سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل جون 1974ع

باب: --

صفحو :3

ٻارن جا ليک

جگديش لعل بجاج، ميرپور ماٿيلو

بيوقوف چور

        هڪ دفعي هڪڙو چور چوري ڪندي جهلجي پيو ۽ هن کي بادشاهه وٽ وٺي ويا. بادشاهه فيصلو ڪندي هن کي سندس ڏوهه جي سزا ڏني ۽ چيائين ته هن کي سئو پادر هنيا وڃن ۽ جيڪڏهن هو سئو پادر نه کائي ته کيس سزا طور بصرن جون سئو ڳنڍيون کائڻ لاءِ ڏجن. چور گهڻي دير سوچيندو رهيو ۽ نيٺ بصر کائڻ تي راضي ٿي ويو، پر اڃا ڏهه ڳنڍيون مس کاڌائين ته پيٽ ڀرجي ويس ۽ بصر جي بدبو تنگ ڪرڻ لڳس. آخر ڪڪ ٿي بادشاهه کي عرض ڪيائين ته مون کان بصر نٿا کاڌا ٿين، مون کي سئو پادر هنيا وڃن. بادشاهه چور جي حالت تي رحم ڪندي چيو ته هن کي سئو پادر هنيا وڃن. اڃا ڏهه پادر مس لڳس ته رڙيون ڪرڻ لڳو. سور ۽ تڪليف کان ڪنجهندي بادشاهه کي چيائين ته بادشاهه سلامت! مان سور ۽ تڪليف جي ڪري اها سزا سهي نٿو سگهان، مون کي بصر کائڻ لاءِ ڏيو، آءُ اهي ئي کائيندس.

        بادشاهه اجازت ڏنس. وري به ڏهه ڳنڍيون مس کاڌائين ته بصر جي بدبو پريشان ڪرڻ لڳس ۽ ٻيهر جوتا کائڻ تي راضي ٿي ويو. وري سندس مٿي تي جوتا لڳڻ شروع ٿيا. ائين ڪندي ڪندي چور سئو پادر ۽ سئو بصر جون ڳنڍيون کاڌيون ۽ پنهنجي بيوقوفي ڪري ٻئي سزائون ڀوڳيون. جيڪڏهن هو چوري نه ڪري ها ته کيس ڪا به سزا نه ملي ها. 

* علي اڪبر سومرو، ٽنڊو الهيار

 

دنيا جي وڏي ۾ وڏي ڀت

 

دنيا ۾ جيڪي به وڏا عجائب آهن، چين جي شاهي ڀِت به انهن مان هڪ آهي. اها ڀِت ڇا لاءِ ۽ ڪيئن ٺهي؟

جڏهن شَهزادو چينگ تيرهن سالن جو ٿيو ته تخت تي ويٺو. ان زماني ۾ چين ملڪ کي اترئين پاسي وارن جهنگلي ماڻهن مان خطرو رهندو هو. ڇو ته ان زماني ۾ نڪي هئا بمگولا ۽ نڪي هئا هوائي جهاز، رڳو هوندي هئي تيراندازي، نيزيبازي ۽ تلوار بازي. تنهن ڪري بادشاهه چينگ هن ڀت جوڙائڻ جو ارادو ڪيو.

هن ڀت جوڙائڻ لاءِ شاهي جيلن مان قيدي، جنگ ۾ ورتل قيدي، رشو تخور ۽ ملڪي ڏوهارين، سڀني کي بيگر ۾ وهايائين. هن ڀت جي تعمير عيسوي سن کان  220 سال اڳي ٿي ۽ هن جي ٺهڻ ۾ 18 يا 20 سالن جو عرصو لڳو. ڀِت جو مفاصلو اٽڪل 1145 ميل آهي ۽ هن جي ٺاهڻ لاءِ ڏهه لک ڪمي، يعني ملڪ جي هر ڏهن ماڻهن مان ٽي ماڻهو ڪم ڪرڻ لاءِ لڳايا ويا. مٿن اهڙا قهري داروغا رکيا ويا، جو سخت پورهئي ۽ ظلم جي ڪري اڪثر ويچارا مزرو پيا مرندا هئا ۽ انهن جا مَڙهه ڀِت جي پيڙهه ۾ اڇلايا ويندا هئا ۽ اتان ئي اوساري کنئين ويندي هئي. ايڏو وڏو مقام دنيا ۾ نه لڀندو. ڀِت جي اوچائي ڪٿي 20 فوٽ ڪٿي 30 فوٽ ۽ ويڪر 25 فوٽ پيڙهه ۾ اٿس، ۽ مٿان فرش بندي 15 فوٽ ويڪري جنهن تي پلويڙو ڏنل آهي ۽ ان پلويڙي جي مٿان وري ڪُنگرا اٿس، جن ۾ ڏسڻ لاءِ ڳڙکيون آهن. جدا جدا هنڌن تي بچاءَ لاءِ برج آهن جيڪي 40 فوٽ اوچا ۽ 40 فوٽ چورس آهن. هڪ هڪ ميل تي ڪٿي اَٺ ۽ ڪٿي ٻارهن اهڙا برج آهن.

ڀِت جي بُرجن سوڌو ڊيگهه اڍائي هزار ميل ٿيندي. عجب جي ڳالهه ته اها آهي ته ان وقت اوزارن جي سهولت به نه هئي ۽ مشڪلاتون تمام گهڻيون هيون جو اها ڀِت وڏن جبلن ۽ اُڀ ڪپرين لاهين تان لنگهڻي هئي. ڪاريگر ۽ ڪمي به ڪم مان واقف نه هئا، ته به اها ڀِت ٺَهي تيار ٿي.

 


 

* ستيا پال - جي – ڪنگراڻي

ايماندار ڇوڪرو

 

نيپولين وڏو بهادر هو. ننڍپڻ ۾ هو ڳوٺ جي هڪ اسڪول ۾ پڙهندو هو، ان وقت هو تمام غريب هو.

اسڪول جي ڀرسان هڪ عورت ميوا وڪڻندي هئي. نيپولين هن کان ميوو خريد ڪندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن اڌارو به وٺندو هو. ڪجهه وقت کان پوءِ نيپولين پڙهڻ ڇڏي ڏنو ۽ فوج ۾ ڀرتي ٿيو. فوج ۾ اعليٰ ڪارنامن ڏيکارڻ ڪري هو ترقي ڪري فوج جو اعليٰ آفيسر ٿيو ۽ آخر فرانس جو صدر بڻيو.

هڪ ڏينهن فرانس جو صدر نيپولين پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ گهمندي ان اسڪول وٽان لانگهائو ٿيو ته هن کي پنهنجو ننڍپڻ ياد اچي ويو. هن اتي ماڻهن کان پڇا ڪئي ته هتي هڪ عورت ميوا وڪڻندي هئي، اها هاڻي ڪٿي آهي؟ ماڻهن هن کي عورت بابت ٻڌايو. هو سڌو ان گهٽيءَ ۾ ويو ۽ هن کي سامهون اها عورت نظر آئي. هو ان عورت وٽ ويو ۽ پڇيائين: امان، ڇا مون کي سڃاڻين ٿي؟

عورت هن کي ڏسي چيو ته نه آءُ توکي ڪو نه سڃاڻان. تنهنجي انهيءَ پڇڻ جو مطلب ڇا آهي؟

نيپولين وراڻيو ته تون اسڪول جي ڀرسان ميوا وڪڻندي هئين نه؟ عورت جواب ڏنو ته ها، وڪڻندي هيس، پر ان سان تنهنجو مطلب؟ نيپولين چيو : تو کان هڪ ڇوڪرو ميوو وٺندو هو، هو تمام غريب هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن اوڌار به رکائيندو هو؟ عورت جواب ڏنو ته ڪيترائي ڇوڪرا ميوو وٺندا هئا. مون کي ياد ڪو نه آهي ته ڪير غريب هو ۽ ڪير اوڌار وٺندو هو. ليڪن تون اهي ڳالهيون ڇو پيو پڇين؟

نيپولين وراڻيو ته آءُ ئي اهو غريب ڇوڪرو آهيان. تنهنجي اوڌار توکي ڏيڻ آيو آهيان، ٻڌاءِ تنهنجا باقي ڪيترا پئسا آهن؟ عورت چيو: مون کي ڪجهه به ياد ڪو نه آهي پر مان تنهنجو آواز سڃاڻان ٿي. تون ڏاڍو شرير هئين، ليڪن ايترن سالن جي ڳالهه کڻي هتي ڇو آيو آهين؟ وڃ، منهنجو ڪجهه به باقي ڪو نه آهي، تون خوش رهه.

نيپولين پنهنجي ڊگهي ڪوٽ جي کيسي مان هڪ ٿيلهو ڪڍي عورت کي ڏٺو. هن ٿيلهي ۾ سِڪا هئا. پوءِ عورت کي خدا حافظ چئي هليو ويو. عورت کي ڪجهه ماڻهن ٻڌايو ته هي فرانس جو صدر نيپولين بونا پارٽ هو. عورت جي وات مان بي اختيار نڪري ويو ڪهڙو نه ايماندار ڇوڪر آهي!

 

* اسلم پرويز واصف، حيدرآباد

دادلو ٻار

چوندا آهن ته ننڍڙو ٻار، مڇ جو وار. مُڇ کي به ٺيڪ ٺاڪ رکبو ته سٺي نموني پيا وار لڳندا. ٻار جو به ساڳيو مثال آهي. جنهن ٻار کي پيءُ ڪجهه به نه چوندو آهي ۽ اوڙي پاڙي جي رول ٻارن سان پيو رلندو آهي ته انهيءَ ٻار کي عام چوڻي مطابق دادلو ٻار چئبو آهي.  دادلو ٻار وڏي لاءِ بيڪار ۽ رول، هر وقت نقصان ڪندو. سٺي ٻار جا هي پار آهن: ماءُ، پيءُ ۽ استاد جو ادب ڪرڻ، ڪنهن سان به نه وڙهڻ، پنهنجي ننڍن ڀينرن سان پيار سان هلڻ، چوري نه ڪرڻ، ڪوڙ نه ڳالهائڻ، اجايو وقت نه وڃائڻ، صبح جو سويل اٿڻ، هٿ منهن ڌوئي ڌڻي جو نالو وٺڻ، قرآن شريف جو دور ڪرڻ، وڏي هوندي سٺو شهري بڻجڻ ۽ ماءُ پيءُ جي خدمت ڪرڻ وغيره. 

* الطاف حسين جوکيو

منهنجو گهوڙو

 

ڏسو منهنجو هيءَ گهوڙو بور،

هلڻ ۾ ريل، سونهن ۾ مور.

پهريان پٺيءَ تي تَل ٻڌانس،

مٿان ٿڙا ۽ هنو رکانس.

پوءِ چڙهانس لانگ ورائي،

ته ملڪن جا پيو سير ڪرائي.

رستي ۾ کڻي منهن ڏيانس،

ٿورو ٿورو لغام ڇڪيانس.

پوءِ شهر ۾ پهچي هڻڪون ڪندو،

مون کي ڄڻ آهي اطلاع ڏيندو.

ته هن شهر ۾ توکي لهڻو آ،

ڪي اڃا به اڳتي هلڻو آ.

جي لهڻو هوندو ته لهي پوانس،

ڪنهن واقف وٽ ٻڌي ڇڏيانس.

ڪجهه وقت شهر ۾ گهمي ڦري،

پوءِ وري وهانس مٿي چڙهي.

ڳوٺ ڏانهن ڇڏيانس واڳ ورائي،

ته جهٽ پَٽ اچي ات پهچائي.

پوءِ لهي پيادو ڏيانس چڪر،

ته سُڪي وڃيس بُت جو پگهر.

پوءِ ٿانَ تي وڃي ٻڌانس،

داڻو پاڻي سڀ اتي ڏيانس.

چڱو هاڻي وڃانس ٿو ڪاهي،

وڃي ٻڌانس ٿو ٿانَ تي ٺاهي.

* ماه طلعت عباسي، حيدرآباد

ٻوڏ ڙي ٻوڏ

هڪڙا هئا چار دوست، تن مان هڪڙو هو گنجو، ٻيو هو منڊو، ٽيون هو موالي ۽ چوٿون هو چُوچو. چئني جي پاڻ ۾ پڪي ياراڻي هوندي هئي. گنجو، موالي ۽ منڊو هڪ ئي ڳوٺ ۾ رهندا هئا ۽ چُوچو وري ڀرواري ڳوٺ ۾ رهندو هو. هميشه سڀئي دوست ميلا ملاکڙا گڏ گهمندا هئا.

هڪ دفعي هڪ ميلي ڏسڻ جو پروگرام ٺاهي گنجو، منڊو ۽ موالي سنڀري نڪتا چُوچي جي ڳوٺ. شام ڌاري وڃي چُوچي جي ڳوٺ پهتا. چُوچي جي زال هنن جو ڏاڍو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ کين ٻڌايو ته سندن دوست ڀرواري ڳوٺ ۾ سندس ساهرن ۾ ويل آهي ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو موٽي ايندو. مائيءَ رات جي ماني هنن ٽنهي کي کارائي، اڱڻ ۾ هنڌ کٽولا وڇائي، هنن کي رات جو آرام ڪرڻ لاءِ چيائين. سمهڻ کان اڳ چُوچي جي زال مهمانن کي ٻڌايو ته اسان جو گهر درياءَ جي ڪناري تي هجڻ ڪري ڪڏهن ڪڏهن ٻوڏ ٿيندي آهي، ان ڪري مڙيو ئي ڪجهه هوشيار ٿي سمهجو. اهو ٻڌي منڊي جو ته ساهه ئي سڪي ويو ۽ دوستن کي چيائين ته آءُ آهيان منڊو، سو ٻوڏ جيڪڏهن آئي ته مان ته ڀڄي ڪو نه سگهندس، ان ڪري اڱڻ ۾ جيڪو پيهو ٺهيل آهي، آءُ ته چڙهي ٿو وڃي ان تي سمهان.

ان ڏينهن اتفاق سان شام جو ڳوٺ جي وڏيري خيرات ڪئي هئي ۽ چُوچي جي گهر گوشت ڏياري موڪليو هئائين، ڇو جو چُوچو ڳوٺ جو ڊکڻ هو ۽ سڀني زميندارن ۽ هارين جي ڪم ايندو هو. چُوچي جي زال ڏٺو ته هيترو سارو گوشت آهي، سو اول ته تمام گهڻو رڌي مهمانن کي کارايائين ۽ باقي جيڪو بچيو اهو سڳي ۾ پوئي، اڱڻ ۾ رسيءَ تي سڪائڻو وڌائين. رات هئي چانڊوڪي ۽ سڀئي مزي سان ستا پيا هئا. اڌ رات جو مواليءَ کي اچي بک لڳي، سو اٿي هيڏانهن هوڏانهن لوڻا ڦيري، ڪا به کاڌي جي شيءَ نظر نه آئي. ايتري ۾ سندس نظر وڃي رسيءَ تي ٽنگيل گوشت جي ٻوٽين تي پئي. سو نه ڪيائين هم نه تم وڃي، اهو هار لاهي، تنهن مان سٺيون ۽ وڏيون چاپون ڪڍي، وري هار ڳنڍي رسيءَ تي ٽنگي ڇڏيائين. گوشت جون ڪچيون ٻوٽيون ته کائي نه پئي سگهيو، ليڪن آڌيءَ رات جو ٽانڊو به ڪٿان آڻي، انهيءَ ئي سوچ ۾ هو  ته ايتري ۾ سندس نظر وڃي پريان گنجي جي چمڪندڙ ٺوڙهه تي پيئي، جيڪا ڪافي تيل لڳڻ ۽  چانڊوڪيءَ رات سبب چمڪي رهي هئي. موالي نشن ۾ ڀانيو ته اهو ٽانڊو آهي، سو اهي چاپون وڃي گنجي جي ٺوڙهه تي رکيائين ۽ پاڻ سگريٽ دکائي پيئڻ لڳو. آيس جو پنڪي ته اتيئي سمهي رهيو. جڏهن پرهه ڦٽيءَ جو ڪڪڙن ٻانگون ڏنيون، تڏهن وڃي اک کليس ۽ اچي گوشت جون چاپون ياد پيس ۽ دل ۾ خيال ڪيائين ته چاپون ته سڙي ويون هونديون. انهن کي ٺارڻ لاءِ ڇا ڪيائين جو ڀر ۾ رکيل پاڻيءَ جي دِلي کڻي اچي گنجي جي مٿان هاريائين. گنجي جو اوچتو مٿان پاڻي ڪرندو ڏٺو، سو سمجهيائين ته ٻوڏ اچي وئي آهي. تنهن وٺي رڙيون ڪيون ته ٻوڏي ڙي ٻوڏ اهو جو منڊي ٻڌو ته اوچتو ننڊ مان ڇرڪ ڀري اٿيو ۽ بدحواسيءَ ۾ پاڻ کي بچائڻ لاءِ وٺي پيهي تان ٽپ ڏنائين ۽ اچي هيٺ ڪريو ته سندس ٻي ٽنگ به چٽ ٿي وئي.

سندس دانهن تي پاڙي وارا ڊوڙندا آيا ۽ سندن اکيون کوليائون، جيڪي هو ٻوڏ جي ڊپ کان بند ڪيو ويٺا هئا. پوءِ موالي کي خبر پئي ته اها گنجي جي ٺوڙهه هئي، جنهن منڊي جي ٻي ٽنگ به چٽ ڪرائي!

 


 

ديس ديس جون خبرون

 

وات يا کٻي پير سان اکر لکندڙ ماڻهو

ايرڪ ماڪو نالي اٽليءَ جو هڪ ماڻهو ٻنهي ٻانهن کان معذور آهي، پر هو اکر اهڙا سٺا لکندو آهي جو کيس خطاطيءَ جي فن جو وڏو فنڪار سمجهيو ويندو آهي. هو پنهنجي ملڪ جي بهترين اکر لکندڙن ۾ شامل آهي. ايرڪ ماڪو پنهنجي وات يا کاٻي پير ۾ قلم جهلي سهڻا اکر لکندو آهي. هن اهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته ماڻهو جيڪڏهن همت ڪري ته هن جي لاءِ ڪا به شيءَ ناممڪن ڪانهي.

سج جي طاقت تي هلندڙ ڪار

اولهه جرمنيءَ ۾ سائنسدانن هڪ اهڙي ڪار ايجاد ڪئي آهي جيڪا سج کان طاقت حاصل ڪري هلندي آهي. هن جي تختي وانگر ٺهيل سڌي ڇت سج جي طاقت حاصل ڪرڻ جو هڪ ننڍڙو ڪارخانو آهي. جرمنيءَ ۾ ان ڪار جي قيمت فوڪس ويگن ڪمپنيءَ جي ڪنهن به نئين ڪار جي ڀيٽ ۾ تمام وڌيڪ آهي. هيءَ ڪار پيٽرول جي عالمي وڳوڙ کان پوءِ تيار ڪئي وئي آهي. ڪار جي ڇت تي جيڪي بئٽريون لڳل آهن، اهڙيون بئٽريون اسڪاءِ ليب جي خلائي جهاز ۾ استعمال ٿينديون آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com