ڇپائيندڙ پاران
سنڌي ادب ۾ ٻاراڻي ادب جي وڏي کوٽ رهي آهي،
ان کوٽ جي پورائي لاءِ سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي
وسيلن آهر شروع کان جاکوڙي رهيو آهي. ”گل
ڦل“ رسالي
کان ٻاراڻي ادب سيريز جي مڙني ڪتابن تائين، اهو
سمورو سفر بورڊ پنهنجي ذميودار
۽ محنتي ڪارڪنن جي مسلسل اڻٿڪ محنت ۽ جذبي سان طئه
ڪندو رهيو آهي. هونئن به ادارا ورڪر ئي هلائيندا
آهن. منتظم رڳو انهن جي نظرداريءَ جو ڪم ڪندا آهن.
هڪ نظرياتي ايماندار ورڪر اداري جي ساک ۽ اهميت کي
اجاگر ڪرڻ ۾ وڏو ۽ بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿو. ٻارڙن
جي هن ڪتاب تي به بورڊ جي اهڙي ئي هڪ فرض شناس
ورڪر ڪم ڪيو آهي، جيڪو بورڊ ۾ هڪ پروف ريڊر جا فرض
سرانجام ڏيئي رهيو هو. مسٽر ولي محمد طاهرزادو
بورڊ جي انهن چند محنتي ڪارڪنن مان هو، جيڪي
پنهنجي ذمي جي ڪمن لاءِ هر وقت جاکوڙيندا آهن.
هيءُ ڪتاب به سندس ڪيل اهڙي جاکوڙ جو هڪ مثال آهي،
جنهن ۾ راندين بابت هڪ گهڻ معلوماتي ۽ دلچسپ مواد
فراهم ڪيو ويو آهي. هن محنت جي سوڌ سنوار سنڌي ادب
جي هاڪاري اديب جناب ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جن
ڪئي هئي، ان کانپوءِ بورڊ جي ٻئي
ورڪر مسٽر عبدالحفيظ
قريشي نئين سر نور نچوئي ڪتاب کي سهڻي بڻائڻ ۾
وسان ڪين گهٽايو.
اميد ٿي ڪجي، ته هن ڪتاب جو ٻيو جلد به پهرئين جلد
وانگر سنڌ واسين جي ٻارڙن کي پسند ايندو.
ڄام شورو، سنڌ،
اعجاز احمد منگي
سومر، 20 شوال المڪرم1427هه سيڪريٽري
بمطابق 13-
نومبر 2006ع سنڌي
ادبي بورڊ
مهاڳ
رانديون
هڪ قسم جي وندر هئڻ سان گڏ ٻارن ۽ نوجوان نسل جي
صحتمند رهڻ جو سهڻو طريقو پڻ آهن، هڪ سحتمند سماج،
تعليم ۽ راندين سان ئي جڙي سگهي ٿو. رانديون فطري
سکيا جو طريقو به آهن، راندين وسيلي ٻارن جون
قدرتي ۽ لڪل صلاحيتون نڪري نروار ٿين ٿيون، ٻار
هوشيار، ذهين، چست ۽ ڦڙت بڻجن ٿا. راند ڪندڙ ٻارن
جي جسماني صحت بهتر ٿيڻ سان گڏ، هنن جو هڏ ڪاٺ به
مضبوط ٿئي ٿو. ٿورن لفظن ۾ راندين وسيلي ٻارن جي
فطري واڌ ويجهه ٿيڻ سان جسماني بيهڪ مضبوط ٿئي ٿي
۽ هڪ مضبوط نسل مان هڪ طاقتور ۽ ذهين قوم پيدا ٿئي
ٿي. ڪنهن زماني ۾ اسڪولي ٻارن جي راندين کي غير
نصابي سرگرميون (Extra-Curriculum
Activities)چيو
ويندو هو. جڏهن ته هن جديد زماني ۾ اسڪولي ٻارن جي
تفريحي وندر ورنهن سوڌو تمام راندين کي ”هم نصابي
سرگرميون“ (Co-curriculum
Activities)
چيو ويندو آهي.
مغرب ۾ راندين وسيلي ٻارن جي ذهني اوسر ۽ تعليم تي
تمام گهڻا تجربا ڪيا ويا آهن. اتي ڏٺو ويو آهي ته
جن انساني آبادي وارن علائقن ۾ ٻارن جا تفريحي
پارڪ، راندين جا ميدان وڌيڪ آهن، اتي جي ٻارن کي
تعليم ۾ اڳڀرو ڏٺو ويو آهي ۽ اهو به ڏٺو ويو آهي،
ته اهڙن علائقن جي ٻارن ۾ ٻاراڻا جهيڙا جهٽا تمام
گهٽ ۽ اخلاقي معيار به تمام اونچو هوندو آهي.
ڪتاب ”سنڌ ديس جون رانديون“ محترم ولي محمد
طاهرزادي جي تخليق آهي، جنهن ۾ ڪجهه واڌارا محترم
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب ڪيا آهن. هي تمام
رانديون ٻاروتڻ کان وٺي جواني تائين جون آهن، جيڪي
ايامن کان سنڌ ۾ مروج آهن. هي رانديون ڇوڪرا توڙي
ڇوڪريون سڀ کيڏندا آهن.
آءُ سهيلي! راند رچايون!
کيڏون چـَـنهر، ناني گـُـڪي،
ماءُ سان گڏ ڪپڙا ڌوئي،
نـُـوڙي ٽپندي، ڪوڏي کڻندي،
ننڍڙا ٻارڙا ايندي ويندي،
کوڙا چوندي، پٽي پڙهندي،
چور ٻيلهاڙو، ملهه به وڙهندا،
ڪوڏي ڪوڏي کيڏي ڪڪوپا، |
اس ۽ ڇانوَ، لڪ لڪوٽي،
ٿلهه پٽ ۽ گـُـڪل کيروٽي،
سهيلي منهنجي دير سان آئي،
ٿي ويئي تنهن سان هٿ مروٽي،
هيڏي هوڏي، نچندي ٽپندي،
سنڌ ديس جون رانديون ڪندي
کڻندا پڃريون، پاڻ پهلوان،
ٿيندا نيٺ، جهوپ جوان.
|
ادارو
باب پهريون
آهل واريون يا نقل واريون رانديون
ٻارن کي ته اَصل کان وٺي آهل يا نقل ڪرڻ جي عادت
هوندي آهي،
هي رانديون ٻار چالو حالتون ڏسي، انهن جو نقل ڪري،
راند رچائيندا آهن. مثال طور: ڪا ڄڃ ڏٺائون ته ان
وانگر ديڳيون چاڙهڻ، سرگس ڪڍڻ، هڪڙي کي گهوٽ ڪري،
ڪاٺيءَ تي لانگ ورائي هلائڻ، دهلن شرناين عيوض ٽين
جا دَٻا ڪـُـٽڻ وغيره جو نقل ڪري سانگ سٽيندا آهن.
(1)
ڪاٺيءَ جي گهوڙي تي چڙهڻ: ٻار
هڪڙي لسي ڪاٺي کڻي، ان تي لانگ ورائي چوندو
”منهنجو گهوڙو آهي“، پوءِ ڪاٺيءَ جي هڪڙي پڇڙ ۾ هٿ
هوندس، ٻي زمين تي ئي گسڪندي ۽ پاڻ هيڏانهن
هوڏانهن پيو ڪاٺي جهليو ڊوڙندو ٽپا
ڏيندو، وري ان کي رکي گاهه ڏيندو. ڪاٺيءَ کي رکي
گاهه ڏيندو. ڪاٺيءَ کي پاڻي ۾ ٻوڙي چوندو: ”پاڻي
پيءُ، تـُـئو تـُـئو.“ ڪندس، ڪڪ ٿيو ته ڇڏي ڏيندو.
(2) بگيءَ جو گهوڙو ٿيڻ: هڪڙو
ڇوڪر، ٻئي
ڇوڪر کي بيهاري هڪ ڊگهيءَ نوڙيءَ جي وچ ان جي ڪنڌ
وٽ رکي، پڇاڙئون ڪڇن هيٺان ورائي ڪڍي، پٺيان
جهليندو. هڪڙي ڪاٺيءَ ۾ نوڙيءَ ٽڪر ٻڌي، چـِـهبڪ
ٺاهيندو. ۽ ان سان گهوڙي کي هڪليندو. ڪي ٻار، انهن
رينن يعني نوڙيءَ جي وچ ۾ پيا ڊوڙندا. هو چوندا ته
هي پئسينجر (سواريون) آهن. گهوڙو هڻڪارون ڪندو پيو
ڊوڙندو. ان کي ورائڻ واسطي نوڙيءَ جا پاسا يعني
واڳون ڇڪيندو ته ان پاسي گهوڙو مـُـڙي پيو ڊوڙندو.
(3) بيل گاڏيءَ
جا ڏاند ٿيڻ: ٻه
ڇوڪر، جن کي ڪاراين ۾ نوڙي ٻڌل هوندي ۽ گهنگهرو به
ٻڌل هوندا، اهي هڪ ڪاٺي هٿن ۾ پاڃاري ڪري، هٿ ڪلهن
برابر اُڀا جهلي ڍڳا ٿيندا. ٽيون ڇوڪر، نوڙيءَ جون
پڇاڙيون رسا ڪري جهليندو. پوءِ ڍڳن کي هڪليندو، هو
ٻانهن کي هيٺ مٿي لوڏي لوڏي گهنگهرو ڇمڪائيندو،
ڊوڙندا پيا. هڪليندڙ ڪاٺيءَ کي نوڙيءَ جو ٽوٽو
ٻڌي، چهبڪ ٺاهي انهن کي هڪليندو پيو.
(4) ريل گاڏي ٿيڻ: هڪٻئي
کي پٺيان چولن کان جهلي، قطار ڪري بيهندا، جيڪو
اڳيان هوندو سو ڪـُـوڪ ڪري انجڻ ٿي ڇـُـهه ڇـُـهه
ڪري هلندو. وڏيرڙا ٻار هوندا ته چوندا هلندا:
ڇـُـهه ڇـُـهه پئسا ٻه ٻه آنا،
ڄـُـل ڪلڪتي، ڄـُـل ڪلڪتي،
(5) کمچو وڪڻڻ: هڪڙو
ٻار، ٿالهي کڻي ان ۾ ٺڪر ڀتر وجهي چوندو: ”گانٺيو
پڪڙو، هل ڀائي ڪوهر ڪوسا.“ ٻيا ٻار ٺڪريون آڻي ان
کي پئسا ڪري ڏيئي اهو مال وٺندا.
(6) موٽر يا جيپ ٿيڻ: ٻار
پنهنجو هٿ هينڊل وانگر ڦيرائي پوءِ پاڻهي ”ٿـُـر
ٿـُـر“ جو
آواز وات مان ڪڍندو، ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙندو،
وري هارن وڄڻ وانگر ”پؤن
پؤن“ وري
ڊوڙندو.
7. هوائي جهاز ٿيڻ: ٻار
ٻانهون ڪلهن جي سڌائي ۾ پکيڙي: ”زُو
زُو“ جو آواز
ڪندو، سرڻ جي لامارن وانگر ڪنهن مهل هڪڙي پاسي ته
ڪنهن مهل ٻئي پاسي ٻانهن جو لاڙو ڪريو پيو ڊوڙندو.
8. باندر يا ڀولڙو نچائڻ: هڪڙو
ٻار جيڪو عمر ۾ ٿورو وڏو هوندو، سو ننڍي ٻار کي
ڳچيءَ ۾ اڳڙين جي ڳنڍيل نوڙي ٻڌي، هڪ پِڙُ ٺاهي
اتي سـِـرَ اُڀي منڍيءَ ڀر رکي، ان تي ويهاري.
جيئن ڪهيري رڇن کي نچائين ٿا، تيئن نچائيندو ۽
چوندو: ”ناچا ڪرڙي باندرا، ناچڪر. پوءِ چوندس: ”اڙي
چيڻا ڇري ڏيکار!“ پاڻ
چيڻن ڇڙڻ جو راڳ ڳائيندو.
ميري گـِـڊ سهڻياني ميري گـِـڊ ماهياني
ميري گـِـڊ ماهياني!
ڪوئي سوچ کڙي هو جاوي سوچن ري پاڙي،
سوچن ري پاڙي،
ننڍي چمني پينگها پايان، جهولڻ رڙي وچ خواري مين
مرگئي،
جهولڻ ڙي،
مين جهولا کاءُ ڪي،اُٽ بـُـٽ مين ڀي چان،
مين ڀي چان،
گـِـڊ چِيڻ
به ڇـَـڙڪي، مين ڀي چان،
ميري گـِـڊ سهڻياني، ميري گـِـڊ ماهياني،
چيڻا ڇڙ ڙي جهنگل دا جانورا، چيڻا ڇڙ! مـُـجرو ڪر!
9. نار وهائڻ: ٻه
ٽي ٻار يا ڇوڪر، گڏجي ڪنهن کوهه، تلاءَ، ڍنڍ، دُٻي
يا مينهوڳيءَ
جي پاڻي وٽ ٻنيءَ ڪاڻ ٻنا ٻڌندا، اُن دُٻي مان
پاڻي مٿي اُڀرائي، ٻنن ۾ وجهندا، پوءِ آوانڌا
اپٽيندا، ناؤڪن کان ٻارن ۾ پاڻي نيندا. جنهن جو
تکو پاڻي پيو ويندو سو چوندو:”بابا
نار جو پاڻي آهي ۽ ڀـَـلو اُٺ پيو وهي.“ ٻيو
چوندو ”منهنجو
ٻنارو پاڻي آهي“،
جنهن جو گهٽ پاڻي وهيو ته چوندا: ”هن
جو هرلو آهي، ٿوري آبادي ڪرائيندو“.
10. گهاڻو هلائڻ: گپ
۾ ڪاٺي کوڙي ان جي وچ وٽ ٻي ڪاٺي ڳنڍي ان ۾ دٻي يا
ڪـُـني جو گهانگهي ٽڪر ڍڳو يا اُٺ ڪري ٻڌي، پوءِ
ان کي نوڙيءَ ٽڪرن سان قابو ڪري ڦيرائيندا. گپ ۾
ڪاٺيءَ جي ڦرڻ ڪري گهاڻي جهڙي کڏ ٺهي پوندي، چوندا ”تيل
ڪڍو“۽
ان مان اڳڙيءَ سان پاڻي ڪڍندا.
11. هـَـلـَـرَ هلڻ: ڪنهن
ٿوڻيءَ يا وڻ کي رسو ٻڌي، سرڪ ساهي ٺاهي
ان کي گهرگهلو ڪندا. جيڪي ڇوڪرا هوندا، سي رسيءَ
کي جهلي، وڻ يا ٿوڻيءَ کي پيا ڦرندا ۽ هڪڙو پٺيان
سؤنٽي
کڻي پيو چوندو:
”بـَـلي
بـَـلي هـَـلـَـرَ هلي،
رب جي ڀلائي، ڀلن ڳاهي!“
12.
ڪاٺ چير ڪرڻ: اڳي
ڪَرٽ
سان ڪاٺ چيري، ان مان تختا، پٽيون، داسا ۽ ڪامون
ڪڍندا، ڇا ڪندا هئا، جو ڪو بـُنڊ آڏو پاسيرو
ليٽائي ان کي ٽڪنڊائي منجڻ جي ٽيڪ تي بيهاري
چيريندا هئا. ٻار به ڪرٽ وانگر ٽي ڊگهيون ڪاٺيون
سڌائي ۾ ۽ ٻه ننڍيون ڪاٺيون پاسن کان ٻڌي،
ڪرٽ جوڙين پوءِ ڪنهن وڻ جي ٻسانگي ٻوڪڙ ۾ اٽڪائي،
اڳيان پويان ڇڪين ۽ چون: ”خبردار
ڪرٽ پيو وهي متان ڪنهن جو هٿ چيري رکي.“
13. سارين ڇڙڻ جي مشين ٿيڻ: گهڻا
ڇوڪر گڏ ٿي سارين ڇڙڻ جي مشين ٿيندا آهن، سڀڪو
پنهنجا هٿ چڪري وانگر ڦيرائيندو. هڪڙا آمهون
سامهون ٻيا
ٿريشر ۽ ڪو آئل انجڻ ڪو پليٽر ٿي بيهندو.
پوءِ هڪڙو بيٺو ڪندو، ڦـِـش ڦـِـش، ٻيو ڦـُـو
ڦـُـو، ٽيون ٺاٺا، چوٿون ٺـَـڪ ٺـَـڪ، پنجون شڙپڪ
شڙپڪ، ڇهون کرڙٺا کرڙٺا، ستون شـُـون شـُـون، سڀني
جا آواز گڏجي سارين جي مشين جو شپڪو
پيدا ڪندا.
14. ميري گورام ٿيڻ: هڪڙو
ڇوڪرو پرڀرو بيهي هيٺ چڪرائين نموني هلائيندو ۽
وات سان: ”شون
شين“ پيو
ڪندو، ٻه ڇوڪرا ايندي ويندي جا پٽا ٿيندا ۽ رڳو ٺڪ
ٺڪ،ڪري پيا، ايندا ويندا، باقي ڇوڪر گول دائرو
ٺاهي گول چڪر ۾ پيا ڦرندا.
15. کٿابي
پڙهائڻ: گهڻا
ڇوڪر سامهون
ٿي ويهندا. هڪڙو اڳواڻ ڇوڪر ٿيندو:”استاد“ يا ”ميان
جي.“ ٻيا
ڇوڪر مـِـن مـِـن ڪري پيا پڙهندا. ميان جو بانٺو
کڻي پٽ تي هڻندو چوندو: ”پڙهو
ڇورا پڙهو،“ پوءِ
هڪڙي کي سڏ ڪري چوندو: ”اڙي
تو ڇو ڪانه آندي آهي؟ اٿي ڪن گوشي ڪر.“ وري
ٻئي کي چوندو: ”تون
استاد
کي صلاح (شيءَ جو ذرو) ڇو نه ڏني؟ ويهه ڀيرا اٿ
ويهه ڪر.“ ٻين
ڇوڪرن مان هڪڙو چوندو: ”سائين اِڪي (پيشاب) ڪري
اچان؟“ ٻيو
چوندو: ”سائين
ٻڌي (ڪاڪوس) ڪري اچان؟“ هو
چوندو: ”ڇورا
مغز
کڻي کاڌو اٿوَ.“ ٽيون
چوندو: ”ميان
جي پاڻي پي اچان؟“ چوندس: ”ڇورا
وڃي ڏوگهه!“ميان
جي سڀئي گڏجي وڏو سڏ چئو: |