سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 1 ۽ 2

باب: --

صفحو :8

 

 

فضل الرحيم سومرو

(ايم. بي. بي. ايس)

پينسلن

 

هن دنيا ۾ اهڙا به غيبي جيتامڙا آهن، جي انسان ذات کي وقت بوقت ستائيندا رهن ٿا. قد بت ٺهين ئي ڪونه، مليميٽر جي هزاروڻيءَ پتيءَ کان به ننڍڙا پر روڳ اهڙو پيدا ڪن، جو في الحال ته ٿرٿلي ۾ وجهيو ڇڏين. ائين ڏسڻ ۾ به نه اچن، خاص خوردبينيءَ سان ڏسجن- ڏسي حيرت وٺيو وڃي- کائين به، ويجهن ۽ وڌن به، ۽ وري پاڻ جهڙا ٻيا به پيدا ڪن! کاڄ به جهڙو تهڙو ڪينهين: جي انساني جسم ۾ پهچي وڃن ته اعليٰ شيون کائين ۽ ان تي گذران ڪن- پاڻ ته وڃن متارا ٿيندا، پر انسان جي جسم کي هڏائون پڃرو بڻايو ڇڏين!

انهن انسان دشمن جيوڙن کي مارڻ لاءِ دنيا جي سائنسدانن ۽ ڊاڪٽرن ڪيميائي دوائن جي ٺاهڻ لاءِ تمام گهڻو پاڻ پتوڙيو، ۽ اڃا به انهيءَ ڏس ۾ ڏينهن رات جُنبيا پيا آهن. انهن دوائن ٺاهڻ لاءِ حقيقت ۾ اوڻيهين صديءَ جي منڍ ۾ ڪوشش شروع ٿي هئي. ماتا، مدي جو تپ، خناق (Diphtheria) ۽ ٻين وچڙندڙ بيمارين کان بچڻ لاءِ ٽُڪا ۽ سيون تيار ڪيون وييون، پر اهي سڀئي رٿون ۽ تجويزون فقط جسم جي بچاءَ لاءِ هيون. باقي اهڙيون دوائون، جي بدن ۾ وڃي، انهن جيوڙن سان جنگ جوٽي، کين ناس ڪن، سي پندرهن ورهيه کن ٿيندا، جو ايجاد ٿيون آهن. اهڙي قسم جي دوائن ۾ پهرين پهرين دوا ”پينسلن“، سر اليگزينڊر فليمنگ، علم جراثيم جي ماهر، انگريز، 1929ع ۾ ايجاد ڪري، دنيا تي هڪ وڏو احسان ڪيو. سچ پچ ته اها ۽ ٻيون اهڙي قسم جون ايجاد ڪيل دوائون، هڪ مسلسل جفاڪشيءَ جو نتيجو آهن. علم جراثيم جي فرينچ ماهر، لوئي پاسچر، 1877ع ۾ پڻ ان کان اڳ ۾، ساڳئي ڏس ۾ ڪوشش ڪيل آهي. هن معلوم ڪيو ته جيوڙا جي خاص ڦٽ ۾ رهي، ڦٽ خراب ڪري رهيا هئا، تن کي ماريندڙ ٻيا به جيوڙا آهن، جي هن فضا ۾ اڏامن پيا. هن واقعي کي ڏهه سال مس گذريا، جو فرانس جي ڊاڪٽر بوڪار، ڦٽ جي علاج لاءِ، ”جراثيم ڪش“ جيوڙا استعمال ڪيا. 1869ع ۾، اٽليءَ جي سائنسدان گوسيو ۽ 1898ع ۾ ٻن روسي سائنسدانن، هوڪي ۽ بوڪاوسڪي، ۽ ٻين ٻن جرمنيءَ جي سائنسدانن، ايميرچ ۽ لو، اهڙا جيوڙا ڳولي لڌا، جي ڦٽ ۽ خناق جي جيوڙن سان جنگ ڪري پيا سگهن. ان کان پوءِ به ڪئين جيوڙا مار جيوڙا تجربي هيٺ آيا، پر افسوس! اهي رڳو تجربيگاه تائين محدود رهيا ۽ بيماريءَ جي علاج لاءِ استعمال ٿي نه سگهيا.

1929ع ۾ ڊاڪٽر فلمينگ، ”پينسلن“ جي اهميت انهن تجربن جي ناڪاميابين سبب پوريءَ طرح سمجهي نه سگهيو. پر، اهو ثابت ڪري ڏيکاريائين ته هُن جراثيم- ڪش دوا ڳولي لڌي آهي، جيڪا نباتاتي ”سينور“ جي تيار ڪرڻ سان ٺهي ٿي. اها شيءِ ان پٽڙي مادي ۾ موجود هئي، جنهن مان ڇاڻي ڪڍي ويئي، ۽ جنهن ۾ سينور به وڌيو ويجهيو ٿي. اها جيتوڻيڪ فقط ڪن خاص بيمارين لاءِ فائديمند ثابت ٿي، ته به وڏي ڪم واري ٿي. ڏهن سالن تائين اها تحقيق خاموشيءَ جي عالم ۾ رهي.

1939ع ۾، فرانس جي ڊاڪٽر ريني ڊوبوس جي تجربن هڪ ڀيرو وري ”پينسلن“ جي حقيقت کي اجاگر ڪيو. ڊاڪٽر موصوف آمريڪا جي راڪفيلر اداري ۾ تحقيقات ڪري، جراثيم- ڪش جيوڙا معلوم ڪيا، ۽ انهن کي ”گراميسيڊن“ نالو ڏنو. جيتوڻيڪ ”گراميسيڊن“ ۾ ڪي زهريلا اثر به هئا، ته به ان وقت اها اثرائتي ليکجڻ ۾ آئي ٿي. ساڳئي سمي آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي ڪن ماهرن، ڊاڪٽر هوورڊ فلوري ۽ جرمن ڪيميادان ڊاڪٽر ارنيسٽ جي رهنمائي هيٺ، نج ”پينسلن“ ٺاهي ڪڍي. نه فقط ايترو، پر ڪن بيمارين ۾ پينسلن کي ڪاميابيءَ سان استعمال ڪري ڏٺائون ۽ اُن ۾ ڪامياب ٿيا. ان کان پوءِ، آمريڪا جي سائنسدانن هڪ اهڙو ”حل“ تيار ڪيو، جو ان کان ڏهوڻو طاقت وارو هو. اهڙيءَ طرح اها دوا ”پينسلن“ جي نالي سان مشهور ٿي ويئي.

پينسلن جون خاصيتون:

1- پينسلن هڪ آرگئنڪ تيزاب آهي، جا سوڊيم پوٽيشم ۽ ڪئلشم جي لوڻ جي صورت ۾ ٺاهي تيار ڪجي ٿي. تيار ڪرڻ ۾ تمام گهڻي احتياط کان ڪم ورتو ويندو آهي. ”سينور“ يا ان سان لڳ ڀڳ ٻيا نباتاتي جزا خاص فضا ۾ رکي، انهن مان خاص مادو ڪڍي، وڏيءَ خبرداريءَ سان مختلف قرنفلن مان ڇاڻي ۽ چڪائي، جدا جدا قسم جي شيشين ۾ بند ڪيو ويندو آهي. شيشين جي مٿان رٻڙ جي ٽوپي چاڙهي، سوگهو بند ڪيو ويندو آهي ته جيئن ٻاهرينءَ ڪنهن به شيءِ جو اثر اندر نه پهچي. پوءِ ليبل هڻي استعمال لاءِ اهو مادو تيار ڪيو ويندو آهي. سوڊيم پينسلن عام طرح سان استعمال ٿيندي آهي. اهي لوڻ، پاڻيءَ ۽ گلوڪوس (خاص کنڊ) ۾ ڳري ويندا آهن.

2- پينسلن جا لوڻ، خاص ڪري سوڊيم لوڻ، گهڻيءَ گرمي- پد، تيز تيزاب، کار، ڳورن ڌاتن جهڙوڪ شيهي، پاري، جست ۽ ٻين خاص ڪيميائي مرڪبن، جهڙوڪ هئڊروجن پر آڪسائيڊ، ائنلن، ڪرومڪ تيزاب، پوٽيشم پرمئگنيٽ جي اثر هيٺ اچي، پنهنجي گهڻي اصلي طاقت وڃايو ڇڏين.

3- پينسلن گهٽ گرمي- پد ۾ رکڻ گهرجي، گهم ۽ جيوڙن سان وچڙيل فضا ۾ نه رکڻ گهرجي. خاص گرمي- پد جنهن ۾ ان جو اصلي اثر قائم رهي ٿو، سو 15 درجا سينٽي گريڊ آهي.

4- اها به ياد رکڻ جوڳي ڳالهه آهي ته پينسلن ”پاڻيٺ حل“ جي صورت ۾ جلد ناس ٿيو وڃي، تنهنڪري اُها 48 ڪلاڪن اندر ڪم ۾ آڻڻ گهرجي.

5- پينسلن زهريلن اثرن کان پاڪ ۽ بي ضرر سمجهڻ گهرجي.

هڏن جي مِک، گُردن يا جگر کي ڪنهن به قسم جو نقصان ڪونه ٿي رسائي.

پينسلن جي پائداري:

پينسلن ٺاهڻ ۾ جيڪا وڏي اٽڪ ٿيندي هئي، سا هئي پينسلن جي جلد ناس ٿي وڃڻ جي. هاڻ نون رٿن ۽ تجويزن سان اها به تڪليف دور ٿي ويئي آهي. اڄڪلهه جي نئين پينسلن پراڻي پينسلن کان وڌيڪ ڪارائتي ۽ اثر واري بڻجي چڪي آهي. خشڪ حالت ۾ پينسلن جو اثر جلد ضايع ڪونه ٿو ٿئي. اهڙي حالت ۾ هڪ سال تائين بحال رهي سگهجي ٿي. ايتريقدر، جو جيڪڏهن ٿڌن ملڪن جهڙوڪ برطانيه ۾، ڪمري جي گرمي- پد ۾ رکجي ته ڇهن مهينن تائين اثرائتي رهي ٿي. جيڪڏهن وڌيڪ وقت لاءِ رکڻ جي ضرورت هوندي آهي، ته برفدان ۾ رکبي آهي، ۽ گرمي- پد ڏهه درجا سينٽي گريڊ بيهاربو آهي.

جذب ٿيڻ ۽ خارج ٿيڻ:

پينسلن جي خاص خوبين مان هڪ هيءَ آهي ته جسم ۾ جلد جذب ٿيو وڃي، ۽ جيترو جلد جذب ٿئي. اوترو وري جلد گُردن رستي خارج ٿيو وڃي. عضلاتي (مشڪ ۾) سئي هڻڻ سان ئي اها جذب ٿيڻ لڳي ٿي، ۽ ٽيهن منٽن اندر رت ۾ گهڻي مقدار ۾ گڏ ٿي وڃي ٿي. ان بعد، ٿوري عرصي ۾ رت ۾ سندس مقدار گهٽجڻ شروع ٿئي ٿو، ۽ گردا اُن کي خارج ڪن ٿا. پينسلن جي اثر کي وڌيڪ اثرائتي رکڻ لاءِ ڪئين طريقا ڳولي لڌا ويا آهن. هن جو سسپنشن (خاص حل) مڱ ڦريءَ جي 9542 سيڪڙي تيل ۽ 448 في سيڪڙي ماکيءَ جي ميڻ جي ملاوٽ سان تيار ڪرڻ سان، پينسلن جو اثر پائدار بڻايو ويو آهي، جو هاڻ ڏهن ڪلاڪن تائين رت ۾ اثر قائم رهي سگهي ٿو. ايڊرينلن (ننڍڙن شريانن کي سسائيندڙ) دوا، يا ايفيڊرين سان ملائي سئي هڻبي، ته ساڳي ريت پينسلن پائدار بنجيو وڃي.

پينسلن جي استعمال جا طريقا:

وات جي ذريعي:

جيئن ته معدي جو تيزاب پينسلن کي چٽ ڪريو ڇڏي، تنهنڪري گهڻائي تجربا ڪيا ويا آهن ته ڪيئن پينسلن وات جي ذريعي استعمال ڪئي وڃي ته جيئن تيزاب جو اثر نه ٿئي. چنانچه پينسلن جي ٽڪي، سوڊيم سٽريٽ ملائي، تيار ڪئي ويئي، ۽ هاڻ تيزاب جو اثر هن تي پيدا ڪو نه ٿو ٿئي ۽ پينسلن سلامتيءَ سان ڪتب اچي سگهي ٿي. پر هِن حالت ۾ وزن جو مقدار وڌائي ڏيڻو پوندو آهي.

نڪ جي ذريعي:

اهڙي قسم جي پينسلن کي ايرو سول پينسلن چئبو آهي. ان لاءِ خاص قسم جو اوزار ايجاد ڪيو ويو آهي، جنهن کي ايروهيلر (Aerohalor) چون ٿا، جو ڦڦڙن جي هوا جي نلين ۽ دمڪشيءَ جي علاج لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.

پينسلن جو مرهم ۽ ان جو ٻورو سلفانيمائيڊ سان گڏي، وچڙندڙ ڦٽن تي هنيو ويندو آهي.

پينسلن جو ردِعمل:

پينسلن هونئن ته زهريلي اثر کان پاڪ آهي، پر ڪن بيمارين ڪي خرابيون پيدا ٿيو پون. ڇاپاڪو خاص ڪري علاج ڪندي ڪندي اٺين يا ڏهين ڏينهن پيدا ٿيو پوي. بادفرنگ جي علاج ۾ هڪ خاص قسم جو (Herxheimer) رد عمل ٿئي ٿو، جنهن ۾ تپ، بدن ۾ سور ۽ تنتي علامتون ظاهر ٿين ٿيون. پر چوويهن ڪلاڪن کان پوءِ ختم ٿيو وڃن. مغزي ڏوري جي سئي هڻڻ سان مٿي ۾ سور ۽ الٽيءَ جي شڪايت ٿيو پوي. جيڪڏهن ڪرنگهي جي نليءَ اندر، پنجاهه هزار يونٽ کان وڌيڪ مقدار ۾ سئي هڻجي ٿي، ته خطري جهڙو ردِعمل پيدا ٿيو پوي.

 

 

 

ڊاڪٽر نجم عباسي

 

پالتو جانور ۽ ٻارن جون بيماريون

 

ننڍن ٻارن جو پالتو جانورن سان گهاٽو تعلق هوندو آهي. ڪيترين حالتن ۾ ته جانور پالبا ئي آهن ٻارن جي وندر ۽ راند روند لاءِ. اسان جي ملڪ ۾، عام طور، هيٺيان جانور ۽ پکي پاليا ويندا آهن: ڪتو، ٻلي، ٻڪري، گانءِ، مينهن، گهوڙو، طوطو، ڪڪڙ، سهو ۽ هرڻ.

انهن جانورن جي ٻچن ۾ ننڍن ٻارن جي خاص طور دلچسپي هوندي آهي، جا پنهنجي جاءِ تي تمام سٺي ڳالهه آهي. پر چوندا آهن ته هر مورت کي ٻه پاسا هوندا آهن، سو انهن جانورن سان راند روند مان بعضي ڪي خراب بيماريون به ٿي پونديون آهن، جن جو بيان هيٺ ڏجي ٿو:

ڪتو:

ڪتن ۾ هڪ بيماري ٿي پوندي آهي، جنهنڪري اهي ڇتا ٿي پوندا آهن، ڇتي ڪتي جي گگ ۾ ربيز (Rabies) بيماريءَ جا جيوڙا ٿيندا آهن. هن بيماريءَ ۾ پاڻي نه پي سگهبو آهي، ڏڪڻي ۽ ديوانگري وٺندي آهي، ۽ موت يقيني هوندو آهي. هيءَ بيماري ڇتي ڪتي جي چڪ پائڻ يا ڪتي جي ٻار جي چمڙيءَ جي زخم کي چٽڻ سان ٿئي ٿي. ڪتي جي پاڳل هجڻ جو ٿورو به شڪ هجي، ته هن جي چڪ کان پوءِ ان بيماريءَ کان بچڻ جون سيون لڳائڻ کپن. چڪ هڻندڙ ڪتي تي نظرداري ڪجي. ڇتو ڪتو ڏهن ڏينهن کان وڌيڪ جيئرو نه رهندو آهي.

ڪتي جي چڪ ڪري (Tetanus) جهڙي خطرناڪ بيماري به ٿي سگهي ٿي. هن جانور ذريعي هلڪو مدي جو بخار (Paratyphoid) ۽ دست به ٿي سگهن ٿا. ڪتو جڏهن انسان جي کير يا کاڌي ۾ وات وجهي ٿو ۽ پوءِ اهو کاڌو انسان کائي ٿو، تڏهن مٿيون ٻه بيماريون ٿي سگهن ٿيون. ساڳئي نموني ٻارن جي آنڊي ۾ ”ڊگها ڪيڙا پوڻ“ واري بيماريءَ جو سبب به ڪتا  ٿي سگهن ٿا. سلهه جي مريض واري گهر ۾ رهڻ ڪري ڪتو خود هن بيماريءَ جو شڪار ٿي سگهي ٿو، ۽ پوءِ ٻين انسانن تائين اهو مرض ڦهلائي سگهي ٿو. ڪن مثالن ۾ ڪتا دمڪشيءَ جو سبب به بنيا آهن.

ٻلي:

ٻِلي ماڻهوءَ کي ”خناق“ يعني گلي جي بيماريءَ ۾ مبتلا ڪري سگهي ٿي، هن مرض جا جيوڙا ٻليءَ جي وات ۽ نڪ ۾ هوندا آهن. ٻلي جڏهن ڇڪون ڏيندي آهي، تڏهن اهي جيوڙا ڀرسان بيٺل ماڻهو تائين پهچي ويندا آهن، ۽ ساڳئي وقت ٻليءَ جي پنهنجي جسم جي وارن تي به چهٽي پوندا آهن، جنهنڪري ٻليءَ کي هٿ لڳائڻ سان پڻ ان بيماريءَ جا جيوڙا ماڻهوءَ تائين پهچي سگهن ٿا.

ڏڍ ۽ ڪن ٻين چمڙيءَ جي بيمارين ۾ ورتل ٻليءَ کي هٿ لڳائڻ سان به اهي ساڳيون بيماريون ٻار کي لڳي سگهن ٿيون. آنڊي ۾ ڪيڙا به ٻليءَ جي ذريعي ٿي سگهن ٿا. اها بيماري ٻارن جي کاڌي ۾ ٻليءَ جي ٻوٿ وجهڻ يا ان جي ڪرفتيءَ جا ذرا ٻارن جي هٿن سان لڳڻ يا کاڌي ۾ اچي وڃڻ ڪري ٿي سگهي ٿي. ٻلي دمڪشيءَ جو باعث به بنجي سگهي ٿي.

ٻڪري:

”مالٽا بُخار“ ٻڪريءَ جي کير ذريعي انسان کي ٿي سگهي ٿو- هٿن ۽ ٻانهن تي هڪڙي قسم جا زهريلا زخم به ٻڪريءَ جي موجودگيءَ ڪري ٿي سگهن ٿا. ڪن حالتن ۾ ڏڍ جي بيماري به ٻڪريءَ کان ملي سگهي ٿي.

ڳئون:

سلهه جي بيماريءَ ۾ ورتل ڳئون جي کير ذريعي ٻارن کي سلهه ٿئي ٿي. پيٽ ۾ ۽ ڳچيءَ تي سلهه جا ڳوڙها به اڪثر ڪري ڳئونءَ جي خراب کير ڪري ٿين ٿا. هن مرض جا جيوڙا نه صرف کير پر ڳئونءَ جي گوشت، پيشاب ۽ ڇيڻن ۾ به هوندا آهن. آنڊي جا ڪيڙا به ڪن حالتن ۾ ڳئونءَ کان پهچن ٿا- اهي به هن جي گوشت ۽ ڇيڻن جي وسيلي.

ٻين جانورن مان هيٺيان مرض ٿين ٿا:

مينهن:

هن جو کير سلهه جو سبب ٿي سگهي ٿو.

گهوڙو:

ڏڍ، چمڙيءَ جون بيماريون ۽ ڪن حالتن ۾ دمڪشي.

گهٽو:

هٿن ۽ ٻانهن جا زهري زخم ۽ پيٽ جا ڪيڙا.

طوطو: نمونيا جهڙيءَ هڪ بيماريءَ جا جيوڙا، طوطي ذريعي پکڙجي سگهن ٿا.

ڪڪڙ:

هلڪو مدي جو بخار (Paratyphoid)

سهو:

پليگ جهڙي هڪڙي بيماري، ۽ دم ڪشي.

پالتو جانور گهر ۾ بسترن، فرنيچر ۽ کاڌي تي ڪافي گندگي ڦهلائيندا رهن ٿا، ۽ گندگي هزارين بيمارين جي جڙ آهي. ننڍا معصوم ٻار ته ان گندگيءَ ۾ پيا هٿ وجهن، ۽ اهي هٿ وات تائين پهچائين. تنهنڪري، هر حالت ۾، ٻارن کي پنهنجي صفائيءَ جو گهڻو خيال رکڻ گهرجي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com