سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌ جون لوڪ آکاڻيون

 باب:

صفحو :2

پنهونءَ قاصد کي حڪم ڪيو ته موٽي ڀنڀور وڃي ۽ ٻاٻئي کي ٻڌائي ته پنهون جلد اچڻ وارو آهي. پوءِ پنهون عطر ۽ عنبير جو وڏو انبار دٻن ۾ بند ڪرائي، مخفي طور پنهنجي اُٺ سان ٻڌائي ڇڏيو. هن جي اُٺ جا سنج ۽ سنجن جا پوش سون ۽ چانديءَ سان چمڪي رهيا هئا ۽ موتين جا هار ۽ سهڻن مڻين سان ڳانيون اٺ جي ڳچيءَ ۾ پئي لڙڪيون. پنهونءَ ۽ سندس همراهن پنهنجا مقيشي ڪوٽ پهريا ۽ شاهي پڳون مٿن سان ٻڌي ۽ سايون سٿڻيون پائي ۽ ڪلهن تي سون ۽ چانديءَ جي جهالرن وارا بوڇڻ رکي اٿي هليا. جڏهن پنهون ۽ ان جا ساٿي  اسهيا ٿي، تڏهن ان وقت ڄام آريءَ، پنهونءَ جو  ننڍو ڀاءُ چنون ساڻ ڪري آيو ته چيائين ته هن کي ساڻ وٺيو وڃ، جو ضرورت وقت هي تنهنجو ٻانهن ٻيلي ٿي تنهنجي مدد لاءِ تيار رهندو. پڇاڙيءَ جو هن کي تاڪيد ڪيائين ته جيتريقدر ٿي سگهي ته جلد موٽڻ واري ڪج، ڇو ته تون منهنجو لاڏلو آهين. جڏهن سوڀارو ٿي موٽين ته اڳيان دهل دمام وڄائيندا اچجو. پنهون پيءُ ۽ ماءُ کان موڪلائي پنهنجي ساٿين سميت روانو ٿيو. هيڏانهن پنهونءَ کي اسهڻ کان پوءِ، ماءُ پيءُ اچي ڳاراڻي  ۾ پيا. پنهون ۽ سندس ساٿ سفر جي سختين سان منهن ڏيندا هلندا ويا. سندن آوازن ۽ ان سان گڏ اٺن جي چڙن جي چانگار سارو آسمان گونجي ٿي ڇڏيو. رات ڌاري وڃي ڪهير بيلا پهتا. رات اتي منزل ڪيائون، صبح جو سڄو ڳوٺ هنن مسافرن کي ڏسڻ لاءِ اچي ڪٺو ٿيو. انهيءَ ڳوٺ ۾ هڪڙي سوناري جي ڌيءُ، ساجن، نالي رهندي هئي. هن جڏهن پنهونءَ کي ڏٺو، تڏهن دل ۾ چيائين ته هاڻي پنهونءَ کان سواءِ ٻئي ڪنهن سان حياتيءَ ۾ نينهن نه لڳي سگهندو.

هن هڪ ٻڍي مائي پنهون، ڏانهن موڪلي ته وڃي هن کي منت ڪري ته پنهنجو سودو آڻي ڏيکاري ۽ گڏوگڏ  هيءُ به چويس ته آءُ تنهنجي عطر عنبير بدران توکي هيرا موتي ۽ ياقوت ڏيندس ۽ اهو نياپو انهيءَ نيت سان موڪليائين ته شايد پنهون انهيءَ لالچ تي هرکجي اچي. پنهون ٻڍڙيءَ مائيءَ سان گڏجي ويو، پر پنهنجو مال ڪين موڪليائين ۽ سوچيائين ته ڀنڀور ۾ مون کي انهيءَ سامان جي وڪري جي ضرورت پوندي. اها رات وڏي خوشيءَ سان ساهجان سان گذاريائين، جنهن لاءِ هن پر تڪلف ماني تيار ڪرائي، جا هن ڏاڍي اشتياق سان کاڌي. ٻئي ڏينهن باوجود ساهجان جي آزيءَ نيزاريءَ جي، پنهون پنهنجي فريقن سان روانو ٿي ويو. وري به ساڳئي پنهنجي ڳائڻ جي آوازن ۽ چڙن جي چونگارن  سان ڪيهر بيلا مان روانا ٿيا. ڀنڀور  پهچڻ کان اڳ وري وچ تي منزل نه ڪيائون. جڏهن شهر کي ويجهو پهتا، تڏهن پنهون، ٻاٻئي کي ماڻهو موڪليو، جنهن هن کي شهر جي ڏکڻ طرف منزل لاءِ جاءِ ڏسي. ان هنڌ تي ٻنهي ڀائرن پنهنجن اٺن تان سامان لهرائي ۽ اتي خيما کوڙي غاليچن کي وڇارائي، سهڻي نموني ديرو دمائي ويٺا. پنهنجو واپاري مال جهڙوڪ مشڪ، عنبر ۽ عطر ڪڍي اهڙيءَ طرح ڏيک ويک لاءِ رکيائون، ڄڻ ته هي واقعي ڪي جهونا سوداگر هئا. اها خبر هوا جيان سسئيءَ جي ڪن تائين پهتي ته هڪ وڏو سوداگر ڀنڀور ۾ آيو آهي. مڄاڻ ته اهو سوداگر پنهون هو جنهن کي ٻاٻئي  گهرايو هو. سسئيءَ پنهنجون سڀ جيڏيون سرتيون گهرايون ۽ سڀئي جواهرن سال سينگارجي هڪ ٻئي پٺيان ائين قطار ڪري هليون، ڄڻ سياري جي سانجهيءَ وقت ڪونجون آسمان ۾ ولر ڪري اُڏامنديون هجن. سڀئي پاڻ ۾ هم عمر هيون، مگر سونهن ۾ سسئي سڀني کان سرس هئي: هرڻ جهڙيون سندس اکيون، ڏند جهڙا موتين جي قطار، نَڪَ جهڙي انب جي ڦار  سندس وار سونن گهنگهرن سان مڙهيل هئا. سندس هلڻ جو انداز اهڙو هو، جهڙو ڊيل بهار جي مند ۾ صبح جو ٽلندي آهي. هنن ڇوڪرين جي پازيبن ۾ گهنگهرن جي آواز تي پنهونءَ جي درٻانن کي کڙڪ پئجي وئي، جن پنهونءَ جي اجازت سان تنبن جا در کولي  ڇوڪرين کي اندر اچڻ جي اجازت ڏني. خيمن جي اندر پنهونءَ جو سارو مال اسباب ٽڙيو پکڙيو پيو هو. ڇوڪرين جڏهن سامان کي ڏٺو، تڏهن حيرت ۾ بيهي اگهه ٻولائڻ ۽ قيمتن جي گهٽ ڪرائڻ تي ريڙهه پيڙهه ڪرڻ لڳيون. مگر جڏهن پنهونءَ ۽ سسئيءَ جون اکيون پاڻ ۾ لڙيون، تڏهن ته هنن کي ٻي ڪا به تمنا باقي ڪانه رهي. جڏهن سسئيءَ کان سواءِ ٻيون ڇوڪريون پنهنجي سودي جي اگهه پا پڇڻ کان وانديون ٿيون، تڏهن گهر موٽڻ جي ڪيائون. هاڻي سسئيءَ جي دل ۾ پنهونءَ جي  عشق جي آگ ڀڙڪي  چڪي هئي ۽ ساڳئي وقت پنهونءَ جي حالت به سسئي کان گهٽ ڪانه هئي. لاچار سسئي ويچاري تنبن کان نڪري، پنهنجين سهيلين سان اُٿي هلي. گهر پهچندي ئي ساقيءَ کي سڏائي چيائين ته” منهنجي اکين ۾ لڙڪ ۽ دل ۾ عشق جي آگ آرام وٺڻ نه ٿي ڏئي. مون کي پنهون آڻي ڏيو، نه ته آءُ مري وينديس.“

ساقيءَ سسئيءَ کي ريجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر اُن کي تيسين آرام نه آيو، جيسين ساقي اهو دلاسو ڏنس ته خاطري ڪر آءُ سڀاڻي پنهنجي مائٽن سان ملي، پنهونءَ سان تنهنجي شاديءَ جو بندوبست ڪندس. ٻئي ڏينهن ساقي،  سسئيءَ جي ماءُ وٽ وئي ۽ چيائينس ته سانئڻ! هڪ سوداگر ڪنهن ڏوراهين ڏيهه کان ڀنڀور ۾ وارد ٿيو آهي. سونهن ۾ سج ۽ چنڊ کي مات ڪيو ويٺو آهي. منهنجي صلاح آهي ته تون پنهنجي نياڻيءَ جي شادي جي کيس آڇ ڪر، ڇو ته هن کان وڌيڪ سهڻو ۽ دولتمند  نوجوان توکي  ڌيءَ لاءِ مشڪل هٿ اچي.“ ڌوٻڻ عجب ۾ پئجي ساقيءَ کان سوال ڪيو ته: ”ذات ڪهڙي اٿس؟“ اتفاق سان اوڏيءَ مهل محمد کٽي به گهر اچي سهڙيو. جوڻس هن کي ساقيءَ واري ڳالهه سربستي ڪري ٻڌائي. هنن پاڻ ۾ اڃا ڳالهيون پئي ڪيون ته ٻاٻيو گهٽيءَ مان اچي لانگهائو ٿيو. ساقيءَ کيس ڏسي چيو ته اجهو هن سوداگر  جو منشي پيو وڃي، هن کي سڏائي پڇو ته سوداگر جي ذات ڪهڙي آهي. محمد هن جي ڳالهه سسئي ۽ ٻائٻي کي سڏيائين ٻاٻيو هن قسم جي سوال جو مطلب سمجهي ويو ۽ خواب ڏٺائين ته ”سون گزاڪثر مونکي ٻڌائيندو آهي ته هو ڪنهن وقت دوٻي هو پر پوءِ جڏهن ملڪمان ڀڄي نڪتو تڏهن کان وٺي واپار جو ڌنڌو اختيار ڪيو اٿس انهيءَ تي مون ٻاٻئي کي ، پنهونءَ تائين سندس دعوت پهچائڻ ۽ سندس گهر وٺي اچڻ لاءِ منت ڪئي. ٻاٻئي ائين ئي ڪيو. پنهونءَ خوشيءَ مان دعوت قبولي ۽ جڏهن هو ٻاٻئي سان گڏجي ڌوٻيءَ جي گهر آيو، تڏهن پنهونءَ کي پر کڻ لاءِ چوڻ لڳو ته” مون ٻڌو آهي ته توهان ذات جا ڌوٻي آهيو. هاڻي مهرباني  ڪري مون کي ٿورن ڪپڙن ڌوئڻ ۾ مدد ڪريو.“ ائين چئي پنهونءَ کي سابڻ ۽ هڪ ڳٺڙي ريشمي ڪپڙن جي ڌوئڻ لاءِ ڏنائين. ٻاٻئي پنهونءَ  کي اڳي ئي خبردار ڪري ڇڏيو هو ته پنهنجي ذات ڌوٻي ٻڌائي. انهيءَ  ڪري کيس ڪپڙا کڻڻا پيا، جيتوڻيڪ هن کي ڪپڙڻ ڌوئڻ جي ڪابه خبر ڪانه هئي.

پنهون جيئن ڪپڙا کنيو پئي ويو، تيئن سندس ڀاءُ چنو کيس گڏيو ۽ ڪاوڙ مان پڇائين ته ” مان جيڪي ٻڌي رهيو آهيان، سو سڀ سچ آهي؟ ڇا تون هڪ کٽيءَ جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪري اسان جي عزت  ٻوڙيندين؟“پنهونءَ جواب ڏنو ته ” ادا! انهيءَ ۾ ڪهڙي بي عزتي آهي، جيڪڏهن  ڪو ماڻهو پنهنجي دل گهرئي محبوب سان شادي  ڪري.“ اهو ٻڌي، چنو ماٺ ۾ رهيو ۽ پنهون درياءَ جي ڪپ ڏانهن هليو ويو. اُتي ڪپڙن کي ڌوئڻ جي ڪوشش ڪندي، هن ڪپڙا ڦاڙي ليڙون ليڙون  ڪري وڌا ۽ جيئن ئي انهن ٿڳڙين کي ارمان مان پئي ڏٺائين، تيئن سسئي هن وٽ اچي نڪتي  ۽ هن کي مشڪندي کيڪاريائين. ان کان پوءِ کيس چيائين ته” نا اُميد نه ٿيءُ، منهنجا محبوب، هر هڪ ڪپڙي جي کيسي ۾ سوني مُهرَ  وجهي ڇڏ ته پوءِ ڪنهن وٽان به ڪا دانهن ڪانه ايندي.“ پنهونءَ، ائين ڪيو ۽ ڪپڙا کڻي وڃي مالڪن کي پهچايائين ۽ کين چيائين ته ”کيسا ڏسجو.“ جڏهن هنن کي پنهنجن ڪپڙن جي کيسن مان سوني گني هٿ آئي، تڏهن سندن ڪاوڙ اُتي ئي ٿڌي ٿي ويئي. محمد کي جڏهن خبر پيئي ته پنهون ڪپڙا ڌوئي مالڪن کي پهچائي آيو ۽ ڪنهن وٽان  به ڪا شڪايت ڪانه آئي آهي، تڏهن پڪ ٿيس ته سوداگر سچ پچ ذات جو ڌوٻي آهي ۽ هو سسئي ۽ پنهونءَ جي شاديءَ لاءِ رضامند  ٿيو. شاندار مجلس جي تياري ڪرايائين، جنهن ۾ پنهونءَ  ۽ سسئيءَ جو ميڙائو ٿيو. چنوءَ پنهنجي ڀاءُ جي شاديءَ ۾ ڪو به حصو نه ورتو ۽ ڏاڍيءَ غمگين حالت ۾ پنهنجا ماڻهو ساڻ ڪري، پنهنجي ملڪ موٽي ويو. اُتي اچي خبر ڪيائين ته ڪيئن پنهون سسئيءَ جي سونهن جي ڄار ۾ ڦاسي چڪو آهي. پيءُ جو منهن ڪاوڙ ۽ صدمي کان ڪارو ٿي ويو. ٽي ڏينهن انهيءَ ماتم ۾ گذري ويس، جنهن کان پوءِ چنو، هوتو ۽ نوتو کي حڪم ڏنائين ته اٺن تي سوار ٿي، وڃي پنهونءَ  کي موٽائي اچو. ٽئي ڀائر  اچي ڀنڀور پهتا. دلين ۾ دولاب، مگر چپن تي مٺڙا ٻول ٻوليندا اچي سسئي ۽ پنهونءَ سان ڀيڻ ڀاءُ وانگر مليا. پنهونءَ توڙي سندس ڪنوار کي پنهنجن ڀائرن ۾ ڪابه بدگماني ڪانه هئي. چنوءَ هنن کي ٻڌايو ته ”بابي سندس شاديءَ جي خبر ٻڌي، انهيءَ جي خوشي ملهائڻ لاءِ ڪيترائي ڏينهن دعوتون ۽ مجلسون ڪيون آهن.“

هڪ رات هنن ٽنهي ڀائرن گڏجي پنهونءَ ۽ سسئيءَ کي سخت نشي واري شئي پياري، ۽ هو جڏهن رات جو اگهور ننڊ ۾ هئا، تڏهن آڌيءَ رات پنهونءَ کي سسئيءَ کان جدا ڪري، بيخبريءَ جي حالت ۾ هڪ اُٺ تي سمهاري، اٺن کي تيز هڪليندا تکا ڪيچ ڏانهن راهي ٿيا. ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن سسئي ننڊ مان سجاڳ ٿي ۽ پاڻ کي اڪيلو ڏٺائين، تڏهن سندس دل ڏاريندڙ دانهن پاڙي وارن کي ڇرڪائي ڇڏيو. پوءِ ته پنهنجي سڄي ڪهاڻي انهن کي بيان ڪري ٻڌايائين، ۽ پڪو پهه ڪيائين ته پنهونءَ جي پٺيان پيادي وينديس ۽ جيسين پنهونءَ کي ڳولي هٿ نه ڪندس، تيسين پاڻ کي لَڪََن ۾ رولي پورو ڪري ڇڏينديس . ساقيءَ کان سواءِ ٻين سڀني کيس سمجهائڻ جي ڪافي ڪوشش ڪئي، مگر ساقيءَ هن جو صدمو ڏسي، هن کي پنهنجي وچن پوري ڪرڻ جي نصيحت ڪئي،

آخر سسئي پنهونءَ جي اُٺن جو پيرو کڻندي، جبل جهاڳيندي رواني ٿي. جڏهن رات پئي ۽ پنڌ سسان ٿڪجي بيحال ٿي پئي، تڏهن هڪ ٻڪرار نڪتي. ويجهو پهچي ٻڪرار کان پڇيائين ته ”ادا  ڪو قافلو هتان لنگهندو ڏٺئه؟“ ٻڪرار جيئن سسئيءَ ڏانهن اک کنئين ته  هن جي سونهن جو تاب نه جهلي سگهيو ۽ جواب ڏيڻ جي بدران هن کي جهلي، پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ اندر نيڻ جي ڪوشش ڪيائين. سسئي پنهونءَ کي مدد لاءِ رڙيون ڪيون، مگر  پنهون ڪٿان ٿي پهچي سگهيو، جواب نه مليس. آخر بيوس ٿي، ڌڻيءَ کي ٻاڏايائين ” اي مالڪ  مهربان! مون کي هن زمين اندر جاءِ ڏي ته آءُ  هن ڪميڻي جي بدنيتيءَ کان بچي پوان.“ ڌڻي هن جي دعا قبول ڪئي، ۽ سندس پيرن هيٺان  زمين هڪدم  ڦاٽي پئي ۽ سسئيءَ کي ٻڪرار جي چنبن مان نجات ملي.  ان کان پوءِ زمين وري مڙي ويئي، مگر سسئيءَ جي پوتيءَ  جو پلوَ ٻاهر رهجي ويو. اهو حال ڏسي ٻڪرار خوف کان پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ وڃي لِڪو .


 

ٻئي پاسي، منجهند ڌاري پنهون نشي مان سجاڳ ٿيو ۽ پاڻ کي اُٺ جي پٺيءَ تي جڪڙيل ڏسي چنو کان ان جو سبب پڇيائين. جنهن تي سندس ننڍي ڀاءَ وراڻي ڏني ته ”بابي جي حڪم موجب توکي ڪيچ ڏي وٺيو ٿا وڃون.“ پنهون اهو ٻُڌي، هڪدم ٽپو ڏئي اُٺ تان هيٺ لٿو. جنهن تي چنو ۽ سندس ڀائرن اُٺ بيهاري ڪوشش ڪئي ته هن کي زوريءَ  جهلي قابو ڪن، مگر پنهون پنهنجي تلوار مياڻ مان اهڙي جوش ۽ ڪاوڙ مان ڪڍي جو هنن ڊڄي کيس ڇڏي ڏنو. پنهونءَ وائڙائپ ۽ چريائپ واريءَ حالت ۾ پنهنجو رخ ڀنڀور  ڏانهن ڪيو. هو ساڳيا پير وٺي پوئتي موٽيو. هلندي هلندي هو انهيءَ هنڌ اچي پهتو ته سسئي کي ڌرتيءَ پناهه ڏني هئي انهيءَ هنڌ جي ڀر پاسي ۾ هن هڪ ٻڪرار کي ڏٺو، جو ان وقت ڪي قدر خوف تي غالب پئجي چڪو هو ۽ پنهنجي جهوپڙي کان پئي موٽيو. پنهونءَ هن کان پڇيو ته” تو ڪا هتان سهڻي عورت لنگهندي ڏٺي؟“ ڇو ته کيس پڪ هئي ته سسئي سندس ڳولا ۾ ضرور نڪتي هوندي. ٻڪرار  جواب ڏنو ته ”ٿوري دير اڳ هڪ زال هت آئي هئي، مگر اوچتو هن کي زمين ڳڙڪائي ويئي.“ هن پنهنجي ڳالهه جي ثابتيءَ لاءِ سسئيءَ  جي پوٽيءَ واري پلاند ڏانهن اشارو ڪيو جو ٻاهر نڪتل رهجي ويو هو. پنهونءَ پوتيءَ جي پلوَ کي ڏسندي هڪدم سڃاڻي ويو. هن عشق ۽ محبت جي جذبي وچان ڌڻيءَ کي ٻاڏايو ۽ دعا گهريائين ته ” اي مالڪ مهربان! زمين کي ڦاڙ ۽ مون کي به انهيءَ هنڌ جاءِ ڏي!“ هن جو عرض اگهاڻو ۽ اڳئين وانگر  هن جي پيرن هيٺان زمين ڦاٽي پيئي. اکڇنڀ ۾ پنهنجي محبوب  سان وڃي مليو. ڌرتي وري اهڙي ٿي وئي جهڙي اڳ هئي. اهڙيءَ ريت ، ڌڻيءَ ٻنهي محبت جي مشتاقن جو پنهنجيءَ ڪمال قدرت سان دائمي ميڙائو ڪيو.

عمر ۽ مارئي

ڪنهن زماني ۾ عمر ڪوٽ ۾، هڪ مشهور بادشاهه، عمر، نالي راڄ ڪندو هو  هو راجپوت گهراڻي جي سومرا  نسل مان هو، هن جي حڪومت ۾ اهرو ته انصاف هو، جو شينهن ۽ ٻڪري گڏ چرندا هئا. اها هاڪ هنڌين ماڳين مشهور هوندي هئي.

قدرت جا به اهڙا ته عجيب ڪارناما آهن جو اڪثر ڪنهن کي به هڪ حال ۾ رهڻ ڪانه ٿي ڏئي، ڪڏهن چڱن هٿان برا ڪم سرزد ٿيو پون ته ڪڏهن برن کان چڱا ڪم سرانجام ٿيڻ لڳن.

اهڙيءَ طرح هڪڙي ڏينهن جيئن عمر بادشاهه پنهنجي درٻار ۾ پنهنجي اميرن ۽ وزيرن کي پئي سمجهايو ۽ چتايو ته کين خدا جو خوف دل ۾رکي، ڪنهن کي به ستائڻ نه گهرجي، تيئن عين انهيءَ وقت هڪ اجنبي  وڏي واڪي عرض ڪيو ته” مون کي بادشاهه سلامت سان مخفي طرح ڪا ڳالهه ڪرڻي آهي. مون سندس لاءِ هڪ مخفي پيغام آندو آهي“. جڏهن بادشاهه اهي لفظ ٻڌا، تڏهن سڀني اميرن ۽ وزيرن کي برخاست ڪري، انهيءَ اجنبي شخص کي پاڻ وٽ گهرايو.

تن ڏينهن ٿر واري علائقي جي هڪ ڳوٺ ملير ۾ پالوي نالي هڪ غريب ٻڪرار رهندو هو. هن جي زال جو نالو ميراد هو ۽ مارئي نالي هڪ نياڻي هيس. وٽس ڦوڳ نالي هڪ نوڪر هوندو هو، جنهن جي تمنا  هئي ته مارئي جي ٻانهن کيس ملي. مگر پالوي پنهنجي ڌيءَ اڳ ئي پنهنجي سوٽ کي ڏيڻي ڪئي هئي، انهيءَ ڪري هن ڦوڳ جي آڇ کي رد ڪري ڇڏيو هو. ڦوڳ انهيءَ غصي کان ملير ڇڏي ويو ۽ انتقام وٺڻ جي ارادي سان عمر ڪوٽ ۾، بادشاهه جي درٻار ۾ اچي پهتو، هيءُ اهوئي اجنبي هو،  جنهن بادشاهه سان مخفي ملاقات ڪرڻ ٿي گهري.

جڏهن ڦوڳ بادشاهه سان نويڪلو ٿي مليو، تڏهن عرض ڪيائين ته ”بادشاهه سلامت ! مون کي هڪ عرض ڪرڻو آهي ۽ اهو هيءُ آهي ته ملير ۾ هڪ ڪنيا، مارئي نالي، رهي ٿي، جنهن جي سونهن سج کي به شرمايو ڇڏي.  سر وقد جسم ۽ اکيون ڀونر جيان ڪاريون ۽ سندس نظر تلوار کان تکي ۽ سندس چمڙي، اطلس جهڙي ۽ جڏهن کلي ٿي ته ڄڻ موتين جو مينهن ٿو وسي سندس سينو بهار جي موسم وارن ڪڪرن جهڙو سفيد آهي. انهن تي جي مکڙيون آهن، سي هوند تنهنجي باغ جي مکڙين کي شرمائين. هن جو چهرو چنڊ کان وڌيڪ حسين آهي ۽ ٽور اهڙي ٿي هلي ڄڻ ته ڊيل ٿي ٽلي ۽ جڏهن پئي ڳالهائي  ته ڪوئل جهنگن مان هن کي وراڻي پئي ڏئي. جنهن به هڪ واريءَ هن جو حسن ڏٺو هوندو، انهيءَ کي ٻيو ڪي ڪين وڻندو. پر آهي هڪ ٻڪرار جي ڌيءُ ۽ جسم تي ٿڳڙيون اٿس، ليڪن جيڪڏهن سهڻي  پوشاڪ پارائجيس ته هوند پرين کان به سونهن ۾ سرس ٿي وڃي. بادشاهه سلامت، سچ پچ ته هوءَ اوهان وٽ سونهين ٿي. حسن اهڙو اٿس ته وري دل به محبت جي کاڻ اٿس. مون سان گڏ هلو ته مان توهان کي ڏيکاريان ته هوءَ ڪٿي ٿي رهي.“

عمر بادشاهه کان اهي نصيحت جا الفاظ سڀ وسري ويا، جيڪي هن ٿورو وقت اڳ پنهنجي اميرن اڳيان چيا هئا ۽ ٻڪرار  جي حسين ڌيءَ جي عشق ۾ ديوانو ٿي پيو. پنهنجو تيز اُٺ  سنڀرائي ۽ مهار هٿ ۾ ڪري اڳيان سوار ٿي ويٺو. پٺيان اهو دغاباز ڦوڳ ويٺو ته جيئن مارئيءَ جي ڳوٺ جو رستو ڏيکاري.

مارئي جيئن پنهنجي ساهيڙين سان ڀر واري کوهه تان پاڻي ڀرڻ ٿي ويئي، ته ڇا ڏسي ته ٻه ماڻهو  هڪ اُٺ تي سوار پيا اچن. مارئي ڏسي ڊڄي ويئي. هوءَ هوند گهر ڀڄي  وڃي ها، مگر سندس سرتين  کي انهن ڌارين ماڻهن کي ڏسڻ جو شوق هو، تن چيس ته” ڀو نه ڪر، هي واٽهڙو آهن ۽ توکي ڪو نقصان ڪونه رسائيندا. جڏهن کوهه وٽ ايندا ته پاڻي گهر ندا ۽ اسين انهن کي پاڻي ڏئي، کانئن ان جي عيوض خبرون ٻڌنديوسين.“ مارئي پنهنجي سهيلين جي سمجهائڻ تي هنن سان گڏ کوهه تي وئي ۽ ساڳئي وقت عمر جو اُٺ به کوهه وٽ پهتو. ڦوڳ  جي ڀڻڪي ۽ عمر جي اکين سمجهي ورتو ته اها جيڪا سندس سامهون بيٺي آهي، سائي اُها حسين  مارئي آهي. عمر، اُٺ کي هيٺ جهڪايو ۽ مارئي کان پاڻي گهريو. هن سادي ڇوڪريءَ پاڻي ڏيڻ ٿي چاهيو ته ايتري  ۾ عمر ۽ ڦوڳ هن کي پڪڙي، اُٺ تي  ٻڌي، پاڻ سان کڻي هليا ۽ اچي عمر ڪوٽ ۾ پهتا.

انهيءَ رات عمر، مارئيءَ وٽ ويو ته ڇا ڏسي ته هوءَ ويٺي روئي ۽ کاڌو ائين هن جي اڳيان رکيو آهي. هن ريجهائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي ۽ چيائينس ته” مارئي، تون هاڻي روءَ نه، جيڪي ٿيڻو هو، سو ٿي چڪو. هاڻي تون  منهنجي پاٽ راڻي آهين ۽ منهنجون ٻيون راڻيون تنهنجون ٻانهيون ٿي رهنديون ۽ پنهنجي حڪومت جون واڳون تنهنجي هٿ ۾ ڏيندس.“ مگر مارئي اڃا به وڌيڪ روئڻ لڳي،  ڇو ته هن کي پنهنجو گهر، مائٽ ۽ سندس مڱيندو کيت ياد ٿي آيا. انهيءَ تي عمر ڪاوڙ مان چيس ته  ”مارئي، تون پنهنجي مائٽن ۽ مڱيندي لاءِ ڇو ٿي پاڻ کي جهورين. اُهي ته جهنگل جا مارو آهن. هتي ته تون شهزادين تي حڪمراني ڪندينءَ پنهنجي ڳوٺ ۾ توکي پرهه ڦٽيءَ اُتي، ٻڪرين کي ڪاهي جهنگ ۾ وٺي وڃڻو پوندو هو، پر هت ته توکي ٿڌيءَ  ڇانو ۾، محلات جي مزي کي خوشيءَ سان قبول ڪرڻ گهرجي.“

مارئي هڪدم جواب ڏنو ته ” تنهنجي راڻين لاءِ اها وڏي ڳالهه آهي  ته برقعا پائي محلات جي چوديواريءَ ۾ گذارين، مگر مون کي آزاد فضا ۾ ۽ کليل هوا ۾ رهڻ ٿو وڻي. مون کي ننڍڙن ڇيلن کي هنج ۾ ڪري ٻڪرين جي ڌڻ سان جهنگ ۾ وڃڻ ۾ لطف ايندو آهي. مون ۾ تنهنجي وڏ گهراڻين راڻين جي ڪا به خاصيت ڪانهي. انهن کي نازڪ  طعام وڻن ۽ منهنجو کاڄ ٻير ۽ جهنگ  جو ڦل آهي. هو جواهر ڳچيءَ ۾ پائين ۽ مان ڳاڙهن مڻين جو هار پائي،  خوش  ٿي ٿيان. هو نرم بسترن تي سمهن ۽ آءُ ٿڌيءَ واريءَ تي ليٽي پوان. هنن جي اڱڻ ۾ نوڪر ڇڻڪار ڪري، دز کي وهارين ۽ مون کي مينهن جي بوندن مان مزو اچي. هو پائين پٽ پٽيهر ۽ آءُ پايان کهُري کاڌي. هو دهل ۽ بانسري  ٻڌي دل وندرائين ۽ منهنجي روح کي ٻڪرين جي ٻاڪر وڌيڪ مٺي ٿي لڳي.“

عمر وراڻيس ته ”مان توکي دنيا جو بهترين باغيچو ٺهرائي ڏيندس، جنهن ۾ سونا شمعدان لٽڪيل هوندا، جنهن ۾ انگور، کجور، ڪيلا، ليما، انجير ۽ سنگتڙا، ناريل ۽ بادام هوندا ۽ سارو باغيچو ايلاچي ۽ صندل جي خوشبوءِ سان واسيل هوندو.“

مارئي انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي جواب ڏنو، ”عمر بادشاهه! اهي سڀ نعمتون ٻين لاءِ رک، مون کي منهنجا کليل ميدان ۽ ماٿريون، جي منهنجي ڳوٺڙي جي چوڌاري  پکڙيل آهن ۽ اُهي ڪانڊيرا ۽ ڏيلهن جا ٻوٽا انهن ٽڪرين تي ۽ جهنگ  جا ٻير ۽ ميوا مون کي موٽائي ڏي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org