”الف
ڪي تـَـلي زيرو اُو پيش پـِـنگا،
ڌَرتي ڌُٻي تندين تندا
جـَزم ڪُنڍلي
مـَـدَ لنبا.“
16. ميلو لڳائڻ: ڳوٺ
۾ ميلو لڳي يا ڦـِـٽو،
يا ڀرپاسي ۾ ڪو اهڙو شغل
ٿيو، جنهن ۾ گهڻن ٻارن
ڏٺو، يڪدم سڀ گڏجي ميلي جي راند ڪندا، مٽيءَ جا
ٻنا ٻڌي دوڪان ٺاهيندا، آلي مٽيءَ مان اُٺ گهوڙا
ٺاهي، پـِـڙي بنائي وڪڻندا. دڪان وارا ڪو
نانوائيڪو، ڪو حلوائي، ڪو ميون وارو، ڪو توتاڙين
وارو، ڪو ڦلن وارو ٿيندو. پوءِ ٺڪر ڀتر رکي ڍير
ٺاهي وڪڻندا. ٻيا ٻار ٺڪريون ڏيئي مال خريد ڪندا.
17.
چور ۽ پوليس ٿيڻ: هڪڙا ٻه ٻار،
پَٽ
تي ٻنا ٻڌي، هٿ ٺاهي، انهيءَ ۾ مٽيءَ جـُـون
ڍڳڙيون مال ڪري رکندا، سي ٿيا هٽ واڻيا، جي رات جو
دڪان ۾ سمهي پوندا. ٻيا ٻه ڄڻا ٿيندا چور، جي لڪي
لڪي دڪان ۾ گهڙي ڍڳڙيون ڊاهيندا. هڪڙو واڻيو جاڳي
چوندو ڪهڙو آهين؟ چور چوندس: ”چـُـپ
ڪري سمهي رهه ڪهاڙي نه هڻئين.“ واڻيو
ماٺ ڪندو، چور ڍڳڙيون ڀڃي ويندا. واڻيو شبد ڳائي
ٻين واڻين کي سجاڳ ڪندو، چوندو:
”ٻـُـوڙي
۾ هڪ ڌَُرمي
راجا، ڌََرتي
کوٽڻ آياوي!
ٽـِِـلو
ته ٽوپڻ، ٽيڪم ساڌو، چور ڦرڻ آياوي!“
واڻيا اچي گڏ ٿيندا، پوءِ چوندا ته هلو ٿاڻي تي
شوبيدار (صوبيدار) کي دانهن ڏيون. ايندا ٿاڻي تي
(ٿورو پريان صوبيدار ۽ ٻه پوليس وارا ويٺا هوندا)
هڪ واڻيو چوندو:
صوبيدار: ”گهڻا
چور هئا؟ ڪيڏي مهل آيا؟ ڪٿان کان کاٽ هنيو اٿن؟ ڇا
ڇا کنيو اٿن؟“
”چڱو،
فرياد لکايو“
واڻيو: ”ٻه
ڳوڻيون تـِـر، هڪڙي پاٽ ڪـَـتل، پنج مڻ ڳـُڙ، دَٻو
ڀڳڙا ۽ ريوڙيون، دَٻو بسڪوٽ
۽ ڪنگڻيون، اڌ مڻ ڏونگهيون، ٻيو اڻ ساريل سامان
کڄي ويو آهي. صوبيدار: ”هلو
ته واردات ڏسون.“ پوءِ
ايندا واڻين جو دڪان ڏسڻ، پوءِ چوندا: ”پيريءَ کي
سڏ ڪريو، ته پيرا ڀيٽ ڪريون.“پوءِ
چورن جو پيرو کڻي، ڪاٺين کي گهوڙا ڪري لانگ ورائي
چور ڳولڻ نڪرندا. نيٺ انهن کي جهلي ٻڌي ٿاڻي تي
ايندا، ڪوڙ پچاڻي ماريندي، سچي ڪرائيندن، تان جو
راند وڃي ختم ٿيندي.
18. حشر ڪرڻ: محرم
جي مهيني ۾ ڏهه ڏينهن عاشورن جا، جن ۾ ظهورا
نڪرندا آهن، سي ٻار ڏسڻ بعد، سڄو مهينو ڪندا
رهندا. ڇاتيءَ تي ڌڪ هڻندا، پٽيندا آهن. ڪي وري
مٽيءَ جا گهوڙا ٺاهي، پڪين سرن تي رکي، سرن کي
نوڙي ٻڌي گهليندا آهن. ڪي جهنڊا ٺاهي کڻندا آهن،
سڄي ڳوٺ کي ۽ پاڙي کي ڦرندا، اها راند چاليهو گذرڻ
کان پوءِ ڇڏيندا آهن.
باب ٻيون
اسڪولي رانديون
ٻار پنجن سالن کان وڌي، وڏو ٿيو ته اسڪول ۾ داخل
ڪرائيندس،
جتي شام جو، ماستر صاحب سڀني ڇوڪرن کي رانديون
ڪرائيندا آهن.
1. ڊِرل: ٻار، ٻن قطارن يا صفن ۾ ٿي بيهندا:
(i) ”هڪ“،
چوڻ سان ٻانهون سڌيون، ڪلهن برابر، ”ٻه“ چوڻ
سان ٻانهون مٿي اُڀيون،“ ”ٽي“چوڻ
سان ٽنگن سان شامل لڙڪيل، وري ”هڪ“ چوڻ
سان مٺيون بند ۽ سيني تي، ”ٻه“چوڻ
سان ٻانهون سڌيون، نڪ سامهون. ”ٽي“ چوڻ
سان سڌو، وري ”هڪ“ چوڻ
سان ڪنڌ پٺيان هٽائڻ، ”ٻه“ چوڻ
سان ڪنڌ اڳيان جهڪايل، ”ٽي“ چوڻ
سان ڪنڌ سڌو.
”هڪ“ چوڻ
سان چيلهه وٽان ٻيڻو يا اپٻيٽو يا اُڪنو ٿيڻ، ”ٻه“ چوڻ
سان هٿ پٺيان کان گولائي ۾ ڦيرائي، پيرن جي پٺيءَ
تي رکڻ، ”ٽي“ چوڻ
سان سڌو ٿي بيهڻ.
اهڙي نموني ڊرل ۾ هر هڪ عضوي کي ورزش ڏني ويندي
آهي.
(ii)
وري ”هڪ“ چوڻ
سان هڪ ٽنگ سامهون سڌي ڪرڻ، ”ٻه“ چوڻ
سان اها ٽنگ کوڙي، ٻي ٽنگ سامهون سڌي ڪرڻ، ”ٽي“ چوڻ
سان ٻئي ٽنگون برابر بيهارڻ، ”هڪ“ چوڻ
سان ٽنگ کاٻي پاسي ڏي مٿي جهلڻ، ”ٻه“ چوڻ
سان ساڄي ٽنگ ساڄي پاسي ڏي هٽائيجهلڻ، ”ٽي“ چوڻ
سان ٻئي پير ملائي بيهڻ.
iii)) ”هڪ“ چوڻ
سان ٻئي پير هڪ ٻئي کان پرڀرا رکڻ، ”ٻه“ چوڻ
سان وري ملائڻ. ”هڪ“چوڻ
سان هٿ مٿي پير هڪٻئي کان ڌار،”ٻه“ چوڻ
سان تاڙي، ”ٽي“ چوڻ
سان سڌو ٿي بيهڻ.
2. ڊوڙون پائڻ واريون رانديون:
(الف) ٻن ٻارن جي يڪي ڊوڙ: “هڪ،
ٻه، ٽي“ چوڻ سان ٻه ٻار هڪ ٻئي سان ٻه ٻه ٿي
مقابلو ڪندا، ٻار ڊوڙي نشان ٿيل دنگ کي هٿ لائي،
موٽي
ايندا. جيڪو اڳواٽ آيو، تنهن کٽيو.
(ب) سڀني ٻارن جي يڪي ڊوڙ: سڀ
ٻار تيار ٿي بيهندا. ”هڪ،
ٻه، ٽي“ چوڻ
سان سڀ ڊوڙندا، نشان ٿيل هنڌ کي جيڪو هٿ
لائي،اڳواٽ ڊوڙي ايندو، تنهن کٽيو.
(ج) پٺيري ڊوڙ: ٻار
پٺيرا بيهندا. ”هڪ،
ٻه، ٽي“ چوڻ
سان سڀ پٺيرا ڊوڙندا ويندا. نشان ٿيل ڇيهه وٽ
پهچي، وري پٺيرا ڊوڙندا ايندا، جيڪو پهرين آيو سو
سوڀارو ٿيو.
(د) جوڙيءَ جوڙيءَ جي ڊوڙ: ٻارن
جي جوڙيءَ جوڙيءَ
جي هڪ جي ٽنگ ٻئي جي ٽنگ سان رومال سان ٻڌبي، سڀ
جوڙا جوڙا ٿي بيهندا. ”هڪ، ٻه، ٽي“ چوڻ سان جوڙا
ڊوڙندا ۽ مقرر ٿيل هنڌ تي پهچي، پوئتي موٽندا.
جيڪو جوڙو پهريائين آيو، تنهن کٽيو.
(هه) قطارن واري ڊوڙ: ٻارن
جون ٻه قطارون مقابلي لاءِ ٺاهبيون، جي ٽنگون
پکيڙي بيهنديون، ”هڪ، ٻه، ٽي“ چوڻ سان آخرين ٻار
پنهنجن قطارن ۾ بيٺل سنگتين جي چـَـڏن هيٺان،
ڪونگڙو ٿي ڊوڙي اچي اڳيان بيهندو، ان بعد ٻيو
نمبر، ان بعد ٽيون نمبر، اهڙيءَ طرح جيترا به
ڇوڪرا هوندا ڊوڙندا اڳيان ايندا پيا. جڏهن اهو
ڇوڪر جيڪو پهريائين ڊوڙيو هو، سو آخرين پنهنجي
جاءِ تي پهچندو، ته ڏسبو ته پهريائين ڪهڙي قطار
وارن جو ڇوڪرو کٽيو آهي.
(و) نياپي ڏيڻ واري ڊوڙ: ڇوڪرا،
هڪٻئي کان ويهن وِکن جي وڇوٽيءَ تي سڌي قطار ۾ بيهاربا
۽ ٻه قطارون مقابلي لاءِ تيار ڪبيون، پوءِ هڪ سليٽ
تي نياپو لکبو، جهڙوڪر”گاڏي
۾ سڀ
ڪم ڪاريون ڇڏي هڪدم هليا ايندا، هت خير ناهي!“ پوءِ
هرهڪ ڇوڪر ڊوڙندو پنهنجي ساٿيءَ کي زباني نياپو
رسائيندو ۽ پوءِ موٽي پنهنجي جاءِ تي اچي بيهندو.
پڇاڙي وارو بيٺل هرهڪ قطار جو ڇوڪر، سليٽ تي پهتل
نياپو لکي کڻي ايندو، مقابلي ۾ ڏسبو ته پهرين ڪهڙي
قطار وارن سـِـگهو نياپو پهچايو آهي، ٻيو ڪهڙيءَ
قطار وارن صحيح نياپو پهچايو آهي، جيڪو ٻنهي ۾ اول
آيو، تنهن کٽيو. |