(ح) ڀريل چمچي سان ڊوڙ: ٻارن
جون. پٺيان
رومال سان ٻانهون ٻڌبيون هر
هڪ کي وات ۾ چڪ سان چمچو جهلڻ واسطي ڏبو، ان مٿان
بلور، ٻير يا کٽمٺڙو رکي ٻارن کي”هڪ،
ٻه ٽي“ چئي
ڊوڙائبو، جيڪو ٻار نشان ٿيل هنڌ تائين پهچي، اتان
ٿي وري اڳواٽ پهتو ۽ سندس چمچي وارو داڻو به نه
ڪـِـريو تنهن کٽيو.
(ط) سـِـرَ کڻي ڊوڙڻ: هر
هڪ ٻار اڌڙ پڪي سـِـرَ، هڪڙي هٿ ۾ لڙڪائي ڊوڙندو
نشان ٿيل هنڌ وٽ پهچي موٽندو، جنهن سر جو اڌڙو نه
ڪيرايو ۽ اڳواٽ پهتو ان کٽيو.
(نوٽ: سر نه کڄي سگهندي ته ٻارن کان بال اڇلارائبو
آهي).
3. جليبي جهٽڻ: ٻارن
جا هٿ پويان ٻڌبا،
هڪ پڪي ڌاڳي ۾ ٻيا
ڌاڳا جن مان هرهڪ ۾ جليبي ٻڌل
هوندي، مٿئين ڌاڳي ۾ ٻڌي، جليبيون
لڙڪائي، ٻارن جي قد کان جان تان مٿڀريون جهلبيون، ”هڪ،
ٻه، ٽي“ چوڻ سان ٻار ڊوڙي اچي جليبي وات سان
جهٽيندا، ڇا ڪندا جو جليبيءَ هيٺان پهچي، وٺي مٿي
ٽپ ڏيندا. جنهن جي وات ۾ جليبي اچي ويئي تنهن
کٽيو.
4. وزن پري اڇلڻ: سير
وزني گولو، هر هڪ ٻار، ليڪي تي بيهي اڇليندو. جنهن
جو پري ڪـِـريو تنهن کٽيو.
5. ٽـَـپ ڏيڻ: ليڪ
ڪڍي ان تي هرهڪ ٻار کي چئبو ته پري کان ڊوڙي،
ان ليڪي وٽان ٽپ ڏي جتي ڪريو اتي نشان ڪبو، جنهن
جو ٽپ پري هوندو، تنهن کٽيو. اهڙيءَ طرح ٻـِـڌُ
يعني پير گڏي ”هڪ،
ٻه، ٽي“ چئي
ٽپ ڏياربو جيڪو پري ٽپي ويو، تنهن کٽيو.
6. بـُـل ڏيڻ: هڪ
ڌاڳو ٻن نشان ٿيل ڪاٺين جي وچ ۾ جهلبو. هر هڪ ٻار
مٿي بـُـل ڏئي، ڌاڳي مٿان ٽپندو، جنهن جو بل سڀني
کان مٿانهون هوندو، تنهن کٽيو.
7. نوڙُ ڇڪڻ: ٻه
ٽوليون ٿينديون،
وچ تي ليڪو ڪڍندا، نوڙ جو وچ انهيءَ ليڪي مٿان
بيهاربو، هڪ ٽولي هڪڙي پاسي کان، ٻي ٽولي ٻئي پاسي
کان نوڙ ڇڪڻ
لڳنديون،”هڪ،
ٻه، ٽي“
چوڻ سان جيڪا ٽولي وچ واري ليڪي کان، ٻي ٽولي کي
ٽپائي ويئي تنهن کٽيو.
8. ڪـُـئي ٻليءَ واري راند: ٻار
هٿ هٿ ۾ ڏيئي، پکڙجي گول ٺاهي بيهندا، ٻه ٻارٻاهر نڪرندا.
هڪڙو ٿيندو ڪوئو ۽ ٻيو ٿيندو ٻلي. هڪڙو بيٺل ڇوڪرن
جي گول دائري جي هن پاسي ٻيو، هُن پاسي بيهندو.
ڪوئو، ٻارن جا هٿ ڇڏائي، اندر گول ۾ ويندو ۽ وري
جتان چاهي اتان هٿ کولائي، ٻاهر نڪرندو. ٻلي،
ٻاهران ڦري جتان ڪوئو اندر گهڙيو هوندو، اتان ڊوڙي
پٺيان پوندس. جتان جتان پيو نڪرندو، اتان پٺيان
اچي جهليندس. جهلجي پيو ته وري ٻيا ٻه ڇوڪرا ڪوئو
ٻلي ٿيندا.
9. گول ۾ کاپائڻ: هڪڙو
پيرن سان گول ليڪو ڪڍندا، سڀ ٻار اُن جي اندر ٿي
بيهندا، هڪڙي ٻار جون رومال سان اکيون ٻڌبيون، جو
ڊوڙي ٻين ٻارن کي کاپائيندو. جنهن کي هٿ لڳو، سو
کاپيو. جيڪو ڊوڙندي
ليڪي کان ٻاهر نڪري ويو، سو به کاتو. پوءِ
وري انهيءَ جون اکيون ٻڌيون وينديون.
10. ڊوڙي رومال کڻڻ: ٻه
ڇوڪر ٻاهر نڪرندا،
وچ تي ننڍڙو گول ڪڍي، ان جي وچ ۾رومال يا ٽوپي
رکبي، پوءِ ان ٽوپيءَ واري هنڌ کان پنجويهن وکن
تي، هڪ ڇوڪر بيهندو، بلڪل ان جي سامهون پنهنجي
جاءِ تي ايندو ۽ ويهن وکن وارو سڌو ڊوڙي اچي هن کي
هٿ لائيندو، جي پهريون اصلي جاءِ تي ٽوپي کڻي پهچي
ويو ته کٽيائين، پر جي ڇوٽ ايندو رستي ۾ کاپايس ته
هاريائين.
11. گول ۾ ٽوپي کڻڻ: هڪ
گول ليڪو ڪڍي ان جي وچ ۾ رومال يا ٽوپي رکي پوءِ
ٻه ٻار هڪ جيتري وڇوٽي تي ان گول وٽ بيهي گويون
ڏيندا،هڪ رومال کڻڻ جي ڪوشش ڪندو ٻيو ان کي کاپائڻ
لاءِ تيار ٿي بيهندو،
جي هٿ لڳڻ کان بچي بيٺل ٽوپي کڻي ويو ته اُن کٽيو،
جي کاتو ته ٻيو ڄڻو رومال کڻڻ جي ڪوشش ڪندو. هن ۾
ڇوڪرا واري واري تي به راند کيڏي سگهندا.
باب ٽيون
بال، کينهوڙي يا ڏڙهي سان رانديون
اڳئين زماني ۾ اڳڙين کي ڪنهن ڳوڙهي مٿان ڇڪي ويڙهي
ٽوپا ڏيئي ڳُتي مٿان سُٽ سان مڙهي گول کينهون، کينهوڙو
يا ڏُڙهو ٺاهيندا هئا. (هاڻ رٻڙ جا بال آهن) جي
هلڪا ۽ ٿيڙ کائيندڙ آهن. ڏڙهو تمام سخت هوندو هو ۽
ان سان راند ڪبي هئي.
1. سَٽ ڪُٽ راند: هڪ
ڇوڪر بال مٿي اُڇليندو، جنهن جهٽيو يا کنيو سو ڀر
واري ڇوڪر کي ڪشي هڻندو، جي گُسي ويو ته ٻيو ڇوڪر
کڻندو. اهڙي ريت ميدان ۾ ڇوڪر پکڙجي ويندا. جنهن
وٽ بال ايندو سو ٻئي کي پيو هڻندو.
2. بال جهٽيءَ راند: هڪڙو
ننڍو گول ليڪو ڪڍي ان ۾ هڪ ڇوڪر بيهندو ۽ بال مٿي
۽ پرڀرو اُڇليندو. ٻيا نينگر بال جهٽڻ خاطر پکڙجي
پري پري ٿي بيهندا پوءِ جنهن بال جهٽيو، سو اچي اڳ
وٺندو. پر جي پٽ تي ڪري پيو ته گول ۾ بيٺل ڇوڪر کي
اُڇلي ڏيندا، جيستائين جو جهٽي.
3. پير پڇنڊ کينهوڙي راند: ننڍي
اجرڪ، پوتڙو يا ٽوال کڻي ان جا ٽي پلاند کُنجي،
گڏي ڦيرائي ڳنڍ ڏيئي، کينهوڙو ٺاهين
۽ چوٿون پلاند يا ڪنڊ ڇڪي پڇ وانگر ٻاهر ڪن. پوءِ
ٻه ٽوليون راند ۾ شامل ٿينديون، هر هڪ ڇوڪر ڌرتيءَ
تي تِريون کوڙي نِوڙي پير جي آڱوٺي واري ٻيانگڙي ۾ کينهوڙي
جو پڇ روڪي پنهنجن پٺن مٿان
پير سان کينهوڙو ابتي پاسي ڏانهن اُڇليندو. جتي
ڪِريو اتي سڌو ڪندا. اهڙيءَ ريت سڀئي نينگر
کينهوڙو واري تي اڇليندا رهندا. پوءِ جنهن ٽوليءَ
جا گهڻا ڇوڪر کينهوڙو پري اڇلي چڪا
هوندا سا ٽولي آڳ وٺندي. يعني هارائيندڙ ٽوليءَ جي
پٺن تي ويهندا ۽ اها جانورن وانگر چئن پيرن تي هلي
مقرر جاءِ تي موٽي آڻي پڙ ۾ لاهيندن ۽ وري نئين سر
راند شروع ٿيندي.
4. سيڙهه کينهوڙي راند: هن
راند کي ”نانگيل
ڦوسيل“ به
چون. هن راند ۾ ٻه ٽوليون مقابلو ڪنديون آهن. هڪڙا
بيهندا آڳ وٺڻ، ٻيا ويندا آڳ ڏيڻ. پهريائين سيڙهه
يا نانگيل ڦوسيل ٺاهيندا. ڇا ڪندا جو هڪڙي سڄي
ساري سِرَ مُنڍيءَ ڀر
اُڀي
ڪري رکندا. ان جي مٿان اڌ سِرَ جو،
تنهن جي مٿان ٽُڪر، ٽوٽو، تنهن جي مٿان ڀتر ڀور،
ان مٿان ٺڪريون، ٺڪرين تي ٿوڪ هڻي مٿان مٽيءَ سُڪي
ٻُرڪندا. اها سيڙهه ٿي تيار.
آڳ وٺندڙ سيڙهه کان ويهه ۽ آڳ ڏيندڙ سيڙهه کان
پنجن وکن جي مفاصلي تي آمهون سامهون ٿي بيهندا. آڳ
وٺندڙ هڪڙو هڪڙو ٿي ڏڙهو سيڙهه کي چٽي هڻندو، جي
ڏڙهو لڳو ۽ سيڙهه ڪري پيئي ته، آڳ وٺندڙ ٽولي جا
رانديگر پيرن سان کينهوڙو ٿڏيندا پري ڌڪيندا ويندا
۽ آڳ ڏيندڙ يڪدم سيڙهه ٺاهڻ کي لڳي ويندا. سيڙهه
ٺهي تيار ٿي ته واڪ ڏيندا سيڙهه بنجي ويئي.پوءِ آڳ
ڏيندڙ به پنهنجن همراهن کي هوڪا ڪري سجاڳ ڪندا، ته
سيڙهه تيار
ٿي چڪي آهي. سيڙهه جي ٺهڻ جو واڪو ٻڌي آڳ وٺندڙ
ڏڙهي کي ٿُڏڻ بجاءِ اتي ئي ڇڏي وٺي پوئتي ڀڄندا.
آڳ ڏيندڙن جا ڪي همراهه
جي ٿُڏڻ وقت سندن پاسو جهليو پيا ويندا، سي جڏهن ٻڌندا
سيڙهه تيار ٿي چڪي آهي ته، يڪدم بال يا کينهوڙي کي
هٿ ۾ کڻي آڳ وٺندڙ کي اهو به ڏڙهو چُٽيندا، جي
ڪنهن کي ڏڙهو لڳو ته اها ٽولي کاتي ۽ پوءِ اچي آڳ
ڏيندي. پر جي آڳ وٺندڙ ٽوليءَ جي سڀني همراهن جي
ڏڙهي هڻڻ سان سيڙهه نه ڊٺي ته اهي اچي آڳ ڏيندي پر
جي آڳ ڏيندڙن جو ڪنهن کي به ڏڙهو سيڙهه ٺاهڻ
کانپوءِ نه لڳو، يا اهو گُسائي پنهنجي پڙ تي پهچي
ويا ته وري به پاڻ آڳ وٺندا.
() جليبيءَ
کان سواءِ ننڍو صوف ۽ زيتون به ٻڌو ويندو آهي:
(ايڊيٽر)
|