سيڪشن: ٻاراڻو ادب

ڪتاب: ٻارن جي تعليم

باب:

صفحو:2 

ڳالهه جي نچوڙ طور، آءُ چوان ٿو(۽ جيڪي آءُ چوان ٿو، تنهن کي محض هدايت جو نه، پر هڪ الهامي قول جو درجو حاصل آهي) ته هنن مسئلن ۾ هڪڙو ئي بنيادي ۽ بهترين نڪتو_ شروع ۾، وچ ۾، ۽ آخر ۾_ خيال ۾ رکڻ جهڙو آهي، ۽اهو هيءُ آهي: صالح تربيت ۽ سالم تعليم؛ ۽ آءُ اعلان ٿو ڪريان ته اِهوئي نڪتو آهي، جنهن جي مدد سان ماڻهو اڳتي وڌي ٿو ۽ ڪماليت ۽ مسرت حاصل ڪري ٿو. انهيءَ نڪتي کان علاوه ٻيا سڀ مقصد ۽ ٻيون سڀ ڳالهيون رواجي ۽ خسيس آهن، ۽ ڪنهن به ڪوشش جي لائق نه آهن. نسل جي شرافت سٺي شيءَ آهي، پر اها اسان جي وڏن جي فضيلت آهي. دولت وسيلي عزت حاصل ٿئي ٿي، پر دولت قسمت جي اختيار ۾ آهي، جيڪا ان کي هڪڙي کان کسي ٻين جي حوالي ڪيو ڇڏي_ انهن جي ، جن ان کي ڪڏهن خواب ۾ به ڪين ڏٺو هو. ٻئي ڪندي، گهڻي دولت اهو سولو نشان آهي، جنهن تي هر ڪو شخص، جنهن جي اک اسان جي کيسن تي رهي ٿي_ مڪار ‎غلام، لالچي دوست، چالباز دشمن_ هر وقت پنهنجي حرص جا تير چٽيندو رهي ٿو. بدترين چيز هيءُ آهي ته ذليل کان ذليل بدمعاش ۽ شودا شخص به دولت جا صاحب ٿي سگهن ٿا. نيڪنامي پڻ وڏو اثر رکي ٿي، پر افسوس جو ان کي خاص جٽاءُ ڪونهي! حسن اها نعمت آهي، جنهن لاءَ هر ڪو واجهائي ٿو، پر ان جو عرصو ڪيڏو مختصر ٿو ٿئي! صحت زندگيءَ جو آڌار آهي، پر اها ڪنهن به وقت بگڙي سگهي ٿي. سگهه، ماڻهوءَ جوبي مثل ڏڍ آهي، پر بيماري ۽ عمر ان کي هيڻو ڪيو ڇڏين. مطلب ته، ڪو به شخص، جيڪو پنهنجي هاٺيءَ تي فخر ٿو وٺي، تنهن کي هيءَ خبر ڏيڻ گهرجي ته اهو سندس اڀمان اجايو آهي. سچ پچ ته ٻين حيوانن جي طاقت جي ڀيٽ ۾ انسان جي سگهه ڪيتري نه خفيف ۽ معمولي آهي! هاٿين، سانهن ۽ شينهن کي خيال ۾ آڻيو.

اسان جي سڀني صفتن ۾ فقط اسان جي علميت يا ڄاڻ ئي مقدس ۽ لافاني آهي. ٻه چيزون جيڪي انساني فطرت جون امتيازي خصوصيتون آهن، سي آهن عقل ۽ نُطق. هنن ٻنهي منجهان عقل نطق تي حاوي آهي، ۽ نطق عقل جي خدمت بجا آڻي ٿو. عقل قسمت جي وار کان محفوظ، تهمت کان بي نياز، بيماريءَ جي اثر کان ڇٽل  ۽ عمر جي حملي کان بچيل رهي ٿو. عقل ئي آهي، جيڪو عمر جي وڌڻ سان جوان ٿيندو رهي ٿو. ۽ وقت جيڪو ٻيءَ هر چيز کي گهٽائي ٿو، سو عمر گذرڻ سان سمجهه کي وڌائيندو ئي رهي ٿو. لڙائي سڀني شين کي سيلاب وانگر پنهنجي سامهون ٻهاريو کنيو وڃي؛ ڄاڻ ئي آهي، جنهن کي نابود ڪرڻ جي لڙائي ‎ءَ کي ڪا طاقت ڪانهي. منهنجي خيال موجب، مگيريائي فيلوسف، اسٽلپو، جو گفتو تحقيق دائمي ياد رهڻ جوڳو آهي. جڏهن ڊيميٽرس سندس شهر مگيريا جي ماڻهن کي شڪست ڏني ۽ پنهنجو غلام بنايو، ۽ شهر کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو، تڏهن هن  اسٽلپو کان سوال ڪيو:”اسٽلپو، توکي ڪو نقصان رسيو آهي؟“ ”نه، ڪجهه به نه!“ اسٽلپو جواب ڏنو، ”لڙائي نيڪيءَ کي نه ڦري ٿي سگهي، نه لُٽي ٿي سگهي!“ سقراط جو جواب پڻ اهڙي ئي انداز وارو ۽ ايڏو ئي عظيم هو. جڏهن جارجيس کانئس ايران جي بادشاهه متعلق راءِ دريافت ڪئي ۽ پڇيو ته آيا هن جي خيال ۾ ايران جي بادشاهه کي اطمينان ۽ مسرت حاصل هئي، ته سقراط کيس جواب ڏنو: ”مون کي خبر نه آهي ته هو ڪيتري قدر نيڪيءَ ۽ ڄاڻ جو صاحب آهي!“ جنهن مان ظاهر آهي ته سقراط جي نظر ۾ خوشي انهن ئي ٻن چيزن جو مرڪب آهي، ۽ قسمت جي ناپائدار عنايتن جو اُن سان ڪو به واسطو ڪونهي.

(3)

 جيتري زوردار آءُ هيءَ صلاح ٿو ڏيان ته ٻارن جي تعليم اسان کي پنهنجي سڀ کان وڏي جوابداري سمجهڻ گهرجي، ايتري قدر ئي آءٌ هن ڳالهه تي پڻ زور ڏيان ٿو ته تعليم هر حالت ۾ بي داغ ۽ صالح قسم جي هئڻ گهرجي. اسان کي کپي ته پنهنجن جوان ٻارن کي پيشور تقريربازن جي فضول لفاظين کان هر طرح پري رکڻ جي ڪوش ڪريون. ان جو سبب هيءُ آهي ته جن ڳالهين مان انبوهه راضي ٿئي ٿو، اهي ڳالهيون  لازمي طور ڏاهن ۽ سمجهدار شخصن جي رنج جو باعث بنجن ٿيون. ان جي تصديق اسان جي شاعر جي هن قول مان پڻ ٿئي ٿي: چي، ”انبوهه جي اڳيان ڳالهائڻ لاءِ مون ۾ ڪو ڍنگ ڪونه آهي، پنهنجن دوستن جي اڳيان البت آءُ وڏيءَ هوشمنديءَ سان ڳالهائي سگهان ٿو، ۽ تحقيق منهنجا دوست به ڪي گهڻا ڪونه آهن. ۽اها چيز سڀاويڪ پڻ آهي، ڇا ڪاڻ ته اهي، جن کي عقلمند ماڻهن وٽ ڪا اهميت ڪانه هوندي آهي، سي انبوهه جي اڳيان ڳالهائڻ ۾ ڇٽڪي پوندا آهن ته بس ئي ڪانه ڪندا آهن.“ هن سلسلي ۾ منهنجو پنهنجو مشاهدو آهي ته اهي، جيڪي ڪوشش ڪري خسيس ماڻهن کي خوش ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون ڪندا آهن، اهي پاڻ به اهڙا ئي خسيس هوندا آهن ۽ عام طور ضابطي کان نڪتل ۽ عيش جي غلاميءَ واريون زندگيون گذاريندا آهن. ۽ زيئس ديوتا جو قسم، اها هڪ لازمي ڳالهه پڻ آهي. جيڪڏهن هي شخص ٻين ماڻهن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي، شرافت جي ليڪي کي نٿا سڃاڻن، ته ظاهر آهي ته هو خودپرستيءَ ۽ ذاتي نفعي کان مٿي نيڪو ڪاريءَ ۽ اصول پرستيءَ کي ڪڏهن به اهميت ڏيئي ڪين سگهندا، ۽ هر حالت ۾ اهي اخلاق ۽ خودضابطگيءَ تي حرص هوس ۽ عيش پرستيءَ کي ئي ترجيع ڏيندا رهندا.

تنهن کان سواءِ معصوم ٻارن ڏوهه به نيٺ ڪهڙو ڪيو آهي، جو کين فضول ۽ بي بنيادي ڳالهيون ٻڌايون وڃن! بي مقصد گفتگو ۽ بي مقصد عمل کان پرهيز ڪرڻ هڪ نيڪ ڳالهه آهي، ۽، جيئن چيو ويندو آهي،” هر ڪا نيڪ ڳالهه مشڪل ڳالهه ٿئي ٿي.“ گهڙيءَ جي اشاري تي جيڪي اٿي پنهنجي تقريربازيءَ جا ڪرتب ڏيکاريندا آهن، سي ڄاڙي ته گهڻي هڻندا آهن، پر درحقيقت کين نه ڳالهه جي اڳياڙيءَ جي ڄاڻ هوندي آهي، نه ان جي پڇاڙيءَ جو ڪو پتو پوندو اٿن. اهڙا شخص پنهنجي تقرير بازيءَ جي جولان ۾ ٻيا جيڪي ڀوڳ ڪندا آهن، تن کان علاوه، سچ پچ ته سندن تقرير ۾ سواءِ واهيات بڪ جي، ٻيو ڪجهه به ڪونه هوندو آهي. ڳالهائڻ ۾ معقول حد کان ٽپي نه وڃجي، تنهن لاءِ فڪر جي لغام جي ضرورت آهي. اسان جي فيلسوف سياستدان، پيريڪلس، متعلق اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته جڏهن ماڻهو کيس تقرير ڪرڻ لاءِ چوندا هئا، ته هو اڪثر انڪار ڪندو هو  ۽ چوندو هو: ” مهرباني ڪري مون کي معاف ڪريو ، جو منهنجي تياري ٿيل ڪانه آهي!“ حڪيم ڊيموسٿنيز پڻ…عمل پيرا رهندو هو، اٿينس جي رهواسين جي اهڙي اصرار تي اڪثر کين اهوئي عذر پيش ڪري، کانئن معافي وٺندو هو. ڊيموسٿنيسز متعلق هيءَ روايت ممڪن آهي ته ڪجهه خيالي هجي، ۽ ان لاءِ ڪا پڪي سند موجود به ڪانهي، پر هڪ ڀيري ”ميڊياس“ جي خلاف تقرير ڪندي، ان معاملي ۾ فڪر جي ضرورت کي هن نهايت زوردار نموني ۾ واضع ڪيو آهي. سندس اصلوڪا لفظ هي آهن: ”اي اٿينس جا رهواسيو! آءٌ اعلان ٿو ڪريان ته مون هن مسئلي تي ڪافي غور ۽ فڪر ڪيو آهي ۽ اوهان کي به ٻڌائڻ  ۾ ڪا هٻڪ محسوس ڪونه ٿو ڪريان ته مون، پنهنجي وس آهر، هن تقرير جي ڪافي مشق پڻ ڪئي آهي. جيڪا قدر افزائي اوهان منهنجي  ڪندا رهيا آهيو ۽ ڪيو ٿا، تنهن کي ڏسندي، تحقيق اها منهنجي احسان فراموشي ٿيندي. جڪيڏهن آءُ سواءِ ڪنهن سوچ ويچار جي، بيهي اوهان جي سمع خراشي ڪريان ۽ اوهان جو وقت وڃايان.“ بهرحال، هنن ڳالهين مان منهنجو هرگز اهو مطلب ڪونهي ته ڳالهائڻ جي عادت هر حالت ۾ بُري آهي؛ منهنجو فقط هيءُ چوڻ آهي ته جيئن دوا وقت سر وٺبي آهي، ۽ ضرورت سارو وٺبي آهي، تيئن ڳالهائڻ به وقت سر ۽ ضرورت سارو هئڻ گهرجي.

جيستائين ڪنهن ماڻهوءَ ۾ ذهني پختگي پيدا نه ٿي آهي، تيستائين منهنجو خيال آهي ته هن کي ڪنهن به صورت ۾ جيئن جو تيئن ڳالهائڻ نه کپي؛ پر جڏهن سندس صلاحيتن جون پاڙون پختيون ٿي چڪيون هجن، تڏهن هو، موقعي آهر ۽ مناسب انداز ۾ جيڪڏهن اِئين آزاديءَ سان ڳالهائي، ته ان جي کيس اجازت هئڻ کپي، ۽ اهو سندس حق پڻ آهي. جن ماڻهن جا پير گهڻو عرصو زنجيرن ۾ ٻڌل رهندا آهن، سي ڪافي وقت ان پابنديءَ تي هِري وڃڻ سبب، هلڻ مهل، پوري وک کڻي ڪونه سگهندا آهن، ۽ پوءِ جڏهن سندن پيرن مان زنجير نڪرندا آهن، تڏهن به آزاديءَ سان اڳتي هلڻ ۾ اهي وک وک تي پيا ڪيٻائيندا آهن. اها ساڳي حالت انهن ماڻهن جي پڻ ٿئي ٿي، جيڪي گهڻو عرصو پنهنجي زبان تي بنهه تالو چاڙهي ٿا ڇڏين، ۽ پوءِ آزاديءَ سان کين ڳالهائڻ جا کڻي ڪيترا به مناسب موقعا ملن، تڏهن به سندن ڳالهائڻ ۾ اٽڪ هميشه موجود ئي رهي ٿي  آءُ مڃان ٿو ته اِئين برابر آهي، پر اها به هڪ ثابت ٿيل حقيقت هي ته ذهني طور جيڪي اڃا پختا ڪونه ٿيا آهن، تن کي کليل اجازت ڏيئي ڇڏڻ ته جيئن اچين، تيئن پيا ڳالهائين، تنهن مان اُهي سواءِ فضول بڪ بڪ سکڻ جي، ٻيو ڪجهه به ڪونه پرائيندا. ڳالهه ڪندا آهن ته هڪڙي نصيب ڦٽل مصور پنهنجي هڪ تصوير اپليس جي اڳيان پيش ڪندي، کيس ٻڌايو ته ”هيءَ مون بنهه هاڻي ڪڍي آهي!“ جنهن تي اپليس کي جواب ڏنو ته

”تنهنجي ٻڌائڻ کان سواءِ ئي مون سمجهيو ته اها تو تڙتڪڙ ۾ ڪڍي آهي. خبر ناهي ته ٻيون گهيڻون تصويرون تون اِئين ڪڍيون آهن!“

هاڻي، مضمون جي مکيه ڳالهه ڏانهن موٽندي، ان سلسلي ۾ آءُ هيءَ ئي صلاح ڏيڻ گهران ٿو ته ڳالهائڻ ۾ ماڻهوءَ کي جيئن ناٽڪي ۽ نمائشي ڍنگ کان پاسو ڪڻ کپي، تيئن کيس خسيس ۽ معمولي ڳالهين کان پڻ پرهيز ڪرڻ گهرجي. هڪ طرف جيڪڏهن طول بياني ڏاهپ جي نشاني نه آهي، ته ٻئي طرف لفظن جو بيحال بخل پڻ هميشه بي اثر ثابت ٿئي ٿو. جيئن انسان جو جسم نه فقط ڪامل، پر صحتمند پڻ هئن گهرجي، تيئن ڳالهائڻ به فقط صاف سٿرو، پر ساڳئي وقت ڳنڀير ۽ مايه دار پڻ گهرجي. هر ڳالهه ۾ احتياط بيشڪ هڪ وڻندڙ شيءَ آهي، پر حوصلو ۽ همت ان کان زياده ساراه لائق شيون آهن. ڳالهائيندڙ جي نفسياتي ڪيفيت جي متعلق پڻ منهنجو اهوئي رايو آهي. ڳالهائيندڙ کي نه ايترو نٻل ۽ نيازمند ٿيڻ گهرجي، ڇا ڪاڻ ته پهرئين قسم جي روش اختيار ڪندي، ترت ئي هو هٺيلو ۽ هوڏي بنجي وڃي ٿو، ۽ ٻئي قسم جي روش کيس آخر غلاميءَ جي جي_حضوريءَ تي هيرائي ڇڏي ٿي؛ هر شيءَ ۾ وچٿرو رستو وٺڻ ئي هنرمند جي ڄاڻ ۽ ثابت قدميءَ جو دليل سمجهيو وڃي ٿو.

جيئن ته اڃا ته تربيت جو مسئلو اسان جي زير بحث آهي، ۽ آءُ  ان متعلق ئي هتي پنهنجا خيال پيش ڪري رهيو آهيان، تنهنڪري آءُ انهيءَ باري ۾ وڌيڪ هيءَ گذارش ڪرڻ چاهيان ٿو ته مفرد جملن ۾ ڳالهائڻ کي آءٌ بنهه اڻپوريءَ تعليم جي نشاني سمجان ٿو. ٻيو ته منهنجو عقيدو آهي ته خالص انهيءَ طريقي جي ڳالهائڻ جو استعمال ماڻهو جي ذهن کي منجهيل ۽ موڳو بنائي ٿو ڇڏي ۽ تنهن کان سواءَ منجهن بي صبريءَ جي عادت پڻ پيدا ڪري ٿو. ڦير گهير ۽ مٽا سٽا هونئن به هر حالت ۾ دلپسند ۽ مفيد ثابت ٿئي ٿي هيءُ ڳالهه خاص طرح انهن شين جي حالت ۾ وڌيڪ فائديمند آهي، جن جو تعلق ڏسڻ ۽ ٻڌڻ وارين ڳالهين سان رهي ٿو.

جنهن تعيلم کي اسين”عام تعليم“ سڏيون ٿا، تنهن ۾ اسان کي گهرجي ته ٻين شين سان گڏ، خاص طرح ٻڌڻ ۽ ڏسڻ سان تعلق رکندڙ شين کان ڪڏهن به ٻار کي محروم رهڻ نه ڏيون. پر هي شيون کيس صرف ضمني طور سکڻ گهرجن_ رڳو انهيءَ لاءِ ته هو انهن کي سڃاڻي سگهي. ۽انهن کان باخبر رهي ڇا ڪاڻ ته سڀني شين جي ڪماليت ۽امتياز حاصل ڪرڻ بهرحال ناممڪن آهي. پر، تعليم ۾ سڀ کان اوچي ۽ اهم جڳهه فلسفي کي ئي حاصل هئڻ گهرجي. آءُ هڪڙو مثال ڏيئي، هن باري ۾ پنهنجو مطلب واضع ڪرڻ گهران ٿو. ملڪ ملڪ جو سير ڪرڻ ۽ قسم قسم جا شهر ڏسڻ هڪ چڱي ڳالهه آهي، پر فائدو نيٺ به انهيءَ ئي ۾ آهي ته اهڙي هڪ ئي شهر ۾ دائمي سڪونت اختيار ڪئي وڃي جيڪو سڀ کان بهتر شهر هجي. فيلسوف

”بيئن“ هن سلسلي ۾ ڏاڍي ڏاهپ ڀري ڳالهه چئي آهي:” هر ڪيوليس“ جي زال”پينيلوپ“ جي خوش فهم طلبگارن جو مثال ڏيندي، جيڪي جڏهن خود ”پينيلوپ“ کي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيا ته هڪدم ڦري اُن جي ڪنيز سان وڃي دوستي ڳنڍيائون، هو ٻڌائي ٿو ته بلڪل ساڳئيءَ طرح اهي ماڻهو، جن ۾ خود فلسفي جي حاصل ڪرڻ جي صلاحيت ڪانهي، سي پوءِ محض خسيس ڳالهين جي ڪج بحثين ۾ اڙجي ٿا پون ۽ انهن ۾ مغزماري ڪري ڪري ساڻا ٿي پون ٿا. انهيءَ مان ثابت ٿيو ته تعليم جو مکيه مقصد فلسفي جي حاصلات ئي هئڻ گهرجي. جسماني صيحت لاءِ ماڻهن ٻه علم ڳولي ڪڍيا آهن_ هڪڙو علم طب ۽ ٻيو علم ڪسرت، جن ۾ ڪج اداين لاءِ فلسفو ئي واحد علاج آهي. فلسفي معرفت، ۽ان جي مدد سان ، اسان ۾ اعليٰ ۽ادنيٰ جي تميز پيدا ٿي سگهي  ٿي؛ هو پروڙي سگهي ٿو ته انصاف ڇا آهي ۽ ظلم ڇا آهي؛ کيس ڪهڙيءَ شيءَ کان پرهيز ڪرڻ ۽ پاڻ بچائڻ گهرجي؛ کيس معلوم ٿي سگهي ٿو ته کيس پنهنجن ديوتائن، پنهنجي ماءُ پيءُ، پنهنجن بزرگن، ملڪ جي قانون ۽ صاحب اختيار شخصن، ڌارين ماڻهن توڙي دوستن،عورتن ، ٻارن ۽ پنهنجي خادمن جي حالت ۾ ڪهڙي روش اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ انهن سان ڪيئن پيش اچڻ گهرجي : هو سمجهي سگهي ٿو ته مٿس پنهنجي ديوتائن جو احترام، ماءُ پيءُ جو ادب، وڏن جي عزت، قانون جي مڃتا. صاحب اختيار شخصن جي فرمانبرداري، عورتن جي حياءُ، ٻارن سان پيار ۽ خادمن سان مهر ۽ قياس جي روش ئي لازم آهي.

فلسفي مان جيڪي به فائدا حاصل ٿين ٿا، تن ۾ سڀ کان وڏا فائدا آءُ اهي ئي ليکيان ٿو. سک ۾ شرافت سان زندگي گذارڻ ماڻهپي جي نشاني آهي؛ عقل تي آڌار رکي، ڏک سک کان بالاتر رهڻ درويشيءَ جي نشاني آهي؛  ۽ ڪاوڙ مارڻ هڪ بنهه غير معمولي انسان جو ڪم آهي. پرڪامل انسان منهنجي نظر ۾ اهي آهن، جيڪي ساڳئي وقت سياسي لياقت ۽ فلسفي جي علم جا صاحب آهن ۽ پنهنجي زندگيءَ ۾ انهن ٻنهي جو امتزاج پيدا ڪري سگهن ٿا. منهنجي راءِ ۾، اهڙن شخصن جي هٿ ۾ ٻه عظيم ترين نيڪيون موجود رهن ٿيون، جن مان هڪڙي نيڪي هيءُ آهي ته مدبرن جي حيثيت ۾ هو عام ڀلائيءَ جاڪم سرانجام ڏيئي سگهن ٿا، ۽ ٻي نيڪي هيءَ آهي ته  فلسفي جو مطالعو جاري رکندي انفرادي طور هو هڪ بيحد مطمئن ۽ پر سڪون زندگي گذاري سگهن ٿا. زندگيءَ جي ٽن قسمن مان جن ۾ هڪڙي عملي زندگي، ٻي فڪري ۽ ٽين عيش طلب زندگي چئي وڃي ٿي، پر پوئين قسم جي زندگي جنهن ۾ انسان محض حرص جو غلام ۽ نفس جي سڌن جو محتاج رهي ٿو، سا ته آهي ئي بيهودي ۽ حيواني زندگي؛ پر عملي زندگي، جنهن ۾ فلسفي جو دخل نه آهي، سا هڪ غير مهذب ۽ عام زندگيءَ آهي؛ ۽ فڪري زندگي، جنهن ۾ عمل جو دخل نه آهي، سا پڻ بيڪار زندگي آهي. تنهنڪري اسان کي گهرجي ته جيتري قدر به موقعا ميسر ٿي سگهن، اوتري قدر اسين پنهنجي عام فرض اداين ۾ اورچ ۽ اڏول رهڻ سان گڏ، پوري چاهه ۽ توجهه سان فلسفي جو مطالعو ڪندا رهون. انهيءَ ئي نموني زندگي گذاري، ۽ انهيءَ نموني ”آرڪيتاس“ (جنهن کي پوءِ حڪيم افلاطون پنهنجي دوستن مان شمار ڪيو) ۽ ٻين اسان جي عظيم بزرگن پنهنجون زندگيون گذاريون.

تربيت جي هن مسئلي تي، آءُ ڀانيان ٿو، ته جو ڪجهه مٿي مون پيش ڪيو آهي، سو ڪافي آهي، ۽ ان لاءِ اوهان جو وڌيڪ وقت وٺڻ ضروري نٿو سمجهان. پر جيڪي ڪجهه پيش ٿي چڪو آهي، رڳو ان جي ڀٺڀرائيءَ طور، آءٌ وڌيڪ فقط ٻه لفظ چوڻ ٿو گهران ته اسان لاءِ هيءَ ڳالهه بي حد فائديمند آهي، ۽ انهيءَ ڪري  اها اسان تي بنهه لازمي آهي. ته اسان پنهنجن قديم عالمن جي تصنيفن کي حاصل ڪريون ۽ انهن جو مطالعو ڪريون. اسان کي اهي تصنيفون ميڙي چونڊي، پنهنجي مطالعي لاءِ پاڻ وٽ اِئين گڏ ڪرڻ گهرجن، جيئن ڪو سڄاڻ ڪڙمي، پنهنجي ڪڙمت جا وسيلا پاڻ وٽ گڏ ڪندو آهي. تعليم لاءِ ڪتابن جو استعمال به اِئين آهي. جيئن ڪڙميءَ لاءِ سندس ڪڙمت جو اوزار، ڪتابن جي مدد سان ئي اسين علم، ان جي بنهه اصلوڪن سرچشمن منجهان، حاصل ڪري سگهون ٿا.

(4)

 بهرحال، جسماني ڪسرت کي پڻ نظرانداز ڪرڻو ڪونهي: نوجوان انهيءَ ميدان ۾ به پوري لياقت حاصل ڪري سگهن، تنهن لاءِ کين ڪسرت گاهن ۾ داخل ڪرڻ گهرجي، تان ته هو جسم جا مضبوط ۽ بيهڪ جا ٺاهوڪا بنجي سگهن. ننڍيءَ وهيءَ ۾ جن جي هاٺي سالم رهي ٿي، اهي پوڙهپڻ ۾ پڻ سالم ۽ سٻر رهي سگهن ٿا؛ ۽جيئن سازگار هوا ۾ ئي طوفانن کي منهن ڏيڻ جو سامان تيار ڪري سگهجي ٿو، تيئن اسان کي گهرجي ته جوانيءَ ۾ ضبط ۽ ترتيب جا ذخيرا پوڙهپڻ جي موڙيءَ طور پاڻ وٽ جمع  ڪري رکون. پر جسماني مشقت ۾ وچٿرائيءَ کان ڪم وٺڻ ضروري آهي: اِئين نه ٿئي، جو نوجوان ان ۾ ايترا نڍال ٿي پون، جو منجهن پڙهڻ جو ستُ به باقي نه رهي. حڪيم افلاطون جي چوڻ موجب، ننڊ ۽ ٿڪ تعليم جا ويري آهن. بهرحال، هيءُ جو ڪجهه آءُ چئي رهيو آهيان، تنهن مان منهنجو هڪڙو خاص مقصد آهي: ٻين ڳالهين کي ڇڏي، هن سلسلي ۾ آءُ فقط هڪڙي بنيادي ڳالهه پيش ڪرڻ گهران ٿو؛ ۽ اُها هيءَ ڳالهه آهي ته اسان کي گهرجي  ته پنهنجن نوجوانن کي جنگي قسم جي مشقن جو استعمال ڏيون جهڙوڪ نيزي بازي، تيراندازي، شڪار جو فن، وغيره، استاد زينوفين جي چوڻ موجب، ”لڙائيءَ ۾ هارائيندڙ ڌُر جو مال اسباب کٽندڙ ڌُر لاءِ انعام جو ڪم ڏئي ٿو،“ ۽ لڙائيءَ جي ميدان ۾ ڇانو جي پليل جسمن لاءِ ڪا جاءِ ئي ڪانهي. هڪڙو ئي نهري ۽ وٽيل بُت وارو سپاهي، جنهن کي جنگي مشقن جو استعمال آهي، ڪسرت گاهه جي چوديواريءَ ۽ تربيت ورتل ٿلهن متارن پهلوانن جي ٽولن کي مان ميدان ڊوڙائي ڪڍڻ لاءِ ڪافي آهي.

هتي، مون کان سوال پڇي سگهجي ٿو ته”هي ڇا؟ تو ته شروع ۾ عام آزاد والدين جي ٻارن جي تعليم جا اصول سمجهائڻ ٿي گهريا، پر هاڻي ڏسجي ٿو ته تون رڳو دولتمند ٻارن جي تعليم متعلق پيو ڳالهيون ٻڌائين ۽ غريب  شهرين جي تعليم لاءِ هڪ اکر به ڪونه ٿو چوين؟“ مون لاءِ هن اعتراض جو جواب ڏيڻ بنهه آسان آهي. منهنجي پنهنجي عزيز ترين خواهش ته هيءَ آهي ته منهنجو تعليمي نصاب هر ڪنهن لاءِ هڪجهڙو ڪارائتو ۽ فائديمند هجي؛ پر جيڪڏهن ڪي پنهنجي غريبيءَ سبب منهنجن اصولن مان پورو…کين اصولن جي پيش ڪندڙ کي نه، پر پنهنجيءَ قسمت کي ڏوهه ڏيڻ گهرجي. ڇا به هجي، پر خود غريبن کي پڻ گهرجي ته هو پنهنجن ٻارن کي هر ممڪن حد تائين بهترين تعليم ڏيارڻ جي ڪوشش ڪن؛ جيڪڏهن هو کين  بهترين تعليم نٿا ڏياري سگهن، ته مٿن ڪم از ڪم هي لازمي آهي ته جيتريقدر به سندن وس ۾ هجي، اوتريقدر ان لاءِ  هو ڪا ڪسر پوئتي نه ڇڏين. هي ڪجهه زائد خيال مون پنهنجي مضمون ۾ هتي انهيءَ لاءِ آندا آهن، ته جيئن نوجوان ٻارن جي تعليم متعلق ٻيو جيڪي ضروري ڳالهيون مون کي بيان ڪرڻيون آهن، انهن  جي پيش ڪرڻ ۾ منهنجي سامهو ٻي ڪا رڪاوٽ باقي نه رهي.

هاڻيءَ آءُ هڪڙو ٻيو نڪتو اوهان جي اڳيان رکي رهيو آهيان. منهنجو چوڻ آهي ته ٻار ماڻهپو ۽ شرافت سکن ۽ اختيار ڪن، ان لاءِ کين صرف ناصحانه ۽سمجهه  ڀرين ڳالهين وسيلي آماده ڪرڻ گهرجي؛ هن نيري آسمان جو قسم ته اُن لاءِ کين ڪڏهن به مارڪٽ نه ڪرڻ کپي، ۽ نه کين ڪنهن ٻئي جسماني يا ذهني ايذاءَ ڏيڻ جي ڪوشش ڪجي. ظاهر آهي ته اِها پوئين روش آزاد انسانن لاءِ نه پر محض غلامن لاءِ شايد موزون ٿي سگهي ٿي. ان جي اثر هيٺ هو سُست ۽ ڪاهل بنجي ٿا پون، ڪجهه مارڪٽ جي ايذاءَ کان ۽ ڪجهه ذاتي بيعزتيءَ جي احساس سبب، هو پنهنجن سپرد ڪيل ڪمن کان دڄڻ ۽ پري ڀڄڻ شروع ڪري ڏين ٿا. آزاد والدين جي ٻارن لاءِ  تعريف ۽ عتاب ڇا ٻه اکر هر قسم جي سختيءَ ۽ ترش ڪلاميءَ کان زياده اثرائتا ثابت ٿين ٿا، تعريف کين فضيلت ۽ چڱائيءَ جي طرف وڌڻ لاءِ اڀاري ٿي ۽ عتاب کين نامناسب ۽ اُجوڳ هلت اختيار ڪرڻ کان روڪي ٿو.

پر عتاب ۽ تعريف هميشه مناسب انداز ۾ مناسب موقعن تي استعمال ڪرڻ گهرجن:جڏهن ڏسجي ته سندن  حوصله مندي  حد کان زياده وڌي ويئي آهي، تڏهن ڪجهه قدر ڇينڀي، کين نيازمنديءَ ڏانهن مائل ڪرڻ گهرجي، ۽ ٻيءَ حالت ۾ قدر شناسيءَ ذريعي وري سندن مناسب همت افزائي ڪرڻ کپي. هن سلسلي ۾ اسان کي مائرن جي روش تي عمل ڪرڻ گهرجي_ جڏهن پنهنجن معصومن کي ڪنهن طرح روئاري وجهنديون آهن. پر ڪنهن به حالت ۾ کين خواهه مخواهه اُڀاري ۽ پڏائي، ايمان ۽خودپسنديءَ جي هوا سان ڀري ڇڏڻ نه گهرجي؛ حد کان زياده تعريف هميشه هٺ ۽ وڏائيءَ جي وڌڻ جو باعث بنجي ٿي، ۽ ماڻهوءَ کي بنهه بيڪار ۽ بي عمل بنائي ٿي ڇڏي.

مون اهڙا پيئر پڻ ڏٺا آهن، جن جو بيحد پيار اڪثر حالتن ۾ پيار نه هئڻ جي برابر بنجي ٿو پوي. آءٌ هڪڙو مثال ڏيئي، پنهنجو مطلب واضع ڪندس. انهيءَ ذوق ۾ ته سندن ٻار جلدئي هر ڳالهه ۾ وڃي پهرين جڳهه والارين، هو مٿن نه سهڻ جهڙا بار وجهن ٿا ۽ ڪيترائي نه ڪري سگهڻ جهڙا ڪم آڻي سندن آڏو رکن ٿا. ٻار پوءِ اُهي ڪم پورا نٿا ڪري سگهن ۽ ناڪامياب ٿي پون ٿا؛ نتيجي طور، هو اهڙي تلخ تجربن سبب نراسائيءَ ۽ دلشڪستگيءَ جا شڪار بنجي ٿا وڃن ۽ پوءِ ڪنهن به نوع جي تعليم ۾ هو ڪڏهن چاهه ڪونه ٿا وٺن. جيئن مناسب پاڻي ٻوٽن لاءِ خوراڪ جو ڪم ٿو ڏئي ۽ انهن جي اوسر جو سبب بنجي ٿو، پر اُهو ئي پاڻي جڏهن انداز کان زياده اُنهن کي ڏجي ٿو ته اُهي ان ۾ گهٽجي پون ٿا ۽ سڙي وڃن ٿا، تيئن ذهن جي اوسر لاءِ پڻ موزون ۽ مناسب جوابدارين جي ضرورت آهي ۽ حد کان وڏيڪ بار پوڻ سبب ذهن مورڳو دٻجي وڃي ٿو. انهيءَ ڪري، اسان کي گهرجي ته ٻارن کي مناسب ۽ لڳاتار مشقت کان بچائيندا رهون_ ڇا ڪاڻ ته انساني زندگي، پوري جي پوري، خود به محنت ۽ فرحت  ۾ ورهايل رهي ٿي. اُنهيءَ ورهاست مطابق، اسين نه رڳو جاڳون ٿا، پر ننڊ پڻ ڪريون ٿا. هڪ طرف جيڪڏهن جنگ آهي ته ٻئي طرف امن آهي، هڪ وقت جيڪڏهن طوفان آهي ته ٻئي وقت سانت آهي ۽ هميشه ۽ هر وقت رڳو پورهيو ئي نه آهي ، پر زندگيءَ ۾ خوشيءَ جا ڏينهن ۽ شادمانن جا تهوار پڻ ايندا رهن ٿا. مختصر طور، اِئين  کڻي چئجي ته فرحت محنت جي چاشني آهي.اسين اِئين به چئي سگهون ٿا ته اهو اصول نه رڳو ساهوران  سان پر بيجان شين سان پاڻ لاڳو آهي: ڪمانن جا زهه ۽زبانن جون تندون ڍليون ڪري ڇڏبيون آهن ته وقت سر انهن کي پوريءَ ريت تاڻي سگهجي. مطلب ته جيئن پيٽ جي حالت خالي رهڻ ۽ وري ڀرجڻ سان ئي بحال رهي ٿي، تيئن ذهن  پڻ راحت ۽ مشقت دوران ئي صالح ۽ صحتمند رهي سگهي ٿو.

اُهي پيئر، جيڪي پنهنجن پُٽن کي خانگي طور، يا هونئن به، رڳو استاد جي حوالي ڪري ڇڏين ٿا ۽ پنهنجي سر پاڻ نه ڏسن ٿا ۽ نه ٻڌڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته انهن جي پڙهائي ڪهڙيءَ ريت ۽ ڪيتريقدر ٿي رهي آهي، اُهي سچ پچ وڏيءَ ملامت جا لائق آهن، ڇا ڪاڻ ته اُهي پنهنجي فرض ادائيءَ ۾ افسوسناڪ ڪوتاهي ڪن ٿا. کين گهرجي ته ٿورن ٿورن ڏينهن کان پوءِ هو پاڻ پنهنجن ٻارن جو امتحان وٺن، ۽ رڳو پگهاردار استادن  تي اعتبار رکي نه ويهي رهن. خود اهي استاد پڻ جڏهن ڏسندا  ته سندن ڪم جي وقت بوقت چڪاس ٿئي ٿي، ته پنهنجي ڪم ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺندا ۽ ٻارن ڏانهن وڌيڪ توجهه ڏيندا. هتي شاهي سيس جي هيءَ مزاحيه چوڻي پوري ٺهڪي ٿي اچي ته ”گهوڙي جي مچڻ لاءِ بس بادشاهه جي اک ئي ڪافي آهي!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org