ٻانهي، ڪامروپ جو هيءُ نياپو کڻي نهايت تيزيءَ سان
ڪامسين وٽ پهتي جو بنان دير جي حڪومت پنهنجي وزير
جي حوالي ڪري، تمام تيز گهوڙي تي سوار ٿي گجرات ۾
ان ٻڌايل جهنگ ۾ اچي پهتو. اتي هن هڪ هاريءَ کي
ٻڌايو ته هو هڪ دولتمند واپاري آهي ۽ کيس ٻه ٽي
ڏينهن پاڻ وٽ رهڻ ڏئي. ان جي عيوض راجڪمار هاريءَ
کي هڪ سئو سونيون اشرفيون ڏنيون. هاريءَ وڏي
خوشيءَ سان ههڙي مهمان کي پاڻ وٽ رهايو. هن هاريءَ
جي مدد سان ئي راڻي تائين پنهنجي اچڻ جي خبر
پهچرائي.
جڏهن راجڪماريءَ کي هيءَ خبر پئي، تڏهن ڏاڍو خوش
ٿي ۽ يڪدم مشهور ڪرايائين ته هوءَ پنهنجي سهيلين
سان گڏ جهنگ ۾ پرارٿنا ڪرڻ جي ارادي سان وڃي
رهي آهي اهڙيءَ طرح راجڪماري سهيليون ساڻ ڪري
جهنگ ۾ ٻڌايل هنڌ تي اچي پهتي، جتي گهوڙي تان
لهي وڻ جي سامهون پرار ٿنا لاءِ جهڪي. ڪامسين ان
وڻ جي پور ۾ راجڪماريءَ جو انتظار ڪري رهيو هو.
ڪامروپ جيئن عبادت جو عذر ڪري هيٺ جُهڪي، تيئن
ڪامسين ٻاهر نڪتو ۽ گهڙيءَ اندر راجڪماريءَ کي
گهوڙي تي چاڙهي، پاڻ پٺيان ويهي، گهوڙي کي تيز
ڊوڙايائين. راجڪماريءَ جي سهيلين ڪامروپ کي
گهڻوئي ڳوليو ۽ سڏ ڪيا، مگر ڪو پتو ڪونه پين.
گهڻيءَ تلاش کانپوءِ هڪ ٻئي کي چوڻ لڳيون ته:
”شايد ڪو ديوتا، راجڪماريءَ تي عاشق ٿي پيو هوندو
۽ پاڻ سان وٺي ويو هوندس.“ جڏهن رات جو واپس محلات
۾ آيون ۽ راجا جئسنگراءِ کانئن ڪامروپ جي غير
موجودگيءَ جو سبب پڇيو تڏهن ان جي سهيلين جواب ڏنو
ته:” راجا، هڪ بيحد وڏو پکي آسمان مان هيٺ لٿو ۽
راجڪماريءَ کي اُڏائي کڻي ويو.“
ڪامسين، راجڪماريءَ کي گهوڙي تي کڻي، ڪجهه وقت
گهوڙو رستي سان ڀڄايو، پر پوءِ وري خيال آيس ته
ڪٿي راجا جا تيز گهوڙا نه اچي کين پڪڙين، تنهنڪري
گهوڙي کي جهنگ ۾ لاڙي، هڪ طرف منهن ڏنائي. ڪامسين
ان حالت ۾ سڄو ڏينهن گهوڙو ڊوڙايو. آخر جڏهن رات
پئي، تڏهن پري کان ڪامسين کي ڪجهه دونهون ڏسڻ ۾
آيو. ان کي وسندي سمجهندي، گهوڙي کي ان طرف
هلايائين.ٿوري وقت اندر ڪامسين هڪ جهوپڙيءَ اڳيان
اچي راجڪماري کي لاٿو ۽ اتي رات گذارڻ جو ارادو
ڪيو. ”انسان جي دل ۾ هڪڙي، خدا جي دل ۾ ٻي.“ جنهن
گهر کي هنن آرام لاءِ چونڊيو، ان ۾ هنن لاءِ هڪ
ٻيو دشمن موجود هو. ان گهر ۾ هڪ پوڙهو ماڻهو رهندو
هو، جنهن ڏائڻ سان شادي ڪئي هئي ۽ ان مان چار
راڪاس پٽ هئس. هنن جي گهر ۾ داخل ٿيڻ تي پوڙهي مرد
سندن کلي کيڪار ڪئي ۽ رات رهڻ لاءِ چيو . پر ڳالهه
هيئن ٿي جو ڪامسين کي ڏسندي ئي، ڏائڻ هن تي عاشق
ٿي پئي ۽ راجڪماريءَ کي ان لاءِ مارڻ جو پروگرام
رٿيائين. هن اهو ڪم رات اندر ڪرڻ ٿي چاهيو. رات جو
جنهن وقت هن سمجهيو ته مهمان ننڊ ۾ هوندا، ڏائڻ
پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ انهن ڏانهن هلي، پر
ڏائڻ ڏٺو ته ڪامروپ هٿ ۾ تير ڪمان کڻي، پنهنجي
محبوب تي پهرو ڏئي رهي آهي. ڏائڻ هيءُ ڏسي
راجڪماريءَ کي ڊيڄارڻ لڳي، ليڪن هوءَ ڊڄڻ واري نه
هئي، يڪدم ڪمان ۾ تير وجهي ڏائڻ ڏانهن منهن
ڪيائين. ڏائڻ هڪدم ايڏو ڊگهي ٿي وئي جو سندس مٿو
آسمان سان گسڻ لڳو ۽ نڪ زمين سان. ان کان پوءِ
ڏائڻ پاڻ کي هڪ جبل ۾ تبديل ڪيو ۽ ان حالت ۾
ڪامروپ کي ختم ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي. اهو ڏسي به
ڪامروپ ڪانه ڊني. هن ڇا ڪيو جو تير ڪمان سان ان
جبل جي مرڪز واري جاءِ تي تير هنيو، ائين ڪرڻ سان
تير وڃي ڏائڻ جي دل ۾ لڳو ۽ هوءَ يڪدم پنهنجي
اصلوڪيءَ شڪل ۾ اچي، زمين تي ڪري پئي ۽ ڦٿڪي ڦٿڪي
مري وئي. راجا ڪامسين جڏهن ننڊ مان جاڳيو، تڏهن
راجڪماريءَ سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايس ۽ چيائينس ته:
”اسان کي هيءَ خطرناڪ جڳهه يڪدم ڇڏڻ گهرجي، نه ته
اجهو ٿا ڪي ديو اچن ۽ اسان تي حملو ڪن.“
اهو ٻڌي، راجا ڪامسين، ڪامروپ کي گهوڙي تي چاڙهيو
۽ پاڻ ٽپو ڏئي سندس اڳيان ٿي ويٺو. ان کان پوءِ
اڃان هي ٻئي اهڙي طرح ڀڄڻ ۾ هئا ته هنن ست راڪاس
ڏانهن ايندا ڏٺا جي ان ڏائڻ جا پٽ هئا. ڏائڻ
راجڪماريءَ سان ڪوڙ هنيو هو ته سندس راڪاس پٽ اڳ
۾ قتل ٿي ويا هئا. راجا گهوڙي کي گهڻو ئي ڊوڙايو،
پر سڀ اجايو هو، ڇو ته راڪاس جي رفتار جي هيءَ
حالت هئي ته هڪ قدم ۾ پوري فرلانگ جو فاصلو پئي
هليا. ان مايوسي جي وقت ۾ راجڪماريءَ ورينهنجي
تيرڪان سڌي ڪئي ۽ هڪٻئي پٺيان ڇهه راڪاس ڪيرائي
وڌا، باقي ستون راڪاس هيءُ حال ڏسي، وٺي پٺتي
ڀڳو.
ان کان پوءِ، راجا گهوڙي کي خوب ڊوڙايو ۽ آخر هڪ
پاڻيءَ جي خوبصورت ڍنڍ وٽ اچي پهتا، جنهن جي
ڪنارن تي گهاٽي ڇانو وارا وڏا وڻ ۽ گلن جا ٻوٽا
هئا. هنن اتي ترسي، ٿورو آرام ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽
گهوڙي تان هيٺ لٿا، لهڻ سان هنن هڪ پوڙهو ڏٺو جو
بيمار پئي ڏسڻ ۾ آيو. راجا کي ان تي رحم اچي ويو ۽
پڇيائينس ته تون ڪير آهين؟ پير مرد جواب ڏنو ته:
”مان هرات کان اچان ٿو، مون سان گڏ ٻيا ساٿي به
هئا، پر مان جڏهن بيمار ٿي پيس، تڏهن منهنجو کاڌو
وغيره به پاڻ سان کڻي، مون کي هتي ڦٽو ڪري هليا
ويا. راجا هن کي کاڌو وغيره کارايو ۽ چيو ته: ”تون
اسان جي خدمت چاڪريءَ لاءِ اسان سان رهي پو.“ ان
کان پوءِ راجا ان ڍنڊ ۾ سنان ڪرڻ جو ارادو ڪيو،
پنهنجا ڪپڙا لاهي ۽ تيرڪمان به ان پير مرد کي
ڏنائين ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجڻ ويو، اڃان راجا چيلهه
جيڏي پاڻيءَ ۾ مس ويو ته هن پير مرد جو دراصل، ان
ڏائڻ جو ستون راڪاس پٽ هو ۽ ڀڄي ويو هو، ان تير ،
ڪمان مان ڪشي، راجا کي دل ۾ هنيو، راجا اتي پورو
ٿي ويو ۽ مٿانئس پاڻي وري ويو. ان کان پوءِ راڪاس
راجا جا ڪپڙا پاڻي، سڌو راجڪماريءَ وٽ ويو ۽
ٻڌايائينس ته مون راجا کي ڇڏيو آهي، تنهنڪري تون
هاڻي منهنجي ڪنوار بنج.
راجڪماريءَ سوچيو ته راڪاس جي قبضي مان ائين جان
ڇڏائڻ مشڪل آهي، تنهنڪري مڪر ڪري ان کي شادي جي
قبوليت ڏنائين، پر چيائينس ته: ”تون پاڻيءَ ۾
پهريائين سنان ڪر ته پوءِ مان توسان شادي
ڪنديس.“ راڪاس به راجڪماريءَ جي مڪر کي سمجهي نه
سگهيو، سو تيار ٿي، ڪپڙا لاهي، تلاءَ ۾ وهنجڻ جي
ارادي سان ٽپو ڏنائين. راجڪماري راڪاس سان به ساڳي
ڪار ڪئي. تير، ڪمان ۾ وجهي راڪاس کي اهڙو چٽيائين
جو هو اُتي جو اُتي ختم ٿي ويو. تنهن کان پوءِ
ان جا ڪپڙا لاهي، ٻاهر آندائين ۽ ڪامسين کي به
پاڻيءَ کان ٻاهر ڪڍيائين. مئل راجا کي ٻاهر کڻي
سهار يائين ۽ ان جو مٿو پنهنجي جهوليءَ ۾ رکي،
زور سان ماتم ڪرڻ لڳي. اهڙيءَ طرح پنهنجي محبوب
تي، سڄو ڏينهن روئندي رهي ۽ اڌ رات وقت ان غم ۾
ايڏو پريشان ٿي جو سوچيائين ته هن حياتيءَ کان
مرڻ بهتر آهي. انهيءَ ارادي سان خنجر پنهنجي
ڇاتيءَ ۾ هڻڻ جي سانباهي ۾ هئي.
ڪامروپ جو اهو سڄو لقاءُ مهاديو، عرش تان ويٺي
ڏٺو. ان جي روڄ ۽ راڙي تي کيس ڏاڍو رحم آيو، سو
پرواتيءَ سان گڏ اهو به هيٺ زمين تي لهي آيو. زمين
تي لهڻ کان پوءِ ڪامروپ کان روئڻ جو سبب پڇيائين،
جنهن سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايس. ڪامروپ جي راجا لاءِ
اهڙي سچي محبت ڏسي، مهاديو مئل راجاکي وري زنده
ڪيو جو اکيون مهٽيندي ائين اُٿيو جيئن ڪو ننڊ مان
اٿندو آهي. راجا ۽ راجڪماري ڪامروپ پيار مان
هڪٻئي کي مليا ۽ مهاديو پراوتيءَ سان وري آسمان
تي چڙهي ويو.
ان ئي ڏينهن ڪامسين ۽ ڪامروپ گهوڙي تي چڙهي اڳتي
هليا. سورهين ڏينهن، هنن کي هڪ وڏو شهر سامهون نظر
آيو. جڏهن هو انهيءَ شهر جي هڪ دروازي وٽ پهتا،
تڏهن معلوم ٿين ته انهيءَ شهر جو نالو ديول آهي ۽
اُتي جي راجا جو نالو ڪند آهي. هنن ٻنهي جي اچڻ جي
خبر راجا ڪند کي پئجي ويئي، جنهن هنن کي پاڻ وٽ
گهرايو ۽ اُتي اچڻ جو سبب پڇيو. ڪامسين جواب ڏنو
ته: ”مان ماگرو شهر جي راجا نرڪرپال جو پٽ آهيان،
جهنگ ۾ شڪار ڪرڻ آيس، پر اُتي رستو وڃائي ويٺس.
رات گذارڻ لاءِ هتي آيو آهيان.“ راجا اهو احوال
ٻڌي، هنن جي ڏاڍي خاطرداري ڪئي ۽ پاڻ وٽ رهايو.
ڪامسين ڪجهه ڏينهن اُتي رهيو. هڪ ڏينهن، هڪڙو
هاري، راجا ڪند وٽ اها شڪايت کڻي آيو ته هڪڙو
شينهن سندس ڍڳا ڍور کائي چٽ ڪري ويو آهي ۽ اها
وينتي ڪيائين ته راجا ان شينهن کي مارائڻ جو ڪو
بلو ڪري. هاريءَ جو اهو عرض ٻڌي، راجا ڪامسين ٽپ
ڏئي اُٿيو ۽ چيائين ته:” مون کي اجازت ڏني. وڃي
ته آءُ توهان جي ڪيل احسان جي بدلي ۾ شينهن کي وڃي
ختم ڪريان .“ راجا اها ڳالهه ٻڌي ان کي اجازت ڏني.
ان کان پوءِ بهادر راجا ڪامسين، هاريءَ سان گڏجي
سندس گهر ڏانهن ويو ۽ ڏٺائين ته سچ پچ شينهن هڪ
ڍڳو کائي رهيو آهي. هيءَ ماجرا ڏسي راجا ان طرف
وڌيو. شينهن هڪ انسان جي اها جرئت ڏسي، مٿس حملو
ڪيو. راجا ڪامسين بهادري ڏيکاريندي، تيز تيز
شينهن جي ڇاتيءَ ۾ لنگهائي وڌو، جنهن هن جو ڪم
تمام ڪري ڇڏيو. ان کانپوءِ جڏهن راجا ڪامسين
شينهن کي ناس ڪري راجا ڪند وٽ آيو، تڏهن راجا
خوشيءَ وچان پنهنجي راجڪماري واسوءَ جو سڱ کيس
ڏيڻو ڪيو.
هيءَ ڪماري هڪ وڏي پاپي عورت هئي، جنهن هن کان اڳ
پنهنجا ڪيترا ئي مڙس ماري ڇڏيا هئا. جڏهن کيس خبر
پئي ته ڪند سندس ٻانهن راجا ڪامسين جي حوالي ڪئي
آهي، تڏهن هن ڪامسين کي پنهنجي محلات ۾ گهرايو ۽
جادوءَ جي زور تي هڪ رڍ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ اڱڻ
۾ ڪلي سان ٻڌي قابو ڪري ڇڏيو.
جڏهن راجا ڪامسين نه موٽيو، تڏهن ڪامروپ ڏاڍو
پريشان ٿي. شهر ۾ راجا جي ڳولا ڪيائين، ليڪن ڪو به
پتو ڪونه پيس. آخر گهڻي ڳولا کان پوءِ راجا جي
پيرن جا نشان شهزادي واسوءَ جي محلات ڏانهن ويندي
ڏٺائين. هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪڻ کان پوءِ جڏهن محلات
مان واپس موٽڻ جا نشان نظر نه آيس، تڏهن يڪدم
سمجهي وئي ته واسوءَ ڪو ساڻس ويل ڪيو آهي. پنهنجي
ڪمري ۾ وڃي مرداڻو لباس پائي، واسوءَ جي محلات
هيٺان اچي لنگهي. اوڏيءَ مهل مڄاڻ محلات جي
دريءَ،سان شهزادي ڪامروپ کي واسوءَ ڏسي ورتو ۽ کيس
هڪ سهڻو نوجوان سمجهندي، پنهنجي محلات ۾ اچڻ لاءِ
گهرائي ورتو. انهيءَ دعوت تي هوءَ اندر وئي ۽
ڏٺائين ته هڪ رڍ اڱڻ ۾ ٻڏي بيٺي آهي. ڪامروپ سڄي
ڳالهه سمجهي وئي. يڪدم واسوءَ کي دسي کڻي نوڙيءَ
سان ٻڌائينس ۽ چيائينس ته: ”جيڪڏهن ڪامسين کي آزاد
نه ڪندينءَ ته مان توکي اتي ئي گهٽي ماري ناس ڪري
ڇڏيندس.“
واسوءَ هڪدم وٺي رڙيون ڪيون ۽ سندس گوڙ تي راجا
ڪند پاڻ محلات ۾ لنگهي آيو. راجڪماري ڪامروپ
راجا کي واسوءَ جي ڪيل ڏوهه کان واقف ڪيو. راجا،
ڪامروپ کي واسوءَ کي معاف ڪرڻ لاءِ منت ڪئي، ليڪن
ڪامروپ نه مڃيو ۽ تيستائين نه ڇڏيائينس،
جيستائين هن ڪامسين کي وري انساني روپ ۾ آندو ۽
پوءِ اُن ڏائڻ جي چوٽي ڪتريائين، جنهن ۾ جادوءَ جو
زور هو.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ راجا ڪامسين جي شادي واسوءَ
سان وڏي ڌام ڌوم سان ڪرائي وئي ۽ ان خوشيءَ ۾
راجا ڪيترا ڏينهن شڪار ۾ گزاريا. پر واسوءَ جي
من ۾ ڪامروپ لاءِ ڌڪار جيئن پوءِ تيئن وڌندي رهي.
هڪڙي ڏينهن جڏهن هُن ڪامروپ کي غسل ڪندي ڏٺو ۽
سندس حسن جو پورو جلوو پسيو، تڏهن ته سندس دل ۾
حسد جي باهه ڀڙڪڻ لڳي. ان کان پوءِ ڪامروپ کي
مارائڻ جون سازشون سٽڻ لڳي. پنهنجي وارن وڃائڻ
کان پوءِ، جادوءَ جي وسيلي ته ڪامروپ کي ڪو نقصان
پهچائي نه ٿي سگهي، تنهن هوندي به هن همت نه هاري
۽ ڪامروپ جي خاتمي لاءِ هڪ خطرناڪ سازش سٽيائين.
ان ڏينهن شام جو، جنهن وقت ڪامسين واسوءَ جي محلات
۾ آيو، تڏهن واسوءَ کي ڏاڍو غمگين ڏٺائين ۽ کانئس
ان جو سبب پڇيائين. ليڪن واسوءَ، ڪامسين سان بلڪل
نه پئي ڳالهايو. راجا ڪيترائي سوال پڇيا، مگر واسو
خاموش رهي. ڪجهه دير کان پوءِ ،واسو ٿورو کُلي ۽
راجا کي چوڻ لڳي ته: ”توهان جيڪا خوبصورت ڇوڪري
پاڻ سان آندي آهي، اها توهان سان بي وفا آهي ۽ هڪ
وڏي دغاباز ٿي ڏسجي.“ هي ٻڌي ڪامسين کي ڏاڍو غصو
لڳو ۽ چوڻ لڳو ته: ”مون دنيا جي تختي تي ڪامروپ
جهڙي صاف دل ۽ پوتر عورت ڪانه ڏٺي آهي. ٻه دفعا
ته هن منهنجي زندگي بچائي آهي. مون کي يقين آهي ته
هوءَ مون سان وفادار آهي.“ اُن تي واسو، ڪامسين کي
ٽوڪيندي چيو نه ”چڱو توکي هن ستيءَ تي ايڏو ڀروسو
آهي ته پوءِ سڀاڻي شڪار تي وڃڻ بدران ڪامروپ کي
جاچ ۽ ڏس ته ڪهڙيءَ طرح سندس نوان عاشق ڀتيون ٽپي
هن وٽ وڃن ٿا.“ راجا يڪدم ان رٿ کي مڃيو، ڇاڪاڻ
ته هن کي يقين هو ته اها دعويٰ ضرور ڪوڙي ٿابت
ٿيندي.
ٻئي ڏينهن راجا ڪامسين محلات مان شڪار جي بهاني
سان ٻاهر نڪري ويو. دراصل هو شڪار ڪرڻ ڪين ويو هو،
پر هڪ اهڙي هنڌ وڃي لڪي ويٺو جتان ڪامروپ جي محلات
کي چڱي طرح ڏسي سگهيو ٿي. راجا جي وڃڻ کانپوءِ،
ظالم واسوءَ ڇا ڪيو جو مرداڻو لباس پهري، ڪامروپ
جي محلات جي ڀت تي چڙهي ۽ دريءَ مان اندر داخل ٿي.
ڪامسين اهو سڀ ڪجهه ڏسي غلط فهميءَ ۾ مبتلا ٿي
ويو جيڪي واسوءَ چيو ٿي، سو سراسر سچ آهي. بس
پوءِ ته هڪدم گهوڙي کي ڊوڙائي گهر آيو ۽ جلادن کي
گهرائي، کين حڪم ڏنائين ته:”شهزادي ڪامروپ کي
يڪدم محلات مان وٺي رڻ ۾ نيئي سندس ٻئي اکيون ڪڍي
ڇڏيو.“ راجا اهو قهر جوڪم غصي ۽ ڪروڌ جي باهه
وچان ڪيو.
جلادن حڪم ٻڌڻ کانپوءِ، ڪامروپ کي محلات مان وٺي
هڪ رڻ پٽ ۾ آندو. قضا سان ڪامروپ جو ڪو ڀاڳ ڀلو
هو. جلادن کي ڪامروپ جي حسن ۽ جوانيءَ تي رحم
اچي ويو، تنهنڪري کيس مارڻ بدران ڇڏي ڏنائون، ۽
سندس اکين جي بجاءِ، هڪ هرڻ کي ماري ان جون اکيون
ڪڍي، ۽ موٽي اچي راجا کي ڏيکاريون.
اهڙيءَ ريت ڪامروپ موت کان بچي ويئي، پر محلات ۾
پليل راجڪماري رڻ ۾ اچي رلي، سڄو ڏينهن پنڌ
ڪيائين، آخر پيرن ۾ لڦون پئجي ويس ۽ اڳتي هلڻ جهڙي
نه رهي. انهيءَ حالت ۾، هڪ هنڌ ويهي رهي ۽ غم ۽
اندوهه ۾ اچي روئڻ ۾ ڇُٽڪي. ڪجهه وقت روئڻ
کانپوءِ، کيس اُهي پريون ياد پيون، جن کيس ۽
ڪامسين کي پاڻ ۾ ملايو هو، بس پوءِ ته انهن کي ڏک
مان مدد لاءِ پڪارڻ لڳي. قدرت ڌڻيءَ جي اهڙي ٿي جو
ٿوريءَ دير ۾ هن جي اڳيان هڪ پرين جو ولر اچي
بيٺو. ڪامروپ کين پنهنجي سورن جي ڪهاڻي ٻڌائي .
پرين کي راجڪماريءَ جي هن حال تي ڏاڍو رحم آيو ۽
کيس آسمان تي پنهنجي ولايت ۾ کڻي ويون. اُتي
ڪامروپ جي غم دور ڪرڻ لاءِ کيس هڪ بهترين محلات
۾ رهايو ويو، جنهن ۾ پريون هن جي خدمت چاڪري
ڪنديون هيون، جنهن جي چوڌاري هڪ دلچسپ جنت نما
باغ ۾ عجيب وغريب گل هئا، جن جي خوشبوءِ ۾ وڻندڙ
اثر هو. هي سموريون چيزون راجڪماريءَ جي اڳيان
انهيءَ لاءِ رکيون ويون ته جيئن هوءَ اُتي راضي
رهي ۽ دل جي غم کي وساري ڇڏي.
ٻئي پاسي وري ڪامسين جو عجيب حال هو. هن کي يقين
ٿي ويو هو ته ڪامروپ واقعي دوکيباز عورت هئي.
اهڙن خيالن ۾ جيئن کيس پڪائي ٿيندي وئي، تيئن پاڻ
واسو جهڙيءَ دغا باز ۽ ڏائڻ عورت سان وڌيڪ محبت
ٿيندي ويس. ڪامسين، ڪامروپ کي دل مان وسارڻ کان
پوءِ زندگيءَ جو ڪافي عرصو عيش ۽ مزي ۾ گذاريو،
ليڪن چوندا آهن ته خدا وٽ دير آهي، انڌير ناهي. سو
ڪجهه وقت گذرڻ کانپوءِ، هڪ رات ڪامسين ننڊ مان
جاڳي پيو ۽ جاڳڻ سان هن ائين محسوس ڪيو ته
راجڪماري ڪامروپ بلڪل معصوم هئي ۽ مون ساڻس سان
ظلم ڪيو آهي. انهيءَ قسم جو خيال هن جي دل تي
ايتري قدر ته ڇانئجي ويو جو واسوءَ کي هڪ وڏي
دوکيباز ۽ ظالم عورت تصور ڪرڻ لڳو. آخر هڪ ڏينهن
هن کي ايڏو ته جوش اچي ويو جو خنجر کڻي، ننڊ ۾ ستل
واسوءَ کي هڪ ئي ڌڪ سان پورو ڪري ڇڏيائين. ان
کانپوءِ، يڪدم گهوڙي تي سوار ٿي شهر مان نڪري ويو
۽ ريگستان ۾گهوڙي کي ڊوڙائيندو رهيو. ڪامروپ جي
فراق ۾، ڪامسين پنهنجو راجائي لباس پاڙي، ڇيهون
ڇيهون ڪري ڇڏيو ۽ اڌ چرئي ماڻهوءَ جي حالت ۾ رڻ ۾
هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪندو ۽ رلندو رهيو.
ڪامسين انهيءَ حالت ۾ جهنگن ۽ بيابان ۾ ڪيترا
ڏينهن رلندو رهيو. آخر هڪ ڏينهن ٿڪجي هڪ ڍنڍ جي
ڪناري تي بيٺل وڻ جي ڇانو ۾ وڃي ويٺو. اُن وڻ تي
ٻه پکي ويٺا هئا، جن مان هڪ ٻئي کي چيو ته: هن
وڻ هيٺان ويٺل جيڪو ماڻهو ڏسين ٿو. انهيءَ جسو قصو
نهايت عجيب اهي. اهو محبت جو مريض آهي، ليڪن هن
پاڻ ئي پنهنجي بي گناهه معشوق کي مارڻ جو حڪم ڏنو
هو.“ اها ڳالهه ٻڌي ٻئي پکيءَ کي ڏاڍو عجب لڳو،
هو چوڻ لڳو: مهرباني ڪري مون کي انهيءَ ماڻهوءَ جي
سموري آکاڻي ٻڌاءِ.“ پوءِ پهرئين پکي، ڪامسين جي
غلط فهميءَ ۽ ڪامروپ کي سزا ڏيڻ وارو سربستو قصو
هن کي بيان ڪري ٻڌايو ۽ چيائينس ته:”اڃا به هڪ
رستو آهي، جيڪڏهن هن ماڻهوءَ کي اُهو معلوم ٿي
وڃي ته: راجڪماري ڪامروپ کي وري به حاصل ڪري سگهي
ٿو. هن کي اٺ ڏينهن باهه تي روزو رکي وهڻو پوندو ۽
دونهين مان ساهه کڻڻو پوندو. اٺين ڏينهن، پرين جو
ٽولو، پنهنجي راڻي شپوري ۽ ڪامروپ سان هن تلاءَ
تي وهنجڻ ايندو. هن کي ان وقت موقعي مان فائدو
وٺڻو آهي. جڏهن سڀئي پريون تلاءَ ۾ وهنجڻ لاءِ
داخل ٿي وڃن، تڏهن هن کي راڻيءَ جي ڪپڙن تي قبضو
ڪرڻ گهرجي ۽ تيستائين ڪپڙا نه ڏيڻ گهرجن، جيستائين
راڻي، راجڪماري ڪامروپ جي ٻانهن سندس حوالي نه
ڪري.“
ڪامسين وڻ هيٺان پکين جي اها سموري گفتگو وڏي ڌيان
سان ٻڌي رهيو هو . انهيءَ راز کي معلوم ڪندي ڪڏهن
دل ۾ اميد پيدا ٿئيس ٿي ته ڪڏهن وري مايوسي. آخر
هو انهيءَ ٻڌل طريقي موجب اٺ ڏينهن باهه تي روزو
رکي ويٺو ۽ دونهين مان ساهه کڻندو رهيو. آخر اٺين
ڏينهن پرين جو ٽولو پنهنجي راڻي شپوري ۽ ڪامروپ
سميت انهيءَ تلاءَ تي اچي لٿو. ڪامسين تلاءَ جي
ڀر ۾ وڻن جي اوٽ ۾ ايستائين لڪو ويٺو رهيو،
جيستائين سڀني پنهنجا ڪپڙا لاٿا ۽ وهنجڻ جي ارادي
سان پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏنو. ان کان پوءِ، ڪامسين نهايت
آهستگيءَ سان راڻي شپوري جي ڪپڙن تي قبضو ڪري اُهي
پاڻ سان کڻي ۽ پنهنجي ساڳيءَ جڳهه تي اچي لڪي
ويٺو. ٿوري وقت کان پوءِ، هر هڪ پري، پاڻيءَ مان
نڪري پنهنجا ڪپڙا پاتا ۽ جڏهن راڻيءَ جو وارو آيو
ته جان ڏسن ته ڪپڙا غائب آهن. هن ڏاڍي ڳولا ڪرائي
مگر بي سود ان کان پوءِ، هنن ڪپڙن جي تلاش لاءِ
جهنگ ۾ ڳولا ڪرائي. اُتي ڳولا ڪندي، هنن ڪامسين کي
ڏسي ورتو جيڪو راڻيءَ جا ڪپڙا پنهنجي ڪڇ ۾ ڪيو لڪو
ويٺو هو. هي حال ڏسي پرين جي راڻي غصي ۾ ڳاڙهي ٿي
وئي ۽ پنهنجي ڪپڙن جي واپسي ءَ لاءِ ڪامسين کي حڪم
ڪيائين . اهو حڪم ٻڌي، ڪامسين وراڻيو ته ڪپڙن جي
عيوض کيس ڪامروپ جي ٻانهن ڏني وڃي. اهو جواب ٻڌي
پرين جي راڻي غصي ۾ اچي هڪ ننڍي راڪاس جي شڪل ۾
تبديل ٿي وئي ۽ ان کان پوءِ هاٿيءَ جي شڪل ۾ مٽجي
وئي. هاٿيءَ جي شڪل ۾ اچي ڪامسين کي لٿاڙي مارڻ
جي ڌمڪي ڏنائين. ليڪن ڪامسين به پرواهه ڪانه
ڏيکاريس ۽ چيو ”هن زندگيءَ کان موت بهتر آهي.
ڪامروپ سان گڏ رهڻ حياتي آهي ۽ ان کان سواءِ مان
موت کي آجيان ڪندس.“ هي جواب ٻڌي، پرين جي راڻيءَ
جو غصو رحم ۾ تبديل ٿي ويو ۽ هن جي دل نرم ٿي
ويئي، جڏهن ڪامروپ، ڪامسين کي ائين ليلائيندي ڏٺو
تڏهن پاڻ به ان سان گڏ راڻيءَ کي منتون ڪرڻ لڳي.
چوڻ لڳي ته: ”مون کي هن جي حوالي ڪريو توهان ئي
اسان ٻنهي کي پاڻ ۾ ملايو هو. سو هاڻي ڪيئن ٿيون
جدا ڪريو.“ ڪامروپ کي ليلائيندي ڏسي، راڻي شپوريءَ
سندس ٻانهن ڪامسين جي حوالي ڪئي ۽ ان جي عيوض ۾
پنهنجا ڪپڙا واپس ورتا.
ان کانپوءِ راڻي جي حڪم سان پرين هنن ٻنهي عاشقن
کي مٿي کنيو ۽ هوا ۾ اڏائي، سنڌ ڏيهه جي مٿان
آندو. جڏهن کين ٿورو هيٺ لاٿائون، تڏهن راجا
ڪامسين پنهنجي تختگاهه ماگرور کي سڃاتو. هيٺ لاهڻ
کان پوءِ کين شپوري ٻڌايو ته هيءَ توهان جي
بادشاهي آهي، ليڪن هڪ مڪار ماڻهوءَ توهان جي فوج
کان حڪومت کسي پنهنيج قبضي ۾ رکي آهي. ايترو چئي
پريون اکين کان گم ٿي ويون.
پرين کان هيءَ ڳالهه ٻڌي، راجا ڪامسين وڏيءَ
ڳڻتيءَ ۾ اچي ويو ۽ ٿورو سوچي ڪامروپ کي
چيائين ته: ”ماگرور شهر جي اتر طرف منهنجو هڪ
محلات آهي، مان سمجهان ٿو ته اتي ڪو به ڪونه پهتو
هوندو. اسان کي اتي هلي ڪو مشورو ڪرڻ گهرجي.“ ائين
چئي ان طرف وڌيا ۽ اڌ رات جو هي ٻئي محبت جا
متوالا ان خالي محلات ۾ وڃي پهتا. ان محلات ۾ ٻنهي
خوشي ۽ سڪ ۾ رات گذاري، ليڪن ساڳئي وقت پنهنجي
آئينده جو اونو به گهڻو رهين.
صبح جو جڏهن ڪامسين پنهنجي محلات جي دريءَ کان هيٺ
ڏٺو، تڏهن سندس نظر وڃي هڪ پوڙهيءَ عورت تي پيئي،
جنهن هن کي نپايو هو. ان کي آواز ڏنائين ، جنهن
خوشيءَ مان ڊوڙي اچي ڪامسين جو خير مقدم ڪيو.
پوڙهيءَ راجا کان سندس ايڏي لنبي عرصي جي غير
حاضريءَ جو سبب پڇيو.ر اجا پنهنجي سورين تڪليفن ۽
ڏکن ڏاکڙن سان ڀريل سفر جو بيان ڪيو ۽ کيس ٻڌايو
ته ڪيئن کيس ۽ ڪامروپ کي پريون هتي پهچائي ويون
آهن. ان کان پوءِ راجا پوڙهيءَ کان پڇيو ته منهنجي
غير حاضريءَ ۾ ڇا وهيو واپريو ۽ اهو ماڻهو ڪير
آهي، جنهن منهنجي تخت تي ناجائز قبضو ڪيو آهي؟
راجا کي هن پوڙهي عورت نهايت ڏک واري لهجي ۾
ٻڌايو ته: ”مهاراج، توهان جي وڃڻ کان پوءِ هڪ سال
کن ته رواجي طرح حڪومت جو چرخو امن ۽ شانتيءَ سان
هلندو ته رهيو ليڪن ان کان پوءِ جڏهن توهان جي
باري ۾ ڪا خبر نه آئي، تڏهن توهان لاءِ همدردي ۽
وفاداري ماڻهن جي دلين مان غائب ٿيڻ لڳي. ملڪ جون
اهي حالتون ڏسي، هڪ دشمن، جنهن جو نالو شاهه دمڪه
آهي، تختگاهه تي حملو ڪيو ۽ شهر جا سمورا دروازا
ڀڃي اندر داخل ٿيو. شهر تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ
توهان جي وزير نذر سيف کي قيد ڪيائين ۽ توهان جي
حڪومت تي قبضو ڪيائين. هينئر توهان جو تاج ۽ توهان
جا خزانا سڀ هن جي قبضي ۾ آهن ۽ مون کي ڪو رستو
ڪونه ٿو سجهي، جو توهان اهي واپس حاصل ڪري سگهو.“
هيءَ ٻڌي راجا ڪامسين کي ڏاڍي حيراني لڳي. ليڪن دل
نه هاريائين ۽ پوءِ ڪاغذ تي هي پيغام پوڙهيءَ جي
معرفت شاهه دمڪه ڏانهن موڪليائين ته: ”اي غاصب!
تولاءِ مناسب آهي ته حڪومت مان چپ چاپ نڪري وڃ،
ٻيءَ حالت ۾ مون سان مقابلي لاءِ تيار ٿيءُ.“
جڏهن شاهه دمه هيءُ خط پڙهيو، تڏهن پوڙهيءَ کان
پڇيائين ته: ”راجا ڪامسين ڪٿي آهي ۽ هن ساڻ ڪيترو
لشڪر آهي؟“ کيس جواب مليو ته: ”هو فلاڻي محلات ۾
لٿل آهي ۽ اڪيلو آهي.“ اهو جواب ٻڌي شاهه دمڪه هڪ
چڱو لشڪر تيار ڪري هن سان وڙهڻ لاءِ محلات ڏانهن
وڌيو.راجا ڪامروپ جڏهن شاهه دمڪه جي فوج کي ايندو
ڏٺو، تڏهن هن هڪ دفعو وري پرين کي مدد لاءِ
پڪاريو. انهيءَ گهڙيءَ م“ پرين جو هڪ وڏو لشڪر
آسمان تان هيٺ لٿو، ديون ۽ راڪاسن جي شڪل اختيار
ڪري، شاهه دمڪه جي فوج تي حملو ڪيو، ۽ انهن سخت
خوف ۽ هراس ڦهلايو. هي حال ڏسي شاهه دمڪه جي فوج
هر طرف ڀڄڻ لڳي، ليڪن ديون ۽ پرين هنن جو پيڇو
ڪيو ۽ ڪيترن کي ماري قتل ڪري ڇڏيو، ۽ ڪيترا راجا
ڪامسين جي پيش پيا. شاهه دمڪه جو ننڍو پٽ شاهه
صادق پيش پيو، جنهن کي راجا ڪامسين پناهه ۾ ورتو.
خود شاهه دمڪه کي ڀڄڻ وقت ديون ماري وڌو هو.
جڏهن هيءَ لڙائي ختم ٿي، تڏهن راجا ڪامسين وڏي
شاندار نموني سان پنهنجي شهر ماگرور ۾ داخل ٿيو ۽
پنهنجي اڳئين وزير نذر سيف کي قيد مان آزاد
ڪيائين، ۽ پوءِ ان جي ئي مدد سان هو پنهنجي تخت تي
ويٺو، ۽ سنڌ ڏيهه ۾ راڄ ڪرڻ لڳو. راجا هڪ وڏو
مضبوط قلعو ٺهرايو ۽ ڪيترائي سال سنڌ ۾ انصاف ۽
رحم سان حڪومت ڪندو رهيو. جيڪڏهن حقيقت جي نگاهه
سان ڏسجي ته راجا ڪامسين لاءِ سڀني خزانن ۽ تاج
کان وڌيڪ قيمت واري ملڪيت راجڪماري ڪامروپ هئي،
جنهن ڪيترا دفعا هن جي حياتي بچائي ۽ جنهن جي ئي
تعاون سان هن پنهنجي ويل حڪومت وڏيءَ سوڀ سان
حاصل ڪئي ۽ پنهنجي رعيت وٽ وڏي شان ۽ عزت
آبروءَ سان موٽي اچي حڪومت جون واڳون سنڀالون
11-
سيف الملوڪ
ڪنهن زماني ۾، هاشم شاهه نالي هڪ بادشاهه، مصر ۾
راڄ ڪندو هو هن جي پيءُ جو نالو شاهه سفيان هو، جو
گذر ڪري چڪو هو. هاشم شاهه وڏو درلتمند ۽ طاقت
وارو بادشاهه هو ۽ سندس رعت ڏاڍي آسودي هئي. قدرت
خدا جي اهڙي جو کيس پٽ جو اولاد ڪونه هو، باقي
دنيا جا ٻيا سڀ سک ۽ سهنج نصيب هئس. جوانيءَ
واري عرصي ۾ ته بادشاهه کي پٽ جي ضرورت گهڻي
محسوس ڪانه ٿي، پر جڏهن ستر ورهين جو پوڙهو ٿي
چڪو، تڏهن انهيءَ حقيقت کيس ڏاڍو ملول ڪيو ۽ ان
غم ۽ اندوهه ۾ هڪڙي ڏينهن اوچتوئي اوچتو پاڻ کي
محلات جي هڪ ڪمري ۾ بند ڪيو ۽ وزيرن ۽ اميرن سان
ملڻ کان منهن موڙي ڇڏيو . بادشاهه جي هن هلت ڪري،
آخرڪار حڪومت جو چرخو بيهجي ويو، ڇو ته ڌنار کان
سواءِ ڌڻ ڪيئن سلامت رهي؟ ملڪ ۾ ڏينهون ڏينهن
بدامين ڦهلجي ويئي، آخر انهيءَ صورتحال بادشاهه جي
وزير صالح کي ڏاڍو پريشان ڪيو ۽ هڪ ڏينهن
بادشاهه جي مرضيءَ خلاف زبردستيءَ سان محلات ۾
داخل ٿيو ۽ بادشاهه جي آڏو نهايت ادب ۽ احترام
سان چوڻ لڳو ته : ”جيئندا قبلا! آءُ توهان جي غم
جو سبب پڇي سگهان ٿو؟ مون کي يقين آهي ته جيڪڏهن
بادشاهه سلامت مون کي ان کان واقف ڪرڻ فرمائيندو
ته مان ان کي دور ڪرڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿيندس.“
بادشاهه ورندي ڏني ته: ”اي وزير، منهنجو غم معمولي
قسم جو نه آهي، توکي خبر آهي ته مون وٽ دنيا جي
هر نعمت موجود آهي، دولت جا بي انداز خزانا آهن ۽
طاقتور فوج آهي، ليڪن پٽ جي اولاد کان محروم
آهيان. هينئر منهنجي موت کان پوءِ منهنجو تخت ڪير
سنڀاليندو؟ مصر ملڪ جي حڪومت جو ڪير وارث بڻبو.“
هيءَ ڳالهه ٻڌي، وزير عرض ڪيو ته: ”بادشاهه سلامت،
منهنجو خيال آهي ته نجومين کي گهرايو وڃي، مون کي
اميد آهي ته هو پنهنجي علم ۽ نجوم جي وسيلي اوهان
جي ان غم جو ڪو نه ڪو علاج ضرور ڳولي ڪڍندا.“
بادشاهه کي وزير جي صلاح دل سان آئڙي ۽ نجومين کي
پاڻ وٽ گهرايو ۽ کين حڪم ڪيو ته هو حساب ڪري کيس
پنهنجي غم جي علاج جي ڪا ترڪيب ٻڌائين. نجومين ٽن
ڏينهن جي مهلت گهري، هنن انهيءَ عرصي ۾ آسماني
لنکيترن ۽ سيارن کي خوب جاچيو ۽ ان کان پوءِ چوٿين
ڏينهن درٻار ۾ اچي، بادشاهه کي عرض ڪيائون ته :
”بادشاهه سلامت، اسان کي نجوم جي حساب مان معلوم
ٿو ٿئي ته جيڪڏهن توهان يمن جي بادشاهه شرف شاهه
جي شهزاديءَ سان شادي ڪندو ته توهان کي ان مان
ضرور پٽ جو اولاد ٿيندو. |