پر ننگر جو پيءُ چنيسر وانگر غدار نه هو، تنهن
فوراََ بادشاهه کي فخر سان جواب ڏنو ته: ڪا به
سومري شهزادي اڄ تائين ڌارئي سان نه پرڻي آهي.
جيڪڏ هن توکي ڳيلي شهزاديءَ سان شادي ڪرڻي آهي، ته
پوءِ توکي ان جو سڱ اسان جي تلوارن سان کٽڻو
پوندو.“ اهو جواب ٻڌي، جوش ۾ علاوالدين جو منهن
ڳاڙهو ٿي ويو ۽ پنهنجي سپاهين کي ننگر کي گرفتار
ڪرڻ جو حڪم ڏنائين. ننگر شهزادو وڏيءَ بهادريءَ
سان وڙهيو، پر زخمن ۾ چُور ٿي ڪري پيو. چنيسر ان
جي لاش کي کڻائي کٽ تي رکيو ۽ روپا شهر ڏانهن
موڪليو. جڏهن شهزادي ڪاويل، جا پنهنجي مڱيندي ننگر
جي واپسيءَ جو انتظار ڪري رهي هئي، تنهن ڏٺو ته ان
جو لاش کٽ تي آندو ويو آهي، تڏهن هن هڪدم هڪ چکيا
تيار ڪرائي ۽ مڙس سان گڏ سڙي خاڪ ٿي ويئي.
محلات اندر دودي جي راڻي، ڀاڳيءَ کي چئي رهي هئي:
”ڀيڻ! تنهنجي واسطي ڇو اجايو ايتري خون خرابي
ٿئي؟ جيڪڏهن تنهنجو ڀاءُ توکي علاوالدين بادشاهه
جي حوالي ڪري، ته جيڪر سموري خون خرابي بند ٿي
وڃي.“ اها ڳالهه ٻڌي، ڀاڳي دودي وٽ وئي ۽
چيائينس ته: ”ادا، اوهان منهنجي ڪري لڙائي نه
ڪريو ۽ مون کي کڻي علاوالدين جي حوالي ڪريو.“
دودي سڀني سومرن کي گڏ ڪيو ۽ کانئن سوال ڪيو ته:
”اوهان سوچي ويچاري ٻڌايو ته سومري سردار کان
سواءِ ڪا به سومري عورت ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ کي
ڪڏهن ڏني وني آهي؟“ وراڻيو، ”اسان ته ڪڏهن به اهڙي
ڳالهه نه ٻڌي آهي، پر هتي ڀاڳ نالي هڪ فقير آهي،
جنهن کي سومرن بادشاهن جي سورهن پيڙهين جي خبر
آهي، ان کان پڇا ڪري ڏسجي.“
دودي بادشاهه ڀاڳ کي هڪدم درٻار ۾ گهرايو ۽ هن کان
جواب گهرائين. ڀاڳ چيو ته: ”بادشاهه سلامت! سومرن
جي سورهن پيڙهين مان ڪنهن به سومري پنهنجي نياڻي
ڌارين کي نه ڏني آهي.“ دودي اهو جواب ٻڌي چيو ته
”جيڪڏهن اسانجن وڏن ڪڏهن به ائين نه ڪيو آهي ته
آءُ هرگز ڪين ڪندس. هاڻي مون کي رڳو اهو ٻڌائي ته
اُها ڪهڙي جاءِ آهي، جتي مان پنهنجي ٻارن ۽ سومرن
سردارن جون زالون حفاظت هيٺ رکي سگهان؟ ڀاڳ وراڻي
ڏني ته: ”آبڙاڻي ڳوٺ ۾ هڪ ابڙو آهي، جيڪو سومرين
جي سنڀال مرڻ گهڙيءَ تائين ڪندو.“ بادشاهه ڀاڳ کي
ان ماڻهوءَ لاءِ خط ڏئي روانو ڪيو.
ابڙائي واري ابڙي، ڀاڳ جو آدرڀاءُ ڪيو ۽ بادشاهه
جو خط پڙهي کيس چيائين ته: ”بادشاهه کي چئج ته مان
سومرين جي ننگ ناموس جي مرڻ گهڙيءَ تائين حفاظت
ڪندس.“ ڀاڳ، ابڙي جو اهو نياپو بادشاهه تائين
پهچايو، جنهن کيس حڪم ڪيو ته سومرين کي ابڙي وٽ
وٺي وڃي. ابڙي هنن عورتن کي کلي کيڪاريو ۽ محلات
۾ ويهاريو ۽ پنهنجو سڀڪجهه سندن حوالي ڪيو. پوءِ
دودي کي چوائي موڪليائين ته: ”توهان جون امانتون
اسان وٽ محفوظ آهن، تنهنڪري مڙسن وارو مقابلو
ڪجو. ڏسو متان سنڌ جي مٿان ڪا آفت آڻيو ۽ سومرن جو
نالو نشان ناس ڪري ڇڏيو.“
جڏهن دودي کي يقين ٿيو ته سندس ٻار ٻچا ۽ ٻيو
سومريون عورتون محفوظ آهن، تڏهن شهر جي چوڌاري
هڪ وڏي کاهي کڻايائين ته جيئن حملي وقت دشمنن جا
گهوڙا ان ۾ ڪري پون. ان کان پوءِ پنهنجي لاءِ هڪ
مضبوط اوزار ٺهرايائين، ڇاڪيائين جو هڪ گهاٺي جي
هٿئي ۾ شيعور وجهرايائين، ان جي هڪ پاسي کان چار
تلوارون ۽ ٻئي پاسي ٽي تلوارون مضبوطيءَ سان
ٻڌرايائين، پوءِ اهو هٿيار کڻائي پنهنجو لشڪر
وٺي، علاوالدين جي بي پناهه لشڪر تي ڌوڪي آيو.
شروع ۾ سومرن جي ساري پئي نظر آئي ۽ دودو پنهنجي
فوج سان اڳتي وڌندو رهيو ۽ وڃي علاو الدين بادشاه
جي ويجهو پهتو علاوالدين اهو ڏسي چنيسر کان پڇڻ
لڳو ته: ”اهو ڪير جوان آهي؟“ چنيسر جواب ڏنو ته:
”اهو منهنجو ڀاءُ دودو آهي، جنهن مون کان تخت ٺڳي
ورتو آهي.“ علاوالدين هي چوڻ تي مجبور هو ته:
”توڙي هن توکان تخت ڦري ورتو آهي، ليڪن هو سڀني
سومرن سردارن ۾ وڌيڪ بهادر ٿو ڏسجي.“ دودو
بادشاهه کي تير هڻڻ وارو هو، جڏهن هن سندس واتان
پنهنجي تعريف جا لفظ ٻڌا ته هڪدم پنهنجي تير
ڪمان هيٺ کڻي ڪيائين ۽ وراڻيائين ته: ”جيتوڻيڪ
علاو الدين اسان جو دشمن آهي، ليڪن هو بهترين
خاندان جو انسان آهي، ان کي نه مارڻ گهرجي،“ ٻئي
پاسي علاوالدين ، دودي ۽ سندس ماڻهن تي حملي ڪرڻ
جو حڪم ڏنو. حڪم جي دير هئي، دودو ۽ ٻيا ڪيترائي
سومرا سردار ميدان ۾ وڙهندي مارجي ويا.
علاوالدين دودي جي لاش جي تلاش جو حڪم ڏنو ۽
جڏهن هٿ آيو تڏهن چنيسر جي حوالي ڪرايائين. ڀاءُ
جو لاش ڏسي، چنيسر زارو زار روئڻ لڳو. اهو حال
ڏسي علاو الدين کي سخت غصو آيو ۽ چوڻ لڳو ته:
”مون کي سنڌ تي ڪاهڻ جي دعوت کان اڳ ۾ توکي سوچڻ
گهربو هو. جيڪڏهن مون کي دودي جي بهادريءَ جي خبر
اڳ ۾ پوي ها، ۽ تنهنجي گيدائپ جو به پتو هجي ها ته
يقينا تنهنجي مدد ڪڏهن به ڪانه ڪريان ها. هاڻي
سگهو ڪر، ڀاڳي ۽ ٻيو سومريون عورتون اسان جي
اڳيان حاضر ڪر.“
چنيسر روپا شهر ۾ داخل ٿيو، ڇا ڏسي ته شهر ماڻهن
کان خالي پيو آهي. مرد سڀ جنگ ۾ مري چڪا هئا ۽
عورتون ابڙي وٽ پناهه ۾ رهيون. چنيسر اها ڳالهه
بادشاهه علاوالدين کي وڃي ڪئي، جنهن ابڙائي واري
ابڙي ڏانهن خط لکيو ته: ”سومريون عورتون هڪدم مون
ڏانهن ڏياري موڪل، ان جي عيوض مان توکي ملتان ۽
ماٿيلي جي جاگير ڏيندس.“ جواب ۾ ابڙي سخت نابري
واري ۽ علاوالدين سان مقابلي لاءِ تياري ڪرڻ لڳو.
پهريائين ته ابڙي، علاوالدين جي لشڪر کي ڀڄائي
ڪڍيو، پر پوءِ علاوالدين خود: لشڪر جو مهندار ٿي،
ابڙي سان وڙهڻ آيو. اهو ڏسي، ابڙي ڀاڳي ۽ ٻين
سومرين کي دلجاءِ ڏني ته آءُ پنهنجي جان اوهان جي
حفاظت لاءِ فدا ڪندس، اوهان کي ڪو به فڪر نه ڪرڻ
گهرجي. ان کان پوءِ پنهنجو پٽ ممات ۽ ٻيا ماڻهو
ساڻ وٺي علاوالدين سان وڙهڻ ويو. پهريائين ممات
شهيد ٿيو ۽ ڀاڳي ان جي لاش کي ڏسي، ائين رُني،
جيئن ڀيڻ ڀاءُ جي خون تي ڳوڙها ڳاڙيندي آهي. ان
بعد ابڙو ڪريو ۽ وعده مطابق پاڻ کي اندر زالن ۾
کڻائي ويو ته جيئن آخري دفعو انهن کي ڏسي سگهي.
ابڙي جي موت تي سومريون سڀڪجهه وڃائي ويٺيون ۽
الله پاڪ کان دعا گهريائون ته امن ۾ رکي ۽ عزت
بچائي . بس الله جي قدرت اهڙي ٿي جو اتي جو اتي
زمين ڦاٽي پئي ۽ سڀني کي ڳهي ويئي.
علاوالدين، آبڙاني ڳوٺ تي حملو ڪيو ۽ ابڙي جي گهر
سپاهي موڪليائين ته وڃي ان جو سر ڪپي آڻين. اُهي
اُندر ويا، ليڪن ان مرندڙ ابڙي جي منهن ۾ ايڏو ته
رعب هو، جو هو دل جهلي نه سگهيا ۽ موٽي ويا.
شهنشاهه ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ هنن کي ٻيهر سر ڪپڻ لاءِ
موڪليائين، پر هن دفعي ابڙي جو ننڍو پٽ ڏونگري، جو
هن وقت تائين کٽ تي سمهيو پيو هو، اُهو رانديڪي
واري تلوار کڻي پيءُ جي بچاءُ لاءِ بيهي رهيو.
سپاهي وري به موٽي ويا ۽ بادشاهه کي ڏونگريءَ جي
خبر ڏنائون ۽ عرض ڪرڻ لڳا ته”بادشاهه سلامت!
ننڍڙي ڇوڪري کي گهرائي وٺو، ڇو ته ان معصوم کي
مارڻ تي اسان جي دل نه ٿي آماده ٿئي.“ بادشاهه
ڏونگريءَ کي پاڻ وٽ گهرائي ورتو ۽ ان کان پوءِ
سپاهين ابڙي جو سِر ڪپي آڻي علاوالدين جي پيرن
۾ ڦٽو ڪيو. علاوالدين هن ننڍڙي جي جرئت تي ايڏو
ته خوش ٿيو جو چوڻ لڳو ته: ”مان چنيسر جي جاءِ تي
توکي سنڌ جو بادشاهه بڻائيندس.“ اهو ٻڌي چنيسر
ڪاوڙ مان چوڻ لڳو ته: ”منهنجي ايڏي محنت ۽ ڪشالن
کان پوءِ آءُ حڪومت کان محروم رهندس؟“ چنيسر ائين
چئي، پنهنجي دوستن ۽ ساٿين کي ساڻ ڪري علاوالدين
سان اهڙو خوفائتي نموني وڙهيو جو پڇاڙيءَ ۾ جڏهن
چنيسر ۽ سندس سمورا ماڻهو مارجي ويا، ته
علاوالدين وٽ به فقط ست گهوڙي سوار وڃي بچيا.
علاوالدين، ڏونگري کي سنڌ جو تخت ڏنو ۽ پاڻ دهليءَ
جو رستو ورتائين. جڏهن مير پور ماٿيلي وٽ پهتو ته
کيس يادگيري پئي ته دهليءَ مان نڪرڻ وقت ڪيڏو
اٿاهه لشڪر وٺي هليو هو ۽ هاڻي واپسيءَ ۾ ست
گهوڙي سوار ڪهڙي منهن سان وٺي وڃان. بس اهو سوچي،
ميرپور ماٿيلي ۾ رهي پيو ۽ اُتي هڪ وڏو مقبرو
ٺهرايائين. تنهن کان پوءِ جڏهن اُهو ٺهي تيار
ٿيو، تڏهن هڪ زهري گوري کائي پاڻ کي آپگهات
ڪيائين، کيس ان ٺهيل مقبري ۾ دفن ڪيو ويو. انهيءَ
ڪري ئي، ماڻهو کيس اڃان تائين علاوالدين ”گوري“
(1) ڪوٺيندا آهن. سندس ست گهوڙي سوار اُتي ئي رهي
پيا ۽ انهن جا پوئير اتي مجاور رهندا اچن ٿا.
نوٽ لکو: سنڌي زبان ۾ گوري ، ڦڪيءَ کي چوندا آهن.
نعيءَ روايت غلط معلوم ٿئي ٿي، علاو الدين جي
خاندان جو نالو خلجي هو ۽ نه”گوري“ هن دهليءَ ۾
وفات ڪئي ۽ سندس آخري آرام گاهه اڄ به اتي قطب
مينار جي لڳ موجود آهي.
6
نوري ۽ ڄام تماچي
ڪنهن زماني ۾، هڪ سمو شهزادو، ساريءَ سنڌ تي راڄ
ڪندو هو، جنهن کي ڄام تماچي ڪري سڏيندا هئا. هڪ
ڏينهن جڏهن هو ٻيڙيءَ ۾ ويهي ڪينجهر ڍنڍ جو سير
ڪري رهيو هو، ته اچي مڇي ماريندڙن جي بستيءَ
وٽان لنگهيو، جن کي مهاڻا چوندا آهن. هو سڄو سال
مڇي ڦاسائيندا، کائيندا ۽ وڪڻندا هئا ۽ هنن جي
جسماني گولائپ شمار ڪرڻ کان ٻاهر هئي. زالون
عمر کان اڳ پوڙهيون هيون، ڪوجهيون ۽ گدليون هيون
۽ سارو جسم روڳي هون. هنن ۾مڇي ءَ جي بدبوءِ
هئي ۽ سندن هر شيءِ ۾ ساڳي قسم جي بانس. ڇا
ٽوڪرا، ڇا ڄار ۽ ڪُڙهيون ۽سندن رهڻ وارا پکا، سڀ
ان بانس سان ٽٻٽار هئا. حالت هيءَ هئي جو جيڪڏهن
سندن ڪپڙن کي هٿ لائجي ته سارو ڏينهن هوند
انهيءَ ڌپ کان، پنهنجي پاڻ کان بُڇان اچي ۽
ٻين اڳيان لڄي ٿيڻو پوي، ڇو ته اُها بانس هن جو
پيڇو ڇڏڻ واري نه هئي. سندن ٻار به مائٽن وانگر
گدلا هئا، ڇاڪاڻ ته هو پاڻيءَ ۾ رهيا ٿي ۽ ترڻ ۽
ٽُٻين هڻڻ ۾ لڌڙن کان به وڌيڪ تيز هوندا هئا،
جيڪي ٻوڙن ۽ سرن ۾ رهندا هئا. اهي سَرَ ۽ ٻوڙا
اڪثر ڪري ڍنڍ جي ڪنارن سان جهڳٽا ڪيو بيٺا
هوندا آهن.
مگر نوري نالي هڪ مهاڻي ڇوڪري وري اهڙي سهڻي هئي،
جو ٻين ڏانهن نهاريندي حيرت وٺي ويندي هئي. سندس
اکيون ڄڻ ٻه ڏيا ٿي چمڪيا. هن جا ڳل گلابي رنگ جا
هئا، پر هوءَ ساري سنڌ ۾، سونهن ۽ سوڀيا ۾، پنهنجو
مٽ پاڻ هئي. ٻين مهاڻين ڇوڪرين وانگر نڪي ميري
هئي، نڪا منجهانئس ڪني بوءِ ٿي آئي، بلڪ هوءَ صاف
سٿري، نازڪ ۽ سهڻي، جهڙي شهزادي! هوءَ جهڙي هئي
نماڻي، تهڙي هئي خوبصورت.
اتفاق اهڙو ٿيو جو هڪ ڏينهن ڄام تماچي پنهنجي
ٻيڙيءَ ۾ چڙهي اُتان اچي لانگهائو ٿيو، جتي هوءَ
ڍنڍ جي ڪناري تي بيٺي هئي. هن جي نظر نوريءَ تي
پئي ۽ انهيءَ دم هن کي هميشه لاءِ پنهنجي دل ڏئي
ويٺو، ڄڻ ته مهاڻي ڇوڪري جي اکين ۾ چمڪ وارو اثر
هو، جو بادشاهه جي دل کي پاڻ ڏانهن زوريءَ ڇڪي
ورتائون.
ڄام تماچي هڪ پل به حسن جو تاب سهي نه سگهيو هڪدم
ڇوڪريءَ جي مائٽن کي سڏائي، کانئن نوريءَ جي ٻانهن
جي گهر ڪيائين. غريب ميربحر خوشيءِ ۾ نه پيا
ماپن جڏهن ڏٺائون ته سنڌ جو حڪمران سندن ڇوڪري
نوريءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ آيو آهي، بادشاهه جي
طرفان پاڻ تي مهربانيءَ جي نظر ڏسندي اهڙي همت
افزائي تي سڀني مهاڻن ۽ مهاڻين وڏا شادمانا ڪيا.
بادشاهه پنهنجا خزانا کولي ڇڏيا ۽ هيرا، جواهر،
ياقوت، اشرفيون ۽ چاندي ۽ سون جا سڪا مهاڻن ۾
اهڙيءَ طرح پکيڙي ڇڏيا ڄڻ ته هن جي مڇين جا ڇلر
هئا ۽ نوريءَ کي پنهنجي نڪاح ۾ ڪري پنهنجي راڻي
ڪيائينس. باوجود ايڏي مان ۽ مرتبي جي، نوريءَ
جي سادگيءَ ۽ نهٺائيءَ ۾ ڪو به فرق نه آيو. پنهنجي
سڀني خوشامدڙين کي جواب ڏيندي هئي ته ”مان ته
فقط هڪ غريب مهاڻي آهيان ۽ منهنجو بادشاهه به
وڏي مان مرتبي وارو ۽ مون کان ڪيڏو نه اعليٰ
آهي.“ وري بادشاهه کي چوندي هئي: ”مان خامين جي
کاڻ آهيان ۽ تنهنجي راڻين جي مقابلي ۾ مان ڪجهه
به نه آهيان، مون کان ته وڌيڪ تنهنجون راڻيون
سهڻيون آهن.“
هڪ ڏينهن ڄام تماچي هن کي پنهنجي ٻين راڻين جي
ڀيٽ ۾ پرکڻ جو پهه پچايو . سو چوائي موڪليائين ته
هو شام جو گاڏيءَ ۾ سواري تي وڃڻو آهي ۽ هرهڪ
پنهنجو بهترين لباس پهري ويهي ۽ پوءِ منجهانئن
جيڪا به سڀني کان وڌيڪ سهڻي نظر ايندي، انهيءَ
کي پاڻ سان گڏ گهمائڻ وٺي ويندس. مغرور سميون
راڻيون سون جا ڳهه ۽ قيمتي وڳا ويس پائي، ڳاٽ مٿي
ڪري، مقرر جاءِ تي وڃي پهتيون، مگر نوري غريب،
تمام سادو لباس پاتو. ڳچي ۽ آڱريون ڳهن کان خالي
هيون. هوءَ نماڻي انداز ۾ بادشاهه ڏانهن وڌي ۽
سندس اکيون پيار سان ٽمٽار نظر ٿي آيون. ٻين
راڻين ته اڳي کان به وڌيڪ پنهنجي غرور جو مظاهرو
ڪيو، ڇڪاڻ ته کين خواب خيال به نه رهيو ته ڪو
بادشاهه اسان جي هار سينگار کي نظر انداز ڪري
مهاڻي کي ترجيح ڏيندو. پر جڏهن ڄا۾ تماچيءَ
نوريءَ جو نياز ڏٺو، جنهن سندس اکين کي روشن ٿي
ڪيو ۽ ان جي سامي لباس کي ڏٺو، جنهن سان هن سندس
دل هٿ ڪئي هئي. تڏهن هن سمي راڻين ڏانهن اک کڻي به
ڪونه نهاريو ۽ هٿ ڊگهيري هن ڏانهن ويو ۽ پاڻ سان
گهمڻ لاءِ وٺي ويو. گهمڻ کان پوءِ بادشاهه کيس
سواريءَ ۾ پاڻ سان ويهاري محلات ۾ وٺي آيو. سميون
راڻيون غصي کان باهه ٿي گهر پهتيون، مگر انهن جي
ڪاوڙ جي ڄام تماچيءَ ڪا به پرواهه ڪانه ڪئي. ان
کان پوءِ نوري کي پنهنجي پٽ راڻي ڪري ساري ڪينجهر
ڍنڍ، سندس مائٽن کي جاگير طور ڏئي ڇڏيائين.
7-
راءِ ڏياچ ۽ ٻيجل
ڪنهن زماني ۾ ڪاٺياوڙا جي گرنار قلعي ۾، هڪ مشهور
راجا، راءِ ڏياچ جي نالي سان رهندو هو. هڪ ڏينهن
سندس ڀيڻ ڪنهن نجوميءَ وٽ پُٽ لاءِ دعا ڪرائڻ وئي
۽ چيائينس ته: ”خدا کان دعا گهر ته مون کي پٽ
ٿئي.“ نجوميءَ دعا گهري ۽ چيائينس ته: ”سانئڻ!
توکي ڌڻي پٽ ته ڏيندو، پر راءِ ڏياچ جو سر هن جي
هٿان ويندو.“ شهزاديءَ جي واتان رڙ نڪري وئي ۽
نجوميءَ کي چيائين ته: شال مون کي اهڙو پٽ ئي نه
ٿئي، جو منهنجي ڀاءَ جو خوني ٿئي!“ نجوميءَ ڪنڌ
ڌوڻي جواب ڏنو ته: ”جيڪي مون ٻڌايو، اهو اوس
ٿيندو.“ ڀلا نجوميءَ جو قول ڪيئن ٿو ٽري؟ هڪ سال
اندر شهزاديءَ کي پٽ ڄائو. ڀاءُ جي سر جي بچاءَ
سانگي راڻيءَ پنهنجي ٻار کي پيتيءَ ۾ بند ڪري سنڌو
نديءَ ۾ اڇلائي ڇڏيو ته پاڻيءَ جا جانور ڳڙڪائي
ڇڏينس، مگر ڪنهن به واڳونءَ جي اک پيتيءَ تي نه
چڙهي ۽ پيتي هن وڏي مهراڻ ۾ سلامتيءَ سان ترندي
اچي اجمير پهتي، جتي انيراءِ جهڙي وڏي راجا راڄ ٿي
ڪيو.
جڏهن نجوميءَ کي ٻار سان ڪيل ويڏن جي سڌ پئي،
تڏهن هو راجا انيراءِ جي ملڪ ويو ۽ ڪنهن چارڻ کي
وڃي اها پيتي ڏسيائين. ٻئي زال مڙس پيتي درياءَ
مان گهلي ڪڍي ويا ۽ وڃي کولي ڏٺائون. مائي جڏهن
ڏٺو ته پيتي اندر هڪ سهڻو پٽ پيو آهي، تڏهن
خوشيءَ وڃان رڙ نڪري ويس ۽ ٻار کي پيتيءَ مان ڪڍي
پنهنجو پٽيلو ڪري نپائڻ لڳي. چارڻ جي زال چيو ته:
”جيتوڻيڪ هي هينئر ننڍڙو آهي، مگر ڪنهن ڏينهن وڌي
وڏو ٿيندو ۽ اسان کي اسان جي محنت ۽ نپائڻ جو
عيوضو ڏيندو.“ مڙس به اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ ٻار کي
کڻي گهر آيا ۽ نالو ٻيجل رکيائونس. ٻار جڏهن ڇهن
سالن جو ٿيو ته هن کي پنهن جا گڏهه گهوڙا چارڻ
لاءِ ڏنائون. ٻيجل روزانو انهن کي جهنگ ۾ چارڻ
لاءِ ڪاهي ويندو هو ۽ واٽ تان ويندي چارڻ سُرندي
تي اهڙو ته مٺو ڳائيندو هو جو هرڻ بيهي هن جو ساز
سڻندا هئا هڪ ڏينهن ٻيجل اهڙي هنڌ اچي پهتو، جتي
ڪن شڪارين هرڻ جو شڪار ڪيو هو. انهن هرڻ کي
انهيءَ هنڌ پچائي کائي ان جا آنڊا وڻ جي ٻن ٽارين
تي اڇلي ڇڏيا هئا. آنڊن ۾ اهڙي اسرار ٿي نڪتو جو
هرڻ ۽ ٻيا جهنگلي جانور انهيءَ سريلي آواز کي
ٻڌڻ خاطر ان وڻ ويجهو ڪنڌ نمائي اچي وهندا هئا.
جڏهن ٻيجل اهو آواز ٻڌو ۽ ان سڄي راز جي خبر پيس،
تڏهن مئل هرڻ جا آنڊا کڻي پنهنجي سرندي ۾ وجهي،
ڪمان ڪڍي ويهي وڄائڻ لڳو. جهنگلي هرڻ ته اڳيئي
انهن پراسرار آنڊن جي سريلي آواز تي اچي ڳاهٽ
ٿيندا هئا، مگر هاڻي ته پکي به آسمان تان لهي اچي
ولر ڪري ٿي ويٺا. جيستائين هن جو راڳ جاري رهندو
هو، تيستائين هن کان پري نه ٿيندا هئا. اهڙيءَ
طرح هو هنن جانورن کي پنهنجي ساز سان ڪاهيندو
جهوپڙيءَ ۾ وٺي ايندو هو ۽ کين جيڪو به هرڻ کائڻ
لاءِ کپندو هو سو جهلي وٺندا هئا ۽ انهيءَ کان
پوءِ ٻيجل سرندو بند ڪندو هو ته هڪدم پکي آسمان ۾
اڏامي ويندا هئا ۽ جانور پنهنجي غارن ۽ ٻيلن ۾
موٽي هليا ويندا هئا. چارڻ پنهنجي گوديلي پٽ جي
حرفت ۽ هوشياريءَ تي بيحد خوش هو. هن دل ۾ سوچيو
ته سال ۾ هڪ يا ٻه ڀيرا هرڻ اسان کان ڦاسندو هو ته
پاڻ کي خوش نصيب سمجهندا هئاسين، مگر هي نينگر ته
جنهن مهل وڻي جهلي ٿو اچي. هي سچ پچ هڪ سوغات آهي،
جا قدرت اسان کي ڏني آهي. ٻيجل جي راڳ ۽ سرندي جي
هاڪ پکڙجندي وئي، تان جو چارڻ بنا ڪنهن دقت جي هن
لاءِ هڪ سهڻي ڪنوار هٿ ڪري ڏني، جنهن سان هن ڳچ
وقت خوشيءَ جو گذاريو.
جنهن وقت ٻيجل ڄائو هو، ان ساڳئي وقت راجا
انيراءِ جي هڪ زال کي پڻ ڌيءَ ڄائي هئي. راجا
انيراءِ کي اڳي ئي سَٺ ڌيون هيون، سو هن ڌيءُ تي
هن کي ايڏي ڪاوڙ لڳي جو ٻارڙيءَ کي پيتيءَ ۾ وجهي
۽ سون جي ٿيلهي پاسي کان رکي، پيتيءَ کي
سنڌونديءَ ۾ لوڙهي ڇڏيائين. پيتي درياءَ ۾ لڙهندي
اچي هڪ ڳوٺ ۾ نڪتي، جو راءِ ڏياچ جي هٿ هيٺ هو ۽
جتي رتنو ڪنڀر رهندو هو. ڪنڀر اها پيتي ڏسي ورتي
۽ پاڻيءَ مان ڪڍي ٻاهر ڪيائين. صندوق مان
ننڍڙيءَ کي ڪڍي گهر کڻي ويو ۽ سورٺ نالو
رکيائينس. جيتوڻيڪ رتنو، راءِ ڏياچ جي ڳوٺ ۾
رهندو هو، مگر راجا انيراءِ جو لاڏلو هوندو هو ۽
هميشه هن جي درٻار ۾ حاضري ڀريندو هو.
هڪ ڏينهن رتني، راجا کان ٻن مهينن جي موڪل وٺي
پنهنجي ڳوٺ ويو، جتي هن جا ڏينهن تمام مزي ۽
خوشيءَ ۾ گذريا، ايتريقدر جو چار مهينا گذري
ويس. ان کان پوءِ ، هن کي پٺتي جي يادگيري پئي ۽
هاڻي موٽڻ جو سانباهو ڪيائين. سندس زال کيس چيو
ته: ”منهنجا سائين! راجا توهان کي ڪڏهن به انهيءَ
موڪل کان وڌيڪ ترسڻ جي ڏوهه لاءِ معاف نه ڪندو، ۽
مان سمجهان ٿي ته توهان موت جي منهن ۾ ٿا وڃو.“
مگر رتني جواب ڏنو ته: ”ڪجهه به ٿئي، مان ضرور
ويندس. مون هڪڙو ڏوهه ڪيو آهي، ٻيو ڏوهه نه ڪرڻ
گهرجي.“
راجا انيراءِ، رتني جي ٻن مهينن کان پوءِ موٽي نه
اچڻ تي سخت ناراض ويٺو هو ۽ پنهنجي دربانن کي چئي
ڇڏيو هئائين ته جڏهن رتنو درٻار ۾ اچي ۽ مون وٽان
ٿي موٽي ته هن کي هڪدم ماري ڇڏجو. جيئن رتنو راجا
انيراءِ جي محلات ۾ پهتو ته ان جي دربانن هن کي
سلام نه ڪيو ۽ نه وري هميشه وانگر عزت سان هن کان
گهوڙو ورتائون. رتنو محلات ۾ داخل ٿي راجا جي
حضور ۾ پهتو، مگر راجا سخت ڪاوڙ مان هن ڏانهن
نهاريو ۽ منهن موڙي ڇڏيائين. رتني جرئت سان چيو
ته: ”اي راجا! توهان ڇو اهڙيءَ طرح مون کان منهن
موڙيو آهي؟“ بادشاهه غصي مان جواب ڏنو ته: ”تو
وعدو ڪيو هو ته ٻن مهينن ۾ موٽي ايندس ۽ تون چار
مهينا رهي آيو آهين.“ رتني وراڻي ڏني ته: ”راجا!
انهيءَ کان اڳ جو مون کي ڏوهي ٺهرايو، منهنجي هڪ
ڳالهه ٻڌو.“ راجا ڪاوڙ مان چيو ته: ”ڀلا ٻڌاءِ
توکي ڇا چوڻو آهي؟“ رتني عرض ڪيو ته: ”اي سائين!
مون کي هڪ وڏي ڌيءُ آهي، مان ان لاءِ وَرَ جي
ڳولا ۾ آهيان، ۽ اڃان ڪامياب نه ٿيو آهيان.“ تنهن
تي راجا چيس ته: ”ڇو نه مون سان هن کي پرڻائين.“
رتنجو اهڙو ته خوش ٿيو جو هڪدم رضامند ٿي، راجا جي
گهوڙي تي سوار ٿي سورٺ کي، جيڪا ڇوڪري هن سنڌو
درياءُ مان لڌي هئي، وٺي اچڻ لاءِ روانو ٿيو. هن
جي اڳيان شاهي دربانن جو دستو سوار ٿيو جو دهل
شرنايون زور سان وڄائيندا هليا، جو سارو آسمان
گونججي رهيو هو. جڏهن هي ٽولي راجا راءِ ڏياچ جي
سرحد تي پهتي تي رتني، انيراءِ جي دربانن کي چيو
ته پٺتي موٽو. ” جيڪڏهن توهان ائين سوار ٿي هليا ۽
دهل وڄائيندا رهيا ته راجا ڏياچ سمجهندو ته توهان
هن تي ڪاهه ڪرڻ آيا آهيو.“ انهيءَ ڪري دربانن پٺتي
موٽي ويا ۽ رتنو اڪيلو پنهنجي سرگهر ويو ۽ سورٺ جي
شادي راجا انيراءِ سان ڪري ڇڏي. جنهن کان پوءِ
ڏياٽين جو سرگس گهٽين مان گهمايائين. ان وقت راجا
ڏياچ گرنار قلعي ۾ پنهنجي محلات جي هڪ دريءَ وٽ
ويٺو هو ۽ جڏهن هي ڏياٽين جو اهو سرگس ڏٺو، ته
پنهنجي نوڪر کي انهيءَ سرگس جي سبب معلوم ڪري اچڻ
لاءِ موڪليو. نوڪر خبر آندي ته رتنو پنهنجي ڌيءَ
جي شادي، راجا انيراءِ سان ڪري رهيو آهي. راجا
رتني کي سڏائڻ جو حڪم ڏنو. نوڪر رتني کي وٺي آيا.
راجا پڇيس ته: ”تو پنهنجي ڌيءَ مون کي ڇو نه ڏني؟“
تنهن تي رتني وراڻي ڏني ته: ”مان غريب ۽ توهان
راجا! مون کي اهو خيال ڪيئن اچي ته توهان منهنجي
نياڻي قبول ڪندا.“ راجا ڪجهه دير ويچار ڪرڻ کان
پوءِ چيو ته: ”بس هاڻي هوءَ منهنجي زال ٿيندي. مان
راجا انيراءِ کي سمجهي رهندس.“ اهي لفظ چئي، هن
پنهنجا چوبدار موڪليا ته سورٺ کي وٺي آڻي محلات ۾
حاضر ڪن.
ڪجهه عرصي کان پوءِ جڏهن راجا انيراءِ کي خبر پئي
ته راجا ڏياچ، سورٺ کي کڻائي ويو آهي، تڏهن وڏو
لشڪر ڪٺو ڪري گرنار قلعي تي حملو ڪيائين. مگر
جڏهن هن تعلقي تي گهيرو ڪرڻ چاهيو ته ڪامياب نه ٿي
سگهيو، ڇاڪاڻ ته توبون قلعي جي اوچين ديوارن جي
مٿان وڃي نه سگهيون ۽ گهڻي نقصان سهڻ کان پوءِ دل
شڪستو ٿي اجمير موٽيو مگر هن جي دل ۾ راجا ڏياچ جي
خلاف غصي جي باهه جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ ڀڙڪي رهي
هئي. هن پنهنجا قيمتي جواهر ٿالهه ۾ وجهي پنهنجي
هڪ ٻانهي کي ڏنا ته سڄي شهر ۾ گهمائي ۽ اعلان ڪري
ته هي جواهرن جو ٿالهه انهيءَ کي ملندو، جيڪو راجا
ڏياچ جو سر اجمير ۾ آڻي ڏيندو.
جڏهن اُهو ٻانهو چارڻ جي ڳوٺ ۾ پهتو ته ان وقت
ٻيجل گهر موجود ڪونه هو ۽ هن جي غير حاضريءَ ۾
سندس زال اُهو هيرن جو ٿالهه ٻانهي کان وٺي، پاڻ
وٽ رکيو. جڏهن ٻيجل گهر آيو ۽ زال جي انهيءَ عمل
جي خبر پيس ته ڏاڍي ڪاوڙ لڳس ۽ چيائين ته: ”بدبخت،
تو هي ٿالهه ڇو وٺي رکيو؟ تو مون کي هڪ اهڙي
جوکائتي ڪم تي وڃڻ لاءِ مجبور ڪيو آهي، جو جيڪڏهن
نه ٿو وڃان ته راجا انيراءِ جا ماڻهو اچي اسان کي
ماري ويندا ۽ اسان جي ڳوٺ کي ڦري ناس ڪري ڇڏيندا.“
ائين چوڻ کان پوءِ ٻيجل پنهنجو سرندو کنيو ۽ ان کي
اڇين ڪوڏين جي لڙهه ۾ ٻڌائين. ان کان پوءِ اڇي
پوشاڪ پهري پيادو گرنار ڏانهن راهي ٿيو. جڏهن شاهي
قلعي جي ويجهو پهتو، تڏهن ڌڻيءَ کان دعا گهريائين
ته: ”اي مالڪ منهنجي هي دعا قبول ڪري ته راجا
راءِ ڏياچ کي پنهنجي ساز سان اهڙو ته موهيان، جهڙو
مان پنهنجي ڳوٺ جي ويجهو جانورن ۽ پکين کي موهيندو
آهيان!“ پوءِ ته هن اهڙي سوز مان اهو سرندو وڄايو
جو شهر جا ماڻهو ڊوڙندا ٻاهر گهٽين ۾ نڪتا ۽ هن
کي خيرات آڇڻ لڳا. مگر هي ڪجهه نه پيو وٺي ۽
ساري رات سرندو وڄائيندو رهيو. شهر جا ماڻهو هن جو
پاسو وٺي ويهي رهيا، ڇو ته هنن جي اکين ۾ ننڊ
تيسين ڪانه آئي، جيسين ٻيجل تنبور جي تارن کي گز
پئي هنئين. ٻئي ڏينهن صبح جو، هن حيرت جهڙي فقير
جي خبر راجا ڏياچ جي ڪن تي پهتي. شام جو راجا،
ٻيجل لاءِ هڪ پالڪي موڪلي ۽ حڪم ڪيو ته سندس محلات
۾ اچي. ٻيجل محلات ۾ پهچي، ساري رات سرندو وڄايو،
تان جو راجا راءِ ڏياچ بيخود ٿي، هن کي پنهنجي ملڪ
مان، سندس پسند مطابق ڪنهن به ڳوٺ ڏيڻ جي آڇ ڪئي،
مگر هن ڪنڌ ڌوڻي انڪار ڪيو. جڏهن صبح ٿيو، تڏهن
ٻيجل شهر جي ٻاهر ڪنهن وڻ هيٺان وڃي ڪي گهڙيون
آرامي ٿيو. وري انهيءَ شام جو راجا ڏياچ هن کي
سڏايو، ڇو ته ڏياچ به هن ڇوڪري جي ڦند ۾ اهڙو ڦاٿو
هو، جهڙو جهنگ جي جانورن ۽ پکين کي ڦاسائي ڳوٺ
وٺي بيرحميءَ سان ختم ڪندو هو. اُها رات ۽ ٻيون ٽي
راتيون لڳاتار راجا ڏياچ موهت ٿي انهيءَ طلسمي
ساز کي پئي ٻڌو. آخر چيائين: ”مڱڻهار، گهر، جيڪي
گهرڻو اٿيئي ۽ مان توکي سڀڪجهه ڏيڻ لاءِ تيار
آهيان.“ انهيءَ جواب لاءِ ٻيجل اڳ ۾ ئي رٿ رٿي
هئي، سو صدا هڻندي چيائين: ”اي راجا، منهنجي گهر
فقط تنهنجو سير آهي.“ راجا ڇوڪري جي ڄار ۾ اهڙو
ڦاٿو هو جو هن جو پاڻ ڇڏائڻ هاڻي محال هو. هن ٻيجل
کي پنهنجي قيمتي ويس وڳا، پنهنجي محلات، پنهنجا
گهوڙا وهٽ، پنهنجا خزانا وغيره سڀ آڇيا، پر ٻيجلو
رڳو ناڪار ۾ ڪنڌ پئي ڌوڻيو ۽ پنهنجو سرندو کڻي
وڄائيندو ٿي رهيو . جيئن ئي هن جو ساز راجا جي
ڪنن تي گهرو پوندو ٿي ويو ته سندس دل ٻُڏڻ ٿي لڳي.
ٻيجل کي يقين هو ته راجا سندس راڳ جي ڦندي مان
ڇٽي ڪونه سگهندو ۽ هاڻي هن ۾ اها جرئت ڪانه رهي
هئي جو ٻيجول کي نااميد ڪري. ڇوڪرو مڱڻهار محلات
۾ ٽڪي پيو ۽ هر روز شام جو بيپرواهيءَ سان بادشاهه
جي ڪمري ۾ داخل ٿي، بنان چوڻ جي پاڻمرادو ساز
ڇيڙيندو هو. آخرڪار راجا چيس ته: ”اي ٻيجل، منهنجو
سر تنهنجي ڪهڙي ڪم ايندو؟ مون کي اهڙي شيءِ انعام
ڏيندي شرم ٿو اچي. منهنجو خزانو وٺ، وڃي موج مزا
ڪر.“ پر ٻيجل ڪنڌ ڌوڻي جواب ڏنو ته: ”مون کان دان
پڇيو اٿو، جو مون توهان کي ٻڌايو آهي . توهان هاڻي
پنهنجو وچن ڪيئن ته پاڙيندا. آخر زندگي عزت کان
سواءِ ڪهڙي ڪم جي ؟ انهيءَ ڪري پنهنجو وچن پاڙيو.
ان ۾ ئي توهان جو نالو هميشه قائم رهندو ۽ جيڪڏهن
قول نه پاڙيندا ته پوءِ ڀل کڻي حياتي ڪجهه سال
بقا4 ڪري، پر توهان جو مان ۽ شان ته هينئر ئي ختم
ٿي ويندو .“ راجا کي جواب سمجهه ۾ ئي نه آيو،
ڇاڪاڻ ته ٻيجل جي ساز هن جي عقل ۽ سمجهه تي پردا
وجهي ڇڏيا هئا، بلڪل اهڙيءَ طرح جيئن پکين ۽
جانورن کي موهت ٿي ڪيائين. راجا بيوس ٿي هن کي
ٻڌندو رهيو ۽ ٻيجل هن کي ٻڌندو رهيو ۽ ٻيجل هن جي
ڀر ۾ بيهي پنهنجي جادوءَ جو ڄار راجا کي مضبوطيءَ
سان ويڙهيندو ٿي ويو.
آخرڪار راجا ڏياچ راڻيءَ سورٺ کي چيو ته ٻيجل مان
هن جي جند آزاد ڪري. راڻيءَ ٻيجل کي اُچا وڳا ويس،
هيرا جواهر ۽ هاٿي آڇيا، مگر ٻيجل هڪ به نه مڃي ۽
چيائين ته: ”راجا مون کي وچن ڏنو آهي ۽ جيڪڏهن
انهيءَ کي پورو نه ڪيائين ته راجا نه رهندو.“
جڏهن ڏياچ کي خبر پئي ته سورٺ ٻيجل کي مڃائڻ ۾
ڪامياب نه ٿي آهي، تڏهن هو پنهنجي ماءُ راڻي
خاتوءَ وٽ ويو ۽ چيائينس ته هاڻي مان ڇا ڪريان؟
جيڪڏهن هن کي پنهنجو سر ٿو ڏيان ته توکي، پنهنجي
راڻين کي، بادشاهت ۽ شان شوڪت کي ڇڏڻو پوندم. پر
جيڪڏهن ائين نه ڪيم ته هو مون کي وچن پوري نه ڪرڻ
جا طعنا ڏيندو ۽ هن قسم کنيو آهي ته ساريءَ دنيا
۾ منهنجي خواريءَ جي خبر پوندي. راڻي خاتوءَ
جواب ڏنو ته: ”منهنجا پٽ! آخر حياتي ڇالاءِ آهي؟
اها هڪ خسيس شيءِ آهي ۽ ڪنهن کي خبر ناهي ته اها
ڪيترو هلندي. توکي اهڙو اٻهرو وچن نه ڪرڻ کپندو
هو، پر جنهن صورت ۾ هاڻي ڪري ويٺو آهين ته پوءِ
توکي اهو پورو ڪرڻو پوندو ته جيئن تنهنجو نالو
هميشه لاءِ قائم رهي.“ راجا غمگين ٿي پنهنجي ڪمري
۾ موٽي ويو. اُنهيءَ شام جو ٻيجل آيو ۽ اچي سرندو
وڄايائين. جنهن جهڙو اثر اڳ راجا تي ڪڏهن ڪونه پيو
هو. آخر راجا نااُميديءَ ۾ اُٿيو ۽ پنهنجي تلوار
کي ڪڍي هڪ ئي ڌڪ سان پنهنجي سسي لاهي رکيائين.
ٻيجل سسي کڻي، پنهنجي سرندي کي ڪڇ ۾ ڪري، اجمير
ڏانهن راهي ٿيو، جتي راجا انيراءِ رهندوهو.
ٻيجل جي ڪارنامي جي خبر سندس پهچڻ کان اڳ ۾ ئي
پهچي چڪي هئي، سو جڏهن راجا انيراءِ کي خبر پيئي
ته هو اجمير کي ويجهو پهتو آهي، تڏهن پنهنجي ماڻهن
کي موڪليائين ته هن کي ماري سندس ملڪ مان ٻاهر
ڪڍي ڇڏين، ۽ پوءِ واڪو ڪري چيائين ته جي سڀني کان
مٿانهون هندستان جو راجا راءِ ڏياچ به هن جي ڄار
۾ ڦاسي پيو، جيڪڏهن آءُ هن کي اجمير ۾ اچڻ جي
اجازت ڏيندس ته مون کي به ماري ڇڏيندو . ۽ پوءِ
راجا انيراءِ جي سپاهين ٻيجل کي پنهنجي ملڪ مان
هڪالي ڪڍي ڇڏيو. هن کي چتاءُ ڏنو ويو ته جيڪڏهن
ٻيهر ملڪ ۾ موٽي آيو ته کيس جان کان جدا ڪيو
ويندو.
آخر ٻيجل پنهنجي ڳوٺ ويو ۽ پنهنجي زال کي ساڻ ڪري
موٽي گرنار روانو ٿيو. هو جيئن ئي شهر جي ويجهو
ويو، ته هن ماڻهن جو هڪ وڏو ميڙ ڏٺو، جيڪي شهر جي
ٻاهر اچي گڏ ٿيا هئا. پڇا تي معلوم ٿيس ته راجا
ڏياچ جي زال سورٺ ڏاگهه ٿي چڙهي ستي ٿي ٿئي. هن
اهو نظارو پنهنجي اکين سان ڏٺو. هن ڏٺو ته سورٺ
هڪ وڏي چکيا تي چڙهي، جا هن لاءِ تيار ڪرائي وئي
هئي ان کان پوءِ راڻي خاتو به سندس پاسي چڙهي بيٺي
۽ ٻنهي راڻين پنهنجي ماڻهن کي چکيا کي ٻارڻ لاءِ
چيو . ٻيجل کي سخت پشيمانيءَ اچي گهيرو ڪيو. هن
ڏٺو ته سندس ئي ڪري راجا ڏياچ جي گهر تي ڪيڏي نه
مصيبت اچي ويئي ۽ پوءِ جيئن باهه جا اُلا مٿي
اڏاڻا، هي ڌوڪيندو ويو ۽ وڃي پاڻ کي باهه ۾
اڇلايائين. هيءُ حال ڏسي ٻيجل جي زال سمجهيو ته
راجا انيراءِ جي جواهرن واري ٿالهه وٺڻ ڪري هن ئي
پنهنجي مڙس کي موت جي منهن ۾ ڏنو هو، ان ڪري سخت
ارمان ٿيس ۽ درد وچان هن به پاڻ کي باهه جي اُلن
۾ کڻي اُڇليو. |