مهاڳ
تقريبن ٻه هزار ورهيه اڳي، پليو ٽارچ، پهرين عيسوي
صديءَ جي وچ ڌاري يونان جي ڊيلفي شهر جي ويجهو ،
ڪيرونيا نالي هڪڙي ننڍي ڳوٺ ۾ ڄائو. هن يونان جي
تاريخي شهر اٿينس ۾ تعليم ورتي، آسپاس جي ملڪن جو
سير سفر ڪيا، ۽ آخر هو پنهنجي وقت جي بهتر عالم ۽
فاضل شخصن ۾ شمار ٿيو. ڪيتريون ئي اهم راڄنيتي
ذميواريون هن جي سپرد ٿيون، جي هن انتهائي
ڪاميابيءَ سان سرانجام ڏنيون.
رومي شهنشاهيت جي طاقت ۽ شان ان وقت پنهنجي چوٽيءَ
تي بيٺل هئا. ٻين ڪيترن ملڪن کان سواءِ ،خود يونان
پڻ سندن قبضي ۾ هو. ان زماني جي ٻين يوناني عالمن
۽ بزرگن وانگر، پليو ٽارچ پڻ ڪجهه وقت روم ۾
رهيو. جتي کيس حڪومت جي هڪ اعزازي صلاحڪار جو رتبو
پڻ حاصل ٿيو، پر ڌارين کان مليل ان اعزاز کي هن
فخر جي قابل نه سمجهيو ۽ پنهنجيءَ ڪنهن به تحرير
۾ ان جو هن ذڪر ڪونه ڪيو آهي.
عين ان وقت جڏهن ڪاميابي سندس پير چُمي رهي هئي ۽
سندس شهرت پنهنجي عروج تي هئي، تڏهن اوچتوئي اوچتو
هو روم جهڙي مرڪزي ۽ نامياري شهر کي خيرباد چئي،
موٽي پنهنجي ننڍڙي گمنام ڳوٺڙي ۾ اچي رهيو ، جتي
ڪنهن طرح غريباڻي روزگار جي بندوبست ڪرڻ کان پوءِ،
هو فورن ڳوٺ جي نوجوانن جي تعليم ۽ تربيت جي ڪم ۾
لڳي ويو. کانئس پڇيو ويو ته”تو جهڙي نامياري ۽قابل
شخص کي ڪيرونيا جهڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾ گذارڻ ڪيئن ٿو
پڄي؟“ تڏهن جواب ڏنائين: ”برابر، ڪيرونيا ننڍڙو
ڳوٺ آهي، پر منهنجي ڇڏي وڃڻ ڪري ته هيءَ ويتر
ننڍڙو ٿي پوندو!“
پليوٽارج جو سڀ کان مشهور ڪتاب ”حياتيون“ نالي سان
آهي، جنهن جي لکڻ مان سندس خاص مقصد هيءُ هو ته
پنهنجي ديس ڀائين کي يونان جي عظمت ۽ يونان جي
تهذيب جي برتريءَ جا سبق ياد ڏياري ۽کين ثابت ڪري
ڏيکاري ته سندن يونان ديس ۽ يوناني تهذيب کي هر
طرح روم ۽ رومي تهذيب تي فوقيت حاصل هئي. انگريزي
ٻوليءَ جي جڳ مشهور شاعر، شيڪسپيئر، جا ناٽڪ گهڻي
ڀاڱي پليوٽارچ جي انهيءَ ڪتاب ۾ بيان ٿيل قصن ۽
واقعن تي بيٺل آهن. سندس ٻين سڀني متفرقه تصنيفن
کي گڏي ”نصيحتون“ نالو ڏيو ويو آهي، جن ۾ ”محبت تي
مڪالمو“ ۽ ”بردارانه سلوڪ“ ، ”شادي“، ”ٻارن جي
تعليم“ ،”خوشامد ۽ دوستي“ ۽
”قناعت“ تي مضمون ۽ ”پنهنجي زال ڏانهن پرچاءَ جا
خط“ وڌيڪ مشهور آهن، پليوٽارج جي سڀني تصنيفن ۾
ماڻهپي ۽ اخلاقيات کي انسان لاءِ هڪ عظيم ۽ بنيادي
پيغام طور پيش ڪيو ويو آهي، ۽ سندس فڪر جو سارو رخ
۽ سندس قلم جو سمورو زور، خاص طرح پنهنجي ديس
ڀائين کي انهيءَ ئي پيغام ٻڌائڻ ۽ مڃائڻ لاءِ
استعمال ٿيل آهي.
پليوٽارچ جو مضمون ” ٻارن جي تعليم“ جيڪو هتي پيش
ڪو ويو آهي، سو ان موضوع تي قديم زماني جي واحد
مڪمل تصنيف جي حيِثيت رکي ٿو. پليوٽارچ جي سڀني
تصنيفن مان هن مضمون جا ئي گهڻي ۾ گهڻا قلمي نسخا
موجود آهن. يورپ جي ”نئين سجاڳيءَ“ واري دؤر ۾
جيڪي به انسان دوست عالم ۽ سڌارڪ پيدا ٿيا، سي هن
مضمون کان بي حد متاثر ٿيا، ۽ خصوصن تعيلم جي
ميدان ۾ ان جي فيض جو پورو ڪاٿو ڪري ئي نٿو سگهجي.
تعليمي ترقيءَ جي هر تاريخ جو پهريون باب اڄ به هن
مضمون جي حوالي سان ئي شروع ٿئي ٿو. تعليمي عمل
لاءِ مشعل راهه جو ڪم ڏيئي سگهن ٿا.
پليو ٽارچ جي هن لافاني تصنيف جو هيءُ سنڌي ترجمو
پهريائين”نئين زندگي“ ماهيانه رسالي ۾ ڇهن قسطن ۾
شايع ٿيو هو. ۽ سنڌ جي سڀني اديبن ۽ علم دوست شخصن
ان کي گهڻو پسند ڪيو هو. هاڻي هيءُ مضمون هڪ هنڌ
گڏ ٿي، هن ڪتابچي جي صورت ۾ پيش ٿي رهيو آهي.اميد
آهي ته ان جا لائق پڙهندڙ، خاص طرح ٻارن جا مائٽ،
استاد ۽ تعيلم سان واسطو، رکندڙ، مثلن تعليمي
تربيت وٺندڙ شاگرد ۽ ٻيا سمورا صاحب، ان مان جوڳو
فائدو حاصل ڪندا.
محمد ابراهيم جويو
حيدرآباد سنڌ
28 اپريل، 1972
ٻارن جي تعليم
آزاد والدين جي ٻارن جي تعليم ڪهڙي ۽ ڪيئن ٿيڻ
گهرجي؟ ڪهڙن طريقن سان پاڪيزه اخلاق ۽ ان جي پختگي
حاصل ٿي سگهي ٿي؟ اچو ته انهيءَ مسئلي تي هاڻي
ويچار ڪريون.
ابتدائي نقطي طور، شايد هيءُ بهتر ٿيندو ته ڳالهه
ولديت کان شروع ڪئي وڃي. اهي شخص، جيڪي شريف ٻارن
جا والد ٿيڻ گهرن ٿا، تن کي پنهنجي طرفان آءُ هيءَ
صلاح ڏيندس ته کين جهڙين تهڙين عورتن کان پاسو ڪرڻ
کپي. منهنجو مطلب سريتن ۽ پيشي وارين عورتن سان
آهي. اهي ٻار، جيڪي پنهنجي ماءُ توڙي پيءُ جي طرف
کان حلالي نٿا ڄمن، تن تي سڄي عمر اُهو داغ چهٽو
ئي رهي ٿو، ۽ جيڪو به کين چيڙائڻ يا خوار ڪرڻ چاهي
ٿو، تنهن وٽ مٿس حملي ڪرڻ لاءِ اهو طعنو هر وقت
تيار رهي ٿو. اسان جي سياڻي شاعر پوريپيڊيز، هن
سلسلي ۾ واقعي سچ چيو آهي ته ”اهي ٻار لازمي طرح
بدنصيب آهن، جن جي ڄم جو بنياد نيڪ ۽ درست رکيل نه
آهي.“
شانائتو ۽ شريف ڄم ئي آهي، جيڪو ماڻهوءَ کي دل
کولي ڳالهائڻ جي بي بها آزادي عطا ڪري ٿو، ۽جنهن
به ماڻهوءَ جو مقصد صالح ٻارن پيدا ڪرڻ جو آهي،
اهو انهيءَ ڳالهه کي تمام وڏي اهميت ڏئي ٿو. هيءِ
هڪ بنهه فطري ڳالهه آهي ته اُهي، جن جو ڄم شڪي
۽داغدار آهي، سي خود پنهنجي نظرن ۾ ئي ڪريل ۽ حقير
رهن ٿا، ۽ شاعر(يوريپيڊيز) هن چوڻ ۾ بلڪل صحيح آهي
ته ” ماڻهو کڻي دل جو ڪيڏو به بهادر هجي، پر جڏهن
کيس پنهنجي ماءُ يا پيءُ جي ذلت جي ڄاڻ ٿئي ٿي،
تڏهن هو غلام بڻجيو وڃي.“ جنهن جو ظاهر ظهور ٻيو
مطلب هيءُ آهي ته نيڪ نام والدين جا ٻار ئي باوقار
بلند حوصلي وارا ٿين ٿا مثلن ٿيمسٽوڪلس جي پٽ
ڪليوفينٽس متعلق مشهور آهي ته هن ڪيترائي ڀيرا
کلئي مجمعي ۾، هيءَ دعويٰ ڪئي ته ”جو ڪجهه آءُ
چاهيان ٿو، سو اٿينس جا ماڻهو قبول ڪن ٿا: منهنجي
مرضي منهنجي ماءُ رکي ٿي، منهنجي ماءُ جي مرضي
منهنجو پيءُ رکي ٿو، ۽ منهنجي پيءُ جي مرضي سڄيءَ
اٿينس جا ماڻهو تسليم ڪن ٿا!“
لئسيڊومينس جا رهواسي پڻ پنهنجي بلند حوصلي کان
قابل تعريف آهن. جو جڏهن سندن بادشاهه آرڪيڊيمس،
هڪ ڪوتاهه قد عورت سان شادي ڪرڻ جو ارادو ڪيو،
تڏهن هنن مٿس ڏنڊ وڌو، چي، ”هو اسان لاءِ بادشاهه
نه“ پر بادشاهڙا پيدا ڪرڻ ٿو گهري!“
هتي هڪ ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ مناسب آهي، جنهن کان
تحقيق اسان جا وڏا پڻ غافل ڪين هئا، ۽ اها ڪهڙي
ڳالهه ٿي سگهي ٿي؟ هيءُ ته مڙس جڏهن اولاد جي غرض
سان پنهنجن زالن ڏانهن وڃن،تڏهن پهريائين کين شراب
کان يا ته بلڪل پرهيز ڪرڻ کپي يا ان جو بنهه وچٿرو
استعمال ڪرڻ کپي، پيئر، مدهوشيءَ جي حالت ۾، جڏهن
اتفاقن تخليقي آغاز جو ٻج ڇٽين ٿا، تڏهن عين ممڪن
آهي ته محض ننڍا کيل ۽ موڳا ٻار ئي پيدا ٿين.
انهيءَ ڪري ئي، جڏهن ڊايوجينس، هڪڙو آواره ۽
الجهيل ڇوڪر ڏٺو، تڏهن ان کي چيائين ته”ننڍڙا
ڇوڪر، ڏسجي ٿو ته تنهنجي سرجڻ وقت تنهنجو پيءُ نشي
۾ هو!“ ڄم جي سلسلي ۾ هي ڳالهيون، جيڪي پيش ڪيون
ويون، سي آءُ سمجهان ٿو ته ڪافي آهن. هاڻي آءُ
تعيلم جي سوالن ڏانهن رجوع ٿيان ٿو.
عام لفظن ۾ ڳالهائيندي، آءُ اِئين چوڻ ۾ حق بجانب
آهيان ته دستوري طور جو ڪجهه اسين علمن ۽ فنن
متعلق چئون ٿا، سو اخلاق متعلق پڻ چئي سگهون ٿا:
يعني هيءُ ته ڪنهن مڪمل طور صحيح ڪم لاءِ ساڳئي
وقت ٽي چيزون لازمي آهن، ۽ اهي هي آهن: فطرت، عقل
۽ عادت.”عقل“ کي آءُ ”ڄاڻ“ جي معنيٰ ۾ وٺان ٿو، ۽
”عادت“ جو مفهوم مون وٽ ”استعمال“ يا ”عمل“ آهي.
شروعات فطرت کان ٿئي ٿي، واڌارو ڄاڻڻ سان ٿئي ٿو،
۽ان جو ڪارج استعمال يا عمل منجهان ٿئي ٿو، ۽ مڪمل
ڪم جو اظهار انهن ٽنهي جو گڏيل نتيجو آهي. جنهن حد
تائين انهن ٽنهي شين مان ڪنهن هڪ جي به ڪمي واقع
ٿئي ٿي، ان حد تائين اخلاق ناقص آهي. ڄاڻ کان
سواءِ فطرت انڌي آهي، فطرت جي پشتيءَ کان سواءِ
ڄاڻ اڻپوري آهي، ۽ ٻنهي جي غير موجودگيءَ ۾ عمل جو
ڪو مقصد ڪونه ٿو رهي. ان جو پوري ۾ پورو مثال اسان
کي زراعت ۾ ملي سگهي ٿو: سڀ کان اول ڀلي زمين
موجود هئڻ کپي، ان کان پوءِ هاري ڄاڻو هئڻ گهرجي،
۽ پوءِ سٺو ٻج لازمي آهي: انهيءَ مثال ۾، فطرت
زمين جي مشابهه آهي، استاد يا معلم هاريءَ جي
۽سندس اصول يا سبق ٻج جي مشابهه آهن. منهنجو پختو
يقين آهي ته اهي سڀيئي چيزون فيثاغورس ۽ سقراط ۽
افلاطون ۽ ٻين سڀني انهن شخصن جي روحن ۾ موجود عمل
پيرا هيون، جيڪي اڄ لافاني شهرت جا مالڪ مڃيا وڃن
ٿا.
جيڪڏهن ڪو ديوتا ڪنهن شخص کي اهي ٽيئي نعمتون عطا
ڪري ٿو، ته اها ان شخص جي وڏي خوش نصيبي آهي ۽ مٿس
الاهي راضپي جي اها هڪ نشاني آهي. بهرحال جيڪڏهن
ڪو اِئين ٿو سمجهي ته اهي، جيڪي فطري صلاحيت جي
نعمت کان قدري محروم آهن، پر ڄاڻ ۽ اخلاق جي صحيح
عمل ۾ ڪامياب آهن. سي پنهنجي ان فطري محروميت جي
ڪافي حد تائين پورائي نٿا ڪري سگهن،. تنهن کي
ٻڌائڻ گهرجي ته سندس اهو خيال البت صحيح نه آهي.
بلڪ ان ۾ هو بنهه غلط آهي. جيئن بهترين فطرت به
ڪاهليءَ سببان ڪٽجي ڪُند ٿي وڃي ٿي، تيئن ستل ۽
سست فطرت وري رهبريءَ ۽ سکيا سان جاڳي ۽اڀري سگهي
ٿي:بيخيالن کان سولا ڪم به ڇڏايو وڃن، محنت سان
ڏکيا ڪم به سر ٿي سگهن ٿا. محنت ۽ اوچائي موثر ۽
ڦلدائڪ آهن. تنهن جا مثال اوهين، قدرت جي ڪيترن ئي
عام ماناظرن کي جانچي، هر وقت ڏسي سگهو ٿا. پاڻيءَ
جا ڦڙا پئجي پئجي، جبلن کي ڪوريو ڇڏين؛ رڪ ۽ڪنجهو
پڻ هٿن لڳڻ سان گسجيو وڃي؛ ۽ جڏهن هلندي هلندي رٿ
جا ڦيٿا ور کائي وڃن ٿا، تڏهن انهن کي وري سنئين
ڪرڻ جو ڪو امڪان ئي ڪونه ٿو رهي. سرڪس ۾ ڪرتبن
ڏيکارڻ وارن جون ڦڏيون ٽنگون هرگز وري سڌيون ڪين
ٿي سگهنديون، ڇا ڪاڻ ته پورهئي ۽ استعمال انهن جي
فطري شڪل ڦيرائي، غير فطري بنائي ڇڏي آهي. محنت ۽
اورچائيءَجي اثر کي ثابت ڪرڻ جا رڳو اهي ئي مثال
ته نه آهن: اهڙا مثال ته سوين بلڪ هزارين اوهان کي
ملي سگهن ٿا. زمين جو هڪڙو ٽڪر فطرتن ڀلو آهي، پر
جيڪڏهن ان کي اِئين ئي ڇڏي ڏبو، ته نيٺ بگڙي خراب
ٿي ويندو، ۽ جيتريقدر اهو فطرتن زياده ڀلو آهي،
اوتري ئي قدر بي خيالي ۽ غفلت ان ۾ بگاڙو ۽ خرابي
پيدا ڪندي. ٻيو زمين جو ٽڪر معمول کان وڌيڪ سخت ۽
ڳڙٻڙ وارو آهي، پر جيڪڏهن ان کي کيڙيو ۽ سنواريو
ويندو، ته هڪدم ان مان ڀلا فصل پيدا ٿيندا.
ڇا،اوهان ائين نه ڏٺو آهي ته جيڪي وڻ اِئين ئي
پنهنجي منهن ڇڏي ڏبا آهن، سي اڪثر ڏنگا، ڦڏا ۽
کُسر ٿي پوندا آهن؟ پر،انهن ئي وڻن کي پوءِ جڏهن
صحيح طور سنڀالبو آهي،ته اهي ڦولارجي پوندا آهن ۽
ميوو ڏيندا آهن. ڇا، بدن جون سموريون لياقتون،
لاپرواهيءَ غفلت ۽ نامناسب حالتن هيٺ، ڪومائجي،
جهڪيون ٿيندي ٿيندي، آخر بيجان ۽ نستيون ٿي ڪين
وينديون آهن؟ پر، ٻئي طرف، هيڻا جسم پڻ، جڏهن انهن
کي مناسب ورزش ڏبي آهي، تڏهن بدلجي سگهارا ۽
صحتمند ٿي پوندا آهن. گهوڙن جو ئي کڻي مثال وٺو:
جڏهن اهي وڇيرا هوندا آهن، تڏهن انهن کي لغام
ڏيئي، پنڌ سيکاريو ويندو آهي، ڇا، اهي پوءِ پوريءَ
طرح پنهنجن سوارن جي حڪم ۾ نه هوندا آهن؟ پر انهن
مان جيڪي پنڌ سکيل نٿا ٿين ، سي ڪيڏا نه ٽهڻا ۽
ڪُڏڻا ۽ قبضي کان نڪتل هوندا آهن؟پر، اسان کي ههڙن
مثالن تي عجب کائڻ جي ڪا ضرورت ڪانهي. ڪيترائي
بنهه وحشي ۽ گور جانور آهن، جي پڻ ڪشالي ۽ جهد سان
هڪدم هري مري، گهريلو بنجي وڃن ٿا. جڏهن ٿسيليا جي
هڪڙي رهواسيءَ کان پڇيو ويو ته ٿسيليا جا ڪهڙا
رهواسي سانتيڪا ۽ صلح پسند آهن، ته ڏسو ته ڪهڙي نه
پوري ۽ پختي ورندي ڏنائين! چي: ”اهي، جن وڙهڻ ڇڏيو
آهي!“ آءُ سمجهان ٿو ته وڌيڪ ان باري ۾ مثالن ۽
سمجهاڻين پيش ڪرڻ جي هاڻي ضرورت ڪانه آهي. اخلاق
هڪ مستحڪم عادت آهي، ۽ جيڪڏهن ڪو اخلاق جي چڱاين
کي عادت جو چڱايون سڏي ته ان کي هرگز انهيءَ ۾ غلط
چوڻ نه گهرجي. بهرحال، هن مسئلي متعلق آءُ فقط
هڪڙو وڌيڪ مثال استعمال ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ ان سلسلي
۾ پنهنجو بيان بند ڪندس.
لئسيڊومينس جي قائد، لائڪر گس، هڪ ڀيري ساڳيءَ
ڪتيءَ جا ٻه گلر هٿ ڪري، هڪٻئي جي بلڪل ابتڙ انهن
جي پرورش ۽ تربيت جو انتظام ڪيو؛ جنهن ڪري انهن
مان هڪڙو بنهه لوسي ۽ چور ۽ ٻيو ان جي برخلاف
زبردست پيري ۽ شڪاري ڪتو بڻجي ويو. پوءِ جڏهن
لئسيڊومينس جا رهواسي عام اجلاس جي موقعي تي اچي
گڏ ٿيا، تڏهن هن کين چيو: ”اوهان کي ڄاڻڻ گهرجي ته
عادت ۽ تربيت ۽ سکيا ۽ ضابطي کي تمام وڏي اهميت
آهي. اها ڳالهه ائين آهي، اوهان کي هاڻي اهو ثابت
ڪري ٿو ڏيکاريان“. هن پوءِ اهي ٻه ڪتا گهرايا ۽
انهن جي اڳيان هڪڙي کاڌي ڀريل چٺ رکايائين ۽ هڪڙو
سهو پڻ آڻي بيهاريائين، ۽ پوءِ ٻنهي جي رسين ڪڍڻ
جو حڪم ڏنائين. رسين ڪڍڻ تي، هڪڙو ڪتو، ٻيءَ ڪنهن
ڳالهه جو خيال نه ڪندي، هڪدم وٺي سهي جي پٺيان
ڀڳو، ۽ ٻيو ڊوڙ وڃي چٺ جي مٿان بيهي رهيو!
لئسيڊومينس جا رهواسي سمجهي ڪين سگهيا ته هن اهي
ڪتا آخر ڇو گهرايا هئا، ۽ انهيءَ مظاهري مان سندس
مطلب آخر ڪهڙو هو. تنهن تي لائڪرگس کين چيو:
”اوهان کي خبر هئڻ گهرجي ته هي ٻئي ساڳئي ماءُ جا
گلڙا آهن، پر انهن جي تربيت الڳ الڳ ۽ مختلف ٿيل
آهي_ ۽ ان جو نتيجو اوهان ڏٺو. منجهانئن هڪڙو لوسي
بنجي ويو آهي ۽ ٻيو شڪاري!“ عادتن ۽ زندگيءَ جي
اطوارن متعلق بس ايترو چئي، ڳالهه اتي ختم ڪريان.
هن کان پوءِ، ٻارن جي خوراڪ جو مسئلو اسان جو ڌيان
لهڻي. ان متعلق آءُ بس هيئن چوندس ته مائرن جو فرض
آهي ته پنهنجن ٻارن کي پاڻ کارائين پيارين ۽ انهن
کي ڇاتيءَ سان لائي، پاڻ ببو ڌارائين. هو پاڻ ئي
انهن کي پوري ڌيان ۽ پنهنجائپ سان تاتي ۽ نپائي
سگهن ٿيون، ڇا ڪاڻ ته هو ئي دل جي گهراين سان، ۽
جيئن چيو ويندو آهي_ ”پيرن جي نهن تائين“_ انهن کي
پيار ڪري سگهن ٿيون. ٿڃ_مائرن ۽ داين جو پيار کوٽو
۽ هٿراڌو ٿئي ٿو، ڇا ڪاڻ ته هو فقط اُجوري خاطر
پيار ڏين ٿيون. خود فطرت پڻ انهيءَ ڳالهه کي واضع
ڪري ٿي ته ٻارن جو نيپاج ۽ سنڀال مائرن کي ئي ڪرڻ
گهرجي، ڇا ڪاڻ ته هو ئي کين ڄڻين ٿيون: هر اهو
جانور، جيڪو ٻچا ڄڻي ٿو، تنهن کي فطرت طرفان کير
جو ذخيرو پڻ عطا ٿئي ٿو. فطرت جي دور انديشيءَ ۾
تحقيق ڏاهپ ڀريل آهي. فطرت طرفان عورتن کي ٻه بُبا
مليل آهن، انهيءَ لاءِ ته جيڪڏهن کين جاڙا ٻار
ڄمن، ته انهن لاءِ وٽن خوراڪ جا ٻه الڳ الڳ وسيلا
موجود هجن. بهرحال، انهيءَ ڳالهه کان سواءِ به
مائرون پنهنجن پيٽ ڄاول ٻچن سان لازمي طرح وڌيڪ
پيار ۽ شفقت سان پيش اچي سگهن ٿيون،” زيئس“ جو
قسم! اها ڳالهه بلڪل معقول ۽ ظاهر آهي. خوراڪ جي
رفاقت پيار جي ڳنڍ کي مضبوط ڪري ٿي. جيڪي جانور
پنهنجن کائڻ_ پيئڻ جي ساٿين کان وڇڙي ويندا آهن،
اهي اُٻاڻڪا پيا ڏسبا آهن ۽ سندن وڇوڙي جو احساس
سندن منهن ۾ صاف ڏسڻ ۾ پيو ايندو آهي.
تنهنڪري، جيئن مون چيو آهي، مائرن تي لازم آهي ته
پنهنجن ٻچن جي تاتڻ ۽ نپائڻ جي هوُ پاڻ ڪوشش ڪن.
پر جيڪڏهن ڪنهن جسماني نقص سبب (ڪڏهن ڪڏهن اهڙا
حادثا به پيش ايندا آهن) يا انهيءَ ڪري جو کين ٻين
ٻارن ڄڻڻ جي تڪڙ آهي، اِئين ممڪن ٿي نه سگهي، ته
ان حالت ۾ ٿڃ_ مائرن ۽ داين جو انتخاب تڙتڪڙ ۾ ۽
اکيون پوري نه ڪرڻ گهرجي؛ پر انهي جي حاصل ڪرڻ ۾
بيحد ويچار ۽ احتياط کان ڪم وٺڻ کپي. ان لاءِ، سڀ
کان پهريائين، هي لازمي آهي ته اهي ڪردار ۽ گفتار
۾ يوناني هجن، ڇا ڪاڻ ته جيئن هي ضروري آهي ته
ٻالڪ جي جسماني عضون جو چمڻ سان ئي خيال رکيو وڃي
ته ڪنهن ريت اهي ڏنگا ڦڏا ٿي نه وڃن، پر سڌا ۽
سنوان اُڀرن ۽ وڌن، تيئن هي پڻ ضروري آهي ته ٻارن
جي اخلاقي اوسر کي پڻ شروع کان ئي ضابطي هيٺ رکيو
وڃي. ننڍپڻ جو زمانو مُڙندڙ ۽ اثر پزير ٿئي ٿو، ۽
اعليٰ سبق انهن جي روحن سان ان زماني ۾ ئي ملائي
ڇڏڻ گهرجن، جڏهن اهي اڃا نرم هجن؛ شيون جڏهن سخت
ٿي وڃن ٿيون، تڏهن انهن کي آسانيءَ سان موڙي نٿو
سگهجي. جيئن نرم لاک تي ئي مهرون پنهنجا چٽا نشان
ڇڏين ٿيون، تيئن سبق پڻ، جڏهن اسين اڃا ٻار آهيون،
تڏهن اسان جي دلين تي پورا نقش ٿي وڃن ٿا. منهنجي
راءِ ۾، اسان جي محترم افلاطون، داين کي هي بنهه
سون جهڙي صلاح ڏني آهي، ته هو جڏهن ٻارن کي
آکاڻيون ٻڌائين، تڏهن کين گهرجي ته انهن جي چونڊ ۽
پوري احتياط ۽ عقل کان ڪم وٺن، جيئن ائين نه ٿئي،
جو ٻارن جا ذهن شروع ۾ ئي حماقت ۽ بديءَ سان ڀرجي
وڃن. فاسيليڊيز شاعر پڻ ڏسجي ٿو ته انهيءَ سلسلي ۾
بهترين صلاح ڏني آهي: سندس چوڻ آهي ته“ ٻار اڃان
ٻار ئي هجي تڏهن ئي ان کي اعليٰ ۽ شاندار عمل
سيکارڻ گهرجن“.
۽ هتي هڪڙي ٻي ڳالهه آهي، جنهن کي پڻ ڪنهن طرح
وسارڻ نه گهرجي. جڏهن پنهنجي اولاد لاءِ اسين
غلامن جا ٻار مقرر ڪريون ٿا ته سندن خادم ۽ ساٿي
ٿي رهن، تڏهن اسان کي پهريائين گهرجي ته اهي چونڊي
اهڙا مقرر ڪريون، جيڪي هلت چلت ۾ موچارا ۽ باتميز
هجن ۽ جيڪي صاف ۽ شسته يوناني ٻولي ڳالهائي ڄاڻندا
هجن، تان ته اسان جا ٻار، انهن جي سنگ ۾، ڌارين ۽
نفرت جوڳين عادتن جا شڪار نه ٿي وڃن ۽ کانئن ڪنهن
قسم جي ڪا بيهودي روش سِکي نه وٺن. هن معاملي ۾
هيءَ عام چوڻي ٺهڪي ٿي اچي ته ”منڊي جي سنگ ۾ ڪو
منڊو نه ٿيندو، ته به منڊڪائيندو ضرور!“
(2)
پوءِ جڏهن هو (ٻار) عمر ۾ وڌن ۽ ڪنهن سنڀاليندڙ يا
نگهبان جي حوالي ڪرڻ جهڙا ٿين، تڏهن سندن نگهبان
جي چونڊ ۾ خاص خبرداريءَ کان ڪم وٺن کپي. اسان کي،
غفلت ۽ لاپرواهيءَ کان ڪم وٺندي، هرگز انهن کي
غلامن يا غيريونانين يا ناقابل اعتبار شخصن جي
حوالي ڪري ڇڏڻ نه گهرجي. هن وقت جيڪي حالتون آهن،
تن کي سامهون رکندي، چئي سگهجي ٿو ته هن ڳالهه ۾
ماڻهن جو عمل بي حد نامعقول آهي. پنهنجن سنجيده
طبع ۽ فرض شناس غلامن مان ڪن کي ته هو پنهنجي زمين
تي ڪمدار مقرر ڪري ڇڏين ٿا ۽ ڪن کي غورابن جا
ناکئا، ڪن کي واپار جا گماشتا، ڪن کي ناظم ۽ ڪن کي
خزانچين طور مقرر ڪن ٿا، پر جڏهن خبر ٿي پوين ته
سندن ڪو غلام نشي ۽ پيٽي ۽ بنهه فضول ۽ ٻئي ڪم جو
نه آهي، ته پنهنجا پٽ آڻيو، انهيءَ جي حوالي ڪريو
ڇڏين! پر حقيقت ۾، ٻارن جو نگهبان اهو هئڻ گهرجي،
جو نيڪ ۽ صالح شخص هجي، جنهن جو ”فينڪس“* جهڙو
ڪردار هجي، جيڪو”ائڪيلس“ جو استاد هو.
هاڻي آءُ سڀ کان وڏيءَ ۽ تحقيق هڪ بي حد اهم،
ڳالهه تي اچان ٿو. پنهنجن ٻارن لاءِ، اسان کي
گهرجي ته استاد اهڙا چونڊيون، جن جي زندگي
خواريءَ ۽ بدناميءَ کان بچيل هجي، جن جي چال چلت
بي عيب هجي ۽ جيڪي چڱن ۽ عزت وارن ماڻهن جي سنگ
۾ اٿندا ويهندا هجن. آزمايل ۽ روايتي تعليم ئي
ڀلمانسائيءَ جو سرچشمو ۽ اصلي بنياد آهي. جيئن
سڄاڻ باغائي پنهنجن نازڪ ٻوٽن جي اڀرڻ لاءِ انهن
جي پاسن کان سڌيون ڪاٺيون ڏيئي ڇڏيندا آهن، تيئن
آزمايل ذميوار استاد پڻ پنهنجن جوان عمر شاگردن
جي آڏو اصولن ۽ نصيحتن جا اڏول پايا بيهاري
ڇڏيندا آهن؛ ته جيئن سندن اخلاق جي اوسر جيئن
پوءِ تيئن مٿي ۽ سنئين سڌي ٿيندي رهي. اڄڪلهه جا
ڪي اسان جا پيئر سخت ملامت جا لائق آهن، جن وٽ
ڪهڙا به شخص جيڪڏهن اچي ٿا دعويٰ ڪن ته اسين
تعليم جا ڄاڻو آهيون، ته سواءِ ڪنهن پڇا ڳاڇا
جي، پنهنجي اڻڄاڻائيءَ کان، يا ڪن حالتن ۾،
تجربي نه هئڻ سبب، هو پنهنجن پٽن جون قسمتون
انهن بنهه فضول ۽ باطل شخصن کي سونپي ٿا ڇڏين.
جيڪڏهن تجربي نه هئڻ سبب هو اِئين ڪن ٿا، ته
ڳالهه البت ايڏي مضحڪه خيز نه آهي، پر حماقت جي
انتها هيءَ آهي ته ڪي پيئر هي ڄاڻندي ڪندي ۽ ٻين
باخبر ماڻهن کان ٻڌندي ڪندي به، ته هي يا هو
استاد نالائق ۽ بدڪردار آهن، پنهنجا پٽ وري انهن
ئي جي حوالي ڪري ڇڏين ٿا؛ يعني پاڻ وڻائڻ لاءِ
جيڪو به هٿ ٻڌي، سندن سامهو اچي ٿو بيهي، ته هو
ان کي هر طرح جو لائق ۽ فائق استاد سمجهي ويهي
ٿا رهن، ڪي وري دوستن جي سفارش ۽ زور ڀرڻ تي
اِئين ڪن ٿا. سندن ان روش جو مثال به اهوئي آهي
ته ڪو ماڻهو جسماني طور بيمار هجي، پر هڪ ماهر
طبيب، جيڪو کيس بچائي سگهي ٿو، تنهن کي ڇڏي، محض
هڪ دوست جي زور ڀرڻ تي، پاڻ وڃي هڪڙي اهڙي نيم
طبيب جي حوالي ڪري ٿو، جيڪو پڪ ئي پڪ کيس موت جي
منهن ۾ ڏيئي ڇڏيندو.
ان جو ٻيو مثال هيءُ آهي ته ڪو ڏيساوري سوداگر
هڪڙو آزمودگار ۽ سجاڳ ناکئي کي جواب ڏيئي،
پنهنجي ڪنهن دوست جي چوڻ تي، پنهنجو ٻيڙو هڪڙي
اڄاڻ ۽ اڻ آزمودگار شخص جي حوالي ڪري ٿو ڇڏي،
جنهن زندگيءَ ۾ ڪڏهن ويڻي کي هٿ لائڻ ته ڇا، پر
ٻيڙي تي ڪڏهن پير
* ققنس يا عنقا: هڪ خيالي پکي، جنهن لاءِ چيو وڃي
ٿو ته پنج_ڇهه سؤ ورهيه جيئري رهڻ کان پوءِ هو
چکيا بنائي، پاڻ کي ساڙي ڇڏيندو آهي ۽ ان پنهنجي
رک مان ئي پوءِ ٻيهر جنم وٺندو آهي. يونان جي نيم
تاريخي سورمي”ائڪيلس“ جي نگهبان ۽ استاد سان، سندس
امتيازي ۽ نادر شخصيت جي مالڪ هئڻ سبب، اهو لقب
منسوب هوندو هو.
به نه رکيو هجي. زيئس ديوتا ۽ سندس مقدس سنگت جو
قسم! ڇا، اهو ماڻهو، جيڪو پاڻ کي پيءُ سڏائي ٿو،
سو ڪڏهن اِئين به ڪري سگهي ٿو، جو پنهنجي اولاد جي
تعليم کان وڌيڪ هو پنهنجي دوستن ۽ عرضدارن جي
خوشنوديءَ جو اونو رکندو هجي!
اسان جو قديم بزرگ، حڪيم سقراط، چوندو هو، ۽ بي حد
مناسب چوندو هو؛ ته”ڪاش! آءُ شهر جي سڀ کان اوچيءَ
ڇت تي چڙهي وڃان ۽ اتان بيهي واڪا ڪري، هوند چوان:
”اي انسانو! اوهين ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو؟ پئسي جي
حاصلات لاءِ اوهين پنهنجي جان جي بازي ٿا لڳايو،
پر جن لاءِ اهي پئسا پوئتي ڇڏي ويندا، انهن پٽن جي
اوهان کي ڪا اون ڪانهي!“ استاد سقراط جي انهيءَ
تنبيهه کان پوءِ پنهنجي طرفان آءٌ وڌيڪ هنن لفظن
چوڻ جي جُرت ٿو ڪريان ته اهڙن پيئرن جي هيءَ روش
اِئين آهي، جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي جُتي ته سنڀالي
رکي، پر پنهنجن پيرن جي ڇلجڻ جو ڪو خيال نه ڪري!
پر ڪي پيئر ته سچ پچ پئسي جي موهه ۽ پٽن جي بيزاري
جي ايڏي ته انڌ ۾ ورتل آهن، جو زياده معاوضي جي
ادائگيءَ کان بچڻ خاطر، هو پنهنجن پٽن لاءِ اهڙن
استادن جو انتخاب ڪن ٿا، جيڪي بنهه ڪسيرو به ڪين
لهن، ۽ اهڙيءَ طرح، هو سستي اگهه ڳالهه تي سستي
اگهه ۾ جهالت جي خريداري ڪندا رهن ٿا، اهڙيءَ
ئي،استاد”ارسٽيپس“ هڪ پيءُ تي، جنهن جي کوپري
سمجهه ۽ ميڄالي ٻنهي کان خالي هئي، هڪ نهايت تيز ۽
هنڌائتي چٿر ڪئي هئي. جڏهن ان شخص،تعليم جو اگهه
پڇائيندي، کانئس سوال ڪيو ته
”منهنجي پٽ کي پاڙهڻ جو تون گهڻو ملهه وٺندين؟“
تڏهن ارسٽيپس کيس جواب ڏنو ته ” هڪ هزار درهم!“
”هرئڪلس ديوتا جو قسم!“ ان شخص جواب ڏنو، ”ايڏي
ڳري رقم! اِن مان ته آءُ هڪ غلام خريد ڪري سگهان
ٿو!“_پوءِ ته توکي ٻه غلام ملي ويندا!“ ارسٽيپس
جواب ڏنس.”هڪڙو تنهنجو پٽ ۽ ٻيو هو، جيڪو تون خريد
ڪندين!“ ٿورن لفظن ۾ ڇا هيءَ ڳالهه کل کان وڌيڪ
شرم جهڙي نه آهي، جو هڪڙي ٻار کي ته سيکارجي ته
کاڌو سڄي هٿ سان کاءُ، ۽ جي کاٻي هٿ سان کائي ته
ان کي ڇينڀجي، پر ساڳئي وقت هن ڳالهه جو اهتمام ئي
نه ڪجي، ته ڪنن سان هو ماڻهپي ۽ ڏاهپ ڀريون
ڳالهيون ٻڌي؟ پوءِ هي عجب جهڙا پيئر جڏهن پنهنجن
پٽن کي انهيءَ ڍنگ سان پالي وڏو ڪن ٿا ۽ کين فضول
۽ نڪمي تعيلم ڏين ٿا، تڏهن سندن ڪهڙو حال ٿو ٿئي؟
اچو ته آءُ اوهان کي ٻڌايان. جڏهن سندن پُٽ بلوغت
جي عمر کي پهچي، زندگيءَ جي سالم… ۽ ڇڙواڳي ۽
عياشيءَ جا غلام بنجي ٿا وڃن، تڏهن پيئر پنهنجن
ٻارن جي تعليم جي سلسلي ۾ پنهنجي لاپرواهيءَ ۽
غفلت کي ياد ڪري بي حد پڇتائين ٿا، ۽ جڏهن افسوس
ڪرڻ مان ڪو فائدو ڪونه ٿو ٿئي، تڏهن دل کولي
پنهنجي ڪئي تي ويهي افسوس جا هٿ مهٽين ٿا. اهڙي
قسم جا ڪي پٽ پوءِ خوشامدڙين ۽ محض کاڌي جي بکين
جي وڃي ٿا ور چڙهن، جن خسيس ۽ بدڪردار شخصن جو
سواءِ نوجوانن کي کارڻ ۽ بدراهه ڪرڻ جي، ٻيو ڪو
ڌنڌو ئي ڪونهي. ٻيا وري اکيون ٻوٽي، وڃيو سُريتُن
۽بازاري عورتن جي صحبت خريدين، جن جو منهن جيترو
حياءَ کان خالي آهي، اوترو ئي ان ۾ پئسي جي بک
ڀريل رهي ٿي. ڪي پنهنجي ملڪيت وات جي چسڪي ۽ بت جي
ڀڀڪي تي وڃائي ڇڏين ٿا، ۽ ٻيا وري جوئا ۽ عيش ۾ ان
کي اڏائي ٿا ڇڏين.منهنجانئن ڪي ته انهن کان به
زياده ذليل ڪمن، جهڙڪ زنا ۽ اغلام ڪاريءَ جي مجلس
آراين ۾ وڃي ٿا اڙجن، تان جو ڪن حالتن ۾ صرف هڪڙي
انڌي عيش جي بدلي ۾ کين پنهنجي حياتيءَ تان هٿ
ڌوئي ڇڏڻا پون ٿا. پر هي ماڻهو جيڪڏهن فڪر ۽ ڏاهپ
جو ڪو انگ سکيل هجن ها، ته شايد ههڙن رستن ۾ هو
اِئين گهلجي ڪين وڃن ها. ڪم از ڪم”ڊايوجينس“ جي هن
هلڪيءَ، پر حقيقتن صحيح هدايت مان هو ضرور ڪجهه
سبق حاصل ڪن ها: ”اوهان جي مرضي، ڪهڙيءَ به بازاري
عورت ڏانهن وڃو: اوهان کي معلوم ٿي ويندو ته جنهن
ڳالهه لاءِ اوهين پئسا ٿا ڀريو، سا اهائي آهي،
جيڪا اوهين (پنهنجي لاءِ پاڻ ڪري سگهو ٿا ۽) بي
مُلهي حاصل ڪري ٿا سگهو !“ |