شيوڪ ڀوڄراج
ٻالڪن جي ٻاري
[هن مضمون جو لکيڪ دادا شيوڪ ڀوڄراج، دنيا جي
انهن وڏين هستين منجهان آهي، جن، ٻارن جي ڀلائيءَ
۽ واڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي. دادا شيوڪ جي ڪوشش
سان، سنه 1932ع ۾، سنڌ ۾، ٻارن جي مشهور جماعت
”ٻالڪن جي ٻاري“ قائم ٿي، جا هاڻي ساريءَ دنيا ۾
ٻارن جي وڏين جماعتن مان هڪ آهي. دادا شيوڪ، ان
جماعت جو سيڪريٽري جنرل آهي، ۽ هندستان جو
وزيراعظم پنڊت جواهر لعل نهرو ۽ ڊاڪٽر راجيندر
پرساد ان جماعت جا سرپرست آهن. اڄڪلهه هندستان جي
ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ”ٻالڪن جي ٻاريءَ“ جون شاخون هر هنڌ
آهن.
هي مضمون، دادا شيوڪ، خاص، سنڌ ۾ قائم ٿيل ”ٻارن
جي ڦلواڙين“ لاءِ لکي، ”گل ڦل“ ۾ ڇپجڻ لاءِ اسان
ڏانهن موڪليو آهي، جو اسين سندس شڪريي سان شايع
ڪريون ٿا.
هن مضمون ۾، جيئن ”گل ڦل“ جا پڙهندڙ پاڻ ڏسندا،
اهو ڏيکاريل آهي ته ”ٻالڪن جي ٻاريءَ“ جي شروعات
ڇو ۽ ڪيئن ٿي، ۽ هاڻي اها جماعت وڌي ڪيڏي نه وڏي
درجي تي پهتي آهي. اميد ته سنڌ ۾ ٻارن جي قائم ٿيل
ڦلواڙين کي مضبوط ڪرڻ ۾ هي مضمون مددگار ثابت
ٿيندو. – ادارو.]
ٻارو، اچي مڙِو هڪ ماڳ! اوهان کي آهي آکاڻين جو
شوق، سو اچو ته هڪ آکاڻي ٻُڌايانو- هڪ انوکي
آکاڻي. اها آکاڻي نه اٿو جڙتو، نه ڏندڪٿا، ۽ نه
وري ڪا جنن پرين جي آکاڻي؛ هيءَ آکاڻي اٿو هڪ سچو
پڇو قصو.
هڪڙي دفعي جي ڳالهه آهي ته ڪنهن شخص لڌو خواب؛
هيءَ سڄي دنيا ”گلستان“ ڏسڻ ۾ آيس- چوڌاري گلاب جي
گلن جو باغ، جيڏانهن نهاري تيڏانهن گلاب ۽ گلاب جا
گل. انهن جي خوشبوءِ مٺي هئي، ڏسڻ ۾ سندر هئا.
اُهي پَسي هو راضي ٿيو، خوش خوش ٿِي ويو. ڀلا،
ههڙو نظارو سندس سامهون، اکيون پٽڻ پڄنس ئي نه- ته
متان خواب نه ختم ٿي وڃي! ڀلا ڪيترو وقت خواب ۾
غلطان رهي سگهبو، ۽ ڪيترو وقت ننڊ مان ڪو سجاگ نه
ٿيندو؟
جڏهن جاڳيو ته ڇا ٿو ڏسي، چوڌاري سن سناٽو، چوگرد
غميءَ جو غبار! انهيءَ کيس ملول ڪري وڌو. هُو
حيران ٿيڻ لڳو. ڪير آٿت به ڪا نه ڏئيس، ڪو صلاح
مصلحت به ڪانه ڏيئس، هُو سڀني ڏانهن نماڻيون اکيون
کڻي پيو نهاري. هر ڪو پنهنجيءَ واٽ ويندو رهيو، هڪ
گهڙي به هن لاءِ ڪين ترسي!
هُن محسوس ڪيو ته هيءَ دنيا چلتي ڦرتي آهي، هر ڪو
پنهنجي ئي مؤ ۾ مستان آهي. ٻئي ڪنهن جي ڪنهن کي
ڪاڻ ڪانهي، هرڪنهن کي پنهنجي اون لڳي پيئي آهي، ۽
هر ڪو پنهنجين ئي ڳڻتين ۾ ڳاهٽ آهي. هُو سوچ ويچار
۾ پئجي ويو.
تڏهن خيال ڪيائين: ڀلا مون ٻين لاءَ ڇا ڪيو آهي؟
ڪڏهن ڪنهن جي اهنجن جي اون ڪئي اٿم؟ ڪڏهن ڪنهن جي
آزار لاهڻ جو اُپاءُ ورتو اٿم؟ ڪڏهن ڪنهن جي دک
دفع ڪرڻ جو وسيلو ڳوليو اٿم؟ ائين ڪندي، ساڃهه آيس
ته آءُ پڻ ٻين کان وڌيڪ نه، ته گهٽ ۾ گهٽ اوترو ئي
گنهگار آهيان سو، پيشيمانيءَ ۾، اَلله در هٿ کڻي
آرزو ڪيائين ته اي پرودگار، تون ڪا سمجهه ڏينم!
سندس ٻوٽيل اکين جي پِنبڻين اندر وري اهو سهڻن
گلاب جي گلن جو نظارو نظر آيو، ۽ انهن عجائب گلن
جي پنکڙين مان وڻندڙ ٻارن جا معصوم مُکڙا، مشڪندا
مرڪندا ٻاهر نڪرندا ڏٺائين.
هاڻ خاطري ٿيس ته جيڪڏهن سک آهي ته ٻارڙن وٽ. رڳو
اُهي دک پاڻ وٽ پختو رکي سگهن ته هوند دنيا سڄي
هميشه ئي آنند ۾ هجي. اجهو، ائين ٿي ’ٻاريءَ‘ جي
شروعات.
هاڻ ته ٻالڪن جي ٻاري ڪؤن سڏاوي! ٻارن کي اهو نالو
مَن گهُريو ٿي پيو آهي. وڏا اهو نالو، ڪوبه ٻالڪن
جي ڀلي جو ڪم هجي ته اُن سان شامل ڪندا. مطلب ته
ٻالڪن جي ڳالهه ڪريو يا ٻال- ڪلياڻ جي ڳالهه ڪريو،
ته هڪدم پهريائين جو نالو دل تي هُري ايندو، سو
”ٻالڪن جي ٻاري!“
ٻالڪن جي ٻاريءَ جو اصل جنم سنڌ ۾ ٿيو، سن 1923ع
۾. تن ڏينهن ڪير ٻار جو نالو ڳنهندو هو! ٻارن لاءِ
اخبارن ۾ ”دادا“ ليک لکڻ شروع ڪيائين خوب ٻارن
چاهه ورتو ۽ اتساهه ڏيکاريو.
سن 1926ع جي تاريخ پهرين آڪٽوبر تي، ٻالڪن جي
ٻاريءَ‘ هڪ سنسٿا جو روپ اختيار ڪيو. سنڌ جي ڪنڊ
ڪڙڇ مان ٻار اُن جا ميمبر ٿيڻ لڳا، ۽ هر ڪنهن ڳوٺ
۾ ٻاريءَ جون شاخون نڪري وييون. ٻارن جون گڏجاڻيون
ٿيون. رانديون رونديون ڪرڻ لڳا، ۽ ڪڏهن ڪڏهن گڏجي
شيل شغل تي وڃڻ لڳا.
اهڙيءَ ريت، آهستي آهستي سڄيءَ سنڌ جي ٻارن جا ميڙ
ٿيڻ لڳا: ٽي چار ڏينهن ڪٿان ڪٿان جا ٻار ڪَهي اچي
هڪ شهر ڳوٺ ۾ ڪٺا ٿين- ڀائرن ۽ ڀينرن جيئن هڪٻئي
سان چٺيءَ چپاٺيءَ رستي ناتو قائم رکن. اهو ڏسي
وڏڙن کي به پڪ ٿيڻ لڳي، ته واهه جو آهي هيءَ
’ٻالڪن جي ٻاري!‘
اتفاق اهڙو ٿيو، جو سن 1934ع ڌاري. دادا کي سنڌ جا
وڻ ڇڏي، بمبئيءَ وڃڻو پيو. پر، اُتي به اُن ساڳي
هلچل قائم رکي: ٻالڪن جي ٻاري سڄي هندستان جي
ٻالڪن جا ميڙ ٿيڻ لڳا- اتر کان، ڏکڻ کان، اوڀر
کان، اولهه کان- جتان ڪٿان ٻارن جون ٽوليون اچيو
هڪ هنڌ مڙِن- ساڳي ٻولي ڄاڻن نه ڄاڻن، ڌرم ۽ مذهب
ڀل جدا جدا هجين، پوءِ به ڏس ته هڪٻئي سان گڏجي
رلي ملي هڪ ٿي ٿي ويا! اهو ڏسي هر ڪنهن ٿي ڏندين
آڱريون ڪيون.
ٻالڪن جي دنيا، هڪ بلڪل ئي نرالي دنيا آهي- هو ڇا
ڄاڻن مذهب ۽ ملڪ جي ويڇن مان ! اجهو ائين، هاڻ ته
’ٻالڪن جي ٻاريءَ‘ جو ناتو، سڄيءَ دنيا سان ڳنڍجي،
هڪ ٿي ويو آهي. اهو ته هر ڪو ٿو ڄاڻي ته انسان جي
پيڙهه آهي ئي ٻالڪُ، -ٻالڪن جو ڀَلو ، ته ساري
سنسار جو ڀَلو!“
انهيءَ ٻالڪن جي ٻاريءَ جي پايي وجهندڙ ”دادا“
(يعني وڏي ڀاءُ)، منڍ ۾ ڪو گهٽ تڪليفون ڪو نه
ڏٺيون: ڪي وڏا ته اُن تي کلندا هئا، ته هُو ٻارن
جي وچ ۾ ٿو ويهي. پر، هو چوندو هون ته اِهي گلن
جهڙا ٻارڙا، خدا جي مخلوقات ۾ نهايت ئي حسين ۽
پيارا آهن،- اهي انساني ڦُلڙا، خوشيءَ ۽ آزاديءَ ۾
پلجڻ گهرجن، انهن جي پر گهور ۽ حفاظت سٺي ۾ سٺي
ٿيڻ گهرجي. تڏهن ٻار به انهيءَ وانگر سندر ۽ سڳنڌ
وارا سمجهيا وڃن.
ٻالڪن جي ٻاريءَ جو متو آهي ”وندر ۽ سکيا“.- هيءَ
سنسا خصوصاً اهڙن ڳالهين جو پُورائو ٿي ڪري، جن جي
گهرن يا اسڪولن ۾ ڪمي آهي. ڪمن جا ٿورا اسم مٿي
ڄاڻايا ويا آهن، انهن کان سواءِ ڪي شاخون هٿن جا
هنر هلائينديون آهن، ۽ ٻارن کي ڪن عجيب چيزن ڪٺي
ڪرڻ لاءِ همٿائينديون آهن، وغيره وغيره. ٻاريءَ ۾
قلمي دوستيءَ جو جذبو پڻ آهي، جنهن دوا ران جدا
جدا ڳوٺن، شهرن ۽ ملڪن جي ٻارن جي هڪٻئي سان ڄاڻ
پڇاڻ ٿيندي آهي- اُهي نه فقط هڪ ٻئي کي حال احوال
کان واقف ڪندا رهندا آهن، پر سوکڙيون پاکڙيون پڻ
ڏيندا وٺندا آهن. مطلب ته هو ”وٺڻ“ کان وڌيڪ ”ڏيڻ“
جي ئي عادت پرائيندا آهن.
البت، جيڪڏهن ٻارن لاءَ ڪجهه ڪرڻو آهي ته وڏن جو
پڻ انهيءَ باري ۾ سهڪار هئڻ گهرجي! ان لاءِ ’ٻالڪن
جي ٻاري‘ وقت بوقت وڏن جا ميڙ پڻ خيالن جي ڏي وٺ
لاءِ جدا جدا هنڌن تي رکندي آهي. ازنسواءِ، ٻالڪن
۽ اُستادن جون سڀائون ٺاهيندي آهي، ۽ پڻ هڪ
”ٻال-ڪلياڻ“ يعني سکيا اسڪول هلائيندي آهي، جنهن ۾
ڪيترا ٻالڪن ۾ چاهه وٺندڙ وڏا به شامل ٿيندا آهن.
ڪيترن هنڌ ٻالڪن جي ٻاريءَ نه رڳو ٻارن لاءِ، پر
ٻارن ۾ چاهه وٺندڙن لاءِ پڻ ”لئبرريون“ جاري ڪيون
آهن، ته ڪٿي ڪٿي ڊرائينگ، پينٽنگ، ناچ ۽ ڳائڻ جا
ڪلاس پڻ جاري ڪيا آهن. ٻارن لاءِ خاص ”ميوزيم“
کوليا ويا آهن. ٻار جي اڳيان ڪجهه وڏا ٿيا آهن، تن
لاءِ ”خدمتگار جماعت“ ٺاهي ويئي آهي، ۽ هاڻ ٻالڪن
لاءِ هڪ يونيورسٽي“ برپا ڪرڻ جو پڻ ويچار آهي.
ڪم نصيبان ورهاڱي بعد سنڌ ۾ ’ٻالڪن جي ٻاريءَ‘ جي
هلچل کي ذرا ڌڪ لڳو. پر هينئر اهو معلوم ڪري خوشي
ٿي آهي ته ”ٻارن جون ڦلواڙيون“ اُتي نڪرڻ لڳيون
آهن سنسٿا جو نالو کڻي ڪهڙو به هجي. پر ٻارن لاءِ
ڪجهه نه ڪجهه ٿئي پيو، سا هڪ نهايت ئي سٺي ڳالهه
آهي! اميد ٿي رکجي ته وري سنڌ ۾ ٻالڪن جي اها هلچل
چڱو زور وٺندي.
آخر ۾ هڪڙو خيال پيش ڪريان ٿو: جڏهن هر هر ڪنهن
ملڪ جا ٻالڪ، جيئن ننڍي هوندي ڀائر ڀينر هوندا
آهن؛ يعنيٰ جهيڙن جهٽن ڪندي به اُهي هڪدم ڀُلجي،
وري کلندي ٽهڪندي، هڪٻئي جون مٺايون ۽ رانديڪا پاڻ
۾ وراهي، کير کنڊ ٿي ويندا آهن، تن جيڪڏهن هڪٻئي
سان هليا، ته پوءِ ذرا غور ڪريو، ته دنيا ڪهڙي
ٿيندي، ۽ ڪيئن هوندي!
خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته هڪ ناچيز انسان جو خواب
ڏينهون ڏينهن سچو ٿيندو ٿو وڃي؛ اهو ڏسي ڪيڏي نه
خوشيءَ ٿيندي هوندي! شال دنيا جا ٻالڪ هرهنڌ آنند
۾ رهن، موج مزي ۾ گذارين، ۽ دنيا ۾ سندن ئي هٿان
صلح ۽ شانتي ڦهلجي، ۽ دائمي امن قائم رهي! آمين!
ٻارن جي ڦلواڙي
ابراهيم آباد جي ٻارن جي ڦلواڙيءَ ”گل ڦل“ جي ٻئي
سالگره جو جشن ملهايو.
ابراهيم آباد جي ’ٻارن جي ڦلواڙيءَ‘، تاريخ 15
جنوري 1961ع، آچر ڏينهن، ماهنامي ”گل ڦل“ جي ٻئي
سالگره جي جشن ملهائڻ لاءِ اسڪول جي ميدان تي ٻارن
جو ميلو ڪيو، جنهن جو پروگرام هيٺيئن موجب هو:
الف: نمائش:
صبح جو 9 بجه کان 11بجي تائين، فوٽن ۽ ملڪي ۽ غير
ملڪي ٽڪلين جي نمائش ڏيکاري ويئي، ۽ ٻارن کي
دوربينين تي فلمون پڻ ڏيکاريون وييون.
ب رانديون:
شام جو 3 بجي کان ساڍي 6 بجي تائين، ٻارن ٻلهاڙو،
ا ٽي- ڏڪر ۽ ڪرڪيٽ جون رانديون ڪري ڏيکاريون.
ج: فلمون:
شام جو پاڪستان ۾ آمريڪي سفار تخاني جي مدد سان،
ٻارن کي هڪ دلچسپ معلوماتي فلم ڏيکاري ويئي.
ناٽڪ:
فلمن کان پوءِ ”مان نئون سال آهيان“ ناٽڪ، پيش ڪيو
ويو.ان ناٽڪ سان گڏ ”کل ڀوڳ“ جا چهچٽا به پيش ڪيا
ويا.
ان کان پوءِ ”گل ڦل“ جي جشن ملهائڻ جو هي جلسو ختم
ٿيو.
هيٺين شاگردن کي جلسي ۾ سهڻي ڪم پيش ڪرڻ سبب انعام
ڏنا ويا:
راندين ۾:
1.
غلام سرور کي هڪ راجا پين،
2.
بشير احمد کي ڊالر انڪ جي هڪ شيشي،
3.
امان الله کي هڪ رومال،
4.
محمد يعقوب کي عطر جي شيشي، ۽ مٿيان
انعام ’ٻارن جي ڦلواڙيءَ‘ طرفان ڏنا ويا هئا.
هيٺين معزز مهمانن پنهنجي طرفان هيٺين موجب انعام
ڏنا:
1.
حاجي محمد بخش پنهور چيئرمين وليج ڪائونسل، طرفان
نيڪ ٽاءِ، غلام سرور شاگرد کي.
2.
مسٽر عبدالباري پنهور طرفان پنج رپيا نقد، غلام
سرور شاگرد کي.
3.
مسٽر قمرالدين پنهور طرفان ايگل پين، بشير شاگرد
کي.
4.
مسٽر دوست محمد طرفان رومال ۽ ٽٿ پيسٽ. محمد حسين
شاگرد کي.
5.
مسٽر دوست محمد طرفان ڊالر انڪ جي بوتل، امان الله
شاگرد کي.
ناٽڪ ۾ هيٺين شاگردن حصو ورتو:
1- ممتاز حسين .......... بادشاهه
2- غلام سرور .......... وزير
3- بشير ..........
4- محمد محمد ..........
5- دين محمد ..........
6- محمد يعقوب .......... مسخرو.
ناٽڪ لاءِ انعام هيٺيئن موجب ڏنا ويا:
1- ممتاز حسين .......... رئڪيٽ ۽ رومال.
2- بشير .......... هيئر آئل.
3- غلام سرور .......... لڪس سوپ.
سيڪريٽري
’ٻارن جي ڦلواڙي‘،
ابراهيم آباد، لڳ ڦلجي اسٽيشن، تعلقو دادو.
ٽنڊي باگي جي ٻارن جي ڦلواڙيءَ ”گل ڦل“ جي ٻئي
سالگره جو جشن ملهايو.
تاريخ 1 جنوريءَ تي، ’ٻارن جي ڦلواڙي‘ ٽنڊوباگو
طرفان ”گل ڦل“ جي ٻئي سالگره جو جشن، نهايت سهڻي
نموني ملهايو ويو. ڦلواڙيءَ جي آفيس کي خوبصورت
رنگارنگي جهنڊين ۽ پڙدن سان سينگاريو ويو هو. جلسي
۾ حصو وٺندڙ شاگردن جا راندين ۽ تقريرن جا مقابلا
ٿيا، جن ۾ هيٺين سرَسي ڪندڙ شاگردن کي انعام طور
ڪتاب ڏنا ويا:
1. سيتل داس،2. نور محمد، 3. لالچند، ۽ 4. عنايت
شاهه.
جيتوڻيڪ اسڪول ۾ موڪلون هيون ۽ ڦلواڙيءَ جا ڪي
ميمبر ان ڪري غير حاضر هئا، پر پوءِ به حاضرينن جو
تعداد خاصو هو. آخر۾ ڦلواڙيءَ جي ايندڙ ميٽنگ لاءِ
تقرير جو هيٺيون عنوان رکيو ويو: ”وفادار دوست ۾
ڪهڙيون خوبيون هئڻ گهرجن.“ ان بعد پاڪستان جو قومي
ترانو پيش ڪري، جلسو خير خوبيءَ سان ختم ڪيو ويو.
سيڪريٽري،
’ٻارن جي ڦلواڙي‘، ٽنڊوباگو.
دادوءَ جي ٻارن جي ڦلواڙيءَ ”گل ڦل“ جي ٻئي سالگره
جو جشن ملهايو
1 جنوري 1961ع تي، نئين سال جي مبارڪ موقعي تي،
”گل ڦل“ جي ٻئي سالگره جي جشن ملهائڻ لاءِ دادو جي
’ٻارن جي ڦلواڙيءَ‘، هڪ ناٽڪ پيش ڪيو، جنهن ۾ شهر
جي ڪيترن معزز ماڻهن شرڪت ڪئي. ناٽڪ جو نالو هو
”نوڪر“. هن ناٽڪ جي هدايتڪاري مسٽر شمس الدين ڪئي
هئي. ناٽڪ ۾ هيٺين دوستن ڪم ڪيو:
1- ڌڻي بخش، 2. مظفر علي، 3. اڪبر، 4. عبدالقيوم،
5. رامچند، 6. گل محمد ماڻڪاڻي، 7. غلام رسول، 8.
شمس الدين، 9. خليل احمد، 10. صلاح الدين ۽ ٻيا.
سيڪريٽري،
’ٻارن جي ڦلواڙي‘، دادو.
ڪراچيءَ ۾ ”ٻارن جي ڦلواڙيءَ“ قائم ڪئي ويئي
تاريخ 18 ڊسمبر، 1960 تي، جامعه اسلاميه سيڪنڊري
اسڪول، کڏو، ڪراچيءَ ۾، ٻارن جي ڦلواڙي قائم ٿي،
جنهن جا هيٺيان عهديدار هڪ سال لاءِ چونڊيا ويا:
پريزيڊنٽ: تاج محمد،
سيڪريٽري: محمد صديق، ۽ خزانچي: عبدالخاق.
ڦلواڙيءَ جا هيٺيان مقصد آهن:
1.
ٻارن کي تعليمي، تقريري ۽ تحريري تربيت ڏيڻ،
2.
ٻارن ۾ ادب جو چاهه پيدا ڪرڻ، ۽
3.
ٻارن کي هڪٻئي سان گڏجي زندگي گذارڻ جو سهڻو سبق
ڏيڻ.
ڦلواڙيءَ کي نوي ڪتابن تي مشتمل هڪ لئبرري پڻ آهي
۽ رسالا جهڙوڪ ”گل ڦل“، ”نئين زندگي“ ۽ ”ڳوٺ سڌار“
پڻ خريد ڪيا ويندا.
ٻارن ۾ تقريري ۽ تحريري مقابلو ڪرائي، سٺن نمبرن
وارن کي ڦلواڙيءَ جي طرفان انعام ڏنا ويندا.
ڦلواڙيءَ جا هن وقت پنجويهه ميمبر آهن، جن تي چار
آنا ماهوار چندو رکيو ويو آهي.
ساڳيءَ تاريخ تي ڦلواڙيءَ جي هڪ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾
ڇوڪرين تقريرون ڪيون. سنڌ جي ٻين ڦلواڙين جا
سيڪريٽري اسان سان لکپڙهه ڪرڻ لاءِ مهرباني ڪري
هيٺين ائڊريس نوٽ ڪن.
سيڪيريٽري،
’ٻارن جي ڦلواڙي‘، جامعه اسلاميه سيڪنڊري اسڪول،
کڏو، ڪراچي نمبر 2.
ڳوٺ ولي محمد درس ۾ ”ٻارن جي ڦلواڙي“ قائم ٿي.
ڳوٺ ولي محمد درس ۾ ٻارن جي ڦلواري قائم ڪئي ويئي
آهي، جنهن جا هيٺيان عهديدار يڪراءِ چونڊيا ويا
آهن:
1. صدر: نور احمد درس.
2. سيڪريٽري: عبدالرحمان درس.
3. خزانچي: عبدالهادي درس.
4. ڪاروباري ڪاميٽيءَ تي هيٺيان ميمبر کنيا ويا:
1. علي محمد درس. 2. علي غلام درس. 3. کٻڙ خان
خاصخيلي. ۽ 4. سلطان. فيصلو ڪيو ويو ته هر هفتي
ڦلواڙيءَ جي ميٽنگ سڏائي ويندي.
سيڪريٽري،
ولي محمد درس.
[هن ڦلواڙيءَ جي سيڪريٽريءَ کي اسان سان لکپڙهه
ڪرڻ لاءِ پنهنجي ٽپال جي ائڊريس موڪلڻ گهرجي.-
ايڊيٽر.]
”ٻارن جي ڦلواڙي“ ڳوٺ محمد علي لغاري جي سالگرهه
تاريخ 25 ڊسمبر 1960ع، آچر ڏينهن، ڳوٺ محمد علي
لغاري لڳ ٽنڊوڄام ۾ رئيس علي غلام لغاريءَ جي
اوطاق تي ٻارن جو وڏو ميڙ گڏ ٿيو. هيءُ ميڙ پنهنجي
ڦلواڙيءَ جي سالگره ملهائڻ جي سلسلي ۾ ڪٺو ٿيو هو.
سالگره ۾ محمد هاشم ڀٽيءَ پنهنجون ٺاهيل تصويرون
پيش ڪيون، ۽ محمود ”قاضي“ رانديڪا پيش ڪيا. ميمبرن
مان عبدالحق ڏهوٽ، گل محمد لغاري ۽ نبي بخش لغاري
پنهنجا البم پيش ڪيا، ۽ قلندر بخش لغاري، حاجي
لغاري، علي نواز لغاري ۽ دائم لغاري پنهنجون
پنهنجون سالگره تي مليل سوکڙيون پيش ڪيون. ان بعد
هيٺين دوستن پنهنجا ليک پڙهيا: محمد هاشم ڀٽي،
محمود ”قاضي“، نبي بخش لغاري، گل محمد لغاري،
قلندر بخش ۽ عبدالحق ڏهوٽ.
حاجي لغاري ۽ علي نواز لغاري پروليون ۽ ڳجهارتون
ڏنيون، ۽ دائم لغاريءَ چرچا گهٻا ٻڌائي ميٽنگ کي
خوب کلايو. بعد ۾ ڦلواڙيءَ جي چندي مان ورتل
مٺائي، ڦلواڙيءَ جي ميمبرن ۽ آيل مهمانن ۾ تقسيم
ڪئي ويئي، ۽ صدر طرفان سڀني آيل مهمانن جي چانهه
پارٽي ڪئي ويئي. آخر ۾ قومي ترانو پڙهيو ويو ۽
ميٽنگ خير خوبيءَ سان برخاست ٿي.
- سيڪريٽري
’ٻارن جي ڦلواڙي‘ ڳوٺ محمد علي لغاري،
لڳ ٽنڊو ڄام سنڌ.
نوٽ: جيڪڏهن ڪنهن به ڀاءُ يا ڀيڻ کي اسان جي
ڦلواڙيءَ سان ڪا لکپڙهه ڪرڻي هجي ته هيٺئين ائڊريس
تي ڪري سگهي ٿو:
سيڪريٽري،
ٻارن جي ڦلواڙي، ڳوٺ محمد علي لغاري،
معرفت محمد خان لغاري، دڪاندار ٽنڊو ڄام سنڌ.
”ٻارن جي ڦلواڙي“ ٽنڊي باگي جي هفتيوار گڏجاڻي
تاريخ 22 جنوري، آچر ڏينهن، ڦلواڙيءَ جي هڪ ميٽنگ
ٿي، جنهن ۾ پهريائين جنرل سيڪريٽريءَ هفتي جي
رپورٽ پڙهي ٻڌائي، جا ٿوريءَ ڦير گهير بعد منظور
ڪئي ويئي. پوءِ ميٽنگ ۾ هي ٺهراءَ بحال ڪيا ويا:
1- اخبار ۽ رسالي کي ڪارروائي موڪلڻ لاءِ هر هڪ
ميمبر کان واري تي لفافو ورتو وڃي؛ 2- جيڪو ميمبر
هڪڙي ميٽنگ ۾ نٿو اچي، ان کان ٻيءَ ميٽنگ ۾ سبب
پڇيو وڃي؛ ۽ 3- امتحان جي ڪري هن کان پوءِ ڪابه
ميٽنگ نه ڪوٺائي وڃي.
بعد ۾ مسٽر نٿومل ’لالچ‘ جي باري ۾ آکاڻي ٻڌائي،
۽ سيتل داس علم بابت هڪ نظم ٻڌايو. ان بعد هي شڀ
موقعو ”قومي تراني“ سان ختم ڪيو ويو.
- سيڪريٽري
”ٻارن جي ڦلواڙي“ ٽنڊو باگو.
”ٻارن جي ڦلواڙي“ پاٽ جي ميٽنگ
پاٽ جي ٻارن جي ڦوڙيءَ جي گڏجاڻي 15 جنوري آچر
ڏينهن، ٽي بجي شام جي ٿي گذري، جنهن ۾ تقريرون،
بيت ۽ لٽڪا- چٽڪا پيش ٿيا. انهيءَ ميٽنگ ۾ هيٺيان
فيصلا پڻ ڪيا ويا:
1- چندو گڏ ڪري ڦلواڙيءَ طرفان پڪنڪ ڪرڻ ۽ 2-
اخبار گهرائڻ.
....... جي ”ٻارن جي ڦلواڙي“ جي گڏجاڻي
25 جنوري اربع ڏينهن، 12 بجي منجهند جو، ’ٻارن جي
ڦلواڙي‘ جي ميٽنگ ٿي، جنهن ۾ چونڊون ڪري، نئين سال
لاءِ هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا:
1- صدر: عبدالله رڪ. 2- سيڪريٽري: محمد علي. 3-
خزانچي: جان محمد.
هيٺيان ميمبر ڪاروباري ڪاميٽيءَ تي چونڊيا ويا:
1- احمد الدين، 2- شاهه محمد، 3- نصرالله، 4-
عبدالڪريم 5- فضل محمد ۽ 6- جشن لعل.
هيٺيون رٿون بحال ڪيون ويون:
1- نئين سڪي موجب ميمبرن کان هفتيوار چندو نوان
ڇهه پئسا، ۽ داخلا ٻارنهن نوان پئسا ورتا ويندا.
2- غريب شاگردن لاءِ چندو گڏ ڪيو ويندو.
3- ڦلواڙيءَ جي لئبرري ”نيو ماڊل مڊل اسڪول“ ۾ رکي
ويندي.
آخر ۾ هيٺين دوستن پنهنجا ليک پڙهيا: 1- مسٽر
عبدالله ۽ 2- محمد علي.
- سيڪريٽري،
]هن
سڄيءَ خبر ۾ سيڪريٽريءَ اهو ڪونه ڄاڻايو آهي ته
هيءَ خبر ڪهڙي شهر جي ٻارن جي ڦلواڙيءَ بابت آهي.
ـــ ايڊيٽر[
”ٻارن جي ڦلواڙي“ بدين جي گڏجاڻي
هميشه وانگر، اڄ جمعي ڏينهن، ’ٻارن جي ڦلواڙي‘ جو
ميڙ گڏ ٿيو. ميڙ ۾ هيٺين دوستن پنهنجون لکيل
آکاڻيون پڙهيون ۽ ڪچهريءَ کي خوب وندرايو:
قاضي رسول بخش، فدا حسين خواجه، اسماعيل، محمد
يوسف ميمڻ، حفيظ الرحمان، يوسف، محمد شاهه، محمد
صالح، الهه جڙيو، عثمان، عبدالڪريم، الهه ڏنو، ظفر
حسين، دلاور حسين، عبدالمجيد سونارو، يعقوب، يوسف،
عبدالله ۽ اختر حسين.
- سيڪريٽري
’ٻارن جي ڦلواڙي‘، بدين.
ٻارن جا ليک
]آکاڻي[
چار چور
ليکڪا:
(شگفته شاهين، شاگرد، حيدرآباد)
ڪنهن شهر ۾ هڪڙي ٻڍڙي زال رهندي هئي، جنهن جي سڄي
ملڪيت هڪ گابو هوندو هو. هوءَ روزانو اهو گابو
جهنگ ۾ چارڻ ويندي هئي.
هڪڙي ڏينهن، پوڙهيءَ پنهنجي پوٽي کي چيو، ”ابا، اڄ
تون گابو جهنگ ۾ چاري اچ، جو مان چاڪ ڪانه آهيان.“
ڇوڪرو گابو ڪاهي جهنگ ۾ ويو، پر ڀلجي جهنگ جي ڪنهن
اهڙي پاسي نڪري ويو، جتي چار چور روز اچي گڏ ٿيندا
هئا. انهن چورن جو ننڍو ڇوڪرو گابي سان ڏٺو، سو
ڇوڪري کان گابو ڦري، کيس مار ڏيئي هڪالي ڇڏيائون.
ويچارو ڇوڪرو روئندو گهر آيو ۽ اچي ڏاڏيءَ کي
روئندي روئندي سڄو احوال ٻڌايائين. مائيءَ کي ڏاڍو
ڏک ٿيو، جو هائي ڌائي کين هو اهو هڪ گابو، جنهن
سان ڏاڍي دل هين. سو، چورن کان بدلي وٺڻ جو ويچار
ڪرڻ لڳي.
ٻئي ڏينهن پوڙهيءَ ڇا ڪيو جو، هڪڙي وڏي ڪاٺ جي
پيتي هٿ ڪري، ان ۾ چيلاٽا ڦاسائي وڌائين- سڄي
چيلاٽن سان ڀريائين. پوءِ پيتيءَ کي قلف ڏيئي، ان
جهنگ ۾ کڻي آئي، جتي جو ڏَسُ سندس پوٽي کيس ڏنو
هو. تان جو چورن جي گڏ ٿيڻ جي مهل ٿي ته چارئي چور
به اچي پهتا.
پوڙهي چورن کي ڏسي، اچي روئڻ ۾ پيئي. چورن جو
پوڙهيءَ کي روئندو ڏٺو، سي پڇڻ لڳس ته ”مائي، تون
ڇو پئي روئين، ۽ ان پيتيءَ ۾ ڇا اَٿئي؟“ پوڙهي
تنهن تي هيڪاري وڌيڪ روئڻ لڳي، ۽ چوڻ لڳي ته ”ابا،
ڪهڙيون ٿا مون نڀاڳيءَ کان سورن سنديون خبرون
پڇون! مان ڏاڍي ڏکويل آهيان!“
چورن تيئن اڳئين کان وڌيڪ منٿون ڪيس. تڏهن پوڙهي
چوڻ لڳي ته ”ابا، هن پيتيءَ ۾ منهنجي نُنهن جا لٽا
۽ ڪجهه زيور آهن. اسين مڇيءَ مانيءَ وارا هئاسين،
پر هاڻ بلڪل لغريب ٿي ويا آهيون. لاچار اهي زيور ۽
لٽا، جي هُن شاديءَ وقت پاتا هئا، سي هاڻي پيٽ گذر
لاءِ وڪڻڻا پون ٿا. مون اِهي زيور پنهنجيءَ نُنهن
لاءِ وڏي شوق مان ٺهرايا هئا.“ اها ڳالهه ٻڌي،
چورن کي اچي لالچ کنيو. چيائونس ته ”پوڙهي، هاڻي
اهو سامان شهر ڏي ڪاڏي ٿي کڻي وڃين. شهر ۾ ڄاڻ
سڃاڻ کان سواءِ ڪير به توکان اهو سامان خريد نه
ڪندو، پاڻ هر ڪو شڪ ڪندو ته چوريءَ جو مال اٿس.
سو، اهو سامان ڏي اسان کي، رپيا ويهه پنجويهه اسان
پاڻ پر ڦوڙي ڪري توکي ٿا ڏيون، اسان وٽ هڪ گابو
آهي، سو به ڏيون ٿا توکي، وڃي ان کي تات ته ڪونه
ڪو هاري ناري چار پئسا ڏيئي توکان وٺي ويندو.“
چورن پاڻ ۾ پهه ڪيو ته جيڪڏهن پوڙهيءَ اها ڳالهه
نه مڃي، ته پوءِ اِها پيتي زوريءَ کسينداسونس. پر،
پوڙهيءَ کي ته گهربو ئي اهو هو، سو کانئن رپيا ۽
پنهنجو گابو وٺي، ٿي رواني.
هوڏانهن چور مُڇون وٽي، پيتي ڪلهي تي رکي، هليا
پنهنجي دڳ سان. نيٺ هو ان جاءِ ۾ آيا، جتي چوريءَ
جو مال ورهائيندا هئا. جاءِ جي مالڪ کي چيائون ته
اسان مال پاڻ ۾ ورهايون ٿا، پر سدائين ٿيندو آهي
پاڻ ۾ حصي رسيءَ تي گوڙ، سو جي هيئنر به اهڙو گوڙ
ٿئي ته تون ائين ڀانئجانءِ ته مڙئي خير آهي، پاڻ ۾
آهيون. پوءِ ته چور جاءِ جا در دريون بند ڪري،
ڏاڍو مزي سان وڃي اندر ويٺا. مالڪ ٻاهران در کي
ڪلف ڏيئي وڃي پنهنجي ڪم کي لڳو. جڏهن چورن پيتيءَ
جو قلف کوليو، ته قلف کلندي وٺي ٿا چيلاٽا نڪرن!
بس، پوءِ ته اک ٻوٽ ۾ سڄي ڪوٺي چيلاٽن سان ڀرجي
ويئي، ۽ چيلاٽا اچي چورن کي چُهٽيا. هنن گهڻيون
دانهون ڪيون ۽ ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪيائون، پر
ٻاهران هو در کي ڪلف، سو وٺي جاءِ جي مالڪ کي سڏ
ڪيائون. اول ته اهو اچي نه- نيٺ آيو ۽ جهڙو در
کوليائين ته کيس به اچي چيلاٽن ورتو. چورن جا ڀائر
ڳنڍيڇوڙ، سو هن کي به چڱي سيکت آئي. چورن جو ته
اصل سِر پئي ويو. مس مس جان بچين. ڪي ڏينهن ته
رلِي اوڍيو پيا هئا. جڏهن چاڪ ٿيا ۽ پاڻ ۾ گڏيا،
تڏهن هڪٻئي کي چوڻ لڳا ته ’جهڙي ڪئيسون، تهڙي
لوڙيسون‘
ماٽيجي ماءُ
ليکڪا:
(بدرالنساء عباسي، شاگرد، ڪراچي)
هڪڙو مهاڻو هوندو هو، جنهن کي ٻه زالون هيون:
پهرين زال مان هڪ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ هيس، ۽ ٻيءَ مان
ڪجھ ڪونه. اتفاق سان مهاڻي جي پهرين زال بيمار ٿي
پئي ۽ مري ويئي. مهاڻي پنهنجي ٻن ٻارن کي سندن
ماٽيليءَ ماءُ جي حوالي ڪيو. ماٽيجي ماءُ ٻارن کي
ڏاڍا ڏک ڏيڻ لڳي، ۽ آخر ڇوڪرو ويچارو عذاب سهي سهي
گذاري ويو، ۽ ڇوڪري اڪيلي رهجي ويئي. ماٽيجي ماءُ
ڇوڪريءَ کي پيٽ ڀري ماني کائڻ به ڪونه ڏيندي هئي.
سڄو ڏينهن گهر جو ڪم ڪرائيندي هيس.
هڪڙي ڀيري مهاڻي ڪيتريون ئي مڇيون آنديون، ڇوڪريءَ
جي ماٽيجي ماءُ ڇوڪريءَ کي چيو ته، ”وڃ، وڃي
درياءَ تان مڇيون ڌوئي اچ.“ ڇوڪري مڇيون کڻي
درياءَ تي ويئي. انهن مڇين مان هڪ وڏيءَ مڇيءَ
چيس، ”ڇوڪري، مون کي مارڻ مان توکي ڇا هٿ ايندو؟
آءٌ توکي پنهنجي بدران ٻيون مڇيون آڻي ٿي ڏيان،
مون غريب کي ڇڏي ڏي!“ ڇوڪري چوڻ لڳي ته ”جي توکي
ڇڏيان ته مون کي ماٽيجي ماءُ ماريندي!“ تڏهن مڇيءَ
کيس هڪ ڪَنڊو ڏنو، ۽ چيائينس ته ”جنهن وقت ضرورت
پوئي، تنهن وقت تون پاڻيءَ ۾ هيءُ ڪنڊو وجهندينءَ
ته مان يڪدم اچي حاضر ٿينديس.“ ائين چئي مڇيءَ
يڪدم پاڻيءَ ۾ ٽٻي ڏني، ۽ هڪ ٻي مڇي آڻي ڇوڪري کي
ڏنائين، جيڪا ڇوڪري کڻي گهر آئي.
ماڻس ڇا ڪيو جو مڇيون رڌي پچائي پاڻ کائي ڇڏيائين،
۽ ڇوڪريءَ کي فقط مڇيءَ جا ڪنڊا ۽ مانيءَ جا بچيل
ڀور کائڻ لاءِ ڏنائين. ۽ پوءِ ڪيترائين ٿانوَ گڏ
ڪري ڏنائينس ته وڃ وڃي صاف ڪري اچ. ڇوڪري ويچاري
روئندي درياءَ تي ويئي. اتي کيس مڇيءَ جي ڳالهه
ياد آئي، سو وٺي ڪنڊي کي پاڻيءَ ۾ وڌائين ته يڪدم
اُها ساڳي مڇي اچي حاضر ٿي.
ڇوڪريءَ سڄي حقيقت ڪري ٻڌايس. مڇي يڪدم پاڻيءَ ۾
ويئي ۽ ڇوڪريءَ لاءِ کاڌو کڻي آئي. ڇوڪريءَ کاڌو
کائي، مڇيءَ جا شڪرانا بجا آندا. درحقيقت اُها مڇي
هڪ پري هئي، جا مڇيءَ جي شڪل ۾ درياءَ ۾ رهندي
هئي.
گهڻا ڏينهن گذريا، ماٽيجي ماءُ کي ٻه ڌيئر ڄايون.
هڪ ڏينهن ماٽيجي ماءُ کي ڪنهن مجلس ۾ وڃڻو هو، سو
پاڻ سان پنهنجي ٻن ڏيئرن کي وٺي ويئي، ۽ هن
ڇوڪريءَ کي ڪيترن قسمن جو اَنُ پاڻ ۾ ملائي ڏيئي
وئي، ۽ چيائينس ته ”هر هڪ اَن جي جنس الڳ ڪري
رکجانءِ، آءٌ جلد موٽي ٿي اچان.“ ڇوڪري ويچاري
ڏاڍي مشڪل ۾ اچي ويئي، سو ڇا ڪيائين جو سڌو درياءَ
تي وئي، ۽ وڃي مڇيءَ سان حقيقت ڪيائين. تنهن تي
مڇيءَ هڪ وڳو ڪپڙن جو ۽ هڪ سئنڊل ڏنس، ۽ چيائينس
ته تون به محفل ۾ وڃ. ڇوڪري اُهي ڪپڙا ۽ سئنڊل
پائي محفل ۾ ويئي. اتي هِن ڇوڪريءَ جا اهڙا اوچا
ڪپڙا ڏسي، سڀ حيران ٿي ويون. ٿوريءَ دير کان پوءِ
هيءَ اتان اُٿي، وري سڌو درياءَ تي وئي ته مڇيءَ
کي پنهنجا ڪپڙا واپس ڏئي، جيئن ته تڪڙ ۾ هن سئنڊل
پير مان لاٿو ته اهو وڃي درياءَ ۾ ڪريو. هن پوءِ
گهڻوئي ڳوليو پر هٿ نه آيس. ويچاري پوءِ ته ڊپ مان
سڌو گهر ويئي. جڏهن هن جي ماٽيجي ماءُ گهر آئي ته
اَنُ صفا ٿيل ڏسي سمجهيائين ته هيءَ ڪا جادوگرياڻي
آهي.
هاڻي اهو سئنڊل جو پادر پاڻي ۾ لڙهندو، گهڻو پري
نڪري ويو هو. اتفاق سان بادشاهه جو نوڪر گهوڙي کي
پاڻي پيارڻ لاءِ درياءَ تي وٺي آيو، تنهن جو اهڙو
سهڻو سئنڊل ڏٺو، سو پاڻي مان ڪڍي، سڌو وڃي بادشاهه
کي ڏيکاريائين. بادشاهه جو پٽ جو انهيءَ وقت اُتي
ويٺو هو، تنهن پنهنجي پيءُ کي چيو ته جنهن جو اهو
سئنڊل آهي، تنهن سان مان شادي ڪندس.
بادشاهه يڪدم ڪيترا ماڻهو ۽ ڪيتريون پوڙهيون زالون
جاچ ۾ موڪليون. آخر اهي پوڙهيون هن ڇوڪريءَ جي گهر
۾ اچي پهتيون. ڇوڪريءَ جي ماٽيجين ڀيڻن اهو سئنڊل
پنهنجي پير ۾ پاتو، پر ڪنهن کي پورو نه ٿيو. تڏهن
لاچار وري به انهيءَ ساڳيءَ ڇوڪريءَ پاتو، ۽ هن کي
پورو ٿي ويو. بادشاهه کي يڪدم خبر ڏني ويئي ته
تنهنجي پٽ جي ڪنوار ڳولي لڌيسون. پوءِ ته شاديءَ
جون تياريون ٿي ويون.
هوڏانهن ماٽيجي ماءُ ڇا ڪيو جو هن ڇوڪريءَ جي
بدران پنهنجي ڌيءُ کي ڪنڊ ۾ ويهاري ڇڏيائين، ۽ هن
کي ڪٿي لڪائي ڇڏيائين. هن ويچاريءَ ڇوڪريءَ جو هڪ
پاليل ڪڪڙ هو، جو هر هر وٺي ٻانگون ڏئي ۽ اوڏانهن
ڊوڙي جيڏانهن هن ڇوڪريءَ کي ماٽيجي ماءُ لڪائي
ويهاريو هو. اهو ڏسي، هڪ پوڙهي زال کي شڪ جاڳيو،
تنهن لڪي وڃي ڏٺو ته ڪنوار ته هتي ويٺي آهي! هن ڇا
ڪيو جو ڇوڪريءَ کي اُتان اٿاري آڻي ڪنوار واريءَ
جاءِ تي ويهاريائين.
ماٽيجي ماءُ سڙي ويئي. نيٺ هڪ ٻي اٽڪل ڪيائين جو
ڪدوءَ جو هڪ قسم، جنهن جي ڀاڄي بادي ٿيندي آهي، سو
پچائي ڇوڪريءَ کي کارايائين، ۽ چيائين ته اسان ۾
رواج آهي ته شاديءَ جي رات ڪنوار کي ڪدو کارائبو
آهي. هيءَ ويچاري اها ڀاڄي ته کائي ويئي، پر
ٿوريءَ دير کان پوءِ هن کي اچي پيٽ ۾ سور ٿيو.
اوچتو ڇوڪريءَ کي مڇي ياد آئي، سو رات جو لڪي
درياءَ تي ويئي ۽ وڃي مڇي سان سڄي حقيقت ڪيائين.
مڇيءَ کيس هڪ دوا کارائي، ته هوءَ هڪدم چاڪ ٿي
ويئي، ۽ پوءِ خير سلامتيءَ سان سندس شادي ٿي.
ڪالهه ڏٺوسين ته اها ساڳي ڇوڪري پنهنجي مڙس شهزادي
سان عيشن ۽ خوشين ۾ هئي، ۽ سندس ساڙ سڙي ماٽيجي
ماءُ جا ڏاڍا برا حال هئا.
بهار
ليکڪا: شاهده غني
آيو، بهار آيو!
گڏجي گلن ٿي ڳايو
آيو، بهار آيو!
باغن ۾ ٻولي بلبل،
چيهن چَتن ۾ هُل هُل،
اڄ رنگ نئون سمايو-
آيو بهار آيو!
وه واه لڳن ٿيون هيرون،
هيرون ڏين ٿيون کِيرون،
آهي صبا سُڻايو:
آيو بهار آيو!
مُگرو، گلاب، لالا،
هر ڪنهن جا رنگ نرالا،
رابيل رَسُ رَهايو-
آيو بهار آيو!
ٽانگڙ جي ٽَهڪي ٽاري،
نرگس جو گل خماري،
موتئي مزو مچايو-
آيو بهار آيو! |