سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 1 ۽ 2

باب: --

صفحو :3

 

غلام رباني

 

”گل ڦل“ جي ٻئي سالگره تي ڪاروائي

ٻارن جو ميلو

پس منظر:

”سهڻا ماڻهو سنڌ جا- هو جمالو!“

... حيدرآباد ۾ هڪ ننڍڙو ننڍڙو نينگر، اسڪول کان گهر ويندي سنڌي لوڪ، ناچِ ”جمالي“ جا مٿيان ٻول مٺڙي سُرَ ۾ ڳائيندو پئي ويو. ٻارن جي ميلي کي پورو ٿئي چوٿون ڏينهن هو، پر ان ميلي ٻارن ۾ جا خوشي پيدا ڪئي هئي، سا ايترو جلد ختم ٿيڻ واري نه هئي. نه رڳو ٻارن لاءِ، پر وڏن لاءِ پڻ هي ميلو خوشيءَ جا خزانا کڻي آيو هو. خاص هيءُ ميلو ڏسڻ لاءِ، ڪراچيءَ کان آيل اسان جي معزز مهمان، سيد حسام الدين راشديءَ، کان ٻئي ڏينهن صبح جو مون جڏهن ميلي بابت سندس راءِ پڇي، ته چيائين، ”ادا، ڏاڍو سٺو هو، اصل رنگَ لڳي ويا، ننڍڙن کي کلندو کيڏندو، ڳائيندو ۽ نچندو ڏسي، دل بهار بهار ٿي ويئي!“ سيد غلام مصطفيٰ شاهه، تعليم کاتي جي ڊائريڪٽر، ميلي جي پوري ٿيڻ تي، پنهنجي صدارتي تقرير ۾ فرمايو: ”هي ميلو مون کي ايڏو ته وڻيو آهي، جو مان ڪوشش وٺندس ته سنڌ جي هر ضلعي، هر ضلعي جي هر تعلقي ۽ هر تعلقي جي هر اسڪول طرفان ان نموني تي ٻارن جا ميلا ٿين.“

پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ، شايد هي پهريون ڀيرو هو، جو سنڌي ٻار کي سنڌي لوڪ گيت، سنڌي لوڪ ناچ، سنڌ جي شعر، سنڌ جي تاريخ، سنڌي هُنر، سنڌي لباس، سنڌي ڀرت جا نادر نمونا، ۽ سنڌي رانديون- ٿورن لفظن ۾ هيئن چئجي ته سنڌي ثقافت- صحيح روپ ۾ پسڻ، ۽ اُن ۾ حصي وٺڻ جو موقعو مليو هو، ۽ کيس پَتو پيو ته هُو ڪيڏي نه وڏي مرتبي ۽ شاندار تهذيب جو وارث آهي. ميلي لڳائڻ جو مقصد به اهوئي هو ته ”اسان جي ٻارن کي پتو پوي ته سندن ثقافتي ورثو ڇا آهي- منجهن اهو احساس اچي ته سندن دنيا ننڍڙي ئي سهي، پر ڪيڏي نه بيحد دلچسپ آهي.“

”اسان جا ٻار ويچارڙا ويڳاڻا ٿيا پيا گهمن، هزار ڳالهيون آهن، جي هنن جي دلچسپيءَ جو باعث ٿي سگهن ٿيون، ۽ جن ۾ هنن جي دلچسپي نه رڳو مفيد، پر نهايت ضروري آهي. ڪير هنن جو انهن ڳالهين ڏانهن توجهه ڇڪائي ... ڪير هن معاملي جي اهميت کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري؟- اسان جون آئيندي جون اُميدون ۽ آسون، اسان جا آخرين وارث، اهي اسان جا ٻار ئي ته آهن!“ ان قسم جو اظهار، ”گل ڦل“ جي ناشر، مسٽر محمد ابراهيم جويي، ڪيترائي دفعا دوستن سان ڪيو هو، پر معاملي جي اهميت کي پوءِ به ڪنهن سمجهڻ جي ڪوشش نه ڪئي، تڏهن اهو ضروري سمجهيو ويو ته هڪ وار ٻارن جي والدين ۽ تعليمي ادارن جي نگهدارن کي ڪو سهڻو مثال ڪري ڏيکارجي.

تاريخ 11 نومبر، 1960ع تي، ٽريننگ ڪاليج فارمين ۾، صبح جو 11 بجي، ڪاليج جي تڏهوڪي پرنسيپال مسٽر غلام رضا ڀٽي جي جاءِ تي، مسٽر جويي جي دعوت تي هيٺيان دوست گڏ ٿيا: 1. مسٽر غلام رضا ڀٽو، مسٽر محمد اسماعيل عرساڻي، مسٽر غلام علي الانا، مسٽر يار محمد پنهور، مسٽر جمال رند، مسٽر علي اڪبر ۽ مسٽر محمد دائود بلوچ. مسٽر جويي کين ٻڌايو ته 31 ڊسمبر 1960ع تي، سنڌي ادبي بورڊ جي ماهوار ٻارن جي رسالي ”گل ڦل“ کي جاري ٿئي ٻيو سال پورو ٿيندو؛ ان موقعي تي، رسالي جي ٻئي سالگره ملهائڻ لاءِ ٻارن جو هڪ سادو پر سهڻو ميلو ٿئي، ته ڏاڍو سٺو. ڳالهه وڻڻ جهڙي هئي، هر ڪنهن کي وڻي،- دوستن دلچسپي ورتي ۽ پنهنجون پنهجون صلاحون ۽ مشورا ڏنا.

فيصلو بيٺو ته نئين سال جي پهرئين ڏينهن، يعني 1 جنوري 1961ع تي، حيدرآباد ۾، ”گل ڦل“ جي ٻئي سالگره ملهائڻ لاءِ، ٽريننگ ڪاليج فارمين ۾، ٻارن جي مقامي ڦلواڙين ۽ تعليمي ادارن طرفان، سنڌي ادبي بورڊ جي مدد سان، ٻارن جو ميلو ٿئي ۽ ساڳئي وقت سنڌ جي مختلف شهرن ۾، جي ”ٻارن جون ڦلواڙيون“ قائم ٿيون آهن، تن کي اپيل ڪجي ته هُو به پنهنجي مُنهن، پنهنجي پنهنجي شهرن ۽ ڳوٺن ۾، اُن تاريخ تي رسالي جي ٻئي سالگره جو جشن ملهائين ۽ حيدرآباد ۾ ميلي جو پروگرام هيٺينءَ طرح رٿيو ويو:

(الف) نمائش: ٻارن جي ڊرائننگ جو ڪم، ٻارن جي دستڪاريءَ جو سامان، ٻارن جن ٺاهيل مِڪَئنو واريون شيون، ٻارن جي سنڌي راندين جا سامان، ٻارن جي دلچسپيءَ جا گڏ ڪيل سامان،- مثلاً ٽڪليون، فوٽا، پراڻا ملڪي ۽ غير ملڪي سڪا، ۽ صحت جا چارٽ وغيره نمائش لاءِ رکجن.

(ب) فئنسي ڊريسون: هن پروگرام ۾ ٻارَ سِنڌُ جي مختلف قبيلن جا ڪپڙا پائيندا ۽ ٻئي قسم جا ويس ڌاري، مثلاً فقير، اخبارن جو هاڪر، گهورڙيو، ٽپالي ۽ پيرسن وغيره بنجي ايندا ۽ پنهنجو پنهنجو مناسب پارٽ ادا ڪرڻ لاءِ ٻه چار گفتا چوندا.

(ج) راڳ، ناچ ۽ کيل: هن پروگرام ۾ ٻار سنڌي راڳ، سنڌي ناچ، ننڍا ناٽڪڙا، تقريرون، ٻاراڻا ٻول، سوال جواب ۽ ڳجهارتون وغيره پيش ڪندا.

(د) رانديون: هن پروگرام هيٺ ٻار ڏهاڪو کن سنڌي رانديون پيش ڪندا.

(و) فلمون: هن پروگرام موجب ٻارن کي سندن ڏانو جون ڪي ملڪي ۽ غير ملڪي فلمون ڏيکاريون وينديون.

مٿئين پروگرام کي عمل ۾ آڻن واسطي ضروري انتظام ڪرڻ لاءِ هڪ ”جشن ڪاميٽي“ مقرر ڪئي ويئي. جنهن جي ترتيب هيٺئين موجب رکي ويئي:

1.                  مسٽر غلام علي الانا- ڪنوينر

2.                 مسٽر جمال رند- ميمبر

3.                 مسٽر يار محمد- ميمبر

4.                 مسٽر علي اڪبر _ ميمبر

5.                 مسٽر عبدالحق- ميمبر

6.                 مسٽر عبدالڪريم لغاري- ميمبر

7.                 مسٽر محمد دائود بلوچ- ميمبر

8.                 مسٽر غلام رباني- ميمبر

ميلي جي رٿيل پروگرام جا مختلف ڪم مختلف ميمبرن کي ورهائي ڏنا ويا، ۽ کين گذارش ڪئي ويئي ته هو فوراً پنهنجي پنهنجي ڪم کي لڳن. تاريخ 8 نومبر تي، ڪاميٽيءَ جي ميٽنگ ڪوٺائي، ٿيل ڪم جو جائزو ورتو ويو. معلوم ٿيو ته ميمبر سونپيل ڪم ڪرڻ ۾ ناڪامياب ويا هئا. ان جو مکيه سبب هيءُ هو ته ميلي جي انتظام جو ڪم تڏهن هٿ ۾ کڄي پئي سگهيو، جڏهن ٻارن سان لهه وچڙ ۾ اچجي. اسان وٽ ٻارن جون ڪي به سرڪاري يا خانگي منظم جماعتون آهن ئي ڪونه، جن جي وسيلي ٻارن سان ملي سگهجي. خوش قسمتيءَ سان، اداري ”گل ڦل“ جي همتائڻ تي، تازو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ”ٻارن جون ڦلواڙيون“ ٺهيون ته آهن، پر ڪوبه عملي ڪم هٿ ۾ کڻڻ ۽ ان کي ڪامياب نموني ۾ سرانجام ڏيڻ جي انهن مان اميد رکڻ ڪجهه قبل از وقت آهي، ڇو ته ڦلواڙين جي اڃا ڪابه باقاعدي تنظيم نه ٿي سگهي آهي. اهوئي سبب هو، جو ڪاميٽيءَ جا ميمبر عملي طور ڪو ئي ڪم ڪري نه سگهيا. اسان وٽ ٻارن سان ملڻ جو واحد طريقو تعليمي ادار آهن. ميمبرن شڪايت ڪئي ته جڏهن به هو ڪن اسڪولن ۾ ويا ته استادن سندن ڳالهه ۾ دلچسپي ته ورتي، پر اهو شرط وڌو ته جيستائين کين سرڪاري طور ڪي هدايتون نه مليون آهن، تيسين هو ميلي ۾ شريڪ نه ٿيندا. اها صورتحال جاچي فيصلو ڪيو ويو ته ڊائريڪٽر تعليم جي آفيس کان حيدرآباد تعليمي ادارن کي سفارش ڪرائجي ته هو هن علمي ۽ عام دلچسپيءَ جي ڪم ۾ شريڪ ٿين. مسٽر جويو 15 نومبر تي، ڪراچيءَ واپس موٽيو، ۽ اتي ٿيل فيصلن ۽ ڪم کان مون کي واقف ڪيائين، ۽ چيائين ته ڊائريڪٽر جي آفيس کان گهربل ليٽر وٺي، مان حيدرآباد وڃي، دوستن سان ڪم ۾ شريڪ ٿيان. 17 ڊسمبر تي، مان ٽريننگ ڪاليج فارمين، وومينس ٽريننگ ڪاليج ۽ انسپيٽريس گرلس اسڪولس ڏانهن ڊائريڪٽر جي آفيس جا ليٽر کڻي روانو ٿيس. 20 تاريخ تي اسان ڪاميٽيءَ جي ميٽنگ ڪوٺائي، ڪم جو نئين سر جائزو ورتو.

ٻئي ڏينهن اسان وومينس ٽريننگ ڪاليج جي پرنسيپال سان ملڻ وياسين. وومينس ٽريننگ ڪاليج جي شاندار ۽ وڏيءَ ويڪريءَ عمارت ۾، پرنسيپال جي آفيس هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ آهي. ڪمري جي وچ ۾ ميز ۽ ڪرسي آهي ۽ پاسن کان ڪٻاٽن جون ٻه قطارون آهن، جن ۾ ڊرائننگ ۽ دستڪاريءَ جا سهڻا سامان رکيل آهن، جي اُن اداري ۾ سکيا وٺندڙن وقت بوقت پئي جوڙيا آهن. اهي سامان عورت ۽ ٻار جي دنيا سان واسطو رکن ٿا، ۽ سچ پچ ته ڏسڻ وٽان آهن- رنگا رنگي مڻين ۽ موتين سان جڙيل ننڍڙا پينگها، ڀرت سان ڀريل ڪپڙي مان ٺهيل بدڪون ۽ ٻيا پکي، قسم قسم جا خوبصورت رنگا رنگي ڪيڪ ٻارن جي سالگرهن جي مبارڪ موقعن تي وڏي اهتمام سان ڪپبا آهن، پاڻيءَ جا جهاز، ٻيڙيون، گُڏيون گڏا،- جن کي عجب جهڙا لٽا پاتل آهن، ٻارن جا قسمين قسمين ڪپڙا، ڀرت جا ڀانت ڀانت جا نمونا- ۽ ٻيو الائي ته ڇا ڇا! ڪٻاٽ آهن، جو تَري کان چوٽيءَ تائين سامان سان سٿيا پيا آهن. اسان کي ان ڳالهه جو پڇاڙيءَ تائين افسوس رهيو ته ڪاليج جي پرنسيپال، دادي ٽليءَ، اسان کي اهي سامان نمائش لاءِ ڪين ڏنا. ظاهري طور ته ائين چيائين ته اهي وڏين زالن جا جوڙيل آهن، نمائش ۾ اهي شيون رکجن جي ٻارن ٺاهيون هجن. پر، اصل ۾ شايد کيس اهو ڀؤ پئي ٿيو ته ڪٿي ڪي چيزون نمائش ۾ هيٺ مٿي نه ٿي وڃن. بهر صورت، هن اسان جي ڳالهه ۾ ٻيءَ طرح تمام گهڻي دلچسپي ورتي، ۽ ان ڳالهه جي خاطري ڏنائين ته ميلي ۾ سندس ڪاليج چڱو پاڻ موکائيندو. ان ڳالهه جا هن ڏاڍا ڏک ڪڍيا ته اڄڪلهه ٻارن جي بهبوديءَ لاءِ ڪجهه ڪو نه ٿو ٿئي. اڳي ملڪ جي ورهاڱي کان اڳ،دادا شيوڪ جي قائم ڪيل ”ٻالڪن جي ٻاريءَ“ جي سهاري هيٺ، ڇاڇا نه ٿيندو هو- ٻارن جو ايڪسڪرشنون، راندين جا مقابلا،کيل، تقريرون!

وومينس ٽريننگ ڪاليج مان اٿي، ٽريننگ ڪاليج فارمين ۾ وياسين. پرنسيپال مسٽر غلام اصغر اسان جي ڳالهه ۾ گهري دلچسپي ورتي، ۽ اسان کي هر ممڪن مدد جو واعدو ڏنائين. هن صاحب روبرو پرئڪٽنگ اسڪول جي هيڊ ماستر صاحب کي هدايتون ڏنيون ته هو ميلي کي ڪامياب ڪرڻ ۾ اسان جو ٻانهن ٻيلي ٿي بيهي، ۽ ساڳئي وقت قاضي صاحب کي پڻ اسان جي چوڻ تي ليٽر لکيائين ته هو به ميلي ۾ اسان جي مدد ڪري. مسٽر غلام اصغر کان پوءِ، اسان انسپيڪٽريس گرلس اسڪول، مسز شيخ، سان وڃي ملاقات ڪئي، جنهن صاحبه ميلي ۾ ته هر ممڪن مدد جي خاطري ڏني، پر ان سان گڏ هڪ خاص مهرباني هيءَ به ڪئي ته پنهنجي نائب مسز ليلان کي هدايت ڪيائين ته گرلس اسڪولن ڏانهن ليٽر ڪڍيو وڃي، ته هو رسالي ”گل ڦل“ جا ساليانا خريدار ٿين.

ان کان پوءِ اسان هيٺين تعليمي ادارن جي هيڊ ماسترن سان ملياسون: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، نور محمد هاءِ اسڪول، ميران گرلس هاءِ اسڪول، بوائز ماڊرن هاءِ اسڪول، گرلس ماڊل هاءِ اسڪول، قاضي عبدالقيوم گرلس اسڪول، قاضي عبدالقيوم بوائز اسڪول ۽ ڪانوينٽ هاءِ اسڪول.

تعليمي ادارن سان واسطو ڳنڍڻ کان پوءِ، باقي رهيون ٻارن جون ڦلواڙيون. جيئن اسان مٿي چيو آهي ته ”ٻارن جي ڦلواڙين“ جي اڃا باقاعدي تنظيم نه ٿي آهي، پر تنهن ڪندي به اسان کي اميد هئي ته اسان جي مدد سان ”ٻارن جو ڦلواڙيون“ ڪجهه ڪم پنهنجي ذمي کڻنديون. حيدرآباد ۾ ٻارن جون ٻه ڦلواڙيون آهن: 1. دينوءَ جي پڙ واري ”ٻارن جي ڦلواڙي“ ۽ 2. خواجه محلي جي ”ٻارن جي ڦلواڙي“. پهرينءَ ڦلواڙيءَ جا مکيه سرگرم ڪارڪن سرڪاري عملدارن جا ٻار هئا، سي پنهنجي والدين جي بدلين تي، ساڻن گڏ هليا ويا. نتيجي طور انهيءَ ڦلواڙي جو ڪم حال رُلي ويو آهي. باقي رهي خواجن جي ڦلواڙي، سا جيئن شروع ۾ هئي، هينئر به ائين ئي آهي. ان ڦلواڙيءَ ميلي ۾ سرگرم حصي وٺڻ جو اتساهه ڏيکاريو، ۽ مسٽر غلام علي الانا جي نظرداريءَ هيٺ پنهنجي ڪم جو هڪ سهڻو پروگرام رٿيو. جيستائين سنڌ جي ٻين شهرن ۾ قائم ٿيل ٻارن جي ڦلواڙين جو تعلق آهي، ته انهن کي، جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي، هدايتون ڏنيون ويون هيون ته هو پنهنجي پنهنجي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پنهنجي مُنهن ”گل ڦل“ جي ٻئي سالگره جو جشن ملهائين. ۽ انهيءَ کان اڳ، آڪٽوبر جي ”گل ڦل“ ۾، ايڊيٽوريل نوٽ ۾ اسان ڦلواڙين جي سيڪريٽرين کان حيدرآباد ۾ رٿيل ميلي بابت سندن صلاحون پڇيون هيون،- ان خيال کان ته شايد هو به ان ميلي ۾ اچي شريڪ ٿيندا. ان سلسلي ۾، اسڪائوٽ جمبوريءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ويل آهن، تنهن ڪندي به سندن ڦلواڙيءَ جا ڪي عيوضي ميلي جي موقعي تي حيدرآباد ۾ اچي اسان سان شريڪ ٿيندا. ابراهيم آباد، ٽنڊي باگي ۽ دادوءَ جي ڦلواڙين اطلاع موڪليو آهي ته هنن ”گل ڦل“ جي ٻئي سالگره جو جشن سهڻي نموني ملهايو. (انهن ڦلواڙين جو تفصيلوار احوال هن پرچي جي ”ٻارن جي ڦلواڙي“ عنوان هيٺ شايع ٿي رهيو آهي.) ڪن شهرن مان ”گل ڦل“ جي ڪن پڙهندڙن، انفرادي طور اطلاع ڏنا ته هو ميلي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ مقرر تاريخ تي حيدرآباد ايندا. ٽنڊي الهيار مان، ممتاز پنهور شاگرد پنهنجا گڏ ڪيل تصويرن ۽ ٽڪلين جا البم نمائش ۾ رکيا ويا ۽ بعد ۾ ممتاز کي ان سهڻي ڪم ڪرڻ لاءِ ”آفرين نامو“ موڪليو ويو.

تعليمي ادارن ۽ مقامي ڦلواڙين جي وسيلي ٻارن سان تعلق ڳنڍڻ شرط، کين رٿيل ڪمن جي سکيا ڏيڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو. اهو ڪم به ڪاميٽيءَ جي مختلف ميمبرن کي ورهائي ڏنو ويو. جيئن ته ٻارن جي سکيا جي ڪم سان گڏ، ميلي جي ٻئي ڏينهن سموري انتظام جو ڪم به ڪاميٽيءَ جي ئي ميمبرن کي سنڀالڻو هو، تنهنڪري ڏٺو ويو ته مقرر تاريخ، يعني 1 جنوريءَ، تي سموري ڪم جو اڪلاءُ ٿي نه سگهندو. ان ڪري ضروري ٿي پيو ته ميلي جي تاريخ بدلائي وڃي. ڪاميٽيءَ جي ڪن ميمبرن جو رايو هو ته نئين تاريخ 15مد  جنوري مقرر ٿيڻ گهرجي، ڪن جو وري اهو چوڻ هو ته جيئن ته 12 جنوريءَ کان آدمشماريءَ جي ڪم شروع ٿيڻ سبب ڇوڪرن جا اسڪول بند رهندا، تنهنڪري 15 تاريخ تي ميلو رکڻ سان سڄو ڪم رلي ويندو؛ ڪن ته اهو انديشو به ڏيکاريو ته موڪل وارن ڏينهن تي عام ٻار مرڳو ميلي ڏسڻ لاءِ به ڪونه ايندا. خيالن جي ڏي وٺ بعد، آخر فيصلو اهو بيٺو ته ميلي جي نئين تاريخ 15 جنوري مقرر ٿئي. بعد ۾، اسان جو اهو انديشو غلط ثابت ٿيو ته موڪلن سبب ڇوڪرا ميلي ۾ دلچسپي نه وٺندا. ڇوڪرن ميلي ۾ ايتري ئي دلچسپي ورتي جيتري ڇوڪرين، بلڪه هيئن چئجي ته ڇوڪرا ڇوڪرين کان وڌيڪ، ۽ ڇوڪريون ڇوڪرن کان وڌيڪ دلچسپي وٺي رهيون هيون. ڇوڪر ڇوڪري جو ڪو سنڌو ئي ڪونه هو، ۽ نه وري ڪنهن کي موڪلون خيال ۾ هيون. ننڍڙا پتڪڙا ٻار- ميلي جون ٻُڌائون ته بس بود ۾ اچي ويا. توڙي جو کين پورو اندازو به ڪونه هو ته اهو ميلو آخر ٿيندو ڇا، ۽ ان مان ڪهڙو ڪارج سرندو؟ پر اها هر ڪنهن کي پڪ هئي ته جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي سو کل خوشيءَ وارو آهي ۽ سندن لاءِ آهي ۽ ان کي هو پاڻ نباهيندا. جيڪي ڇوڪرا اسان راندين ۽ ٻين ڪمن جي سکيا لاءِ چونڊيا هئا، تن لاءِ جيئن مٿي بيان آيو آهي ته اسان کي انديشو هو ته 12 تاريخ کان موڪلن ملڻ بعد اسان کي مَنهن ئي ڪونه ڏيکاريندا، سي سکيا وٺڻ لاءِ موڪلن جي ڏينهن ۾ مقرر جاءِ تي پاڻ کان اڳ موجود ڏٺاسون. ميلي کان اڳ وارا چار پنج ڏينهن اسان جنهن به اسڪول ۾ پئي وياسين ته اتي هنڌ هنڌ ٻارن جا ميڙ هئا، ڪن راڳ پئي ڳايا ته ڪي نچڻ ۾ هئا؛ ڪٿي بئنڊون پئي وڳيون ته ڪٿي سنڌي ساز هئا. مطلب ته هنڌ هنڌ ميلي کان اڳ ميلو شروع ٿي ويو هو.

14 تاريخ منجهند تائين، ميلي جو سمورو انتظام- ٻارن جي سکيا، نمائش جو سامان ڪٺو ڪرڻ ۽ ان کي اسٽالن ۾ سينگاري رکڻ، راندين جو ميدان سينگارڻ، شاميانو هڻائڻ ان ۾ فرنيچر ترتيب سان رکڻ، اسٽيج تيار ڪرائڻ ۽ سينگارڻ، بجليءَ ۽ بجليءَ جي سامان، لائوڊ اسپيڪرن ۽ گرئموفون رڪارڊن، سازن، ٽيپ رڪارڊر، فلم پروجيڪٽر جو انتظام ڪرڻ ۽ ٻيا سڀ سنها ٿلها ڪم ختم ڪياسون. مهمانن ڏانهن دعوتون اڳئين ڏينهن تي موڪليون ويون هيون. اسڪولن جي شاگردن ۽ زالن جي داخلا تي ڪابه بندش نه هئي، باقي مردن جون داخلائون جاري ڪيل دعوت نامن ذريعي ٿيڻيون هيون. اسان ڏيڍ هزار ٻارن، زالن ۽ مردن جي ويهڻ جو انتظام ڪيو هو. پنڊال ۾ انتظام سنڀالڻ لاءِ، محترم الانا صاحب جي معرفت، ”خواجه فدائي فوج“ جي والٽيئرن جون خدمتون حاصل ڪيون ويون هيون. ازانسواءِ، هيٺيان دوست ان ڪم جي ٻلي ۽ بيءَ مدد لاءِ موجود هئا؛ ميان علي بخش، سنڌي ادبي بورڊ جو پريس مئنيجر ۽ سندس عملو، محمد امين بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ جو بڪ اسٽال مئنيجر ۽ سندس عملو، فضل الرحيم سومرو، قاضي عبدالحق، محمد دائود بلوچ ۽ ابراهيم شاهه. مرحبائي ڪاميٽيءَ تي هيٺيان دوست رکيل هئا: حميد سنڌي، سراج الحق، تنوير عباسي، مقبول احمد ڀٽي ۽ عبدالغفور انصاري.

14 تاريخ شام جو، ڪراچيءَ کان اسان جا معزز مهمان محترم سيد غلام مصطفيٰ شاهه ۽ محترم سيد حسام الدين شاهه راشدي، محترم محمد ابراهيم جويي سان گڏ حيدرآباد پهچي ويا.

 

پيشڪش:

15 جنوري 1961، آچر ڏينهن صبح جو 8 بجي کان، رنگا رنگي ڪپڙن ۾ ملبوس ٻار- ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا- قطار در قطار، ٽريننگ ڪاليج فارمين ۾ ايندا رهيا. 9 بجي تائين، ٽريننگ ڪاليج جي مکيه عمارت اڳيان جو باغيچو آهي، سو سڄو ئي ٻارن ۽ ساڻن گڏ آيل ماسترياڻين، ماستر صاحبن ۽ معزز شهرين سان ڀرجي ويو. سوائين نائين بجي جلسي جو صدر، محترم سيد غلام مصطفيٰ شاهه، تشريف فرما ٿيو، ۽ ڪاليج جي پرئڪٽسنگ اسڪول ۾ نمائش جو افتتاح ڪيائين.

1- نمائش

پرئڪٽسنگ اسڪول جا ٽي ڪمرا نمائش جي سامان سان ڀريل هئا: ٻن ڪمرن ۾ ٻارن جون ڪڍيل تصويرون هيون ۽ ٻارن جا پنهنجا ننڍپڻ جا فوٽا هئا، ٽڪلين جا البم هئا ۽ سهڻن نظارن جي گڏ ڪيل تصويرن جا البم هئا، ٻارن جا قسمين قسمين رنگا رنگي ڪپڙا هئا، ڀرت جا نمونا هئا، ڀريل چادرون، ٽُڪ وارا رلڪا، ڪاون وارا ٽوپ، سَتارن ۽ زريءَ وارا رومال؛ ۽ ڀانت ڀانت جا عجب جهڙا رانديڪا هئا ۽ ٻيون سوين اهڙيون ننڍڙيون ننڍڙيون، پياريون شيون هيون، جي ٻارن يا سندن مائرن وڏي قرب ۽ محنت سان خاص هن نمائش لاءِ جوڙيون هيون. هڪ الڳ ڪمري ۾ ٻارن لاءِ ڪتاب ۽ رسالا هئا، جي سنڌي ادبي بورڊ ۽ ٻين ناشرن جا ڇپايل هئا.

جن جن اسڪولن هن نمائش ۾ حصو ورتو هو، تن پنهنجي نالي جا بورڊ پنهنجي اسٽال وٽ هڻي ڇڏيا هئا ۽ پنهنجون ماسترياڻيون يا ماستر اسٽال وٽ بيهاريا هئا ته مختلف چيزن بابت ڏسندڙن جي سوالن جا جواب ڏين.

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com