سيڪشن: ٻاراڻو ادب

ڪتاب: ٻارن جي تعليم

باب:

صفحو:4 

مٿي مون جون ڪجهه نو عمر ڇوڪرن جي باتميز، باهمت ۽ باعزت هلت چلت جي سلسلي ۾ چيو آهي، سو سواءِ ڪنهن رک رکاءَ ۽ سواءِ ڪنهن اختلافي خوف جي چئي آيس. پر هاڻي جيڪا ڳالهه ڪرڻي اٿم، تنهن ۾ منهنجي دل ٻه چتِي آهي، ۽ ان لاءِ آءُ پاڻ به ٻه رايا رکان ٿو. ساهميءَ جي ٻن پڙن وانگر ڪڏهن هڪ پاسي ٿو جهڪان ته ڪڏهن ٻئي پاسي ۽ ڪنهن به هڪڙي پاسي اُٽل ڪري بيهي نٿو سگهان. ڳالهه کي شروع ڪندي به هٻڪان ٿو، ۽ ان کي ڇڏي ڏيڻ تي به دل ڪانه ٿي ٿئيم.

بهرحال، همت ڪري ، ڳالهه شروع ٿو ڪريان، مسئلو هي آهي: ڇا، نو عمر ڇوڪرن کي کانئن وڏيءَ عمر وارن سندن چاهيندڙن سان ملڻ  جلڻ ۽ گهري ٿيڻ جي موڪل ڏجي، يا اُنهن کي کانئن پري رکڻ جي ڪوشش ڪجي؟ جڏهن  آءُ انهن پيئرن کي خيال ۾ رکان ٿو، جيڪي طبع جا ڪجهه سخت، ڳالهائڻ جا ڪجهه شوخ ۽ پسند ناپسند ۾ ڪجهه خشڪ ۽ هڪ رنگي آهن،  ۽ اهي اهڙن نو عمر ۽ پاڻان وڏن شخصن جي سنگت ۽ محبت کي پنهنجن ڇوڪرن لاءِ نه رڳو بي فائدي ۽ اجوڳ سمجهن ٿا، بلڪ ان کي پاڻ لاءَ توڙي پنهنجن ڇوڪرن لاءِ هڪ بنهه سهڻ کان ٻاهر ذلت ۽ خواريءَ جي ڳالهه ٿا سمجهن، اتفاق ظاهر ڪندي يا ان جي پٺڀرائي ڪندي، آءُ ڏاڍو هٻڪان ۽ ڪيٻايان ٿو. پر ٻئي پاسي، جڏهن آءُ سقراط، افلاطون، زينوفين، ايسڪائين، سيبيز ۽ ٻين اهڙن ڪيترن ئي عالمن مفڪرن ۽ با اخلاق بزرگن ڏانهن ڏسان ٿو ته انهن همجنس نوجوانن ۾ اهڙيءَ ننڍ وڏائي جي صحبت ۽سنگت کي نه رڳو پسنديدگيءَ جي نظر سا ٿي ڏٺو، پر هنن، خود پاڻ به ڪيترن ئي نوبالغ ڇوڪرن کي پنهنجي صحبت ۽ سنگت جي اثر سان تهذيب ۾ يڪتائيءَ، سياست ۾ اڳرائيءَ ۾ اخلاق ۾ بلند ۽ بي مثل درجي تائين نيئي پهچايو هو، تڏهن انهيءَ مسئلي ۾ منهنجو رايو بدلجي وري ٻيو ٿي وڃي ٿو، ۽ اهڙين عظيم هستين جي زندگين کي مثال طور آڏو رکي، انهيءَ ڳالهه ۾ پڻ سندن نقش قدم تي هلڻ لاءِ دل ۾ خيال پيدا ٿين ٿا. سندن انهيءَ عمل جي فائدي ۾ فيلسوف يورپيڊيز جو پڻ هڪڙو قول موجود آهي. انهيءَ ساڳئي مسئلي تي ڳالهائيندي، هڪ هنڌ پاڻ چيو اٿن ته ”انسان  ۽ انسان جي وچ ۾ هڪ ٻئي قسم جي محبت پڻ اڀري ٿي ۽ وڌي ٿي_ اها محبت جيڪا هڪ عادل، حدن کي سڃاڻڻ واري ۽ نيڪ روح ۾ جنم ٿي وٺي.“ انهيءَ ئي ڳالهه جي سلسلي ۾ افلاطون جو پڻ هڪڙو قول  آهي، جيڪو جيتوڻيڪ آهي اڌ چرچو ۽ اڌ ساڀيان، پر ان کي اسين هرگز نظرانداز نٿا ڪري سگهون. فرمائي ٿو ته ” اهي شخص جن زندگيءَ ۾ پنهنجو ڪو ملهه ثابت ڪيو آهي، سي ڀلي ته جنهن به سهڻي نينگر کي چاهين، ان تي پنهنجي پيار ۽ پناهه جو هٿ رکن.“ ان جو مطلب اهو ٿيو ته اهي سڌڙيا، جيڪي رڳو جسم جي سونهن تي اُسڙڪن ٿا، انهن کي نو عمر ڇوڪرن جي ويجهو هرگز نه اچڻ  ڏجي، بلڪ پري کان ئي ڏنڊا هڻي ڊوڙائي ڪڍجين؛ پر اهي، جيڪي روح جي محبت جا پياسي آهن، انهن جي نظر ڪيميا اثر ۽ صحبت بابرڪت کان پنهنجن لائق نو عمر ڇوڪرن کي محروم رکڻ ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو فائدو مون کي ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. مطلب ته همجنس ننڍن وڏن جي وچ ۾ ان قسم جي  موهه جا اجوڳ ڪرشما، جيڪي ٿيبس، ليلس ۽ڪريٽ جي ملڪن ۾ ٿي رهيا آهن، انهن کان هر طرح بچجي، پر اٿينس ۽ لئسيڊيمون ملڪن ۾ ننڍن ۽ وڏن جا نوآموز ۽ پخته طبع تاحيات قُربدرن جهڙا، جيڪي پاڪ محبت جا پيوند آهن، هر هنڌ انهن جي مثال تي ئي هلڻ گهرجي، ۽ زندگيءَ جي قافلي کي اڳتي وڌڻ لاءِ ان کان سواءِ شايد ٻيو چارو به ڪونهي.

انهيءَ نوع جي مسئلن ۾ واقعي، هر شخص کي پنهنجي تجربي ۽ پنهنجي پنهنجي ڄاڻ ۽ عقيدي مطابق پنهنجي رخ ۽ روش کي ٺاهڻو ۽ بيهارڻو آهي. جيستائين منهنجو پنهنجو واسطو آهي، ته نو عمر ٻارن جي شانائتي ۽ شرافت ڀري سڀاءَ جي تربيت متعلق جيڪي ڪجهه مون کي چوڻو هو، سو آءُ چئي چڪس: هاڻي آءُ بالغ نوجوانن جي وهيءَ متعلق مختصر لفظن ۾ پنهنجا ڪجهه خيال پيش ڪرڻ گهران ٿو. منهنجي نظر ۾ اهي ماڻهو وڏا ڏوهي آهن ۽ هر صورت ۾ ملامت جي لائق آهن_ ڇو ته عملي طور اهي ئي بدعادتن ۽ بدڪردارين جي گويا سرپرستي ڪن ٿا_ جيڪي پنهنجن ڇوڪرن کي منڍ ۾ ته  استاد جي ضابطي هيٺ رکن ٿا، پر جڏهن ڇوڪرا وڌي بلوغت کي رسن ٿا، تڏهن انهن جي اسريل سڌن ۽ شڪتين کي هيڏانهن هوڏانهن ڀلجڻ  ۽ ڀٽڪڻ لاءِ آزاد ۽ ڇڙواڳ ڇڏي ٿا ڏين! هيءَ هڪ بنهه اُبتي روش آهي: دراصل ڇوڪرن کان گهڻي گهڻي وڌيڪ بالغن جي سلسلي ۾ خبرداريءَ ۽ احتياط جي ضرورت آهي. سڀڪو ڄاڻي ٿو ته ڇوڪرن جون شرارتون خسيس ۽ رواجي ٿين ٿيون، ۽ اُهي آسانيءَ سان درست ٿي سگهن ٿيون_ گهڻي ۾ گهڻو هو استاد سان ڪڏهن ڪو چرچو ڪندا، يا ڪڏهن ڪا چالاڪي ڪري هن کي ٺڳيندا، يا ڪنهن سبق کان گسائي ويندا يا وجهه وٺي ڪو ڏينهن اسڪول ۾ حاضر ئي ڪونه ٿيندا!  پر جڏهن هو وڌي وڏا ٿين ٿا، ۽ بلوغت کي پهچن ٿا، تڏهن انهن جون خطاڪاريون اڪثر  حيواني انڌ جي حد تائين وڃي رسن ٿيون_ پوءَ حرص هوس جا شڪار ٿين ٿا، ۽ ڪيتريون ئي بريون عادتون، مثلا مائٽن جي پئسن جي چوري، جوا، شراب خوري، ڇوڪرين سان عشق بازي ۽ شادي شده عورتن سان بدراهي، ۽ اهڙيون ڪيئي ٻيون عادتون بدعادتون هو حاصل ڪن ٿا؛ تنهن جو مطلب هيءُ ٿيو ته انهيءَ وهي ۾ انهن جي سڌن ۽ هوسناڪين تي  سخت نظرداري ڪرڻ  ۽ انهن کي نهايت خيال ۽ خبرداريءَ سان روڪڻ ۽ ضابطي ۾ رکڻ بيحد ضروري آهي. بلوغت جي پختيءَ عمر ۾ خوشين جي خواهش وڻ وانگر وڌي ۽ ول وانگر پکڙجي وڃي ٿي؛ هيءُ وهي هڪ هنڌ ويهڻ جي نه آهي؛ هن وهيءُ ۾، دل ٽپ کائيندي آهي؛ ان کي مضبوط لغام ڏيڻ جي ضرورت رهي ٿي: جيڪڏهن مائٽ ڪنهن نوجوان پٽ جي هن وهيءَ کي پنهنجي وس ۾ رکي، ان جي رهبري نٿا ڪري سگهن، ته سندن اها سستي يا مجبوري هڪ بدڪار جوانيءَ لاءَ گويا کليل پروانو ثابت ٿئي ٿي. انهيءَ ڪري سمجهدار پيئرن تي اهو هڪ لازمي فرض ٿئي ٿو، ته هو پنهنجن پٽن تي خاص انهيءَ وهيءَ ۾ هر طرح باخبر، هوشمند ۽ اثرائتي نگاهه رکن، ۽ ڪجهه نيڪ صلاح ۽نصيحت سان، ڪجهه دڙڪي ۽ سختيءَ سان ۽ ڪجهه منٿ ۽ آزيءَ سان، انهن کي مرم ۽ ماڻهپي جي حدن اندر رکڻ جي ڪوشش ڪن. انهيءَ سلسلي ۾ انهن ماڻهن جا مثال، جن وقتي عيش عشرت پٺيان لڳي، پنهنجيون حياتيون ناڪام ۽ برباد ڪري ڇڏيون، ۽ پڻ اهڙن ڪامياب ۽ بختاور شخصن جا مثال، جن پنهنجي محنت ۽ اوچائيءَ سان اعليٰ عزت ۽وڏو رتبو حاصل ڪيو، بيحد فائدي مند ثابت ٿي سگهن ٿا. اهي ٻه شيون_ اعليٰ رتبي جي امتياز جي اميد، ۽ ناڪاميءَ ۽ نامراديءَ  جي سزا جو ڊپ_ ڪماليت تي پهچڻ جون ڄڻ ٻه ڪنجيون آهن؛ انهن مان هڪڙي ماڻهن کي تيار ڪري ٿي ۽ اُڀاري ٿي ته هو اعليٰ ۾ اعليٰ ۽ نيڪ ۾ نيڪ حاصلات لاءِ ڪوشش ڪن. ۽ ٻي وري کين سمجهائي ۽ سيکاري ٿي  ته خسيس ۽ ذليل ڪمن کان کين هر طرح پري رهڻ گهرجي.

(6)

سڀ ڳالهه جي هڪ ڳالهه ته نوجوانن کي بدعادت ۽ بداعمال شخصن جي صحبت کان هر صورت ۾ پري رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ کپي؛ ڇا ڪاڻ ته انهن جي صحبت ۾ لازمي طرح هو ڪونه ڪو انهن جي ڪارنهن جو ذرو پاڻ تي لڳائي ئي وجهندا. نوجوانن جي تربيت جو اهو بنيادي اصول، فيثاغورث پنهنجن ڪن مام ڀريل قانونن جي صورت ۾ اسان کي ٻڌائي ويو آهي؛ اهي قانون هاڻي آءُ اوهان جي اڳيان سمجهاڻين سميت، عرض رکان ٿو. ڪماليت جي حاصلات لاءِ ماڻهوءَ جي دل ۾ جيڪو اُمنگ هئڻ کپي، ان کي جاڳائڻ ۽ وڌائڻ ۾ اهي قانون ڪافي مدد ڏيئي سگهن ٿا. اهي قانون هي آهن:

”ڪار_پڇائين مڇي هرگز نه چکو“،

مطلب ته جن ماڻهن جو ڪردار براين سبب ڪارو آهي، انهن جي سنگت ۾ هڪ گهڙي به نه گذاريو.

”ساهميءَ جي ڪانيءَ تي پير نه رکو“،

مطلب ته عدل جو تمام گهڻو خيال رکڻ گهرجي، ۽ ڪنهن به صورت ۾ ان جي حدن کي اورانگهڻ نه گهرجي.

”چوٿائيءَ جي مٿان ويهي نه رهو“،

معنيٰ ته ڪاهليءَ کي ڇڏيو، ۽ اهو ويچار ڪريو ته پنهنجين ضرورتن کي ڪيئن پورو ڪجي.

”هر ڪنهن ڏانهن هٿ نه وڌايو“،

معنيٰ ته بنان دير جي، هن هُن سان، دوستيءَ جا ناتا ڳنڍڻ نه گهرجن.

_”سوڙهي منڊي نه پايو“ ، جنهن جي معنيٰ آهي ته زندگيءَ کي آزاد رکڻ گهرجي،ان کي ٻڌي ڇڏي نه کپي.

”باهه کي لوهي سيخ سان نه سوريو“،

مطلب ته جو ماڻهو اڳي ئي ڪاوڙ ۾ ورتل هجي ، تنهن کي وڌيڪ نه ڪاوڙائجي. سچ پچ ته نه ڪاوڙائجي بلڪ ٿي سگهي ته ان مهل ڳالهه مڃي،انهيءَ کي ٺارجي.

_”پنهنجيءَ دل کي نه کائو“، معنيٰ ته پريشانين ۾ پاڻ ڳاري، پان کي اجايو عذاب نه ڏيو.

_”مٽر جي ڦرين کان پاسو ڪريو“،

مطلب ته سياست ۾ پاڻ نه ڦاسايو: پراڻي زماني ۾ معتوب حاڪمن جي سزا لاءِ مٽر جي ڦرين تي عام ووٽ ڳڻيا ويندا هئا.

_”کاڌو ٿُڪي ۾ نه وجهو“ ، ان جي معنيٰ ته گندي ذهن ۾ سٺا لفظ نه وجهو، ڇو ته لفظن وسيلي فڪر کي خوراڪ ملي ٿي ۽ جي ذهن ۾ گندگي هوندي، ته لفظ خودبخود گندا ٿي ويندا.

_”منزل تي پهچي پوئتي نه هٽو“،

 مطلب ته جڏهن ماڻهو  مرڻ جي ويجهو هجي ۽ زندگيءَ جي منزل اکئين ڏسي، تڏهن کيس دل نه هارڻ کپي، بلڪ ڌيرج سان ان کي منهن ڏيڻ گهرجيس.

بهرحال، هاڻي آءُ وري هن مضمون جي اصل مقصد واريءَ ڳالهه تي ٿو اچان: جيئن مون پهرين چيو، اسان کي گهرجي ته پنهنجن نوجوان ٻارن کي بدڪار ماڻهن جي سنگ کان بچايون، ۽ خاص طور خوشامدڙين جي ته پاڇي کان به کين پري رکون، مون اڪثر پيئرن کي سڄي عمر هر موقعي تي، هن سلسلي ۾ جو ڪجهه پئي چيو آهي، سو هتي هڪ ڀيرو  وري به آءُ چوڻ گهران ٿو: دنيا  ۾ ماڻهن جو ڪو به قبيلو اهڙو ڪريل ۽ زهريلو ڪونهي ۽ نوجوانن کي ايترو ترت ۽ پوريءَ طرح چڪر ۾ آڻي، گمراهه ڪري نٿو سگهي، جيترو هي خوشامدڙين جو قبيلو ڪري سگهي ٿو، پيءُ توڙي پٽ، ٻنهي کي پاڙ، ٿڙ ۽ ٽاڙين سوڌو، هي برباد ڪري  ٿا ڇڏين_ هڪ جي پيريءَ ۽ ٻئي جي جوانيءَ کي ڪنن سوڌو غم جي پرڻ ۾ پوري ٿا ڇڏين، سندن صلاحن جي ڪُنڊين تي خودپسنديءَ ۽ خودفريبيءَ جا ڳاهه لڳل رهن ٿا، جن کان پاڻ روڪڻ جهڙي تهڙي جي وس کان ٻاهر آهي. دولتمند پٽ جو دولتمند پيءُ، هن کي هوش جو سبق ڏيندو ته خوشامدڙيا هن کي بدمست رهڻ جي صلاح ڏيندا؛  هو پٽ کي پرهيزگاريءَ لاءِ چوندو ته خوشامدڙيا هن کي عياشيءَ تي آماده ڪندا؛ هو پٽ کي ڪفايت شعاريءَ جي نصيحت ڪندو ته خوشامدڙي هن کي فضول خرچيءَ تي هر کائيندا؛ هو پٽ کي محنت ۽ اورچائي سيکاريندو ته خوشامدڙيا هن کي نڪمائيءَ ۽ ڪاهليءَ جو رستو ڏسيندا. ”اڙي يار، ڇا جون ڳڻتيون!“ هو هن کي چوندا”زندگي آهي ڇا؟ بس گهڙي، ٻه گهڙيون.موج ڪر! پڻهين جي ڪر ڪرته لهڻي ڪانهي. هينئر آهي اُسيءَ ۾ مت اٿس کسي_ بس لاش بنيو پيو گهمي، سڀڪنهن کي پيو ڏڙهيون ڏئي، اجهو ٿا کٽولي تي رکي، وڃي قبر ۾ وجهي اچنس!“ خوشامدڙيو هن جي اڳيان پنهنجي سڄي عزت وڃائڻ ۽ پاڻ کي ذليل ڪرڻ کان به ڪين گسندو، ايتريقدر جو ڪنهن فاحش رن کي سيکاري، هٿ سان وٺي آڻي سندس حوالي ڪندو. مطلب ته جن کي پيئر، پيريءَ جو آسرو سمجهي، پالي نيپائي، پيرن تي بيهارين ٿا، اُهي هنن خوشامدڙين جي ڪارستانين سبب ڪلر کاڌل ڀتين وانگر ڀُريو اچيو پٽ تي پون. ڦٽڪار هجي هن ذليل قبيلي تي! هو منهن تي دوستيءَ جا پوش چاڙهي گهمن ٿا، ۽ صاف گوئي هو بنهه ڪين ڄاڻن؛ پيسي واري جي پيرن ۾ پيا هوندا ۽ غريب کان ڪوهين پيا ڀڄندا. نوجوانن کي هر کائڻ جا بنهه ڪاريگر آهن. جڏهن پيٽ ۾ سڻڀو گرهه ٿو پوين، تڏهن ڪو هنن جي ڏند ٽيڙي ڏسي! قدرت هنن کي ڀلجي ٺاهيو آهي، هو انسان ذات جا ڪنا ڦٽ آهن؛ شاهورڪارن جي ادنيٰ اشاري تي پتلين وانگر نچندا رهن ٿا؛ اتفاق سان هو آزاد ڄاوا آهن. ۽ رضا خوشيءَ سان ٻانهن ٻڌا غلام ٿيو پيا هلن. بيعزتيءَ ۾ هو پنهنجي عزت ٿا سمجهن، ڇو ته ان سان ئي سندن مفت خوريءَ جا موقعا وڌن ٿا. تنهنڪري جيڪڏهن ڪو پيءُ چاهي ته سندس ٻار فضيلت ڀريا ٿين، ته کيس گهرجي ته اُنهن منحوس حيوانن جي سنگ کان هنن کي پري رکي. ۽ هيءَ ڳالهه به ايتري ئي اهم ته بدلڇڻ هم ڪلاسين ۽ اسڪول ڀائين کان پڻ پنهنجن ٻارن کي پري رکجي؛ ڇو ته هو به وڏا بڇڙا ثابت ٿين ۽ سندن سنگ ۾ موتين جهڙا سٺا، سلڇڻا ۽ صحابت ٻار به کرجيو ٻُهر ٿيو پون.

هي جيڪي ڳالهيون مون مٿي ڪيون آهن، انهن ۾ ڏاڍا سٺا ۽ فائدي وارا سبق موجود آهن: هاڻي آءُ وڌيڪ چوڻ گهران ٿو، ان جو واسطو انسان جي سڀاءُ سان آهي. آءُ، وري به، پيئرن ڏانهن منهن ڪري، کين عرض ڪندس ته منهنجي سمجهه موجب هي بهتر آهي ته کين بيجا شوخ ۽ سخت نه ٿيڻ گهرجي، بلڪ پاڻان ننڍن، پنهنجن نوجوانن پٽن جي لغزشن کي درگذر ڪرڻ کپين_ کين ياد رکڻ گهرجي ته هو پاڻ  به ڪڏهن ننڍا هئا. جيئن حڪيم ڪڙيون دوائون مٺن شربتن سان ملائي، انهن کي پيش جهڙو بنائي، صحت بخشيءَ لاءِ استعمال ڪن ٿا، تيئن پيئرن کي به هر ڀل چڪ  تي ڇينڀڻ جي دل آزاريءَ سان گڏ نرمائيءَ ۽ شفقت کان ڪم وٺڻ گهرجي. ڪڏهن ڪڏهن کين دٻاءُ ۽ ضابطي جي واڳن کي ڍرو ڇڏي، پنهنجن ٻارن جي مرضيءَ کي کليو ميدان ڏيڻ گهرجين. سڀ کان وڏي ڳالهه ته اولاد جي غلطين تي کين ڪاوڙ ۾ آپي کان ٻاهر نه نڪرڻ گهرجي: ڪن موقعن تي جڏهن مٿن سخت تتل هجن، ته به ترت ئي کين ٿڌو ٿيڻ گهرجي. ضد ۽ ڪروڌ واريءَ طبيعت کان تيز طبيعت وري به چڱي آهي. اولاد سان جيڪڏهن ڪو پيءُ سدائين ناراض رهي ٿو ۽ هر وقت منهن چاڙهي هلي ٿو، ته اِئين چئي سگهجي ٿو ته هن کي اولاد سان نفرت آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته اِئين بهتر آهي ته اولاد جي ڀل چڪ کي ڌيان ۾ ئي نه آڻجي، ۽ ڏيکاءُ ڏجي ڄڻ پوڙهي پيءُ جي اکين ڪا ڳالهه ڏٺي ئي ڪانه ۽ هن جي پوڙهن ڪنن ڪجهه ٻڌو ئي ڪونه ڇو ته ڪن حالتن ۾ اِئين ئي بهتر آهي ته ڏٺي اڻڏٺي ۽ ٻڌي اڻٻڌي ڪري ڇڏجي. اسين پنهنجن دوستن جون اوڻايون برداشت ڪريون ٿا، پنهنجي اولاد جون اوڻايون برداشت ڪيونسين ته ڪهڙي غيرمعمولي ڳالهه ٿي! ڪڏهن ڪڏهن نوڪر رات جي نشي ۾ ڏينهن جو به پيا ٿيڙ کائيندا آهن، پر ان لاءِ اسان هنن کي سزائون بيهي ڪين ٻڌائيندا آهيون . هڪ ڀيري اوهان مُٺ_ ڀيڙ ڪئي آهي، ته ٻئي ڀيري ٻنهي هٿن سان خرچ به ڪريو. ڪڏهن اوهان ڪاوڙ ڏيکاري آهي، هاڻي دل سان معافي پڻ ڏيو. هڪڙو ڀيرو اوهان جي پٽ، نوڪر کي وچ ۾ آڻي، توهان سان ٺڳي ڪئي._ چڱو آهي ته اوهين پنهنجي غصي کي روڪيو. هڪڙي ڀيري گهر آيو ته مڌ ماتيءَ  رات جون ريکائون هيس، چڱو آهي ته ڇڏي ڏيوس. ۽ جيڪڏهن ڪنهن وينگس جي ڳنڍيل ور جي خوشبوءَ پاڻ سان کڻي آيو آهي، ته به بهتر آهي ته في الحال خاموش رهو. اجهل ۽ اڙينگ وڇيري کي ماٺ مٺيءَ  ۾ لغام تي هيرائڻ ۽ پنڌ سيکارڻ جا اهي ئي طريقا آهن. پر اهي  جيڪي پنهنجين سڌن اڳيان هيڻا آهن ۽ نصيحت توڙي ملامت کان مٿي چڙهيل آهن ، تن کي ڪوشش ڪري شاديءَ جي پاڃاريءَ ۾ جوٽي ڇڏجي_ گور جوانيءَ کي جهلڻ ۽ ٻڌي بيهارڻ جو سوگهو رسو اهو ئي آهي پر پنهنجن پٽن کي زالون اهي پرڻائجن، جيڪي خاندان جي لحاظ کان توڙي دولت ۾ هنن کان گهڻيون مٿي نه هجن، ”ڊوڙجي، ته به ليڪي اندر“_ اُنهيءَ خيال کان اها هڪ بيحد ڪمائتي چوڻي آهي. جيڪي پنهنجي رتبي ۽ پچت کان مٿي شادي ڪن ٿا، اهي زالن جا مڙس نه، پر انهن جي آندل دولت جا ملهه ڳڌا ٻانها ٿي گذارين ٿا.

هاڻي، آءُ هڪ ٻه ڳالهه وڌيڪ ڪري، پنهنجي نصيحت_نامي کي بند ڪندس. سؤ ڳالهه جي هڪ ڳالهه_ پيئرن کي گهرجي ته شخصي طور هو پنهنجي زندگي بي داغ آئيني جهڙي نرمل ۽ صاف گذارين، ۽ پنهنجي فرض ادائيءَ ۾ پورا ۽ اٽل رهن، ته جيئن پنهنجي اولاد لاءِ هو روشن مثال بنجي سگهن، ۽سندن زندگين کي ڏسي، سندن اولاد بدزبانيءَ ۽ بداعماليءَ کان پرهيز ڪرڻ سکي. جيڪي پنهنجي خاطي پٽن کي ڏوهه ڏين ٿا، ۽ پاڻ انهن ساڳين خطائن ۾ ڦاٿل رهن ٿا يا ڦاسن ٿا، انهن کي گهٽ ۾ گهٽ هي محسوس ڪرڻ گهرجي ته پنهنجن پٽن کان پهريائين هو پاڻ ڏوهي آهن ۽ انهن کان وڌيڪ پاڻ سزا جا لائق آهن. جيڪڏهن سندن پنهنجي زندگي سڄي جي سڄي بچڙاين ۾ گذاري ٿي، ته پٽن جي ڳالهه ته پري رهي، هو پنهنجن ملهه ورتل ٻانهن کي به ڇينڀڻ يا سزا ڏيڻ جا حقدار رهي نٿا سگهن. ان کان به وڌيڪ هاڃيڪار ڳالهه هيءُ آهي ته، ان صورت ۾، پنهنجي پٽن لاءِ، بدزبانيءَ ۽ بداعماليءَ جا هونه فقط حمايتي پر سنوان سڌا سيکاريندڙ ثابت ٿين ٿا. جتي بزرگ بيحيا ٿي بيهندا، اُتي نوجوانن جي دلين ۾ ڪنهن چڱيءَ شيءَ لاءِ ڪا عزت باقي رهي، سو ممڪن ئي نه آهي. اسان تي، تنهنڪري، لازم آهي ته اسين جيڪو ڪم ڪريون، اهڙو هجي، جنهن مان اسان جي اولاد اعتدال ۽ خود ضابطگيءَ جو سبق ملي. هن سلسلي ۾ اسان کي يوريڊيس جي مثال تي هلڻ گهرجي.هوءَ جيتوڻيڪ غلام ۽ محڪوم اليريائي قبيلي جي هڪ عورت هئي، ۽ انهيءَ لحاظ کان هڪ طرح نه، ٻن طرحن سان نه، پر ٽن طرحن سان اڻسڌريل ۽عامي قسم جي عورت هئي، تنهن هوندي به ڪافي وڏيءَ ڄمار ۾ به ، هن پنهنجن ٻارن جي تعليم  ۽ تربيت خاطر مهذب دنيا جي طور طريقن کان پاڻ کي واقف ڪيو ۽ انهن ۾ ڪماليت حاصل ڪيائين، فنون لطيف ڏانهن عقيدت جي نذراني طور، هن هڪ عاليشان يادگار تعمير ڪرايو، ان يادگار کي جن لفظن ۾ هن فنون لطيف ڏانهن منسوب ڪيو. انهن لفظن مان ثابت ٿئي ٿو ته هن جي دل ۾ پنهنجن ٻارن لاءِ ڪيڏي نه اٿاهه محبت موجود هئي:

”هيرا پولس جي يوريڊيس ، هيءَ يادگار فنون لطيف ڏانهن منسوب ڪري ٿي، ڇا ڪاڻ ته انهن وسيلي علم لاءِ سندس روح جي سڪ پوري ٿي سگهي. جڏهن هن جا پٽ وڏا ٿيڻ لڳا، تڏهن هن نيڪ بخت ماءُ انهن جي تربيت لاءِ پاڻ اکر سکيا جيڪي شُناس ۽ سڃاڻپ جي دروازي جا محافظ آهن.“

آخر ۾، آءُ رڳو هيترو چوندس ته هي جيڪي نيڪ صلاحون مٿي پيش ڪيون اٿم، انهن جي تعميل هڪ اعليٰ آدرش آهي، جنهن تي رسڻ لاءِ دعائون گهري سگهجن ٿيون ۽ جنهن تي پهچڻ لاءِ ماڻهن جي نيڪ ڪوشش کي آڀاري سگهجي ٿو. اُنهن مان ڪن گهڻين تي، يا ٿورين تي به، پوريءَ ريت عمل ڪرڻ لاءِ، فطرت جي نيڪ صلاحتين ۽ ڀرپور اڻٿڪ محنت جي ضرورت آهي. بهرحال، اهو هڪ عظيم مقصد آهي.  جنهن تائين پهچڻ اسان جي وس کان ٻاهر ڪونه آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org