ٻارن جي تعليم جي سلسلي ۾، سڀ کان اهم ڳالهه هيءَ
آهي ته سندن حافظي جي تربيت ڪئي وڃي ۽ ان کي
پنهنجي ڪم جو عادي بنايو وڃي. حافظو سکيا جو گويا
تهخانو آهي. ديومالائي زبان ۾، حافظي جي ديويءَ کي
فن جي ديوتائن جي ماءُ سڏيو ويو آهي. جنهن جو صاف
مطلب هيءَ آهي ته علم ۽ فن جي حاصلات ۽ پرورش لاءِ
حافظي کان بهتر وسيلو ٻيو ڪو به ڪونهي . تنهنڪري،
ٻار فطري طور حافظي جا تيز هجن يا ويسارا هجن،
ٻنهي حالتن ۾ هنن لاءِ حافظي جي مشق ضروري آهي .
فطرت جي ڏنل گنج کي وڌائڻ ۽ان جي اڻاٺ جي پورائي
ڪرڻ انسان جو فرض آهي، ۽ائين ڪندو رهڻ سان تيز
حافظي وارا ٻار ٻين تي سبقت حاصل ڪندا آهن ۽ڪند
حافظي وارا پنهنجو پاڻ کان گوءِ کڻندا رهندا.
فيلسوف هيسياڊ جو قول هن سلسلي ۾ بنهه لاجواب آهي:
” جيڪڏهن ٿوري ۾ فقط ٿورو ئي وجهندا، ۽ ائين
لاڳيتو ڪندا ايندا، ته ٿوري مان ٿورو ترت ئي گهڻو
ٿي پوندو.“ پيئرن کي هيءَ ڳالهه به ياد رکڻ گهرجي
ته سکڻ ۾ حفظ ڪرڻ جو عمل نه رڳو تعليم جي دائري ۾
پر زندگيءَ جي عملي دائري ۾ پڻ بيحد مددگار ثابت
ٿئي ٿو، ڇا ڪاڻ ته گذريل عملن جي يادگيري هميشه
آئيندي جي رهبريءَ لاءِ مثال مهيا ڪندي رهندي آهي.
اسان کي هن ڳالهه جو پڻ خيال رکڻ گهرجي ته پنهنجن
پُٽن کي هلڪي ڳالهائڻ کان هميشه باز رکندا اچون ،
ڇاڪاڻ ته، فيلسوف ڊيموڪريٽس جي چوڻ مطابق،”ڪلام
عمل جو پاڇولو آهي.“ ان کان وڌيڪ هي به ڏسڻ گهرجي
ته هو ڳالهائڻ وقت مروت ۽ ميٺاج کان ڪم وٺن. ڪا به
ٻي هلت ايتري ڌڪار ڪانه ٿي جاڳائي، جيتري اجوڳ
زبان، ۽ نوجوان پنهنجن هڪجيڏن وٽ پاڻ تڏهن ئي
وڻائي سگهندا، جڏهن خيالن جي ڏي وٺ ۾ ڪج بحثيءَ
کان پاسو ڪندڙ هوندا. رڳو ڪيئن کٽجي، فقط اهائي
سمجهه فائديمند نه آهي، پر جڏهن کٽڻ مان ڇيهو رسي،
تڏهن ڪيئن هارائجي، اها ساڃهه رکڻ زندگيءَ ۾ وڏا
فائدا رسائي ٿي. سچ پچ ته ڪا ڪا سوڀ اصل ۾ هار ئي
ثابت ٿيندي آهي. هن ڳالهه جي ثابتيءَ لاءِ آءُ سنت
يوروپيڊيز جي شاهدي پيش ڪري سگهان ٿو، جنهن جو قول
آهي ته ”جڏهن ٻه پاڻ ڳالهائين ۽ ڳالهه چوٽ چڙهي
وڃي ۽جوش پيدا ٿئي، تڏهن منجهانئن جيڪو دليل تان
هٿ کڻي، اهوئي وڌيڪ عقلمند آهي.
هاڻي، آءُ سٺي سڀاءُ ۽ سٺيءَ رهت جا ڪي نيم بيان
ڪندس، جيڪي مٿي بيان ڪيل نيمن کان ڪنهن به صورت ۾
گهٽ نه پر پاڻ وڌيڪ سرت ۽ چاهه سان نوجوانن کي
سمجهڻ ۽ پرائڻ گهرجن. مثلن سادگيءَ سان زندگيءَ
گذارڻ، زبان کي وس ۾ رکڻ، ڪاوڙ تي قبضو ڌارڻ، ۽
پنهنجن هٿن کي پنهنجي حڪم هيٺ رکڻ. انهن نيمن مان
هر هڪ نيم جي اصل مقصد ۽ مفهوم کي سمجهڻ ضروري
آهي. مثالن وسيلي انهن جي زياده وضاحت ٿي سگهي ٿي.
اول اول پوئين نيم کي ٿا کڻون. ڪيترائي اهڙا شخص
آهن، جن پنهنجا هٿ نامناسب نفعي ڏانهن وڌايا ۽
ائين ڪرڻ سان جيڪا نيڪنامي پنهنجي اوائلي
ڪارڪردگيءَ وسيلي حاصل ڪئي هئائون، سا وڃائي
ڇڏيائون.لئسيڊمونيا جي نامور شهرواسيءَ، گليپس، جو
اهڙو ئي مثال آهي: هن ملڪي دولت جي ڳوٿرين جا منهن
کولي پنهنجي ذاتي ٽجوڙين جا منهن ڀرڻ ٿي گهريا، ۽
نتيجي ۾ اسپارٽا مان جلاوطن ٿيو ۽ خواريءَ جو ڳٽ
ڳچيءَ ۾ کڻي، بيوطن ٿيڻو پيس.
ساڳيءَ طرح ،ڪاوڙ تي قابض رهڻ ڏاهي ماڻهوءَ جي
نشاني آهي. سقراط کي هڪ ڀيري ويٺي ويٺي هڪڙي
پاڻ_زوري ڇوري لت هڻي ڪڍي، جنهن تي سقراط سان جيڪي
گڏ هئا، تن ڪاوڙ ۾ ڀرجي ان لُچ کان بدلي وٺڻ جو
ارادو ڪيو. ان تي سقراط انهن کي چيو:
”ڇا، جيڪڏهن گڏهه مون کي پستي هڻي ها، ته موٽ ۾
اوهين به ان کي بيهي لتون هڻو ها!“ ۽ پوءِ اهو
ساڳيو گمراهه نوجوان پڻ پنهنجي جوڳيءَ سيکت کان
بچي ڪين سگهيو. سو هيئن، جو هر ڪنهن کيس جٺ ڦٺ ڪئي
۽ نالو ئي کڻي مٿس ”پستي باز“ رکيائون، ۽ هو اهڙو
ته پشيمان ٿيو، جو نيٺ ڦاهو کائي آپگهات ڪيائين!
(5)
سقراط جو هڪڙو ٻيو مثال پڻ اهڙو موجود آهي.
ارسٽوفينس جي ناٽڪ، بعنوان”بادل“ ۾، سقراط تي هر
ممڪن قسم جي دشنام بازيءَ جي بنهه بارش ڪئي ويئي
هئي. نيٺ جڏهن هيءُ ناٽڪ اسٽيج تي پيش ڪيو ويو،
تڏهن جن ان کي ڏٺو، تن مان هڪڙي سقراط کي اچي چيو
ته ”ڇا، انهيءَ طرح گارگند جو نشان ٿيندي، اوهان
کي ڪاوڙ ڪانه ٿي وٺي؟“
”زيئس ديوتا جو قسم ته هرگز نه!“ سقراط جواب
ڏنو.”ناٽڪ جي مانڊي ۾ چرچي گهٻي کي آءُ ائين ٿو
سمجهان، ڄڻ ماڻهن جي ڪنهن وڏيءَ نجيءَ محفل ۾
اِئين ٿي رهيو هجي. ۽ اتي اڪثر اِئين ٿيندو آهي!“
حڪيم افلاطون، ۽ ترنيٽم جي شهريءَ،ارڪيٽاس، جي
روش پڻ بلڪل اهڙي ساڳئي قسم جي هئي، جيئن اوهان کي
هيٺ ٻڌائيندس. ارڪيٽاس، جيڪو هڪ اعليٰ فوجي
سالار هو، ملڪ لاءِ وڙهي وڙهي، جڏهن جنگين جي
ميدان تان موٽيو، تڏهن اچي ڏٺائين ته سندس زرعي
زمين نه رڳو غير آباد پر بنهه ڦٽي پيئي آهي. هن
هڪدم پنهنجي ڪمدار کي گهرايو، ۽ جڏهن ڪمدار آيو،
تڏهن هن ڏانهن ڏسي ڏسي، چيائين: ”ٽر منهنجي اکين
تان! جي هيڏي ڪاوڙ هجيم ها، ته اهڙي سزا ڏيانءِ
ها، جو عمر تائين ياد ڪرين ها! ساڳئيءَ ريت
افلاطون هڪ ڀيري پنهنجي هڪ لالچي ۽ بدمعاش غلام تي
ڪاوڙ ۾ اچي ويو: هڪدم پنهنجي ڀاڻيجي اسپيمپس، کي
سڏ ڪيائين، ۽ چيائينس: ” هن نالائق کي تون سيکت
ڏي! آءُ پاڻ حد کان وڌيڪ ڪاوڙ ۾ آهيان!“ هنن مثالن
کي ٻڌي، اهو اعتراض ڪري سگهجي ٿو ته انهيءَ قسم جو
انساني ڪردار ڏاڍو مشڪل آهي ۽ ان جي پيروي ٿي ئي
نٿي سگهي. آءُ پوريءَ ريت ڄاڻان ٿو ته برابر مشڪل
آهي، ۽بيحد مشڪل آهي. پر اسان تي لازم آهي ته
جيتري قدر وس ۾ هجي اوتريقدر اهڙين اعليٰ مثالن تي
هلڻ جي ڪوشش ڪريون، ۽ پنهنجي اجهل ۽ حد کان نڪتل
ڪاوڙ جي اثر کان پاڻ کي محفوظ رکون. اِئين ته ٻين
ڳالهين ۾ به اهڙين عظيم شخصيتن کان، نه تجربي جي
وسيع ميدان ۾ ۽ نه علم ۽ فضيلت جي دنيا ۾، اسين
ڪا گوءَ کڻي ٿا سگهون، پر اِئين بهرحال چئي سگهجي
ٿو ته هو توڙي اسين، انساني عقل ۽ ڏاهپ جا هڪجهڙا
ئي محافظ ۽ مشعل بردار آهيون. تنهنڪري اسان کي
گهرجي ته جيتريقدر اسان کان ٿي سگهي، اوتريقدر
هميشه اهڙن اعليٰ انساني نمونن پٽاندر پاڻ کي
ٺاهڻ بلڪ انهن سان پاڻ پڄائڻ جي ڪوشش ڪندا رهون.
جن ڳالهين بابت مون ڪجهه چوڻ گهريو ٿي، تن مان
باقي هڪڙي ڳالهه رهي آهي، ۽ اها آهي زبان کي وس ۾
رکڻ واري ڳالهه. جيڪڏهن ڪو ائين ٿو سمجهي ته هي ءَ
معمولي ڳالهه آهي. يا ڪا بنهه خسيس ڳالهه آهي، ته
هو انهيءَ ۾ بلڪل غلط آهي، جو ڏاهپ جي چيز آهي
وقتائتي ماٺ، ۽ ان وقت اها هر گفتار کان بهتر
آهي. آءٌ سمجهان ٿو ته انهيءَ ئي خيال کان اسان
جي بزرگن غيب جي علم سيکارڻ لاءِ پهريائين ڪي
آزمائشي شرط اسان جي مٿان عائد ڪيا آهن، ته جيئن
غيب جي حيرت متعلق ماٺ جي عادت پرائڻ کان پوءِ،
جيترو احترام انهن غيبي رازن واسطي اسان جي دل ۾
پيدا ٿئي ٿو، اوترو ئي خيال ۽ خبرداري انساني
مسئلن جي رازداريءَ ۾ اسين ڏيکاري سگهون. ڪڏهن به
ڪنهن کي خاموش رهڻ سبب پڇتائڻو ڪونه پيو آهي، پر
اجائي ڄاڙي هڻندي گهڻن ئي کي افسوس جا هٿ مهٽڻا
پيا آهن. جا ڳالهه دل ۾ سانڍيل آهي، اها ڪري ڏيڻ
سولي آهي، پر هڪ ڀيرو جا ڳالهه ٿي ويئي. ان کي
موٽائڻ ناممڪن آهي. مون کي بيشمار مثال ماڻهن جا
سُجهڻ ٿا، جيڪي رڳو اجهل زبان سبب مصيبتن جو بک ٿي
ويا. هتي ٻين کي ڇڏي، نموني طور، رڳو هڪ يا ٻن
اهڙن ماڻهن جو مثال پيش ڪندس. جڏهن بادشاهه
فلئڊيلفس پنهنجيءَ ڀيڻ، ارسنوءَ، سان شادي ڪئي،
تڏهن اها ڳالهه ٻڌي، وات ڦاٽوڙي سوٽيڊس چيو ته ”
افسوس، فلئڊيلفس بهادر جي اها چڙهائي به وڃي اوجهڙ
۾ پيئي!“ ۽ ايتري چوڻ جي عيوض سوٽيڊس کي سالن جا
سال قيد جي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ سڙڻو پيو. پنهنجي اهڙي
بي وقتي حرف ڪڍڻ سبب ئي هن کي ايڏي ڳري سزا ڀوڳڻي
پئي ۽ ان لاءِ رڳو ايتري چوڻ وارو به ملڪ ۾ ڪو
ڪونه هو ته سندس ڏوهه ننڍو سزا وڏي هئي! چرچو
ٻڌائي ٻين کي کلايائين، پرپاڻ لاءِ يڪي مصيبت ڳنهي
ورتائين. اُنهيءَ وانگر ۽ اُنهيءَ شيءِ جهڙي، پر
ان کان وڌيڪ ڀيانڪ ڳالهه سوفسطائي فيلسوف ٿئوڪريٽس
جي آهي. ڇا ٿيو ، جو سڪندر اعظم کي هڪ ڀيري جڏهن
دشمن تي فتح حاصل ٿي، تڏهن جشن ملهائڻ لاءِ
يونانين کي حُلواڻ جهڙي ڳاڙهي ريٽي رنگ جي چوغن
ٺهرائڻ جو حڪم ڏنائين، ۽ انهن لاءِ مٿس في ڪس ڪجهه
رقم مقرر ڪئي ويئي.ٿئوڪريٽس جڏهن اها ڳالهه ٻڌي،
تڏهن ٽهڪ ڏيندي چيائين ته ”مان هميشه انهيءَ حيرت
۾ هوس ته ”حلواڻي موت“ مان اسان جي شاعر هومر جو
ڪهڙو مطلب هو!“ بس، انهيءَ هڪڙي گفتي تي سڄي عمر
سڪندر اعظم جي دشمني ملهه ڳنهي ورتائين. ان کان
پوءِ سئيڊونيا جي بادشاهه، ائنٽيگونس کي، جيڪو اک
کان ڪاڻو هو، اهڙي ئي هڪڙي بي تڪي گفتي تي اهڙو
ڪاوڙائي وڌائين، جو نيٺ حياتيءَ تان هٿ ڌوئڻو پيس.
ڳالهه اِئين ٿي، جو ائنٽيگونس پنهنجي مک خانسامي،
ايٽروپيان، کي جيڪو ڪنهن وقت سندس لشڪر ۾ سالار به
ٿي رهيو هو، ٿئوڪريٽس ڏانهن موڪليو ته هن کي ڏانهس
وٺي اچي، جو کيس ساڻس ڪن مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ
ڪرڻي هئي. جڏهن ايٽروپيان اهو پيغام نيئي هن کي
ڏنو ۽ انهيءَ مهل اُٿي ساڻس هلڻ لاءِ مٿس وري وري
زور ڀريائين تڏهن ٿئوڪريٽس تيک مان چيس: ”ها، ها،
خبر اٿم ته تون مون کي ڪچو ئي ڪچو انهيءَ سائيڪلوپ
(هڪ اکئي ديو) کان کارائڻ گهرين ٿو!“ انهيءَ تيزاب
جهڙي ساڙيندڙ گفتي ۾ هڪ پاسي ائنٽيگونس تي حملو
هو، جو هو ڪاڻو هو ۽ ٻئي پاسي خود ايٽروپيان تي
وار هو، جو هڪ خسيس خانسومو يا بورچي هو. هڪدم
ايٽروپيان باهه ٿي ويو؛ ته پوءِ تون پنهنجو سر
سلامت نه سمجهه“ هن چيو ”توکي پنهنجي ان گندي وات
۽ ان ذليل حماقت جي قيمت ڏيڻي پوندي!“ پوءِ هن
سڄي ڳالهه وڃي بادشاهه کي ٻڌائي، جنهن گهرائي
ٿئوڪريٽس کي اتي ئي مارائي ڇڏيو!
اِهي سڀ ڳالهيون پنهنجيءَ جاءِ تي، پر سڀ کان وڌيڪ
مقدس فرض اسان تي هيءُ آهي ته پنهنجن ٻارن کي سچ
ڳالهائڻ تي هيرايون. ڪوڙ ڳالهائڻ غلاميءَ جي عادت
آهي، جيڪا هر ڪنهن جي نگاهه ۾ ڌڪار جوڳي آهي. ۽
خود غلامن جي حالت ۾ به اِنهيءَ ذليل عادت کي هرگز
هرگز معاف ڪري نٿو سگهجي. |