سيڪشن: ٻاراڻو ادب

ڪتاب: سنڌ ديس جون رانديون (حصو ٻيو)

باب:

صفحو:2 

جيڪڏهن ڪنهن جون چارئي ساريون چئن ڄڻن ۾، ۽ ٻن ڄڻن ۾ چار ساريون رنگ جون مري ويون ۽ داءُ وجهي ڪابه ڇڏائي نه سگهيو ته ان کي چرخو آيو، چرخي ۾ چوڏهن لنڊشمار ڪن، ۽ اٿي بيهي ڇيڄ هڻن ۽ چون:

چوڏنهن لنڊي، ڪپهه پنڊي.

هن راند ۾ ٽوڙهه ڪرڻ يعني مخالف جي ڪابه هڪ ساري مارڻ کان سواءِ ساري رَچائي نه سگهبي. جي اهڙو داءُ پيو جو ٽوڙهه نه ڪيل اٿس ته ساري رچڻ واري خاني جي مهندان باقي هڪ خاني ۾ پيل آهي ته اها ساري ٻڏي، يعني رَچندي نه پوئتي هٽي سگهندي، پر جي ٽوڙهه ڪيل اٿس ته اها ساري اُبتي هلي سڄو اُبتو ڦيرو کائي پوءِ اچي رچندي. ڪنهن به خاني ۾ ٻن همراهن جون ٻه ساريون يا هڪڙي ئي رانديگر جون ٻه ساريون يعني جوڙو گڏ ويٺل آهي ته اهو جوڙو مري ڪين سگهندو، رانديگر خانو ڳڻي اڳتي هليو ويندو يا انهن سان گڏي ساري ويهاري ڇڏيندو، ٻن همراهن مان جي هڪڙو اڳواٽ رَچي ويو ته پنج وارا ڇڏي، ڇهين واري تي ڌڪ هڻي همراهه جون ساريون هلائي وڃي رچائيندو. يعني ٻنهي جي ڌڪن تي ساريون پيون چرنديون. جي اول کان آخر تائين ڪنهن جو داءُ نه پيو ۽ ٻي ڌر ساريون رچائي ڇڏيون ته ان رانديگر کي ٻڌڙي اچي ويئي. ٻڌڙي جا ٻارنهن لنڊ شمار ڪن.

(ب) کَپن يا ڪَتن (قطعن) واريون رانديون: ڪَتَ گهڻو ڪري ڪوڏر يا لاچاري حالت ۾ رنبيءَ سان ڪڍندا آهن، ڪي رڳو پيرن جا ٿلها پٽا ڪڍي به هي راند ڪن.

7. ٽاپُونءَ راند: ٽاپون معنيٰ ٻيٽ، هي راند ڪيترا به رانديگر واري واري تي کيڏي سگهندا. پهريائين ڪڍندا ٽاپونءَ جون دريون، جن جا نالا آهن، اِگهه، ٻگهه ۽ ٽگهه. اهي ٽئي هڪ جيڏيون ويڪر به اڍائي فوٽ رکن، پوءِ چوٿين ٿئي سُئي. هن جي ويڪر ۾ ٻيڻو اٽڪل پنج فوٽ کن ٿيندو، ان کانپوءِ ڪتو، ڪچي ۽ پڪي. اهي ٽي دريون پڻ اچائي فوٽ کن ويڪريون هونديون. انهن کانپوءِ ڪلان ڪوٽ يا ڪرا ڪوٽ، هن جي ويڪر به درياءَ جيتري ٿيندي، هن جو پويون ليڪو ڪمان وانگر گولائي تي نڪتل هوندو. آخرين جيڪو ميدان آهي ان کي سڏين ٻهراڙي. اها به ٽاپونءَ هلڻ ۾ شمار ڪن.

گهڙيل ۽ گولائيءَ واري ٺڪريءَ کي ٽاپون چئبو آهي، رانديگر اها کڻي، پهرين اگهه واري دريءَ ۾ اُڇلي هڪ پير تي منڊڪائي ٿُڏي ٻاهر ڪڍندو. اهڙيءَ ريت ٻگهه، ٽگهه ۽ سئي ڪڍندو. پوءِ ساڳيءَ مهل ڪُتو، ڪچي، پڪي، ڪڙاڪوٽ ۽ ٻهراڙيءَ مان ٽاپون ٿُڏيندو، ڪڍندو ايندو. پر اچڻ توڙي وڃّڻ مهل درياءَ ۾ ٻئي پير کوڙي ساهي پيو وٺندو، جي سڀ دريون اڪري آيو ته راند کٽيائين.

هن راند ۾ ٽاپون اُڇليندي، چتايل دريءَ ۾ نه پيو، اُڇليندي ليڪي تي ڪريو، رانديگر جو پير ليڪي تي آيو، درياءَ کان سواءِ رانديگر ٻيءَ ڪنهن دريءَ ۾ پير کوڙيو، سامهون سڌو ٽاپون ڌڪي ڪڍڻ بجاءِ پاسي واري گهوڙي مان نڪري ٻاهر ٿيو، ته انهن مڙني حالتن ۾ ان رانديگر جو وارو ڇُٽو ۽ ٻيو رانديگر وارو وٺندو. (هن راند ۾ بدن جو توازن رکڻ رانديگر سکن ٿا).

 

8. لوڻ کاڻ راند: هن کي لوڻ کڻڻ راند به چئبو آهي، هن ۾ ڪيترائي ڇوڪر راند کيڏي سگهندا آهن. پهرين لوڻ کاڻ جو خاڪو يا دريون ڪڍندا. هڪ ويڪري پٽي وارو گولائون چڪرو ڪڍبو. ان ۾ آمهون سامهون دريون ڪڍبيون، جي هڪٻئي کي وچ تي ڪپينديون. وچ تي، جيڪا چونڪڙي ٺهي اها ٿيندي لوڻ رکڻ جو خزانو، جتي مٽيءَ جو ڍڳ ٺاهي رکندا، هڪڙو ڄڻو آڳ ڏيندڙ ان ڍڳ واري هنڌ، لوڻ جو راکو ٿي آڳ ڏيندو. لوڻ کاڻ کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ هڪڙو ٻارٽ يا دروازو ٻارين کان سامهون پر ڊگهيرو هوندو، جنهن تان ٽپ ڏيئي ٻاهر اُڪربو. درين کانسواءِ جيڪي لوڻ کاڻ جا ٽڪنڊا خال آهن، تن ۾ نڪو رانديگر نڪو آڳ ڏيندڙ پير وجهندو. آڳ ڏيندڙ به گهيري ۾ ڊوڙي درين ۾ هلي ڪنهن کي به کاپائيندو. ٻيا رانديگر گهيري ۾ پکڙي بيهندا.

جيئن ئي آڳ ڏيندڙڪنهن جي پويان پيو ته ٻيا رانديگر ٻارين مان ڊوڙندا لوڻ يعني مٽيءَ جي مُٺ ڀريندا، ٻارٽ ٽپندا ٻاهر پيا نڪرندا، جنهن کي هٿ لڳو سو کاتو، وري اهو لوڻ جي سنڀال لاءِ آڳ ڏيندو. (هن راند ۾ سونپيل ڪم جي سنڀال ۽ بدن تي ضابطو رکڻ سکجي ٿو).

9. ونجهو رت راند (1): هن راند ۾ ٻه ٽوليون ٿينديون آهن، ٻه ڄڻا ٿين ڌوڙي، ٻيا ٿين ڀيچي، جوڙو جوڙو ٿي پڇي هڪٻئي تي ننڍ وڏ نالو رکي ڌوڙين وٽ ايندا. پوءِ پڇندا تنهنجي ننڍ يا وڏ؟ جيڪو نالو ڌوڙي وٺندو ان نالي وارو همراهه وٽ ويندو، پوءِ ڪڍندا ست ٻاريون يا دريون ۽ ونجهه يا ته اڳهين ڪوڏر سان دريون هميشه ڪاڻ ٺاهي ڇڏيندا آهن. ڌوڙي بيهندو پهرين دريءَ تي دريون جيڪي ڏهاڪو فوٽ ڊگهيون ٻه فوٽ ويڪريون هونديون آهن. اهڙي نموني ٻه فوٽ ويڪر سان وانجهي سڄي وچ تان نڪتل پهرين دري تائين هوندي. ڌوڙي کي حق آهي ته پهرين دري به سنڀالي ۽ وانجهي ۾ به ڊوڙي ڪنهن کي اپائي رکي. پهرين راند شروع ٿيڻ کان اڳ ڪيڏارو (ڏارو) ڪندا، يعني ڌوڙي هڪٻئي جي هٿ تي هٿ هڻندا. پوءِ ٻيا رانديگر ڊوڙندا درين ۾، ۽ بيٺل همراهن کان نڪرڻ جي ڪوشش ڪــندا، هـــو هــنن کي روڪي بيهاريندا. هرهڪ پنهنجي پنهنجي ڀيچيءَ وٽ روڪجي راند ڪندو. هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙندو، گوهيون ڏيندو، گهتون هڻندو ۽ هن کان نڪرڻ ڪاڻ واجهه پيو وجهندو. نيٺ ويساهي ڀڄي ويندو يا کاپي پوندو. ڀڄندو ڪنهن کي آڳ ڏيندڙن جو ٻاريءَ ۾، يا وانجهيءَ ۾ ڌوڙيءَ جو ڌڪ لڳو ته اهو کاتو، ۽ آڳ ڏيندڙ موٽي آڳ ڏيڻ لاءِ درين ۾ بيهندا. پر جي ڪوبه همراهه آڳ وٺندڙ جون سڀ دريون اُڪري سڀني  کان جند ڇڏائي، موٽي ٻاهر اچي پڪي چيائين ته انهن کٽيو. هن راند ۾ وانجهي وارو يعني پهرين دري تي بيٺل ڌوڙي نهايت هوشياريءَ سان هرهڪ دريءَ واري وٽ ونجهه ۾ هلي اچي ٻيلهه ڦاسائيندو آهي. ٻيلهه مان ٽي رانديگر نڪرڻ جي ڪوشش ڪندا: هڪڙي دريءَ ۽ وانجهيءَ واري وچ تان ٻيو دريءَ واري جي مٿان ۽ ٽيون وانجهيءَ واري جي مٿان، پوءِ اهڙا پير ترڪائي ڇرڪ ڏيندا، جو آڳ ڏيندڙ سمجهندا ته ڀڄن ٿا. پر هو اتي ئي بيٺا رهندا يا وچ واري جي ڇرڪ تي مٿيان ڀڄي نڪري ويندا. هي راند بدن تي ضابطي ڪاڻ ڪارگر آهي.


(1) اتر سنڌ ۾ هن راند کي ونجهه وٽيءَ راند چون. (ايڊيٽر)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org