جڏهن راجا پنهنجي ڌيءَ جي منڊي ڏٺي، تڏهن سمجهي
ويو ته سندس ڌيءَ ڪنهن تڪليف ۾ آهي. منڊي وٺي
ٻانهيءَ کي انعام وغيره ڏيئي ۽ اجازت ڏنائين.
اڃان جو منڊي کڻي کولي ته ٽِڪَ جي هيٺان هڪ ڪاغذ
ٽڪر نظر آيس، جنهن ۾ سندرٻائيءَ هيئن لکيو هو
ته: ”منهنجا مهربان بابا! جڏهن ٻه طوطا پاڻ ۾
تڪرار ڪري وجهن، تڏهن انهن کي ساڳئي پڃڙي ۾ رکڻ
غير مناسب آهي. هڪ ڏينهن باغ ۾ مون پنهنجي سهيلين
کي چيو هو ته جيڪڏهن مون بيرسنگ سان شادي ڪئي ته
مان کيس پنهنجو مجنون بڻائي ڇڏيندس. اهو منهنجو
قول بيرسنگ ٻاهران ٻڌي ورتو هو. هاڻي هو مون کي
آزمائڻ چاهي ٿو. تنهنڪري مهرباني ڪري مون ڏانهن
هڪ مرداڻو لباس، مرداڻو ڪوٽ ۽ تيز رفتار گهوڙو
موڪلي ڏيو، پر انهيءَ ڳالهه جو ڪنهن کي پتو نه
پوي.“
هن خط راجا ڪيسرسنگ کي ڏاڍو ملول ڪيو. آخر
سندرٻائيءَ لاءِ هڪ ڪوٽ، مرداڻو لباس ۽ تيز گهوڙو
موڪلڻ هن لاءِ ڏکيو نه هو پر اها ڳالهه ضرور هن جي
هئي ته ان جو ڪنهن کي پتو نه پوي. گهڻي غور ڪرڻ
کانپوءِ، راجا زمين هيٺان رستي کوٽائڻ جو فيصلو
ڪيو . وڏي خرچ ۽ محبت سان، ولڀپرا جي ويجهو هڪ
جبل مان راجا هڪ رستو کوٽايو جو زمين مان وڃي
سندرٻائيءَ ڏانهن هڪ تيز رفتار گهوڙو، هڪ زرهه ۽
هڪ مرداڻو لباس ڏياري موڪليو. ائين انهن جي پهچ تي
سندرٻائيءَ کي ڏاڍي خوشي ٿي، ۽ پوءِ هڪدم مرداڻو
لباس اوڙي، زره وجهي ۽ گهوڙي تي چڙهي ويٺي. محلات
جي سڀني ٻانهين ۽ نوڪرن کي گهرائي چتاءُ ڏنائين ته
ڪوبه سندس متعلق ڪا به خبر ڪنهن کي نه ڏئي. پاڻ ان
کانپوءَ ان زمين دوز رستي مان ٻاهر نڪري ويئي.
ٻن ڏينهن کانپوءِ، هڪ جرئت مند سهڻو نوجوان ولڀپرا
۾ آيو ۽ راجا سان ملاقات ڪرڻ جي گذارش ڪيائين.
اهڙي اجازت ملڻ تي، هو اندر درٻار ۾ داخل ٿيو.
سڀئي هن نوجوان جي قدوقامت ۽ ڦڙتائي تي حيران ٿي
ويا. ويجهو اچڻ تي راجا کانئس نالو ۽ سندس پيءُ جو
نالو پڇيو. جنهن جي جواب ۾ هن پرديسيءَ چيو ته:
”منهنجو نالو رتن سنگ آهي. منهنجو پيءُ هڪ راجپوت
آهي، ليڪن مان ان سان تڪرار ڪري گهران نڪتو آهيان،
پر اهو قسم کنيو اٿم ته ان جو نالو نه ٻڌائيندس.
مان توهان وٽ نوڪري ڪرڻ جي ارادي سان آيو آهيان.
منهنجي حوالي ڪهڙو به ڪم ڪيو وڃي، ان جي سرانجامي
بهتر طريقي سان ڪندس. راجا مون کي ڀل آزمائي
ڏسي.“
راجا هن نوجوان جي صاف گوئيءَ ۽ همت کان ڏاڍو
متاثر ٿيو ۽ کيس پنهنجي اميرن ۽ وزيرن ۾ ويهڻ جي
اجازت ڏنائين. ان تي نوجوان، راجا جو شڪريو بجاءِ
آندو. راجڪمار کي جيتوڻيڪ لڙائي ۾ حصي وٺڻ جو
موقعو ڪڏهن به نه مليو هو، ليڪن گهوڙي سواريءَ
۾ درٻار جي سڀني جوانن کي ماري مڃايائين. انهن
خوبين سبب، بيرسنگهه جو رتن سنگهه سان دوستيءَ جو
ناتو ٿي ويو ۽ هُن تي گهڻو ڀروسو ڪرڻ لڳو، ايتري
قدر جو هن سان گهرو ڳالهين ڪرڻ ۾ به هجاب نه
محسوس ڪرن لڳو. هڪ ڏينهن هن کي سندرٻائيءَ جي ڊاڙ
۽ غرور جو قصو ٻڌايائين ۽ اهو پڻ ٻڌايائينس ته ان
جي نتيجي ۾ هن ساڻس ڪهڙو برتاءُ ڪيو آهي. ان
معلوم ٿيڻ تي رتن سنگهه کليو ۽ چيائين ته:
”شهزادا، ائين ڪرڻ سان، توهن سان چڱائي نه ڪئي
آهي.“ بير سنگهه جواب ڏنو ته: ”سچ ڪري پڇين ته مون
کي دنيا ۾ راجڪماريءَ کان وڌيڪ ڪا به پياري شيءِ
نه آهي ۽ نه وري مان ٻيءَ ڪنهن عورت سان شادي
ڪندس، مان ته فقط سندس فخر سان ڪيل وعدي کي آزمائڻ
چاهيان ٿو. جيڪڏهن سچي راجپوتني آهي ته يقيني
ائين ڪري ڏيکاريندي.“ ان تي رتن سنگهه ٿورو مشڪيو
۽ خاموش رهيو.
ٿورن ڏينهن کان پوءِ، ڇا ٿيو جو ڀر وارن ڳوٺن ۾
هڪ خطرناڪ شينهن اچڻ لڳو ۽ روزانو رات جو هڪ يا ٻه
ماڻهو ماري کائي چٽ ڪندو هو. انڪري ٻهراڙيءَ
۾ڏاڍو هراس ۽ دهشت پيدا ٿي پئي انهيءَ شينهن کي
مارڻ لاءِ سڀني نوجوان اميرن ڏاڍي ڪوشش ڪئي، مگر
ان کي ختم ڪرڻ ۾ ناڪيامياب ويا.
آخر هن دکدائڪ حالت راجا کي ڏاڍو پريشان ڪيو. هڪڙي
ڏينهن رتن سنگهه کي راجا پاڻ وٽ گهرايو ۽ شينهن
کي مارڻ جو خطرناڪ ڪم هن جي حوالي ڪيو جو هن
خوشيءَ سان قبول ڪيو. هن راجا کي عرض ڪري هڪ لوهه
جي ماڻهوءَ جي شڪل جهڙو بوتو ٺهرايو ۽ جتي شينهن
رات جو ايندو هو، اتي ان کي کوڙائي ڇڏيو ۽ پاڻ وري
ان جي ڀرسان هڪ هنڌ لڪي ويهي رهيو. رات جو اوندهه
۾ شينهن اُن بوتي کي مانهو سمجهندي، ڇلانگ ماري ان
کي چنبو هنيو ته ايتري دير ۾ رتن سنگهه، پٺيان اچي
تيز تلوار سان شينهن جي سسي ڌڙ کان جدا ڪري ڇڏي.
ان کان پوءِ رتن سنگهه مئل شينهن جا ڪن ۽ پڇ وڍي
گهر کڻي آيو ۽ پنهنجي کٽ هيٺان رکي سمهي پيو.
رتن سنگهه جي دوست بيرسنگهه کي ان رات ڳڻتيءَ ۾
ننڊ ڪانه پئي ائي. هن هر گهڙيءَ رتن سنگهه جي
خطرناڪ ڪم متعلق پئي سوچيو. آخرئي صبح ٿيندي ئي
بيرسنگهه، رتن سنگهه جر رهايش گاهه وٽ پهتو ته
جيئن هن متعلق ڪجهه معلوم ڪري. رتن سنگهه کي جڏهن
اهو معلوم ٿيو، ته هن کي اچي اهو خوف لڳو ته کيس
سڃاڻي نه وٺي، سو يڪدم مرداڻو لباس پهري، پيرسنگ
جو آدرڀاءُ دروازي وٽ وڃي ڪيائين رتن سنگهه پاڻ
سان گڏ ماريل شينهن جا ڪن ۽ پڇ به کڻي آيو.
بيرسنگهه کي هي ڏسي، بيحد خوشي ٿي ۽ ان خوشيءَ ۾
رتن سنگهه کي پاڻ سان وٺي راجا جي درٻار ۾ آيو.
راجا رتن سنگهه جي ڪارنامي کان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽
ان ڏکئي ڪم جي سرانجامي عيوض کيس هڪ قيمتي چوغو
عطا ڪيائين ۽ هڪ جاگير به ڏنائين.
هڪ ڏينهن ان کان به وڌيڪ اهم واقعو رونما ٿيو.
شڪار ڪرڻ جي ارادي سان راجا رتن سنگهه کي ساڻ ڪري،
جهنگ ۾ هليو ويو . ڀرواري راجا جي جاسوسن اهڙي خبر
کيس ڏني، ان کي سونهري موقعو ڄاڻندي، هن راجا ،
راجپوت راجا جي ملڪ تي حملو ڪيو. بيرسنگهه جو خود
بيمار هو، هن جو مقابلو ڪري نه سگهيو، پر پاڻ به
قيدي ٿي پيو. هن خبر راجپوت راجا کي ڏاڍو ملول ڪيو
۽ ان پريشاني ۾ دانهن ڪري چوڻ لڳو ته: اي جگر
بيرسنگهه، مون کي تنهنجي جدائي ماري ٿي. مون کي
اهو ڀو آهي ته دشمن ڪٿي توکي نه ماري ڇڏي. تو کان
سواءِ مان ڪيئن زنده رهي سگهندس؟ جيڪڏهن تون اڄ هن
حالت ۾، مون سان هجين ها ته مان پنهنجي بادشاهي،
تلوار جي زور تي واپس وٺي سگهان ها.“
راجا جي اهڙي پريشاني رتن سنگهه کي وڌيڪ پريشان
ڪيو. هن ٻڍڙي راجا کي آٿت ڏنو ۽ چيو ته راجا ڪيسر
سنگهه منهنجو عزيز آهي، مون کي اجازت ڏيو ته ان
کان لشڪر جي مدد وٺي اچان.
اجازت وٺي رتن سنگهه سيلا رياست ڏانهن گهوڙو
دوڙايو ۽ راجا ڪيسرسنگهه کي سڄو قصو ٻڌايائين.
راجا کان هوشيار تيرانداز نوجوانن جو جٿو وٺي رتن
سنگهه ٻڍڙي راجا وٽ موٽي آيو ۽ کيس اچي دلداري
ڏنائين. ان کان پوءِ تيراندازن کي چئن حصن ۾
ورهايائين. ٽن حصن کي ولڀپرا شهر تي حملي ڪرڻ
لاءِ موڪليائين ۽ چوٿين حصي کي پاڻ سان وٺي ان جبل
وٽ آيو، جتان سندن پيءُ زمين مان رستو کوٽايو هو.
تيرانداز پاڻ سان وٺي ان زمين دوز رستي مان اچي
محلات ۾ پهتو. ان وقت دشمن جو لشڪر ٻاهرين
تيراندازن سان وڙهڻ ۾ مشغول هو ۽ پٺ جي ڪا به خبر
ڪانه هين ۽ تڏهن خبر پين، جڏهن پٺئين پاسي کان
تيرن جو مينهن وسڻ لڳو. رتن سنگهه شهر جا دروازا
کولي وڌا، جنهن مان ٻاهريان تيرانداز داخل ٿيا.
اهڙيءَ طرح وڏيءَ جريت ۽ همت سان رتن سنگهه وڃايل
شهر وري هٿ ڪيو. ان کان پوءِ رتن سنگهه ٻڍڙي راجا
جي پٽ بيرسنگهه کي قيد مان ڪڍيو ۽ ان کي پاڻ سان
وٺي راجا وٽ حاضر ٿيو. جنهن تي راجا ۽ بير سنگهه،
رتن سنگهه جو شڪريو ادا ڪيو، ليڪن رتن سنگهه کين
ٻڌايو ته هن ڪو غير معمولي ڪم ڪونه سرانجام ڏنو
آهي. هن ته فقط بحيثيت هڪ سپاهيءَ جي پنهنجي فرض
ادائي ڪئي آهي.
ان کان پوءِ رتن سنگهه هي عذر ڪري راجا ۽ بير
سنگهه کان موڪل ورتي ته سندس پراڻا دوست ملڻ
لاءِ آيا آهن، جن جي خاطرداري کيس ڪرڻي آهي. اجازت
وٺي رتن سنگهه قلعي ۾ ويو ۽ ڪافي دير تائين نه
موٽڻ ڪري بيرسنگ کي سندس ڏاڍو انتظار ٿي پيو
بير سنگهه هن جي تلاش ڪئي مگر کيس ڪٿي به ان جو
پتو نه لڳو. آخر کيس ڪنهن ٻڌايو ته هن رتن سنگهه
کي سندر ٻائي جي محلات ڏانهن ويندي ڏٺو هو.
اهو ٻڌڻ سان، بير سنگهه کي دل ۾ هڪ خطرناڪ شڪ
جاڳيو . هن ڀانيو ته رتن سنگهه سندس زال جو عاشق
آهي ۽ ان جي معرفت ئي کيس زمين دوز رستي جي خبر
پئي هئي، جنهن مان هو تيرانداز وٺي محلات ۾ داخل
ٿيو هو ان رستي مان، يقيناََ هن اچي سندر ٻائيءَ
سان چوري ملاقاتيون ڪيون هونديون. بس ان شڪ جو
شڪار ٿيندي ئي مياڻ مان تلوار ڪڍي، محلات جي ڏاڪڻ
تان سندرٻائي جي ڪمري جو رخ رکيائين . پنهنجي
ڪمري ۾ سندرٻائي اڪيلي هئي. ۽ بير سنگهه کي پاڻ
ڏانهن ايندو ڏسي کيس کلي کيڪار ڪيائين. سندس هن
قسم جي نماڻائيءَ شهزادي بير سنگهه جي زخمن تي لوڻ
جو ڪم ڪيو. هن رڙ ڪري چيو ته: ”اي دغاباز ۽ مڪار
عورت، تنهنجو رتن ڪٿي آهي؟“ هي ٻڌي حيرت مان
سندرٻائي پڇڻ لڳي ته:” اي منهنجي دل وجان جا مالڪ،
توهان ڇا ڳالهائي رهيا آهيو؟“ هن سوال راجڪمار جي
غصي ۾ اضافو ڪيو. هو چوڻ لڳو ته: ”اي، ڪوڙي بي وفا
عورت، تون منهنجي سوال جو مفهوم چڱيءَ طرح ڄاڻين
ٿي. مان پڇان ٿو ته تنهنجو عاشق رتن ڪٿي آهي جو
توسان لڪل رستي مان اچي، ملاقاتيون ڪندو هو. مان
ان کي تلوار سان ٽڪر ٽڪر ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ ان کان
پوءِ تنهنجي سيني ۾ خنجر هڻندس.“ هي ٻڌي،
سندرٻائي ٻاهر نڪري، بيرسنگهه سامهون ٿي بيٺي ۽
نوڙت سان چوڻ لڳي ته: ”اهڙي موت کان وڌيڪ ٻيو مون
کي ڇا گهرجي؟ مون کي مارڻ کان اڳ، توهان منهنجي
منهن کي چڱيءَ طرح گهوريو، شايد توهان پنهنجي
دوست رتن کي لهي سگهو، جنهن تي هينئر ايڏو سخت
غصو ٿيو اٿوَ
بيرسنگهه، سندرٻائيءَ جي منهن ۾ ڏٺو، جو مشڪي هن
کي شرمائي رهيو هو. هڪدم سندرٻائي کي رتن سنگهه
تسليم ڪيائين اُهو رتن سنگهه، جنهن سندس پيءُ جو
تخت بچايو هو ۽ سندس زندگي بچائي هئي. بس پوءِ ته
معافيءَ لاءِ سندرٻائيءَ جي پيرن تي ڪري پيو، پر
سندرٻائي کيس چيڙائڻ جي ارادي سان چوڻ لڳي ته:
منهنجا محبوب! پنهنجي زبان سان هاڻي چئو ته جيڪي
مون پنهنجي باغ ۾ سهيلين سان وعدو ڪيو هو، اهو
پورو ڪيم ۽ عورتون به جرئت ۽ بهادريءَ ۾ مردن کان
گهٽ نه آهن.“
بير سنگهه، پيار مان، کيس ڀاڪر پاتو ۽ معافيءَ
لاءِ دوباره چيائين جا سندرٻائي کيس ڏني. ان
کانپوءِ بير سنگهه سندرٻائيءَ کي هٿ کان وٺي پيءُ
جي درٻار ۾ آيو ۽ کيس پنهنجي خطرناڪ ڪار نامن
بيان ڪرڻ لاءِ چيائين . سندرٻائيءَ سمورو قصو
پيرائتو ڪري راجا کي ٻڌايو.
ان ڏينهن کان پوءِ بير سنگهه، سندرٻائيءَ جي محبت
۾ چريو ٿي پيو ۽ سندس خوبين جو پورو اندازو
لڳايائين ۽ سندس موت تائين ٻيءَ عورت سان شادي ڪرڻ
جو ڪڏهن به خيال نه ڪيائين.
10-
ڪامسين ۽ ڪامروپ
ڪنهن زماني ۾ ماگرور شهر ۾، نرڪرپال نالي هڪ
بادشاهه راڄ ڪندو هو. هن وٽ نذرساف نالي هڪ وزير
هو، جنهن جي مدد سان ساريءَ سنڌ تي هن جو ڌاڪو
هوندو هو. بادشاهه کي هڪ پٽ هو، جنهن جو نالو
ڪامسين هو ۽ ان جو چهرو اهڙو خوبصورت هوندو هو جو
جڏهن پنهنجي ساٿين سان گڏ جهنگ ۾ شڪار ڪرڻ ويندو
هو ته اُتي جا جانور هن جي حسن تي موهت ٿي پوندا
هئا.
اونهاري جي موسم ۾، هڪ رات شهزادو ڪامسين محلات
جي ڇت تي سمهيو پيو هو ته مٿان هڪ پرين جو ٽولو
اچي لنگهيو، جن جي نظر وڃي خوبصورت شهزادي تي
پئي. هڪٻئي کي چوڻ لڳيون: ”هن جهڙو حسين جوان
اسان اڳ ڪڏهن به ڪونه ڏٺو آهي.“ ان کان پوءِ جڏهن
واپس پنهنجي هٻڪار وارن گلن جي باغ ۾ پهتيون،
جنهن جي سونهن ۾ چوڏهينءَ جي چنڊ اضافو ڪري ڇڏيو
هو، اُتي پرين جو هڪ ٻيو ٽولو ڏٺائون . انهن پرين
کي ٻڌايائون ته ”اسان هڪ نهايت حسين نوجوان ڏٺو
آهي.“ انهيءَ ڳالهه ٻڌندي اُهي پريون خوشيءَ وچان
تاڙيون وڄائڻ لڳيون ۽ چيائون ته: ”اسان جڏهن گجرات
ملڪ جي مٿان اُڏنديون پئي ويوسين، تڏهن اُتي اسان
هڪ محلات تي ستل سهڻي ڇوڪري ڏٺي، جنهن جو حسن
اسان پرين کان به وڌيڪ ڪشش وارو هو. اچو ته سڀاڻي
رات هنن ٻنهي حسينن جون کٽون کڻي هڪٻئي جي ڀرسان
رکون!“
ٻيءَ رات ڪيل فيصلي مطابق، پرين ماگرور مان شهزادي
ڪامسين جي کٽ کنئي ۽ اک ڇنڀ ۾ آڻي گجرات جي ان
شهزاديءَ جي کٽ جي ويجهو رکيائون. ان کان پوءِ
ٻنهي کي ننڊ مان جاڳايائون . سجاڳ ٿيڻ تي ٻئي
هڪٻئي کي ڏسڻ سان عاشق ٿي پيا ۽ پوءِ ته سڄي رات
پاڻ ۾ ويهي محبت جون رهاڻيون ڪندا رهيا. جڏهن کين
ننڊ وٺي ويئي ته ان وقت پرين، شهزادي جي کٽ واپس
آڻي، ماگرور ۾، سندس محلات جي ڇت تي رکي.
شهزادو جڏهن ننڊ مان جاڳيو ۽ پاڻ کي اڪيلو ڏٺائين،
تڏهن پنهنجو هوش حواس وڃائي ويٺو. کائڻ پيڻ حرام
ٿي پيس. رات ڏينهن ان جي تات هيس. ان پريشانيءَ ۾
ڏک ۾ شهزادو پنهنجو ٻهڪندڙ حسن ان گل وانگر
مرجهائي ڇڏيو، جنهن کي وقت سر پاڻي نه ملندو آهي.
بادشاهه پٽ جو هيءَ حال ڏسي ڏاڍو غمگين ٿي پيو ۽
شهزادي جي بيماريءَ جي سبب معلوم ڪرڻ لاءِ سندس
ساٿين کي حڪم ڪيائين. هنن شهزادي کي ريهي ريبي
آخر سندس اندر جو راز پروڙيو. شهزادو چوڻ لڳو ته:
”هڪ رات مان جڏهن ننڊ مان جاڳي پيس، تڏهن مون
پنهنجي کٽ، هڪ بيمثال حسين شهزاديءَ جي کٽ ڀرسان
پيل ڏٺي ۽ وري جڏهن صبح جو اُٿيس، تڏهن منهنجي کٽ
ساڳئي هنڌ پيل هئي.“ هي ٻڌي شهزادي جا دوست ڏاڍا
حيران ٿيا ۽ پڇڻ لڳا ته: ”ڀلا، اهو ته ٻڌاءِ ته
اُها شهزادي ڪٿي رهي ٿي ۽ سندس نالو ڇا آهي؟“
شهزادي جواب ڏنن ته: ”ان جو نالو ڪامروپ آهي،
باقي ڪٿي رهي ٿي، اها مون کي خبر ناهي.“
ڪامسين جي دوستن اها ڳالهه بادشاهه کي وڃي ٻڌائي،
جنهن هڪدم وزير کي حڪم ڪيو ته پنج سئو ماڻهو وٺي
ڪامروپ جي تلاش ۾ نڪري. هي قافلو وڏي شان ۽ شوڪت
سان گجرات ملڪ ڏانهن روانو ٿيو. هنن پنهنجن گهوڙن
تي سونا سنج وڌا ۽ وڏا قيمتي تنبو رهڻ لاءِ
کنيائون. ايڏي ڌام ڌوم ۽ شاهي دٻدٻي سان، هيءُ
قافلو پنجن مهينن جي سفر کان پوءِ هڪ ڏينهن اچي
گجرات ڏيهه ۾ پهتو. پڇا تي معلوم ٿيو ته گجرات جي
راجا جو نالو جئسنگراءِ آهي. وزير کي گجرات جي هڪ
ماڻهو ٻڌايو ته: ”جئسنگراءِ هڪ وڏو راجا آهي، جنهن
کي بيحد خزانا آهن ۽ نه بردست فوج آهي. پر هنن
سڀني ڳالهين تي راجا کي ايڏو فخر ۽ ناز نه آهي،
جيترو کيس پنهنجي سهڻي ڌيءَ، ڪامروپ تي آهي.
ٿورن ڏينهن کان هن کي اهڙو ڪو عجيب لاڳاڻو لڳو
آهي، جو هن کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو آهي ۽ اڪيلائيءَ ۾
ويهي ڪامسين جو نالو پڪاري ٿي.“ اهو ٻڌي وزير
سمجهي ويو ته پنهنجي مقصد کي قريب اچي چڪو آهيان.
۽ پوءِ هڪدم نوڪرن کي حڪم ڏنائين ته: ”هستي تنبو
کوڙيو، هاڻي اسين هتي رهنداسين.“
هنن پرديسين جي اچڻ ۽ گجرات ۾ رهي پوڻ جي خبر ملڪ
جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچي وئي. جڏهن اتي جي راجا کي خبر
پئي ته غير ملڪي ماڻهو شهر جي ٻاهران رهي پيا
آهن، تڏهن وزير کي پاڻ وٽ گهرايائين ۽ کانئس اچڻ
جو سبب پڇيائين. وزير ادب سان عرض ڪيو ته:
”مهاراج! اسان ماگرور جي راجا ترڪر پال طرفان آيا
آهيون، جو پوري سنڌ ۾ وڏو طاقت وارو ۽ ناميارو
حاڪم آهي. اسان ان جي حڪم سان توهان کي هي عرض ڪرڻ
آيا آهيون ته توهان پنهنجي شهزاديءَ جو سڱ سندس
پٽ شهزادي ڪامسين سان ڪيو جو حسن ۾ پوري ملڪ ۾
هاڪارو آهي.“
ان کان پوءِ، راجا جئسنگراءِ وزير نذر ساف کان
ڪيترائي سوال پڇيا ۽ هن جي جوابن تي ڏاڍو خوش ٿيو.
هن نئينءَ مائٽيءَ لاءِ پنهنجي وزيرن ۽ اميرن سان
صلاح مشورا ڪري وزير کي جواب ڏنو ته: ”هي ناريل
اوهان جي آڇ جي قبوليت جي نشاني آهي، اُهو پنهنجي
مهاراج کي وڃي ڏج ۽ کيس چئج ته ايندڙ ٻارهن مهينن
جي عرصي اندر شهزادي ڪامروپ کي شهزاديءَ سان شادي
ڪرائڻ لاءِ هتي وٺي اچي.“
وزير اها خوشيءَ جي خبر کڻي، درٻار ۾ پهتو، جتي
پوري ملڪ ۾ خوشين جا شادمانا ٿي ويا ۽ راجا خير
خيراتون ڪيون. جڏهن راجڪمار جي شادي ڪرائڻ جو وقت
آيو، تڏهن راجا وڏين تيارين جو حڪم ڏنو . راجا
جي هن اٽالي ۾ گهوڙن تي سونا سنج ۽ قيمتي ڪپڙڻ
جون شالون رکيون ويون، سوکڙين لاءِ مختلف قسمن جون
شيون کنيائون. بدقسمتيءَ جي ڳالهه چئجي جو هنن
خوشين ۾ پائداري ڪانه رهي، اڃا پنهنجي شهر کان هڪ
ڏينهن جو سفر مس ڪيائون ته رستي ۾ مٿانئن هڪ دشمن
راجا حملو ڪيو. ان حملي ۾ راجا مارجي ويو ۽ ڪيترا
وزير ۽ امير قتل ڪيا ويا. ڪامسين وڏيءَ مشڪل سان
پنهنجي ٿورن ماڻهن سان جان بچائي، پنهنجي شهر
ڏانهن ڀڳو. دشمن هنن جو پيڇو ڪيو ۽ اچي تخت گاهه
کي گهيرو ڪيو. ليڪن وڏي بهادري ۽ جرئت سان
ڪامسين پنهنجو شهر بچايو. ان کان پوءِ راجڪمار
ڪامسين، گجرات جي راجا جئسنگراءِ کي پيءُ جي قتل ۽
پنهنجي پريشانين کان واقف ڪيو.
هي ٻُڌي راجا جئسنگراءِ کي ڏاڍو صدمو پهتو، ليڪن
ٿوري ئي وقت ۾ کيس پنهنجي پريشانين اچي ورتو. هڪ
ڏينهن ڀر واري حاڪم هن جي شهر تي حملو ڪيو ۽
صلح ڪرڻ لاءِ سندس راجڪماري ڪامروپ جي سنڱ کي
وٺڻ جو شرط مقرر ڪيو.
هن شرط راجا کان وڌيڪ راجڪماريءَ کي پريشان ڪيو،
ڇو ته هوءَ ان ڏينهن کان وٺي ڪامسين جي ٿي چڪي
هئي، جڏهن پرين هنن ٻنهي جون کٽون کڻي هڪٻئي جي
ڀرسان رکيون هيون. سو اُها ته کائڻ پيڻ کي حرام
سمجهي ويهي رهي ۽ آه وزاري ڪرڻ ۾ وقت گذارڻ لڳي.
آخر هن هڪ ڏينهن ڪامسين ڏانهن خط موڪليو، جنهن ۾
کيس گذارش ڪيائين ته جلدي، ڪنهن به طرح کيس اچي
پنهنجو ڪري.
راجڪماريءَ جو هيءُ خط هڪ خاطيءَ کي ڏنو ويو، جو
فقير جي لباس ۾ ماگرور شهر کي گهيرو ڪندڙن مان
لنگهي بادشاهي قلعي وٽ وڃي پهتو. قلعي وٽ پهچڻ کا
پوءِ، هن ڪامسين جي سپاهيءَ کي ڪن ۾ ٻڌايو ته کيس
راجڪمار سان ملائي. ملاقات ۾ هن اهو خط راجڪمار
کي ڏنو، جنهن پڙهي يڪدم جواب ۾ کيس خط لکي ڏنو،
جنهن ۾ ڪامروپ کي يقين ڏنائين ته هو کيس ضرور
پنهنجو ڪندو، ليڪن ٿورو وقت انتظار ڪري، هي خط
راجڪماريءَ کي پهچايو ويو.
هوڏانهن ماگرور تي حملو ڪندڙ شهر ۾ داخل ٿي نه
سگهيا ۽ آخر نااميد ٿي پنهنجي ملڪ موٽي ويا. ان
کان پوءِ ماگرور جي ماڻهن راجڪمار کي راجا جي
جاءِ تي پنهنجو حاڪم تسليم ڪيو ۽ ڏاڍيون خوشيون
ڪيون.
پيءَ جي وفات جي صدمي ۽ سندس راجا ٿيڻ جي خوشيءِ
به ڪامسين جي دل تان ڪامروپ جي يادگير ي نه فنا
ڪئي. راجا ٿيڻ کان پوءِ يڪدم پنهنجا امير ۽ وزير
گهرايائين ۽ کين چيائين ته مون کي ڪامروپ ڪنهن به
طرح حاصل ڪرڻ گهرجي. توهان حڪومت کي سنڀاليو ته
مان وڃي اهو ڪم سرانجام ڏئي اچان. راجا جي هن
ارادي وزيرن کي ڏاڍو خوفزده ڪيو. هو عرض ڪرڻ لڳا
ته: هينئر گهڻي دير ٿي چڪي آهي ۽ تنهن کان سواءِ
دشمن گجرات پهچڻ جا سمورا رستا بند ڪيا آهن،
تنهنڪري اهو ڪم راجا لاءِ خطري کان خالي نه
آهي. ليڪن هن چتاءُ مٿس ڪو اثر نه ڪيو. هو وڃڻ
لاءِ تياري ڪرڻ لڳو.
اهو ڏسي وزير نذرساف عرض ڪيو ته : جيڪڏهن ائين آهي
۽ توهان کي هررڀرو راجڪماريءَ کي حاصل ڪرڻو آهي ته
پوءِ توهان پاڻ نه وڃو، پر هڪ ٻانهي موڪليو جا اتي
وڃي ڪو رستو سوچي سگهجي. هن اها صلاح قبول ڪئي ۽
هڪ سهي ٻانهي دلهران نالي کي گجرات روانو ڪيائين.
هيءَ ٻانهي سونهن سان گڏ چالاڪيءَ ۾ به بي مثل
هئي، سو ڇا ڪيائين جو دائي جو لباس پائي سفر تي
رواني ٿي. هن ائين مشهور ڪرايو ته هوءَ عورتن جي
مڙني بيمارين جو علاج، طب ۽ جادوءَ رستي ڪرڻ
چاهي ٿي. تنهن کان سواءِ هن ماڻهن ۾ پئسا به جام
ورهائڻ شروع ڪيا، جنهنڪري سندس پهچڻ کان اڳ ۾
سندس خوبين جي مشهوري گجرات ۾ پهچي وئي.
جڏهن هيءَ طبيبياڻي گجرات ۾ پهتي، تڏهن هن جي
علاج جي خوبين جي خبر ڪامروپ تائين پهتي. هن هڪدم
کيس محلات ۾ اچڻ لاءِ چيو،، پر ٻانهي وڏائي ڪندي
چورائي موڪليو ته هوءَ بادشاهن ۽ راڻين جي علاج
ڪرڻ لاءِ ڪا نه نڪتي آهي. اهو ٻڌي ڪامروپ
طبيبياڻيءَ کي آڻڻ لاءِ پالڪي موڪلي، جڏهن هوءَ
محلات ۾ پهتي، اتي راجڪماريءَ پنهنجي علاج ڪرڻ
لاءِ پنهنجو رومال ان جي ڳچيءَ ۾ وڌو، ڳچيءَ ۾
رومال وجهڻ جي معنيٰ هئي کيس مست ڪرڻ.
ٻانهي تمام سياڻي هئي، سو پهچڻ سان پنهنجا ڪتاب
کولي ۽ ڏسڻ لڳي، ڄڻ ته واقعي راجڪماريءَ جي علاج
لاءِ ڪتاب ۾ ڏسي رهي آهي. ٿورو پڙهي چوڻ لڳي: ”مان
سمجهان ٿي ته تو هڪ رات ننڊ مان جاڳڻ تي پنهنجي
ڀرسان کٽ تي هڪ راجڪمار ستل ڏٺو آهي. “ انهيءَ
ڳالهه ٻڌن سان راجڪماري سمجهي وئي ته هوءَ
ويڄياڻي نه هئي، پر سندس محبوب جي پيغامي . آخر
ٻانهيءَ کيس ٻڌايو ته هوءَ راجا ڪامسين وٽان آئي
آهي، جو پڻ سندس وانگر بيمار آهي ۽ ساڳئي مرض ۾
مبتلا آهي. هي ٻڌي راجڪماريءَ چيو ته: ”هاڻي ڪا
ترڪيب ڪڍڻي آهي، منهنجي شادي زبردستي منهنجي
پيءُ جي دشمن سان ڪرائي ٿي وڃي. جنهن جي تاريخ
ويجهي اچي چڪي آهي. جيستائين ڪامسين مون کي حاصل
نه ڪيو آهي، تيستائين هي خطرو لاحق آهي. تون يڪدم
موٽي وڃ ۽ راجڪمار کي ٻڌاءِ ته هو منهنجو انتظار
فلاڻي جهنگ ۾ ڪري. |