۽ ڀئو کان کيس ننڊ ئي نه ٿي آئي، ان ڪري کيسي مان مذهبي ڪتاب ڪڍي پڙهڻ لڳو. اڃان ٿورا ئي صفحا مس پڙهيائين ته هوا جي جهوٽي لڳڻ ڪري ڏيئو وسامي ويو. دل ۾ چيائين ته نور کان به نراس رهيس. مگر جيڪا خدا جي مرضي، جيڪي ڪري ٿو سو اسان جي ڀلي لاءِ.

هو ليٽي پيو ۽ ڪوشش ڪرڻ لڳو ته ننڊ اچي، ڇاڪاڻ ته صبح جو سوير کيس سفر ڪرڻو هو. هن اڃا اکيون مس بند ڪيون ته هڪ بگهڙ جهٽ هڻي ڪڪڙ کي کڻي ويو. سليمان سرد آهه ڀري چيو: سچ  ته مصيبت پٺيان مصيبت ايندي آهي. منهنجو ساٿي به هليو، پر جيڪا خدا جي مرضي. اڃا اڌ ڪلاڪ مس گذريو ته هڪ شينهن اچي گڏهه کي جهٽ ڏئي کڻي ويو. سليمان ويتر ڏک ۾ پئجي ويو ۽ اتي ويهي ڌڻيءَ در واجهائڻ لڳو. اي سٻاجها سائين! ڪير جو تنهنجي مرضي جي آڏو اچي سگهي.

مطلب ته باقي رات سليمان فڪر ۾ ڪاٽي. صبح جو وري ان ڳوٺ ۾ ويو، جتي رات گذارڻ لاءِ ويو هو ته من ڪو وهٽ مسافريءَ لاءِ ملي وڃي، پر جان وڃي ڏسي ته ڳوٺ سنسان ۽ ويران پيو آهي. ڪيترا لاش پيا آهن. ٿوريءَ دير کانپوءِ کيس معلوم ٿيو ته رات ان ڳوٺ ۾ ڌاڙيل آيا هئا، جن ڪن ماڻهن کي ماري ڇڏيو ۽ باقي بچيل ڀڄي ڇُٽا. ڌاڙيل ڳوٺاڻن جو مال ملڪيت لٽي رُمندا رهيا. سليمان تڏهن گوڏا کوڙي ڌڻيءَ جا شڪرانا بجا آندا ۽ چيائين، اي ڌڻي! انسان ويچارو ٿورڙي عقل وارو آهي، کيس آئيندي جي ڪهڙي خبر، رڳو تون ئي رحيم آهين. جيڪڏهن اهي سخت دل ماڻهو مون کي ڳوٺ مان هڪالي نه ڪڍن ها، ته رات مان به ساڻن گڏ مارجي وڃان ها. جي ڏيئو ٻري پوي ها ته ضرور ڌاڙيل مون کي ڏسي وٺن ها ۽ منهنجو به ساڳيو حال ڪن ها. شايد گڏهه جي هينگ يا ڪڪڙ تي به ڌاڙيلن کي پتو پئجي وڃي ها. ان ڪري اي ڌڻي! تو مون کي هٿڙا ڏيئي بچايو، جنهن لاءِ آءُ ڪهڙيءَ زبان سان تنهنجا ٿورا مڃيان.

(ورتل اخلاقي سبق، ڀاڳو پهريون)

* پروفيسر ميمڻ عبدالغفور سنڌي

(ڪهاڻي)

 

خصلت اياز

 

اياز جهڙي نيڪ نيت، سپيتي ۽ ايماندار جو نالو ڪنهن نه ٻڌو هوندو. اياز، محمود غزنويءَ جي وقت ۾ هڪ سپاهيءَ  جي حيثيت ۾ سندس فوجي لشڪر ۾ اچي ڀرتي ٿيو. رنگ جو ڪارو هو. مگر عادتن اجرو هو. کيس سندس سٺين خصلتن جي ڪري هر هنڌ آڌرڀاءُ ملندو هو. هڪ دفعي سندس ملاقات سلطان محمود سان ٿي. اياز سلطان محمود غزنويءَ سان اهڙي ته ادب، قابليت ۽ دانائيءَ سان گفتگو ڪئي، جو سلطان محمود غزنوي، مٿس موهت ٿي پيو ۽ کيس پنهنجي حڪومت اندر چڱي عهدي  واري نوڪري ڏني. اعليٰ نوڪريءَ جي دوران، اياز جون خصلتون ايتري قدر ته وڌي ويون، جو سلطان محمود اياز کي پنهنجو خاص وزير ڪري مقرر ڪيو. 

اياز وزيريءَ جي عهدي ماڻڻ لاءِ مقرر نه ٿيو هو، بلڪه هن پنهنجي دل سان وچن ڪيو هو ته ”اي اياز! اگرچ تون هڪ خسيس سپاهي جي عهدي کان اڄ وزيريءَ جي عهدي تي رسيو آهين. مگر اڄ به پنهنجي اصليت نه وسارجائين.

اياز روزمره پنهنجي اخلاق ۽ سچائيءَ کان ڪم وٺندو رهيو. سندس ايمانداريءَ ۽ نيڪ اخلاق جي ڏينهان ڏينهن واکاڻ وڌندي رهي، ايتري تائين جو سلطان محمود غزنويءَ کي سندس سُپتائيءَ ۽ دانائيءَ جي پوري پوري يقيني اچي ويئي ۽ کيس وزيريءَ جي عهدي مان ترقي ڏيئي وڏو وزير مقرر ڪيو.

اياز عهدن تي عهدا وڌندو ڏسي، ويتر پنهنجي نيڪ نيتيءَ کان ڪم وٺندي رات ڏينهن حڪومت جي ڪاروبار ۾ لڳو رهيو. هينئر سندس سچائيءَ جي واکاڻ عوام ۾ پوريءَ طرح ڦهلجي ويئي.

وزيريءَ جي اعليٰ عهدي ملڻ سان ئي سندس سمورن وزيرن ۾ اچي ڦڙڦوٽ پئي ۽ چون ته هي آهي ڪير، جو اسان جي مٿان ٿو حڪومت ڪري! بس رات ڏينهن سندس مخالفت ڪرڻ لڳا ۽ هر وقت اها ئي پئي سوچ سوچيائون ته ڪيئن به ڪري اياز جو وقار، سلطان محمود وٽ ڪيرائي ڇڏجي ۽ پڻ اهو خيال ڪيائون ته اياز جي خامين ڪڍڻ ۾ ئي اسان جي مقصد جي ڪاميابي ٿيندي. هينئر ته سمورا وزير اياز جي پٺيان ڪاهي پيا ۽ سندس رات ڏينهن جاسوسي ڪرڻ لڳا، ته ڪو وجهه ملي ته هن جي پاڙ پٽجي.

رات ڏينهن جي چَور پچار بعد آخر ڳچ مدت پڄاڻا، هڪ وزير پنهنجي جاسوسيءَ ۾ وڃي ڪامياب ٿيو. ڇا ڏسي ته اياز، هر روز صبح ۽ شام خزاني جي ڪمري ۾ ويندڙ آهي، پوءِ پتو ناهي ته اتان ڪيترو خزانو روزانو کڻي ٿو! پوءِ جڏهن اهو احوال ٻين وزيرن جي ڪنن تائين پهچايائين، ته سمورا وزير خوش ٿيڻ لڳا ۽ يڪ آواز ٿي چوڻ لڳا تهواه واه! واه جو اهو اسان کي سهڻو وجهه مليو آهي، بس، سلطان محمود اها ڳالهه ٻڌڻ شرط ئي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ اياز يقيناً عرش تان وڃي فرش تي پوندو! ايتري چوڻ پڄاڻا سمورا وزير ٽهڪن ۾ اچي ڇُٽڪيا.

هڪ ڏينهن وجهه وٺي سمورا وزير سلطان محمود غزنوي جي اڳيان، اياز خلاف سنگين الزامن سان درخواست سميت پيش ٿيا، جنهن ۾ اهو به واضح ڪيائون ته عالي جناب، جيئن ته اسان سڀني وزيرن جو اوهان کي اهو عرض آهي ته اڄ تائين خبر نه آهي ته اسان جو وزيراعظم اياز، ڪيترو سرڪاري خزانو لٽيو ۽ تباهه ڪيو آهي، پوءِ جيڪڏهن اها روش اڃا به ڪجهه وقت هلي ته پتو ناهي ته الاجي بيت المال جو ڇا حال ٿيندو؟ وڌيڪ مالڪ آهيو.

پوءِ جڏهن سلطان محمود غزنويءَ هنن باغي وزيرن جو اهو احوال ٻڌو، تڏهن کين دلجاءِ ڏيندي چيائين ته اوهان دلجاءِ ڪيو، مون کي پڪ آهي ته اياز نوازيل آهي ۽ اوهان کي پوري اعتبار سان چوان ٿو، ته ائين هرگز نه هوندو. پر جيڪڏهن اها ڳالهه مٿس ثابت ٿي، ته انهيءَ جي سزا آءُ ئي خود ڄاڻان ٿو. جنهن مهل اياز خزاني جي ڪمري ۾ داخل ٿئي، تنهن وقت مون کي صرف اطلاع ڏجو ته آءُ پاڻ ان باري ۾ وڌيڪ تحقيقات ڪندس ۽ اوهان بلڪل دلجاءِ ڪريو.

دستور موجب شام واري گهڙيءَ ۾ اياز خزاني جي ڪمري ۾ داخل ٿيو، هوڏانهن سندس سمورا وزير جيڪي پڻ انهيءَ موقعي جي تلاش ۾ هئا، تن مان ڪنهن وڃي سلطان جي ڪن تي اهو پڙلاءُ وڌو ته اجهو هينئر اياز بيت المال ۾ ويو  آهي، پوءِ پتو ناهي ته ڇا کڻي....

سلطان محمود، جنهن کي پڻ انهيءَ تحقيقات ڪرڻ جي ڏاڍي اڻتڻ هئي، سو بنا ڪنهن دير جي اچي خزاني جي ديوار واري اُونداهي حصي ۾ بيهي دروازي جي سوراخ کان لئو پائي ڏسڻ لڳو. ڇا ڏسي، ته اياز هڪ صندوق کولي ان مان هڪ ڦاٽل ڪڙتو (قميص) ڪڍيو ۽ پنهنجي وزيري واري پوشاڪ لاهي اهو اُوڍيائين. پوءِ هڪ رنبو به هٿ ۾ کنيائين، اهڙيءَ طرح واري ڦيريءَ سان ٻيا به اَنيڪ قسم جا زراعت جا اوزار ڪڍي پنهنجي سامهون رکيائين. عجيب غريب پوشاڪ ۾ پاڻ ويڙهي پٿريل گلم کي ويڙهي زمين تي پلٿي ماري ويهي رهيو. ٿوري دير م پڄاڻان، خزاني جي ڇت ڏانهن نظر ڪري ڪنڌ هيٺ ڪيائين. ٿوري سامت بعد وڏي آواز ۾ چوڻ لڳو ته اي اياز! تون اڄ سلطان محمود غزنويءَ جي حڪومت جو سڪردو آهين ۽ سلطان جي سڄيءَ حڪومت جون واڳون تنهنجي ئي هٿ ۾ آهن، تنهن ڪري ياد رکجانءِ ۽ پڻ ڏسجانءِ ته متان انهيءَ عهدي ۽ حڪومت جي نشي جي مغروري ۾  ڀرجي غريبان مار ڪرين ۽ پاڻ کي نيستي جي بدران هستيءَ وارو ئي سمجهين. تنهنجو اَصلوڪو ساز ۽ سامان اِجهو هي آهي،  جو پڻ موروثي طور مليل اٿيئي. اڄ قدرت ۽ سلطان محمود غزنويءَ جو تو تي راز آهي، جنهن ڪري انهن جو پورو پورو فرمانبردار ٿي رهه ۽ ساڳئي وقت پڻ غريبن، يتيمن ۽ محتاجن جو خيرخواهه ٿي رهه.... ايتري چوڻ بعد اياز پنهنجو ڦاٽل ڪڙتو لاهي ڦيرائي پيتيءَ ۾ رکيو ۽ وزيريءَ جي ويس ويڙهي خزاني کان ٻاهر نڪتو. سمورا ماڻهو بادشاهه سميت پنهنجين پنهنجين جاين ڏانهن هليا ويا.

سلطان محمود جڏهن اياز جا اهي لفظ ٻڌا، تڏهن سندس دل ۾ اياز لاءِ ويتر محبت وڌي ۽ مٿس تمام موهت ٿي پيو ۽ اياز جي محبت خاطر ٻه قدم اڳتي وڌڻ لڳو ۽ هوڏانهن اياز به سلطان محمود کي پنهنجو پاڻ سپرد ڪيو. بس ٻنهي جا پيچ اٽڪي ويا. هڪ ڏينهن ڀريءَ ڪچهريءَ ۾ سلطان محمود اياز کي مخاطب ٿي چيو ته اي اياز! مون توکي هڪ ڏينهن خزاني جي ڪمري ڏانهن ويندو ڏٺو هو، سچ ٻڌاءِ ته تو ڪمري اندر ڪهڙي ڪارروائي پئي ڪئي؟ انهيءَ تي اياز بنا ڪنهن هٽڪ جي ٺهه پهه اهائي حقيقت پيش ڪئي، جا سلطان اڳ ۾ ئي روبرو ڏٺي هئي. اياز جي حقيقت کان واقف ٿيڻ بعد سلطان محمود ڀريءَ ڪچهريءَ ۾ ڳراٽڙي پائي مليو. حاضرين وزير ۽ اياز جا دشمن جن وقت بوقت اياز لاءِ پئي کڏون کوٽيون، سي دل جو دل ۾ شرمنده ٿيڻ لڳا، ڪيترن ته پشيمانيءَ کان اياز کان معافي گهري.

هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته سلطان محمود غزنويءَ، اياز جي آزمودي لهڻ خاطر هڪ ڪاٺ جي پيتي هيرن ۽ جواهرن سان ڀرائي، پنهنجي سڀني اميرن، وزيرن، سالارن ۽ سپاهه سميت کين حڪم ڪيو ته اڄ خزانو فلاڻي هنڌ کڻي هلڻو آهي، جنهن لاءِ اوهان فلاڻي وقت تي حاضر ٿجو. حڪم جي دير هئي، مقرر وقت تي سمورا امير، وزير، سالار ۽ سپاهه اچي حاضر ٿيا.

سلطان محمود غزنويءَ، اهو خزانو هڪ ڪاٺ جي پيتيءَ ۾ بند ڪرائي، اٺ تي رکايو. حڪم ڏنائين ته فلاڻي گهٽيءَ کان اٺ ڪاهي هلو، پوءِ جڏهن اهي سڀئي حڪم موجب خزانو کڻائي انهي گهٽيءَ وٽ پهتا، تڏهن ڏٺائون ته گهٽي بلڪل سوڙهي آهي ۽ اٺ اتان پيتي سميت هرگز هلي ڪين سگهندو. انهيءَ لاءِ سمورا ماڻهو سلطان محمود کي عرض ڪرڻ لڳا ته جهان پناهه، اوهان جو حڪم اسان جي اکين تي. مهرباني ڪري اُٺ کي ٻئي هنڌان هلائڻ لاءِ حڪم ارشاد فرمايو. تنهن تي سلطان محمود منهن تي مرڪ آڻيندي چيو ته اسان کي اٺ انهيءَ گهٽيءَ مان ڪيئن به ڪري هلائڻو آهي، تنهن ڪري اتان هلايوس.

سلطان جي حڪم برقرار ملڻ شرط شتربان اُٺ جي مُهار تَڻڪي ۽ جيئن تيئن ڪري اُٺ کي اڳتي هلڻ لاءِ هڪاليو، پوءِ جڏهن سوڙهي گهٽيءَ ۾ اُٺ اچي ڦاٿو ته مٿان جيڪا مٿس جواهرن جي ڀريل ڪاٺ واري پيتي رکيل هئي، زور پوڻ تي ڀتين ۾ ٽڪرائجي پرزا پرزا ٿي پيئي، منجاهنس سمورا هيرا جواهر پٽ تي ڪري پيا. انهيءَ اچانڪ نقصان ٿيڻ سبب سمورا حاضرين جواهرن جي چوڌاري ڦري آيا. اتي هر هڪ جي دل لالچي رهي هئي. سلطان محمود غزنوي اميرن، وزيرن، سالارن ۽ سپاهه جي دلين تي ڪٽ چڙهندو ڏسي  حڪم ڪيو ته چڱو، اهي پَٽ پيل هيرا جواهر چونڊي اوهان پنهنجي پنهنجي گهر کڻي وڃو ۽ اِهي ميڙيل هِيرا  جواهر اوهان پنهنجي ذاتي ملڪيت ڪري کڻو. ايتري چوڻ پڄاڻا سلطان محمود پنهنجي گهوڙي کي تيز هڪليو. ڳچ منزل پهچڻ بعد، جان کڻي پُٺِ ورائي نظر ڪري ته، هان! سمورو سپاهه ۽ مجلس وارن مان سواءِ اياز جي ٻيو ڪو به ڪو نه ٿو نظر اچي! بس گهوڙي جي رين ڇڪي ٽپ ڏئي لهي پيو ۽ اياز کي مخاطب ٿي  چيائينس ته اي اياز! مون ته اوهان سڀني کي هيتري ساري ملڪيت ڏئي ڇڏي ۽ ميڙيل ملڪيت پڻ اوهان کي ذاتي ملڪيت ڪري ڏنم، پوءِ ٻڌاءِ ته تو ڇو نه ان مان فائدو حاصل ڪيو؟

ايتري ٻڌڻ سان اياز جي دل ڀرجي آئي ۽ اکين مان اب آڻي جهڪي عرض ڪيائين ته جهان پناهه، اوهان جو شان، مان ۽ آن هميشه بلند ۽ بالا رهي، هن بندي کي اوهان جي نوازش جي شڪريي بجا آڻڻ لاءِ ئي اڃا زبان ڪا نه ٿي آهي. اوهان اسان کي برابر هيرا ۽ جواهر ته نوازيا، ليڪن مون وٽ هي (سلطان) هڪ اهڙو هيرو آهي، جو انهن پيتيءَ وارن سڀني هيرن ۽ جواهرن کان ڪروڙها دفعا وڌيڪ قيمتي آهي. پوءِ، چئو ته آءُ اهڙي قيمتي هيري کي ڪيئن ڇڏيان!

سلطان محمود غزنويءَ، اياز جي محبت ۽ سِڪ پاڻ لاءِ ڏسي، مٿس مفتون ٿي پيو ۽ ڪڏهن به کيس پاڻ کان جدا ڪرڻ ڪين گهرندو هو.

هڪ دفعي هڪ امير سلطان محمود غزنويءَ کي چيو ته اسان ٻڌو آهي ته اوهان هڪ ڪاري شيديءَ تي عاشق ٿي پيا آهيو،  جنهن کانسواءِ اوهان جي هڪ پَل به پَهَرُ ٿي گذري، حالانڪه اُن ۾ ايتري سونهه به ڪانهي، پوءِ ڀلا ائين ڇو آهي؟ انهيءَ تي سلطان محمود غزنويءَ  کيس جواب ۾ چيو ته آءُ اياز جي سونهن تي عاشق نه آهيان، بلڪه سندس خصلتون آهن جن مون کي بيحد موهيو آهي، ايتري تائين جو هينئر اياز کانسواءِ هڪ پل به پري رهي نٿو سگهان.

سلطان محمود غزنوي جي محبت اياز سان ايتري قدر هئي، جو هن پنهنجي ٺاهيل ڪتاب محمود نامه ۾ پنهنجي نالي سان گڏوگڏ اياز جو نالو به داخل ڪيو آهي ۽ پڻ اياز جي محبت ۾ ڪيترائي وڌيڪ غزل چيا اٿس. سلطان محمود غزنوي پنهنجي غزل جي هڪ آخري مصرع ۾ لکيو ته:

سلطان محمود ڪه هزاران غلام داشت، عشقش چنان گرفت ڪه غلامِ غلام شد.

مطلب ته سلطان محمود غزنوي جو اياز سان ايتري قدر ته پيار هوندو هو، جو حڪومت جي صلاح مصلحت ته کانئس وٺندو هو، پر گهرو (حويليءَ جون) ڳالهيون ۽ پڻ سموريون ڪار گذاريون، کيس ٻڌائي اُنهن تي کانئس صلاحون وٺندو هو.

اياز، جيتوڻيڪ هڪ خسيس نوڪر جي حيثيت رکندو هو، تاهم به هن کي ايڏي عهدي جي ملڻ تي نه ڪا وڏائي يا مغروري ٿي ۽ نه وري ڪو ڪڏهن حڪومت جي برخلافي ئي سوچيائين، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو هن پنهنجي شان، مان ۽ عزت آبرو ايتري تائين وڌايو جو کيس سلطان محمود غزنويءَ پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏنيون.

اياز جي مخالفت ۾ حالانڪه کڻي ٻيا سپاهه يا راشي ڪامورا برخلافي به پئي ڪندا آيا تڏهن به سندس وار ونگو ڪين ڪري سگهيا. سچائيءَ ۽ صفائيءَ آخر فتح پاتي ۽ کيس هر هنڌ عزت ۽ آبرو ڏنائين.

 

نظم

* بيوس

اچو ته ٻارو راند رچايون

 

بادل گجندا ڀڄندا آيا،

دهل نغارا وڄندا آيا،

کنوڻ اچي ٿي ناچ نچي ٿي،  ڌوم ڌام سان موج مچي ٿي.

ڀنڙي ڀنڙي بوند وسي ٿي،    دل کي راحت خوب رسي ٿي.

مٺڙي مٺڙي  هير گُهلي ٿي،  دل جي مکڙي خوب کلي ٿي.

هوا  ٿڌيري   هاڻ  هلي  ٿي،  اچي  سڳنڌي  بلي  بلي  ٿي.

وري وسي ٿو تڪڙو مينهن،   واه  جو  خاصو  آيو  ڏينهن.

نريا  وهيا   نيسارا   جاري،   پاڻيءَ   پٽ   ڀريا   چوڌاري.

وڻ  ٽڻ  ساوا  ٻور  جهليندا،  ميوا   جام   انهن  ۾  ٿيندا.

گاهه   اڀرندا    ساوا    ساوا،  ڍور   ڪندا   سي  کائي جاوا.

پوک  ڀلي ٿيندي  هيڪاندي،        کيت   اپائي   ڏيندا   چاندي.

پِي   پاڻي   ٿيو   پُر پپيهو،  ڪري  تنوارون  طوطو چيهو.

ڊنگ ڊنگ ڊنگ ڊنگ ڊيل ڪري ٿي، مور سان  ناچُون کيل ڪري ٿي.

گيت   ڳنوارن  گڏجي   ڳايا،    چنگ   نڙا    ۽   ڍول  وڄايا.

اچو  ته  ٻارو  راند  رچايون،    اسين به گڏجي سارنگ ڳايون.

 

* وزير علي سومرو

 

اٺ بنا پاڻيءَ جي ڪيئن زندهه رهي سگهي ٿو؟

 

        اُٺ کي رڻ پٽ جو جهاز سڏيو ويندو آهي. اهو ته اوهان ٻڌو هوندو ته اُٺ رڻ پٽ ۾ بنا پاڻي پيئڻ جي ڪيترائي ڏينهن جيئرو رهي سگهي ٿو. پر خبر اٿو ته ڪيئن؟ اُٺ جي ان خاصيت بابت مختلف ماڻهن ڌار ڌار ڳالهيون ٻڌايون آهن. مثال طور ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته اُٺ جي پيٽ ۾ هڪ ٿيلهي هوندي آهي جنهن ۾ هو پاڻي گڏ ڪندو ويندو آهي. پوءِ هو سفر جي دوران پاڻي نه ملڻ جي صورت ۾ ٿيلهي ۾ گڏ ٿيل پاڻيءَ کي ڪتب آڻيندو آهي. پر 1950ع ۾ جانورن جي هڪ وڏي ڄاڻو ڊاڪٽر ڪلمن پرڪ انهيءَ خيال کي غلط ثابت ڪري ڇڏيو. ڊاڪٽر ڪلمن پرڪ ڳچ وقت تائين اٺ جي ان خاصيت تي سوچ ويچار ڪندو رهيو. پوءِ نيٺ هن مختلف تجربن وسيلي هيءَ ڳالهه ثابت ڪئي ته اٺ جي پيٽ ۾ پاڻيءَ جي ڌار ٿيلهي ڪانهي، پر هو پنهنجي رت جي ڪجهه خاصيتن سبب پاڻيءَ کان سواءِ ڪيترائي هفتا جيئرو رهي سگهي ٿو. اُٺ جي رت ۾ هڪ خاص شئي مليل هوندي آهي جنهن کي ايليومين چوندا آهن. هي مادو ڪجهه سفيديءَ جهڙو هوندو آهي. ان ڪري جڏهن اُٺ جي جسم جو پاڻي ختم ٿي ويندو آهي، جيڪو هن اڳ ۾ پيتو هوندو، ته پوءِ به هن جي رت ۾ جيڪا ايليومين هوندي آهي تنهن سان گڏ پاڻي به هوندو آهي. اوهان اهو ڏٺو هوندو ته جانورن جي جسم مان به پگهر نڪرندو آهي. ان پگهر جي نڪرڻ ڪري جانورن جي چمڙي ٿڌي رهندي آهي. پر اُٺ جي کل ڪجهه اهڙي قسم جي ٺهيل آهي جو گرميءَ جو اثر جلدي قبول نه ڪندي آهي. اُٺ 104. 9 درجا فارن هيٽ تائين گرمي سهي سگهندو آهي. جيڪڏهن اُٺ جي جسم مان سندس پنهنجي وزن جو 33 سيڪڙو پاڻي پگهر جي صورت ۾ نڪري وڃي ته به اٺ کي ڪو نقصان نه پهچندو آهي، ڇو ته اٺ جي رت ۾ ڳاڙهن جزن جو تعداد 240 سيڪڙي تائين وڌي ويندو آهي. جڏهن ته عام جانورن ۾ هي جزا 130 سيڪڙي کان وڌي وڃڻ جي حالت ۾ زندگيءَ جي لاءِ سخت خطرو پيدا ٿيو پئي. اهو ان ڪري ته جيڪڏهن انسان يا ڪنهن جانور جي رت جا ڳاڙها جزا 130 سيڪڙي کان وڌي وڃن ته پوءِ اهي پاڻيهي ڦاٽڻ شروع ٿي وڃن ٿا. جڏهن ڪنهن جانور جي رت جا ڳاڙها جزا ڦاٽڻ لڳن ته پوءِ اهو مري ويندو آهي. پر اُٺ جو رت ٻئي قسم جو آهي، ان ڪري ان ۾ ڳاڙهن جزن جي تعداد  وڌڻ سان فرق نه پوندو.

        انهن مڙني ڳالهين مان هي نتيجو نڪتو ته اُٺ جي رت جي بناوت ئي اهڙي آهي جو هو بنا پاڻي پيئڻ جي زندهه رهي سگهي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com