نيليءَ لاٽ وارو
ڏِيو
هڪڙي ڀيري، هڪڙو سپاهي هو، جنهن پنهنجي بادشاهه جي
نهايت وفاداريءَ سان لاڳيتا ڪيترائي سال نوڪري
ڏني، پر جڏهن لڙائي پوري ٿي ۽ صلح جو اعلان ٿيو، ۽
اڃا هن جي بدن جا لڙائيءَ ۾ رسيل ڦٽ پورا ڇٽا ئي
ڪونه هئا، تڏهن بادشاهه اُن سپاهيءَ کي گهرائي
چيو، ”هاڻي تون ڀلي گهر موٽي وڃ؛ مون کي اڄ کان
پوءِ تنهنجي خدمت جو ضرور ڪونهي، ۽ آءٌ توکي هاڻي
پگهار نه ڏيندس: آءٌ فقط انهن کي اجورو ڏيندس جي
بت جا سگهارا هوندا، ۽ ڪو به جسماني نقص ڪونه
هوندن، ۽ پگهار جي عيوض مون وٽ سخت پورهيو به ڪري
سگهندا.“
غريب سپاهيءَ جا ته واڄٽ ئي وڄي ويا، سجهيس ئي نه
پيو ته آئينده سندس زندگيءَ جا چار ڏينهن ڪيئن
ڪٽبا! نيٺ، ڪَڙو منهن ڪري، هو پنهنجي گهر روانو
ٿيو. جڏهن هلندي هلندي ٻيلي مان اچي لنگهيو، تڏهن
سج لهي ويس ۽ چوڌاري هڪ قسم جي ڀيانڪ اونداهي
ڇائنجي ويئي. ان اونداهيءَ ۾ هن کي پري کان هڪ
جهوپڙيءَ ۾ روشني ٽمڪندي نظر آئي ۽ ڏاڍو خوش ٿيو.
هن کي ته سُڌ ئي ڪانه هئي ته ڪو اُن جهوپڙيءَ ۾ هڪ
پوڙهي ڏائڻ ٿي رهي! سو جهوپڙيءَ جي در تي پهچي،
پوڙهيءَ ڏائڻ کي چيائين، ”الله نالي مون کي سمهڻ
لاءِ ڪو هنڌ ڏي ۽ کائڻ لاءِ ڪو مانيءَ ڳڀو ڏينم،
نه ته ڄاڻ منهنجو ساهه ٿو نڪري!“
ڏائڻ جواب ڏنو، ”واه! ڪنهن کي کٽي پيئي آهي، جو
لشڪر مان ڀڳل سپاهيءَ کي مفت ۾ کاڌو ڏيندو؟ آءٌ
جيئن چوان تيئن جيڪڏهن ڪندين ته توتي قياس ڪري،
توکي پاڻ وٽ رهڻ ڏينديس.“
سپاهيءَ پڇيو، ”ڪهڙو ڪم مون کي ڏيندينءِ؟“ ڏائڻ
چيس، ”تون منهنجي هن باغ جي ويهي گُڏَ ڪَڍُ!“
سپاهيءَ قبول ڪيو، ۽ ٻئي ڏينهن پنهنجي پوريءَ طاقت
سان پوڙهيءَ ڏائڻ جي باغ ۾ پورهيو ڪيائين،مگر شام
تائين سڄي باغ جي گُڏَ ڪڍي ڪين سگهيو.
اهو ڏسي، ڏائڻ چيس ته ”رات جو گُڏَ جو ڪم ته توکان
ٿي ڪين سگهندو، ان ڪري آءٌ توکي هڪ ٻي رات به هت
رهڻ ڏينديس، ۽ تون ان جي عيوض هي ٻه چار اُٺ ڪاٺين
جا چيري ڏجئينم!“
سپاهيءَ کي ان ڪم ۾ ساري رات لڳي ويئي. صبح جو
ڏائڻ چيس ته ”تون اڃا به هڪ رات وڌيڪ مون وٽ رهه.
ٻئي ڏينهن واسطي تنهنجي لاءِ هڪ بلڪل هلڪو ڪم رکيو
اٿم: اُهو هي آهي ته گهر جي پٺ ۾ هڪ جهونو ڦٽل
کوهه آهي، اُن ۾ منهنجو نيليءَ لاٽ وارو ڏيو ڪِري
پيو آهي. تون سڀاڻي اهو ڏيو کوهه مان ڪڍي، مون کي
آڻي ڏج!“
ٻئي ڏينهن هيءَ ڪراڙي ڏائڻ سپاهيءَ کي کوهه وٽ وٺي
ويئي، ۽ هن کي هڪ ٽوڪريءَ ۾ ويهاري، کوهه ۾ هيٺ
لاٿائين. هيٺ لهڻ سان هن اهو ڏِيو وڃي ڳولي لڌو، ۽
پوءِ ڏائڻ کي اشارو ڏنائين ته ”هاڻي مون کي مٿي
ڇڪي ٻاهر ڪڍ.“ ڏائڻ هن کي مٿي ڇڪڻ شروع ڪيو. جڏهن
هو کوهه جي پڳ وٽ پهتو، ته ڏائڻ هٿ ڊگهيري، نيليءَ
لاٽ واري ڏيي جي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. سپاهي هن جي
بدنيتيءَ کي پرکي ويو، ۽ چيائينس ته ”جيسين منهنجا
ٻيئي پير مٿي زمين تي، خير سلامتيءَ سان ٻاهر
نڪري، مضبوط ڄمي نه بيٺا آهن، تيسين هيءُ ڏيو آءٌ
توکي ڪين ڏيندس. انهيءَ تي ڏائڻ کي سخت ڪاوڙ آئي،
۽ رسيءَ کي هٿ مان ڇڏي ڏنائين؛ جنهنڪري هو واپس
وڃي کوهه جي تري ۾ ڪريو. پوءِ ته ڏائڻ، تکي تکي،
ٽنگن کي سٽيندي، موٽي پنهنجي گهر ڏانهن هلي ويئي.
ويچارو سپاهي کوهه جي تري ۾ ته ڪريو، پر گهڻو
ايذاءُ ڪونه رسيس. ڏيي نيلي روشني پئي ڏني؛ جا
ڏسي، هن سوچيو ته ”... فقط هن روشني مان مون کي
ڪهڙو فائدو؟“ هن کي ته هاڻ موت اچي سامهون ٿيو هو.
هو وري ڪجهه وقت خيال ۾ پئجي ويو ته آخر ڇا ڪجي!
اتفاق سان ان مهل سندس هٿ کيسي ڏانهن کڄي ويو.
کيسي ۾ جيڪو تماڪ ڇڪڻ جو پائيپ پيو هوس، تنهن کي
ڪڍي ٻاهر ڪيائين. انهيءَ پائيپ ۾ اڌو گابرو تماڪ
اڃا به ڀريو پيو هو. دل ۾ چيائين، ”مرڻو ته هاڻ
هونئن ئي آهي، ڇو نه هي پويون ڀيرو هڪڙو وزن هڻي
وٺان!“ ائين چئي، پائيپ کي ان نيليءَ لاٽ واري ڏيي
مان دکائي ڇڪڻ شروع ڪيائين. اڃا جيئن ئي ان مان
دونهون نڪري هوا ۾ مٿي چڙهيو، تيئن هڪڙو بنهه
ڪوئلي جهڙو ڪارو ۽ آڱر جيترو بندرو ڄامڙو ماڻهو
اتي جو اتي پيدا ٿي پيو، ۽ سندس سامهون هٿ ٻڌي اچي
بيهي رهيو؛ چي، ”سائين ڪهڙا حڪم احڪام آهن!“
سپاهيءَ عبرت ۾ پئجي چيس، ”مون کي ڪهڙو حق آهي، جو
توکي ڪمن ڪارين واسطي حڪم ڏيان!“ ڄامڙي شيديءَ
جواب ڏنس، ”جيڪو به اوهان جو حڪم هوندو ان جي
پيروي ڪندس. آءٌ اوهان جو زر خريد غلام آهيان!“
سپاهيءَ تنهن تي ورندي ڏنيس، ”چڱو، پهريائين ته
مون کي هن کوهه مان ٻاهر ڪڍ!“
اهو ٻڌي، ڄامڙو شيدي هن کي آڱر مان جهلي، هڪ زير
زمين رستي تان وٺي اُٿي هليو. سپاهي به هو ڏاهو،
سو هُن اهو نيليءَ لاٽ وارو ڏِيو کڻي پاڻ سان گڏ
کنيو. رستي تي ڄامڙي شيديءَ هن کي ڏائڻ جو گڏ ڪيل
۽ لڪايل خزانو ڏيکاريو؛ ۽ سپاهيءَ به اُن مان
جيترو کڄي سگهيس، اوترو خزانو پاڻ سان کنيو.
جڏهن هو زمين جي اندر پَٽَ تي پهتا، تڏهن سپاهيءَ
هن کي حڪم ڏنو ته ”... هاڻي مهرباني ڪري وڃ، ۽ هُن
ڏائڻ جا هٿ پير ٻڌي، کيس وڃي ڪنهن عدالت ۾ پيش
ڪر!“
ٿورن ئي منٽن ۾ ڏٺائين ته اها ڏائڻ هڪ جهنگلي
ٻليءَ تي سوار ٿي، دردناڪ ڪيڪون ڪندي، اک ڇنڀ ۾
وٽانئنس مٽي ويئي، ۽ هن ڄامڙي شيديءَ انهيءَ ئي
مهل هن کي چيو، ”ڏائڻ جو ڪم پورو ٿي ويو. هن وقت،
هوءَ ڦاسيءَ تي پيئي لٽڪي.“ ائين چئي، وري
پڇيائين، ”...وڌيڪ ڪهڙو حڪم آهي؟ آءٌ حاضر آهيان!“
سپاهيءَ جواب ڏنو، ”هينئر ته تنهنجي واسطي ٻيو ڪم
ڪونهي، تون ڀلي پنهنجي گهر وڃ؛ پر جڏهن آءٌ توکي
سڏيان، تڏهن تيار رهجئين.“ تنهن تي ڄامڙي شيديءَ
سمجهائي چيس ته” سڏ ڪرڻ جو ضرور ڪونهي. تون فقط
پنهنجو پائپ هن نيليءَ لاٽ مان دکائج، ته آءٌ يڪدم
تنهنجي پاسي ۾ اچي بيهندس!“
سپاهي پوءِ شهر ۾ ويو ۽ وڃي هڪ بهترين هوٽل ۾
رهيو- عمدا قيمتي ڪپڙا پنهنجي واسطي خريد ڪيائين،
۽ هوٽل ۾ پنهنجي رهڻ لاءِ هڪ اعليٰ سامان سان
سينگاريل خاص ڪمرو مسواڙ تي ورتائين.
پنهنجي رهائش وغيره جو انتظام ڪري، هن ڄامڙي
شيديءَ کي ڪوٺي، چيو ته ”مون بادشاهه جي نهايت
وفاداريءَ سان خدمت ڪئي، پر هن مون کي نوڪريءَ مان
ڪڍي ڇڏيو ته آءٌ ڀل وڃي بک مران- هاڻي منهنجو مطلب
آهي ته آءٌ انهي ڳالهه جو کانئس وير وٺان!“
ڄامڙي شيديءَ پڇيو، ”آءٌ ان ڳالهه ۾ ڪهڙي حڪم جي
تعميل ڪريان؟“
سپاهي جواب ڏنو، ”تون رات جو بادشاهه جي محلات ۾
وڃ، ۽ هن جي ڌيءُ کي وٺي اچ ته نوڪرياڻيءَ وانگر
اچي منهنجي خدمت ڪري!“
ڄامڙي چيو، ”منهنجي لاءِ ته هيءُ بلڪل آسان ڳالهه
آهي؛ پر ڏس، متان تنهنجي لاءِ نقصانڪار ثابت ٿئي؛
سو خيال ڪج!“
برابر جڏهن اڌ رات جو گذريو، ته سپاهيءَ جي ڪمري
جو دروازو يڪدم کلي پيو، ۽ اهو ڄامڙو شيدي بادشاهه
جي ڌيءُ کي اندر وٺي آيو.
اتي سپاهيءَ جي واتان اچانڪ ”واه واه!“ جا آواز
نڪري ويا، ۽ بيٺي بيٺي ڇوڪريءَ کي حڪم ڪيائين،
”وڃ، هڪدم ٻهارو کڻي ڪوٺيءَ جي صفائي ڪر!“
جڏهن ڇوڪريءَ صفائيءَ جو ڪم پورو ڪيو، ته جنهن
آرام ڪرسيءَ تي پاڻ ويٺو هو، تنهن تي پنهنجون
ٽنگون سڌيون ڪري، ڇوڪريءَ کي سڏ ڪري، حڪم ڪيائين
ته ”منهنجي پيرن مان بوٽ لاه!“ ... ۽ پوءِ بوٽ
کڻي، ڇوڪريءَ ڏانهن زور سان اڇلائي، چيائين، ”هيءُ
وڃي پالش ڪري اچ!“ شهزاديءَ اهو سڀ ڪم اهڙِ طرح
ماٺ ميٺ ۾ سواءِ ڪنهن چون چران جي پئي ڪيو، جو ڄڻ
ائين پئي معلوم ٿيو ته ننڊ جي نشي ۾ پئي ڪيائين:
اکيون به اڌو گابرو مس کليل هيس.“
آخر جڏهن پره ڦٽي ۽ ڪڪڙن ٻانگ ڏني، ته ڄامڙو شيدي
هڪدم ڇوڪريءَ کي اُتان کڻي، محلات ۾ سندسن بستري ۾
سمهاري آيو.
ٻئي ڏينهن صبح جو شهزادي پنهنجي پيءُ وٽ ويئي، ۽
کيس چيائين ته ”مون رات هڪ عبرتناڪ خواب لڌو آهي.
ڏٺو اٿم ته جيئن نه واءَ ۾ پن کڄي ويندو آهي، تيئن
مون کي ڪو کنيو پيو وڃي، ۽ وڃي هڪڙي سپاهيءَ جي
ڪمري ۾ ڇڏيو اٿس، جتي معمولي نوڪرياڻيءَ وانگر مون
کي ان سپاهيءَ جي خدمت ڪرڻي پيئي آهي: مون ڪوٺيءَ
کي ٻهاري ڏني، سپاهيءَ جي بوٽن کي پالش ڪيو، ۽ ٻيا
به اهڙا نوڪرن جهڙا ڪم ڪيا. جيتوڻيڪ اهو هو رڳو هڪ
سپنو، پر تڏهن به آءٌ اهڙي ٿڪجي ٽٽجي پيئي آهيان،
جو ڄڻ ته سچ پچ مون اهي سڀ ڪم ڪيا آهن!“
بادشاهه وراڻيو، ”ممڪن آهي ته خواب نه به هجي، ۽
واقعي ائين ٿي گذريو هجي! هاڻي منهنجي هيءَ صلاح
ڪن لائي ٻڌ: پنهنجو کيسو مٽرن سان ڀري ان ۾ هڪڙو
ننڍڙو ٽنگ ڪري ڇڏ. جيڪڏهن توکي وري به ڪو ائين کڻي
ويندو، ته ٽنگ مان مٽر ڪرندا ويندا، ۽ انهن جي
ذريعي ٻئي ڏينهن سمورو ڀيد معلوم ڪري وٺبو.“
بادشاهه جڏهن اها ڳالهه پئي ڪئي، تڏهن ڄامڙو شيدي
به اتي بيٺو هو، مگر نظر نٿي آيو، ۽ هُن اها سموري
ڳالهه پئي ٻڌي. ٻيءَ رات جو ڄامڙو وري به اُنَ ستل
شهزاديءَ کي کڻي، گهٽين مان ڦرندو گهرندو، اچي
سپاهيءَ جي ڪمري ۾ حاضر ٿيو. ان مهل ڪي مٽر زمين
تي ڪرندا آيا؛ پر انهن مان وريو ڪجهه به ڪين،
ڇاڪاڻ جو ڄامڙي ڇا ڪيو هو، جو سڀني گهٽين ۾ ساڳئي
قسم جا مٽر ڇٽي ڇڏيا هئائين. شهزاديءَ کي وري به
ساري رات ڪڪڙن جي ٻانگ تائين هڪ معمولي
نوڪرياڻيءَ وانگر سپاهيءَ جي خدمت ڪرڻي پيئي.
ٻئي ڏينهن بادشاهه ماڻهو موڪليا ته مٽرن واري رستي
جو پتو ڪڍن، پر بيڪار؛ ڇاڪاڻ جو هر هڪ گهٽيءَ ۾
اهڙائي مٽر پکڙيا پيا هئا، ۽ جيڏانهن ڪيڏانهن غريب
ٻارن مٽر پئي چونڊيا، ۽ ائين پئي چيائون ته،
”ڪالهه رات مٽرن جو ڪو مينهن وَٺو آهي!“
تڏهن بادشاهه ڌيءَ کي چيو، ”هاڻي اسان کي ٻي ڪا
تدبير ڪرڻ گهرجي: تون جڏهن سمهڻ وڃين ته تنهنجي
جُتي ڀلي تنهنجي پيرن ۾ پيئي هجي. جنهن هنڌ نه
توکي کڻي وڃن، اتي پنهنجي جتيءَ جو هڪ پادر ڇڏي
اچج؛ پوءِ آءٌ پاڻيهي اهو ڳولائي لهندس.“
ڄامڙي شيديءَ اها ڳالهه به ڪٿي ڪنڊ پاسي کان پئي
ٻڌي. ٽينءَ رات به جڏهن سپاهيءَ ڄامڙي کي شهزاديءَ
کي وٺي اچڻ جو حڪم ڏنو، تڏهن ڄامڙي هٿ ٻڌي عرض
ڪيو، ”آءٌ هينئر هن ڳالهه ۾ منجهي پيو آهيان ته
جيڪڏهن جتيءَ جو پادر تنهنجي ڪمري مان لڌو، ته
پوءِ تو لاءِ بنهه ٻارڻ ٻريو ويندو! پوءِ ڪيئن
ڪبو؟“
سپاهيءَ چيس، ”توکي جيئن چوان ٿو، چپ ڪري تيئن وڃي
ڪر.“ اهڙي طرح ٽِي رات به شهزادي سپاهيءَ وٽ آندي
ويئي، ۽ نوڪرياڻي وانگر کانئس خدمت ورتائون؛ پر
وڃڻ کان اڳي هن اٽڪل ڪري پنهنجي جتيءَ جو پادر
اُتي بستري جي هيٺان لڪائي ڇڏيو.
ٻئي ڏينهن صبح جو، بادشاهه پنهنجي ڌيءَ جي جتيءَ
جي پادر هٿ ڪرڻ واسطي شهر جي گهر گهر جي تلاشي
وٺائي، ۽ آخر اهو پادر سپاهيءَ جي ڪمري مان لڌو.
سپاهي پاڻ ته ڄامڙي شيديءَ جي منٿن تي گهر ڇڏي شهر
جي دروازي کان ٻاهر نڪري ويو هو، پر بادشاهه جي
پنهنجي ملڪ مان ڪير ٿو کانئس ڀڄي سگهي! سو، هن کي
به جلدي گرفتار ڪري، آڻي قيدخاني ۾ وڌائون.
سپاهيءَ کان تڙ تڪڙ ۾ ڀڄڻ سبب، نيليءَ لاٽ وارو
ڏيو ۽ ڪراڙيءَ ڏائڻ جو جيڪو سون هٿ ڪيو هئائين، سو
اتي پنهنجي ڪمري ۾ ئي وسري ويو هو- هن وٽ رڳو ٿورو
ريزو پاڻ سان هو. سپاهي جيئن ڳورن زنجيرن سان ٻڌل،
جيل جي دريءَ وٽ بيٺو هو- ته ٻاهر بيٺل هڪ دوست تي
وڃي نظر پيس. ان کي ڏسي هن دريءَ تي ٺڪ ٺڪ ڪئي.
جڏهن هو دوست ويجهو ٿيو، تڏهن چيائينس ته ”آءٌ
فلاڻيءَ هوٽل ۾ هڪ ننڍي هڙ ڇڏي آيو آهيان، سا
جيڪڏهن اتان آڻي مون کي پهچائين، ته آءٌ توکي ان
تڪليف جو عيوضو ڏيندس.“
هو دوست جلدي ڊوڙي هوٽل ڏانهن ويو، ۽ اتان اها
اهڙي کڻي آڻي سپاهيءَ کي هٿ ۾ ڏنائين. سپاهيءَ
جڏهن ڏٺو ته هاڻي ٻيو ڪوبه ماڻهو ويجهو ڪونهي،
تڏهن پنهنجو پائيپ ڪڍي، ان نيليءَ لاٽ واري ڏيي
مان دکايائين، ته هڪدم سندس ڄامڙو شيدي اچي سندس
سامهون بيٺو. سپاهيءَ کي چيائين، ”ڪو خوف نه ڪر-
جتي به توکي وٺي وڃن، اتي سانت سان ساڻن گڏجي وڃ،
پر نيلي لاٽ وارو ڏيو، ڪٿي به پاڻ کان الڳ نه ڪج!“
ٻئي ڏينهن سپاهيءَ تي عدالت ۾ مقدمو هليو. جيتوڻيڪ
هن ڪوبه ڏوهه جو ڪم ڪونه ڪيو هو، ته به هن کي موت
جي سزا جي فتوا ملي. نيٺ جڏهن سپاهيءَ کي ڦاسيءَ
تي چاڙهڻ لاءِ وٺي ٿي ويا، ته هن بادشاهه کي چيو،
”منهنجو هڪڙو آخرين عرض آهي!“
بادشاهه چيس، ”گهر جيڪي گهرڻو اٿئي!“ هن جواب ڏنو،
”مون کي اجازت ملي ته آءٌ هتي ويهي پنهنجو تماڪ جو
پائيپ ڇڪيان- بس!“
بادشاهه جواب ڏنو، ”هڪ ڇڏي، ٽي پائيپ ڇڪ؛ پر ياد
رک، ته اهي تنهنجي حياتي ڪين بچائيندا.“
سپاهيءَ پنهنجو پائيپ ڪڍيو، ۽ نيليءَ لاٽ واري ڏيي
مان دکايو. پائيپ جو دونهون اڃا هوا ۾ مٿي چڙهيو
ئي ڪين، ته اُهو ساڳيو ڄامڙو اڳيان بيٺو، ۽
چيائينس، ”سائين منهنجا، ڇا ٿا حڪم ڪريو؟“
سپاهيءَ چيس، ”وارو ڪر، هنن ججن کي ڏنڊا هڻي زمين
تي وڇائي ڇڏ! ۽ بادشاهه جنهن مون سان ههڙي اجوڳ
هلت ڪئي آهي. تنهن کي به نه ڇڏ!“
پوءِ ته ڄامڙو شيدي اچي هنن تي مٽيو، ۽ هر هڪ کي
ڏنڊن سان هڻي سٽي ڪٽي، زمين تي ڍيري ڪري ڇڏيائين.
بادشاهه ڏنڊن لڳڻ وقت زمين تي ليٿڙندي، سپاهيءَ کي
اَڌ بادشاهي ۽ پنهنجي ڌيءَ جي سڱ ڏيڻ جو واعدو
ڪيو، تڏهن مس مس وڃي سندس جان ڇٽي.
]-
”گرمس فيئري ٽيلس“ منجهان ”دي بِلو لائيٽِ“
آکاڻيءَ جو انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو: از، خان
صاحب مريد علي، رٽايرڊ وائيس پرنسيپال، سنڌ مدرسو.[
فضل الرحيم سومرو (ايم. بي. بي. ايس)
عربي پهاڪا
۽ روسي ڳجهارتون
[هر ڪنهن ٻوليءَ ۾، پهاڪا ۽ ڳجهارتن جو وڏو خزانو
هوندو آهي، جنهن ۾ معنيٰ جا موتي هوندا آهن. هو
هيٺ عربي زبان جا ڪي عام مشهور پهاڪا ۽ انهن جون
ڀڃڻيون ’گل ڦل‘ جي پڙهندڙن اڳيان پيش ڪجن ٿيون.
’گل ڦل‘ جا پڙهندڙ دنيا جي ٻين ٻولين جا ڪي چونڊ
پهاڪا ۽ گجهارتون وغيره موڪليندا، ته شڪريي سان
شايع ڪبا. ادارو.]
روسي گجهارتون:
1. اهو ڪهڙو پکيئڙو آهي، جنهن جي چهنب لوهه جي
آهي، ۽ پُڇ سُٽَ جو؟
2. ڳائي به نه ڄاڻي، ڳالهائي به نه سگهي، پر ڪو
’اوپرو‘ ڏسي، ته توکي هوشيار ڪري.
3. ميدان ۾ هڪ جاءِ جُڙي؛ مٿين ماڙي موتين سان
ڀريل؛ ڀتيون جَرڪَن سون وانگر؛ پڙدا جن جا بند؛
بيٺي آهي هڪ سوني ٿنبي تي؛ هوا لڳي، ماڙي لڏي!
4. جهوپڙي آهي جهنگ ۾، منجهس مايون پيئون غاليچو
جوڙين!
(هنن ڳجهارتن جو ڀڃڻيون، عربي پهاڪن جي هيٺان
ڏسو.)
عربي پهاڪا:
1.”گناهه کان توبهه ڪندڙ ڄڻ ته گناهه ڪيو ئي
ڪونه“:
جيڪو ڏوهه ڪري، پر ان جو کيس احساس ٿئي ۽ سچيءَ دل
سان آئينده لاءِ ان گناهه کان توبهه ڪري ڇڏي، ته
ڄڻ ته ان گناهه کان ڪيوئي ڪونه. جيئن کڻي سنڌيءَ ۾
چئجي ته ”ڀُلي ڀُلي ڀاڻ آئي، سا به نه ڀُلي.“
2. ”سمهڻ کان اڳ سمهڻ جي جاءِ چڱي طرح تيار ڪر“:
يعنيٰ دورانديش ٿيءُ.
3. ”پير جو ترڪڻُ، زبِان جي ترڪڻ کان گهٽ نقصانڪار
آهي.“
4. ”هي تنهنجو آکيرو ناهي، هتان هليو وڃ“: پنهنجي
جاءِ سڃاڻ. ان ڳالهه ۾ هٿ نه وجهه، جنهن لاءِ تون
مناسب ناهين.
5. ”تنهنجي اکين ۾ ڳوڙها آهن پر تنهنجي دل راند،
يعني خوشيءَ ۾ آهي“: اندر هڪڙي، ٻاهر ٻي. جيئن
سنڌيءَ ۾ چئبو آهي: ”ٻاهران چکي مکي، اندر بُڙي
بُڙي دَکي.“ |