گذارش
پيارا ٻارؤ!
اميد ته اوهان خوش هوندا. ڇو ته تازو
اوهان جا امتحان ٿي چڪا آهن ۽ اوهان جهڙا هوشيار
ٻار ضرور پاس ٿيا هوندا! پر جيڪي ٻار پاس نه ٿي سگهيا آهن، تن کي به دل نه لاهڻ کپي.
جيڪڏهن هنن محنت ڪئي ته پوءِ هوشيار ٻارن جي قطار
۾ شامل ٿي ويندا. اصل ڳالهه آهي دل لڳائي پڙهڻ ۽
محنت ڪرڻ. اسان کي پنهنجن پيارن ٻارڙن کي اها اميد
آهي ته هو رول ۽ اجايو وقت وڃائيندڙ نه هوندا ۽
پنهنجي پڙهائيءَ کي سڀ ڳالهه کان مٿانهون ڪري
سمجهندا.
گذريل پرچي ۾ اسان کان هڪ وڏي غلطي ٿي
وئي، جنهن جي نتيجي ۾ اسين ٻارڙن جي ڪيترن ئي خطن
کان محروم ٿي وياسين. ٿيو ائين ته گذريل پرچي جي
مهڙ ۾ اسين جيڪا پنهنجي ائڊريس ڏيندا آهيون، تنهن
۾ پوسٽ باڪس نمبر 12 بدران 2 شايع ٿي ويو،
۽ سمورن ٻارن اسان کي پوسٽ باڪس نمبر 2 تي خط
لکيا. غلط ائڊريس سبب ڪيترن ئي ٻارن جا خط رُلي
رُلي
پوءِ اچي مليا. ٿي سگهي ٿو ته ڪي خط گم ٿي ويا
هجن. اسان کي ان ڳالهه جو افسوس آهي. ٻار آئيندي
اهو نوٽ ڪن ته پوسٽ باڪس نمبر 12 مستقل ائڊريس
آهي.
هن ڀيري اسين
”ڀلا ٻڌايو ته“
ڪالم شايع ڪو نه ڪري رهيا آهيون. مئي جي پرچي ۾
جيڪي سوال پڇيا ويا هئا، تن جا جواب خطن جي گم ٿي
وڃڻ سبب تمام گهٽ آيا آهن. بهتر ائين ٿيندو ته ٻار
انهن سوالن جا جواب ٻيهر موڪلين ته اهي جولاءِ جي
پرچي ۾ شايع ڪيا ويندا.
اوهان جي خطن جو انتظار رهندو.
اوهان جو ڀاءُ
شوڪت حسين شورو
بيت سُر سريراڳ
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه
بندر جان ڀَئي،
ته سُکاڻِيا!
مَ سُمهو،
ڪَپَرُ ٿو ڪُن ڪري، جيئن ماٽي منجهه مَهي،
ايڏو سُوُر
سهَي، ننڊ نه ڪجي، ناکُئا!
(2)
اگهيو ڪائو ڪَچُ،
ماڻَڪن موٽ ٿِي!
پَلهَءِ
پايو سَچُ،
آڇيندي لَڄَ
مَران!
(3)
تانگهي ۾ تاڻي، ٻَڌُ
پنهنجو تُرَ
هو،
اُونهي
۾ آڻي، ڪو نه ڏيندءِ ڪو ٻيو!
(4)
سُتين
سَنجهيئيِ،
وڄُ
کِونديءِ
ويسِرا!
ويِرَ
وري ويئي، اَسارَن
تانِ
اوچتي.
(5)
لِهَرين
ليکو ناهه ڪو، جِتِ
ڪَپَرَ
ڪُنَ
ڪارا،
اَڇاڙا
عَمِيقَ
جا، اچن اوڀارا،
اُٿي
آسارا! وِير وڙهنديءِ ويرا!
* مرزا قليچ بيگ
انسانيت ۽ حيوانيت
هڪڙو انگريز عالم، انسان ۽ ٻين جانورن جي
وچ ۾ فرق ڏيکاريندي، چوي ٿو ته ڪن ڳالهين ۾ ڪتو،
ڀولڙو ۽ ماڻهو هڪجهڙا آهن. اهي سڀ پنهنجن اکين سان
ڏسن ٿا ۽ پنهنجن ڪنن سان ٻڌن ٿا ۽ پنهنجي وات سان
کائين ٿا ۽ پنهنجي نڪ سان سُنگهن
ٿا. انهن سڀني کي هڪجهڙي بک ۽ اُڃ لڳي ٿي ۽ سڀني کي گذران ڪرڻ لاءِ کاڌو درڪار آهي. پر جيتوڻيڪ
ڪن ڳالهين ۾ هو مشابهت رکن ٿا، ته به هنن جي وچ ۾
ڪي ضروري فرق آهن. پهريون وڏو فرق هي آهي ته
ماڻهو کي عقل آهي ۽ جانور کي فقط حيواني سمجهه
آهي. انساني عقل ۽ حيواني سمجهه جي معنيٰ پوري طرح
سمجهڻ لاءِ ٽن ڳالهين جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي، جن
مان انهن جو تفاوت چٽيءَ طرح معلوم ٿي سگهي ٿو.
پهريون ته جيترو ٿي سگهي، اوترو انسان
توڙي حيوان ٻنهي کي هڪڙي سنَوت
تي بيهاري پوءِ ويچار ڪرڻ گهرجي. انهيءَ لاءِ اسان
کي اهو ماڻهو ويچار ۾ آڻڻ گهرجي جو اڃا جهنگلي
حالت ۾ آهي ۽ جهنگ جي ٻين جانورن وانگي رڳو پنهنجن
حيواني يا نفساني گهرجن پلڻ ۾ مشغول آهي. انهيءَ
حالت ۾ هن ۽ سندس آسپاس وارن ٻين جانورن جي وچ ۾
جيڪو پهريون تفاوت ڏسڻ ۾ اچي ٿو سو آهي اوزار ڪم
آڻڻ. جڏهن ڪو جهنگلي ماڻهو پنهنجي پناهه لاءِ
ڀونگي بڻائي ٿو يا پنهنجي سامان رکڻ لاءِ مَنهه
ٺاهي ٿو، تڏهن هو ٻيو وڌيڪ ڪي نٿو ڪري، رڳو جيئن
ڪو سهو يا لڌڙو يا ماکيءَ جي مک يا جدا جدا قسمن
جا پکي ڪن ٿا، تيئن ڪري ٿو. پر ماڻهو اهو ساڳيو ڪم
اوزارن کانسواءِ جلد ڪري ڪين ٿو سگهي. ڪاٺين موجود
ڪرڻ لاءِ وڻ وڍڻ کان به اڳ هن کي ضرور ڪهاڙي جهڙو
اوزار هٿ ڪرڻو ٿو پوي. پر اهي ٻيا جانور کڏ کوٽين
ٿا، يا اجهو ٺاهين ٿا يا آکيرو جوڙين ٿا، ۽ انهيءَ
لاءِ جيڪي اوزار هنن کي خدا پنهنجي قدرت سان سندن
بدن ۾ رکيا آهن تن کان سواءِ ٻيو ڪو به ڪم نٿا
آڻين. ساڳيءَ طرح زمين پوکڻ لاءِ ماڻهو ڪوڏر بنا هَر
کان سواءِ ڪي به ڪين ڪري سگهندو، نڪي جيڪي هن
پوکيو آهي تنهن جي لڻڻ جو ڪم ڏانٽي جهڙي اوزار
ٺاهڻ کانسواءِ ڪري سگهندو. پر ٻيا جانور پنهنجن
توڙي پنهنجن ٻچن جي لاءِ اوزارن کان سواءِ گهربل
شيون موجود ڪن ٿا.
ٻيو تفاوت هي آهي ته ماڻهو پنهنجن سڀني
ڪمن ڪرڻ ۾ چُڪون
ڪن ٿا، پر جانور ڪا به چُڪَ
نٿا ڪن. اوهان ڪڏهن ڪا اهڙي ڳالهه ٻڌي ته ڪو پکي
ٽاريءَ تي فڪر ۽ ڳڻتيءَ ۾ ويٺو ۽ اڌ ٺاهيل آکيري
جي لاءِ ارمان ڪيائين ۽ انهيءَ لاءِ پهه پچايائين
ته ڪيئن اهو آکيرو پورو ڪريان؟ يا ڪڏهن ڪي اوهان
ماکيءَ جي ماناري جا سوراخ ڏنگا ۽ ڄٽڪا جڙيل ڏٺا،
يا مکين ۾ ڪو تڪرار ڏٺو، جن مان معلوم ٿئي ته
ماناري جوڙڻ وارن جا جدا جدا رايا آهن؟ گگدام
جانور پاڻ اسان کان وڌيڪ طبابت جو هنر ڄاڻن ٿا،
ڇالاءِ ته جڏهن هو بيمار ٿين ٿا، تڏهن انهن مان
گهڻا ڪا اهڙي جهنگ جي ٻوٽي ڳولي ڪڍن ٿا جا اڪثر
کائڻ جي ڪم ۾ آڻيندا آهن ۽ جنهن ۾ اهڙو دوا جو اثر
هوندو آهي جو انهن جي بيماريءَ کي بلڪل چڱو فائدو
پهچائيندو آهي. هوڏي طبيب ۽ حڪيم سئو ورهين تائين
فقط هڪڙي دوا جي خاصيت بابت
پيا
بحث ۽ تڪرار ڪندا آهن. انسان ڪنهن به ڪم ۾ هٿ نٿو
وجهي جنهن ۾ هو ٿورو يا گهڻو منجهي نٿو. پنهنجي
رٿيل ڪم جي چڱيءَ طرح پوري ڪرڻ کان اڳي هن کي
بيشمار آزمودا ۽ تجربا ڪرڻا پون ٿا.
ٽيون فرق هي آهي ته جانور ترقي يا سڌارو
ڪو نه ٿا ڪن، مگر ماڻهوءَ جي عقلمندي، هنرمندي ۽
فتحمندي هميشه وڌندي ۽ ترقي ڪندي وڃي. جانور
پنهنجن ڪمن ڪارين ۾ ذاتي يا طبعي حيواني سمجهه تي
پيا هلندا آهن جا خدا تعاليٰ هنن ۾ رکي ڇڏي آهي.
تنهن ڪري هنن جو ڪم ماڻهوءَ جي ڪم کان زياده پورو
۽ ڪماليت وارو آهي. پر ماڻهو جيڪي ڪري ٿو تنهن
لاءِ خيال ۽ ويچار ڪرڻ جي جيڪا سگهه هن کي عطا ڪئي
وئي آهي تنهن جي زور تي جيڪي چُڪون
۽ غلطيون هو ڪندو وڃي سي صبر ۽ تحمل سان هو درست
ڪندو وڃي
۽ انهيءَ طرح هو هميشه سڌارو ڪندو وڃي.
ڪي حڪيم چون ٿا ته ماڻهن کان اڳ باندر ۽
ڀولڙا زمين تي رهنداهئا. اڃا تائين هو خشڪ ميون
جون کلون پاڻ ڀڃندا آهن، پاڻ کي لوڏا ڏئي هڪڙي
ٽاريءَ تان ٻيءَ ٽاريءَ تي ايندا آهن، پاڻ کي ڪنهن
اجهي ۾ لڪائيندا آهن، پنهنجا ٻچا پاڻ سان کڻندا
آهن ۽ بلڪل پنهنجن اصلوڪن ڏاڏن وانگي گذاريندا
آهن. هيڏي وري انسان جو حال ڏسو: ٻه هزار ورهيه
ٿيندا جو انگلينڊ جا ماڻهو اهڙا جهنگلي هوندا هئا،
جو پنهنجو بت رڱيندا هئا ۽ جانورن جون کلون ڍڪيندا
هئا. هاڻي انهن جو سندن هاڻوڪي حالت سان مقابلو
ڪريو. هو هينئر عمدا ڪپڙا ٿا ڍڪين ۽ فرحتي گهرن ۾
ٿا گذارين ۽ لکي پڙهي ٿا سگهن، ۽ ڪيترائي سڌارن جا
اپاءَ وٽن موجود آهن. جانورن مان ڪنهن کي به پڙهڻ
سيکاري نه سگهبو. منجهائن ڪنهن کي به باهه ٻارڻ جو
عقل ڪونهي.
پر انسان ۽ ٻين جانورن جي وچ ۾ سڀ کان وڏو
تفاوت اهو آهي ته انسان ۾ انساني روح آهي، جنهن کي
چڱي بڇڙي، ۽ غلط صحيح جو سماءُ
پئجي سگهي ٿو. سڀ ماڻهو خدا کي سڃاڻي ۽ انهيءَ سان
محبت رکي سگهن ٿا. سچ آهي ته ڪي قومون سون ورهين
جي جاهلي ۽ اڻڄاڻائي کان انسانيت جي درجي کان پري
رهيون آهن، پر تعليم ۽ سچي مذهب جي مدد سان هو
درجي بدرجي سڌري سگهن ٿيون. پر جانورن کي
خداشناسيءَ بابت ڪا به تعليم ڏئي نه سگهبي. هڪڙو
فارسيءَ جو شاعر چوي ٿو ته انسانيت نڪي ڳالهائڻ
جي سگهه ڪري آهي، نڪي ڏاڙهيءَ جي ڪري ۽ نڪي ساهه
جي ڪري: ائين ته چتونءَ کي ڳالهائڻ جي سگهه آهي ۽
ٻڪرين کي ڏاڙهي آهي ۽ گڏهن کي ساهه آهي.
(ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج مسليني جي چونڊ ليکن واري
ڪتاب “ويچار” 1944ع تان ورتل.)
* پروفيسر نارائڻداس ملڪاڻي
]ڪهاڻي[
ٻليءَ جو حج
هڪڙي هئي ٻلي، سا روز هڪ ڳنوار جي گهر ۾ وڃي. ڪير
نه هجي ته دکيءَ ۾ منهن وجهي گيهه کائي وڃي.
هڪڙي ڀيري ڳنوار کيس ڏسي ورتو، سو مارڻ
آيس. ٻليءَ جو منهن مٿو دکيءَ اندر هو، پر لڳس جو
ڊپ، سو هڪدم وٺي پاتائين ڊوڙ تڪڙ وچؤن مٿو ڪين ڪڍي
سگهي، ۽ دکي مٿي تي رهجي ويس.
ڀڄندي ڀڄندي وڃي هڪ ٿنڀي سان ڦهه ڪري لڳي، ته دکي
ڀڄي پيئي، پر دکيءَ جي گِرڻ
گلي ۾ لٽڪي پيس. پوءِ ٻلي پائي دکيءَ جو گرڻ
لٽڪائيندي هلندي رهي. واٽ تي هڪ ڪبوتر گڏيس.
ڪبوتر: ٻلي ڀيڻ، ٻلي ڀيڻ ڪيڏانهن ٿي وڃين؟
ٻلي: ڪبوتر ڀاءُ، ڪبوتر ڀاءُ، هلي آهيان حج تي.
ڪبوتر: ڙي، گلي ۾ ڇا پهريو اٿئي؟
ٻلي: ٻچا، گلي ۾ تسبيح اٿم.
ڪبوتر: آءُ به هلان حج تي؟
ٻلي: تون به هل ڀلي. حج ڪندين، پاڪ ٿيندين.
ڪبوتر: ڪٿي مون کي کائي ته ڪو نه ويندينءَ؟
ٻلي: ادا، الله رکي، آءٌ
ته هلي آهيان حج تي. تسبيح پهري، گناهه ڪري ڪير؟
بس پوءِ ڪبوتر ٻليءَ جي پٺيان اٿي هليو. واٽ تي هڪ
ڪئو گڏين. ڪُئي
ويٺي دهل وڄايو. ڏسي پڇيائين ته
”ٻلي
ڀيڻ، ٻلي ڀيڻ، اڄ ڪيڏانهن آهي ڪاهه؟“
ٻلي: ڪئا دوست، ڪئا دوست، هلي آهيان حج تي.
ڪئو: ڙي، گلي ۾ ڇا پهريو اٿيئي؟
ٻلي: ٻچا، گلي ۾ تسبيح اٿم.
ڪئو: آءُ به هلان حج تي؟
ٻلي: تون به هل ڀلي.
حج ڪندين، پاڪ ٿيندين.
ڪئو: ڪٿي مون کي کائي ته ڪو نه ويندينءَ؟
ٻلي: ادا، الله رکي، آءٌ
ته هلي آهيان حج تي.
تسبيح پهري، گناهه ڪري ڪير؟
بس پوءِ ڪُئو
به پٺيان ٿي هليو. واٽ ويندي، هڪ مور به گڏين، سو
به هليو حج تي.
هلندي هلندي هڪ مسجد وٽ اچي پهتا. سانجهي ٿي ويئي
هئي، سو اندر اوندهه هئي. ڪبوتر، ڪئو ۽ مور ته واٽ
تي چڳندا، داڻا چونڊيندا هليا هئا. پر ٻليءَ سارو
ڏينهن بک ڪڍي هئي. هلي هئي حج تي، سو هر هر ڪيئن
کائي!
پر ٻليءَ به هڪ سٽ سٽي هئي. سو چيائين ته
”توهين اندر سکيا ٿيو، آءُ پهرو ٿي ڏيان.“
جڏهن اڌ رات ٿي ۽ ڀانئيائين ته سڀ ننڊ ۾ هوندا،
تڏهن هري هري، پير پير ۾ ملائي، اندر
بيٺي.
پر ڇا ڏسي ته مار! سڀ جاڳن ويٺا. ٻليءَ جو پهرو،
سو ننڊ ڪير ڪري!
تڏهن ميائو ٻليءَ ڪبوتر کي شوڪي چيو ته اڙي، ڪنهن
جي اڳيان ڦنڊ جين ٿو؟“
ڪبوتر ويچارو هيسجي ويو. پوءِ شيري ٻائيءَ اک ڪڍي
مور کي چيو ته
”اڙي،
ڪنهن اڳيان ڪلنگي ڦڙڪائين ٿو؟“
مور ويچاري جي ڪلنگي ڪري پيئي.
آخر ۾ ٻلي ٻائيءَ ڏند شيڪي ڪئي کي چيو ته
”اڙي،
ڪنهن اڳيان مڇ مروڙين ٿو؟“
ڪُئي
کلي چيس ته
”ڪنهن
اڳيان ڪير! حاجياڻيءَ اڳيان مڇ مروڙيان ٿو.“
بس، ٻڌي جلي ويئي ۽ ٽپ ڏئي ڪئي کي جهٽڻ لاءِ ڊوڙي،
پر ڪئو ڀاءُ امالڪ هڪ ٻر ۾ گم ٿي ويو. تيتر وجهه
وٺي ڪبوتر اڏامي وڃي مٿي ويٺو، ۽ مور اڇانگ ڏئي
ٻاهر هليو ويو.
واهه ٻلي! تون به هلينءَ حج تي! تون به ٿينءَ پاڪ!
جان
=
جيسين. ڀئي
=
خوف. (2) اگهيو
=
قبول پيو.(4) اَسارا
=
غافل. (5) اَڇاڙا
=
اڇيون لهرون. ويسرا
=
سست.
|