جادوءَ جو گهوڙو
ڪنهن ملڪ ۾ هڪ بادشاهه هوندو هو. جنهن کي هڪ پٽ
هو. هڪ ڏينهن بادشاهه پنهنجي شهزادي کي پاڻ وٽ
گهرايو ۽ چيائينس، ته ابا هاڻي مان اچي پوڙهو ٿيو
آهيان. اڳي پوءِ تو کي حڪومت جي واڳ سنڀالڻي آهي.
سو هاڻي تون پنهنجو عيش عشرت ڇڏ ۽ گهمڻ ڦرڻ گهٽ
ڪر، نه ته تون نڪي سٺو ماڻهو ٿيندين ۽ نه وري ڪو
وڏو بادشاهه ٿي سگهندين. زماني جو تجربو سکڻ لاءِ
تون بنا ثمر ساڻ کڻڻ جي سفر تي وڃ ۽ پنهنجن پيرن
تي بيهڻ سک. سفر مان ماڻهو گهڻو سکي ٿو. شهزادي
چيو، ته بابا اوهان بلڪل سچ چئون ٿا. مان اڄ ئي
اوهان جي حڪم جي پيروي ڪري سفر تي روانو ٿيان ٿو.
ٻئي ڏينهن شهزادو ويس بدلائي سفر تي نڪتو. سفر
لاءِ هن پاڻ سان ٿورڙو کاڌو کنيو. هو شهزادو هو.
ڪڏهن به پيرن پيادو پنڌ نه ڪيو هئائين. سو هلندي
هلندي ٿوريءَ دير کانپوءِ سندس ٽنگون ٿڪجي ٿي
پيون. پر پوءِ به همٿ ڪري هلندو هليو. ڪجهه وقت
سفر ڪرڻ کانپوءِ هڪ جهنگ ۾ اچي پهتو. جهنگ مان
لنگهندي هن کي خيال آيو، ته غريب ماڻهو جيڪي
پنهنجي پيٽ گذر لاءِ روزانو جهنگ ۾ ڪاٺيون ڪرڻ يا
ٻئي ڪم لاءِ ويندا آهن، تن کي ڪيتري نه تڪليف
ٿيندي هوندي؟ اتي شهزادي کي به اچي بک لڳي. پر دل
۾ خيال ڪيائين، ته جيڪي ٿورو گهڻو کاڌو اٿم، سو
جيڪڏهن هاڻي کائي کپائي ڇڏيندس ته اڳتي ڪيئن
هلندس؟ سو هن ٿورڙو کاڌو ۽ وري اڳتي هليو. هلندي
هلندي هن ڪنهن ماڻهوءَ جي دانهن جو آواز ٻڌو. هو
آواز جي رخ تي هلندو رهيو. تان جو اچي ڏسي، ته
هڪڙي جهوپڙي آهي، جنهن جي اڳيان هڪ پوڙهي مائي
ويٺي ٿي روئي. هن مائيءَ کان پڇيو، امان! تون ڇا
جي لاءِ ٿي روئين؟ پوڙهيءَ جواب ڏنو، ته پٽ مان ٽن
ڏينهن کان بکي آهيان، مون ڪجهه به نه کاڌو آهي ۽
سيءُ به اهڙو آهي. جو پنڌ ڪري ڪٿان ڪا شئي وٺي
اچڻ جيتري طاقت به ڪا نه اٿم ۽ نه وري ايتري سگهه
اٿم، جو چار ڪاٺيون ڪري اچي باهه ٻاريان. شهزادي
کي پوڙهيءَ مائي تي ڏاڍي ڪهل آئي، سو سمورو بچيل
کاڌو کيس کائڻ لاءِ ڏنائين ۽ پاڻ ويو، سو جهنگ مان
سندس لاءِ ڪاٺيون وڍي آيو ۽ پوڙهيءَ کي باهه ٻاري
ڏنائين ۽ چيائين ته هي ٻيون ڪاٺيون مان هتي ڍير
ڪري رکان ٿو. تون ضرورت وقت اهي ٻاري پنهنجو سيءُ
لاهجانءِ. پوڙهيءَ سندس گهڻا شڪرانا مڃيا ۽
چيائينس، ته پٽ تون پيرن پيادو اهڙي جهنگ ۾
ڪيڏانهن ٿو وڃين؟
شهزادي کيس ڪوڙو سچو بهانو ٻڌايو ۽ پاڻ وري سفر
لاءِ تيار ٿيو. تڏهن ان پوڙهيءَ چيس، ته پٽ تو مون
تي مهرباني ڪئي آهي. مان تو لاءِ ٻيو ته ڪجهه ڪري
نٿي سگهان، پر هاڻ هن جهوپڙيءَ جي پٺيان هڪ گهوڙو
ٻڌو بيٺو اٿيئي. سو تون ڇوڙي ان تي سوار ٿيءُ، ته
تو کي جهنگ مان پار لنگهي اچڻ ۾ تڪليف ڪا نه
ٿيندي. شهزادي پوڙهيءَ جي ڳالهه مڃڻ کان انڪار
ڪيو، پر آخرڪار سندس زور ڀرڻ تي ڳالهه قبول
ڪيائين. هو گهوڙي تي سوار ٿي روانو ٿيو. هلندي
هلندي هن کي رات پئجي ويئي. هن گهوڙو وڻ سان ٻڌو ۽
پاڻ ان جي هيٺان سمهي رهيو. ٻئي ڏينهن هو وري سفر
تي روانو ٿيو. ستت هو جهنگ لنگهي پار ٿيو. ڏسي ته
سامهون هڪ ميدان آهي، جنهن ۾ هڪ اُڀو منارو بيٺو
آهي ۽ ان جي اوريان هڪ پوڙهو شخص پيو هر ڪاهي.
شهزادو گهوڙو هڪلي پوڙهي شخص وٽ پهتو ۽ پڇيائينس
ته هن مناري ۾ ڪهڙي ڳالهه آهي؟
پوڙهي
شخص چيس، ته ابا هن مناري ۾ هڪ شهزادي آهي، جنهن
کي سندس ظالم چاچي هت قيد ڪيو آهي، گهڻن ئي ماڻهن
هن شهزاديءَ کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر ڪو به
ڪامياب ٿي نه سگهيو آهي ۽ جيڪو ماڻهو ناڪامياب
ٿيندو آهي، ان کي به شهزاديءَ جو ظالم چاچو قيد ۾
وجهندو آهي. هن ظالم شخص شهزاديءَ کي ڏاڍا ڏک ڏنا
آهن. ڏکن ۽ بکن ۾ کيس بي حال ڪري ڇڏيو اٿائين. هڪ
ڪبوتر پاليو اٿائين، جو مانيءَ جو ٽڪر چهنب ۽ چنبن
۾ کڻي وڃي شهزاديءَ کي ڏيندو آهي، جو کائي ويچاري
پئي وقت ڪاٽي. ڪنهن به بني بشر کي اتي وڃڻ جي
طاقت ڪانهي. شهزادو اها ڳالهه ٻڌي مناري وٽ
آيو.ڏسي ته هڪ پري جهڙي ڇوڪري مناري جي چوٽيءَ تي
هڪ ڪمري ۾ به ويٺي آهي.مناري جي دروازي تي مڻ جو
هڪ لوهي تالو لڳو پيو آهي. شهزادي دل ۾ پهه ڪيو،
ته ڪيئن به ڪري مان هن شهزاديءَ کي قيد مان
ڇڏائيندس، پر هو ڏاڍو دلگير ٿيو، ته مان اتي،
مناري جي چوٽيءَ تي ڪيئن پهچان؟
آخرڪار هن کي ڪائي راهه نه سـُجهي، سو هو اچي
پريشان ٿيو ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري وڃي وڻ هيٺان ويٺو. اتي
کيس هڪ ماڻهوءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. هيڏي هوڏي
ڏٺائين، ته ماڻهو ته ڪو به ڪونهي، پر وري به
ماڻهوءَ جو آواز ٻڌائين. ڏسي ته سندس گهوڙو کيس
چئي رهيو آهي. ته شهزادا، اُداس نه ٿيءُ، مان تو
کي مناري جي چوٽيءَ تي پهچايان ٿو. مان جادوءَ جو
گهوڙو آهيان. ائين چئي گهوڙي پنهنجو پُڇ ڊگهو ڪيو،
ته وڃي مناري جي چوٽيءَ سان لڳو. شهزادو قدرت جي
هيءَ مهرباني ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. هو گهوڙي تي سوار
ٿيو ۽ پوءِ سڌو وڃي مناري جي چوٽيءَ تي پهتو. قيد
ٿيل شهزادي کي ڪلهن تي ويهاري هو وري هيٺ لٿو ۽
گهوڙي تي سوار ٿي پنهنجي وطن روانو ٿيو. جڏهن هو
شهزاديءَ جي شهر وٽ اچي پهتا، ته گهوڙي شهزادي کي
چيو، ته گهڙي کن مون کي مهلت ڏي، شهزادو ۽ شهزادي
گهوڙي تان لٿا، ته گهوڙو غائب ٿي ويو. اک ڇنڀ ۾
گهوڙو وري اچي حاضر ٿيو. مٿس پئسن جون ڳوٿريون
رکيل هيون. جي لاهي، گهوڙو شهزادي ۽ شهزاديءَ کان
موڪلائي وري پوئتي اُڏاڻو. شهزادو شهزاديءَ کي ساڻ
وٺي خزانو ساڻ کڻي خدا جا شڪرانا ڪندو پنهنجي شهر
۾ گهڙيو ۽ پنهنجي پيءُ کي وڃي مليو. بادشاهه
شهزادي جي سفر جو قصو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو. ڪجهه وقت
کان پوءِ شهزادي ۽ شهزاديءَ شادي ڪئي. ستت بادشاهه
سلامت خدا جي عبادت ۾ وڃي مشغول ٿيو ۽ بادشاهي
شهزادي جي حوالي ڪيائين. شهزادو نهايت انصاف ۽
رحمدليءَ سان حڪومت هلائڻ لڳو، جنهن ڪري رعيت
منجهانئس راضي رهي ۽ هر غريب غربُو کيس دعائون
ڏيندو رهيو.
شاعر جي سزا
(سنڌ جي تاريخ جو هڪ يادگار واقعو)
هيءُ هجري 1009 جو واقعو آهي. ان وقت سنڌ جي
حڪمران مرزا جاني بيگ وفات ڪئي هئي ۽ ان جي جاءِ
تي سندس نوجوان پٽ مرزا غازي بيگ سنڌ جي حڪومت جون
واڳون ورتيون. بدقسمتيءَ سببان هي سنڌجا حڪمران،
ڪنهن مدت کان دهلي سلطنت جا ڏن ڀرو رهندا ٿي آيا ۽
جڏهن به سنڌ جي گاديءَ تي ڪو نئون حڪمران ويهندو
هو، ته شروع ۾ ان کي دهلي دربار ۾ گهرايو ويندو
هو، جتي هن کي خلعتن ۽ ٻين انعامن اڪرامن سان
نوازي، وفادار رهڻ جو اعتماد وٺي، پوئتي موٽايو
ويندو هو. هيءُ زمانو، مغل شهنشاهه اڪبر جو دور
هو. دستور موجب غازي بيگ کي به دربار ۾ حاضر ٿيڻ
جو حڪم روانو ڪيو ويو. غازي بيگ اڃا پهچي ئي پهچي،
تنهن کان اڳ سنڌجي اميرن هڪ نئين حڪمران جي ننڍي
ڄمار ۽ ناتجربيڪاريءَ جو غلط اندازو لڳائي، سنڌ ۾
هر هنڌ فتنا فساد شروع ڪري ڏنا. فسادين کي جوڳيون
سزائون ڏيڻ ۽ ملڪ ۾ امن امان بحال رکڻ ڪري غازي
بيگ کي مغل درٻار ۾ پهچڻ لاءِ ڪافي دير ٿي ويئي.
1013هجريءَ ۾ مرزا غازي بيگ آگري پهتو. اڪبر
بادشاهه هن نوجوان حڪمران کان نهايت خوش ٿيو ۽
کيس خلعت سان گڏوگڏ هڪ تلوار پڻ عنايت ڪيائين.
ٿورن ئي ڏينهن گذرڻ کانپوءِ اڪبر وفات ڪري ويو ۽
کانئس پوءِ سندس پٽ جهانگير تخت نشين ٿيو. جهانگير
به پنهنجي پيءُ وانگر غازي بيگ تي گهڻو مهربان هو
۽ پاڻ سان گڏ کيس لاهور وٺي آيو. جتي ملتان پرڳڻي
جا ڪيترا ڳوٺ غازي بيگ کي جاگير طور ڏنائين.
اُن دور ۾ ڪابل ۽ قنڌار جا صوبا مغل سلطنت ۾ شامل
هئا پر جڏهن ايران جي ڪن اميرن ۽ نوابن کي
شهنشاهه اڪبر جي موت جي خبر پهتي، تڏهن هنن پنهنجي
بادشاهه شاهه عباس جي مشوري بنا قنڌار تي حملو ڪيو
۽ شهر جي ٻاهران گهيرو ڪري ويهي رهيا. قنڌار ۾ ان
وقت مغل حڪومت پاران شاهه بيگ گورنر هو. شاهه بيگ
پهرين ته مقابلو ڪيو پر پوءِ ٿوريءَ فوج هئڻ سببان
لاچار ٿي قلعي ۾ بند ٿي ويهي رهيو ۽ جهانگير کي
مدد لاءِ لکيائين. جهانگير هن مهم کي منهن ڏيڻ
لاءِ مرزا غازي بيگ جي اڳواڻي ۾ هڪ شاهي فوج قنڌار
ڏانهن رواني ڪئي.
غازي بيگ اڃا قنڌار جي ويجهو پهتو ۽ ايراني فوجن
کي کڙڪ پئي، ته هو بنا ڪنهن مقابلي جي جتان آيون
هيون، اوڏانهن ڀڄي روانيون ٿيون.
غازي بيگ قنڌار ۾ نئين سر امن امان جي فضا قائم
ڪري لاهور موٽي آيو. جهانگير غازي بيگ جي
فتحيابيءَ کان گهڻو متاٿر ٿيو ۽ سنڌ جو صوبو،
ملتان جا ڪي پرڳڻا ۽ قنڌار جو صوبو سندس حوالي
ڪيائين. غازي بيگ اُن وقت سنڌ جي بدران قنڌار ۾
رهي مٿين ٽنهي پرڳڻن جي نگراني ڪندو رهيو.
مرزا غازي بيگ نهايت هوشيار هو ۽ منجهس ملڪي
انتظام هلائڻ جون بهترين صلاحيتون موجود هيون. هن
قنڌار ۾ رهڻ کانپوءِ اتان جي اديبن، شاعرن ۽
دانشورن کي پنهنجي درٻار ۾ گهرائي وڏا انعام،
پگهارون ۽ جاگيرون ڏيئي نوازڻ شروع ڪيو. غازي بيگ
جي علم پروري ۽ سخن شناسيءَ جي هاڪ ٻڌي، ڪٿان ڪٿان
جا شاعر ۽ اديب دربار ۾ حاضر ٿي، پنهنجو فن ڏيکاري
داد حاصل ڪرڻ لڳا.
غازي بيگ جي علم نوازيءَ جي هيءَ ساک جڏهن هندستان
پهتي، تڏهن هڪ ڀَٽ شاعر، جو پنهنجي غربت ۽ مفلسيءَ
سببان نهايت پريشان هو، تنهن کي پنهنجي قسمت
آزمائيءَ جو اچي خيال ٿيو. هو بيابان لتاڙيندو،
جهنگ ۽ جبل جهاڳيندو نيٺ هڪ ڏينهن اچي قنڌار جي
شهر ۾ پهتو. ڀَٽ شاعر کي پنهنجي فن تي وڏو ناز هو.
هن چاهيو ٿي، ته مون کي فقط هڪ دفعو بادشاهه جي
حضور ۾ شرفيابيءَ جو موقعو ملي. هن ڏاڍا وس ڪيا ۽
حيلا هلايا. پر بادشاهه جي دربارين ۽ ملازمن
بادشاهه جي حضور ۾ پهچڻ ته وڏي ڳالهه پر مُرڳو محل
جي ويجهو به اچڻ ڪين ڏنس. ڀَٽ اڳئي مسڪين هو. واٽ
جي ڊگهي سفر ۽ پرديس جي ڪري هڙ ۾ جيڪا اََلههُ
تَلههُ هوس، سو کائي کپائي ڇڏيو هئائين ۽ قنڌار ۾
ٿوري وقت کان پوءِ سندس حالت اچي فاقن ڪڍڻ تي
پهتي.
بي وسي ۽ مجبوريءَ جي حالت ۾ هن هندستان موٽي وڃڻ
جو ارادو ڪيو ۽ موٽڻ وقت غازي بيگ جي خلاف هندي
زبان ۾ هجوَ طور ڪي شعر پڻ چيا.
آخر هڪ ڏينهن قنڌار ڏانهن حسرت ڀريل نگاهن سان
نهاري، پنهنجي مظلوميت تي ڳوڙها ڳاڙي شهر کان ٻاهر
نڪتو. ٻه چار ميل پنڌ ڪرڻ کانپوءِ حسن ابدالي
اولياءَ جي درگاهه تي اچي پهتو. درگاهه ۾ گهڙندي
اُتي هن کي پنهنجا ڪي هم وطني چهرا ڏسڻ ۾ آيا. هن
بي وسيءَ جي عالم ۽ پرديس ۾، ڀَٽ جي دل ۾ هڪ اهڙي
نامعلوم ڪشش پيدا ٿي، جو هن بنا ڪنهن سوچ ويچار جي
وڌي وڃي هنن کي ڳلي لڳايو. ڏورانهين ديس ۾ هم
وطنين سان ملندي خوشيءَ وچان ڀَٽ جي دل جا چاڪ کلي
پيا.هن سڄي ماجرا ساڻن بيان ڪئي ۽ غازي بيگ جي
خلاف هندي زبان ۾ جيڪي شعر چيا هئا، سي به کين
پڙهي ٻڌايائين. هو دل جي بخار ڪڍڻ لاءِ اهي شعر
تمام وڏي آواز سان پڙهي رهيو هو. اوڏيءَ مهل
درگاهه ۾ مرزا غازي بيگ جي شان ۾ گستاخيءَ جهڙا
شعر چيا آهن، تڏهن هڪدم پنهنجن ماڻهن کي حڪم
ڏنائين ته هن ماڻهوءَ کي لٺين سان ماريو. حڪم
ملندي غريب شاعر تي لٺين جي وارو وار ٿي ويئي.
شاعر بيهوش ٿي ويو ۽ جڏهن هوش ۾ آيو، تڏهن هن
فيصلو ڪيو، ته هن ٿيل ظلم جي داد رسيءَ لاءِ مرزا
جي حضور ۾ پهچڻ گهرجي. اهو فيصلو ڪري هو موٽي
قنڌار ۾ آيو. پڇا ڪندي هن کي معلوم ٿيو، ته سڀاڻي
صبح جو سوير مرزا غازي بيگ فلاڻي رستي تان شڪار تي
روانو ٿيندو.
ٻئي ڏينهن صبح جو سوير ڀَٽ انهيءَ ڏس ڏنل رستي تي
ڪنهن جهنگ ۾ وڃي لڪي ويهي رهيو. جڏهن غازي بيگ جي
سواري سندس ويجهو آئي، تڏهن هن جهنگ مان نڪري وٺي
هاءِ گهوڙا ڪئي: ”بادشاهه سلامتي منهنجو داد ٿئي!
آئون غريب شاعر ناحق ماريو ويو آهيان.“
شهبازي خان به بادشاهه جي اهلڪارن سان شامل هو. ان
نظر پوندي ڀَٽ ڊوڙي وڃي ان جي گهوڙي جي واڳ کان
ورتو.
”حضور، مون سان هن ظلم ڪيو آهي، منهنجو داد ٿئي!“
غازي بيگ شهبازي خان کي هٿ جو اشارو ڏنو. شهبازي
هڪدم گهوڙي تان لهي مرزا جي اڳيان ڪنڌ نمائي،
ٻانهون ٻڌي چوڻ لڳو:
عاليجاههه، هن ڪميني شاعر حضور جي شان ۾ گستاخيءَ
جهڙا شعر ٿي پڙهيا. مون کي باهه وٺي ويئي، مون کي
هن کي جوڳي سزا ڏني آهي.
اهلڪارن ۾ خاموشي ڇانئجي ويئي ۽ سڀ انهي ڳالهه
لاءِ منتظر هئا، ته عاليجاهه ڪهڙو حڪم ٿو ڏيڻ
فرمائي.
بادشاهه جو چهرو غضب ناڪ بنجي ويو ۽ اکين ۾ خون
اچي ويو. هڪل ڪيائين، ته شهبازي، تو جڏهن هن جي
واتان اسان جي گلا ٻڌي هئي. تڏهن ڇو نٿي هن جي
زبان تارونءَکان وڍائي ڇڏيئي.
هن جواب ٻڌندي اهلڪارن تي خوف طاري ٿي ويو ۽ غريب
شاعر جو سڄو جسم بيد جيان ڪنبڻ لڳو. ڳچ منٽن جي
ماٺ بعد بادشاهه پنهنجي هڪ ملازم کي آڱر جو اشارو
ڏنو.
”هن بدبخت کي سڀاڻي صبح جو قتل گاهه تي آندو وڃي،
ته جيئن سندس زبان تارونءَ کان وڍائي وڃي.“
حڪم ٻڌندي، ماڻهن جي جسم مان سياندا نڪري ويا ۽
کين ائين ٿي محسوس ٿيو، ته سڀاڻي شاعر جي نه، پر
اسان جي زبان تارونءَ کان وڍي ويندي.
غريب ڀَٽ جا هوش و حواس خطا ٿي ويا. موت اکئين
ڏسجي رهيو هو. هن پنهنجو پاڻ تي هزار لعتون وڌيون.
بادشاهه ۽ رحم جي اميد! هيءَ به ڪا ٿيڻ جوڳي ڳالهه
هئي. هن پنهنجي عقل ۽ انهيءَ فيصلي تي پاڻ مٿان
هزارها ملامتون ڪيون. هو هاڻ انهيءَ گهڙيءَ جو
انتظار ۾ هو. جنهن مهل کيس پنهنجي شاعراڻي فن جو
اجورو ملڻ وارو هو. هن جون ساري رات اکيون آسمان
۾ هيون. هن ائين ٿي چاهيو، ته شل قيامت تائين سج
ئي نه اُڀري ۽ ڪائنات ۾ سدائين اوندهه ئي اوندهه
هجي، ته جيئن ڪنهن حساس دل کي متاثر ٿيڻ جو موقعو
ئي نه ملي. اوچتو صبح جي ٻانگ جو آواز هن جي ڪنن
تي پيو ۽ هو بيهوش ٿي ويو.
صبح جو پوري ٽائيم تي قتل گاهه جي چوڌاري هشام
ماڻهن جا گڏ ٿي ويا. جلاد بدنصيب شاعر جي انتظار ۾
هو. وقت ڀربو ويو، ڀربو ويو، باقي ٻه منٽ مس هئا،
ته هن بدنصيب شاعر کي ٻه چوبدار گهليندا وچ ميدان
تي وٺي آيا. هن جا پساهه هينئر پورا ٿيڻ تي هئا.
مجموعي مان ڪيترن ڏانهس نهاريندي پنهنجون اکيون
کڻي ٻوٽيون. ڪن ماڻهن جي چهري مان ائين ٿي محسوس
ٿيو، ته هاڻي هنن جي زبان مان سڄيءَ عمر تائين هڪ
اکر به نه اُڪلي سگهندو.
مجموعي تي وڏي هيبت طاري هئي ۽ سڀيئي انهي فيصلي
جي انتظار ۾ هئا. اوچتو پريان هڪ هاٿي جهولندو
آيو. ماڻهن جو خيال هو، ته شايد شاعر کي
هاٿيءَ جي پيرن هيٺان چيچلائي مارايو ويندو. هاٿي
ويجهو پوندو ويو....
عين موقعي تي شهبازي خان هڪ قيمتي خلعت ۽ رپين جي
ڳوٿريءَ سميت شاعر ڏانهن وڌيو. هڪدم کيس اها خلعت
پهرائي اڃا ڳوٿري هٿ ۾ مس ڏنائينس، ته هاٿي
جهولندو اچي ڀر ۾ پهتو، پيلبان ٽپ ڏيئي هاٿيءَ تان
لٿو ۽ شاعر کي هاٿيءَ تي چڙهڻ جو اشارو ڏنو.
مرزا غازي بيگ مجموعي جي ڀر ۾ هڪ محل جي دريءَ مان
سڀ ڪجهه ڏسي رهيو هو. جڏهن شاعر هاٿيءَ تي چڙهيو
ته اوڏيءَ مهل بادشاهه وڏي آواز اعلان ڪيو:
شهبازي، شاعر جي زبان هن نموني وڍي ويندي آهي. پڪ
ڄاڻ ته اڄ کان پوءِ هيءُ شاعر منهنجي خلاف هڪ لفظ
به ڪين ڪڇندو.
چار دوست
( الف )
هڪڙي ڪُوئي، هڪڙي ڪانوَ، هڪڙي ڪُميءَ ۽ هڪڙي
هرڻيءَ پاڻ ۾ ياراڻي رکي. چارئي گڏ هڪڙي جهنگ ۾
رهندا هئا، جتي ماڻهو ايندا ئي ڪو نه هئا.
هڪڙي ڏينهن صبح جو هرڻي تڙڪي تي ويٺي هئي، ته ڪتي
جي ڀوًنڪ ٻڌائين، سمجهيائين ته اهو ڪتو پڪ ڪنهن
شڪاريءَ جو آهي، سو وٺي ڀڳي، پر ڪتي جو آواز کيس
جيئن پوءِ تيئن ويجهو ٻڌڻ ۾ پئي آيو. سو هيڪاري
وٺي ٿي تڪڙو ڊوڙي. تان جو گهر کان گهڻو پنڌ پري
نڪري ويئي.
( ب )
جڏهن سج لٿو ته ڪوئو، ڪُمي ۽ ڪانوءُ رات جي ماني
کائڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا. ڏسن ته هرڻي آهي ئي ڪانه.
ڀائرو، ڇو ڀلا، اَڄ ادي هرڻي ڏسڻ ۾ ئي ڪا نه ٿي
اچي؟ ڪُئي هيڏانهن هوڏانهن نهاري چيو. ڪُميءَ جي
البت ڪانوَ سان پوندي ئي ڪا نه هئي، سو منهن ۾
سونڍ وجهي، ڇوهه مان چيائين، مان جي ڪانوَ وانگر
پکي هجان ها، ته جهنگ جو چڪر هڻي اچي اوهان کي
ٻڌايان ها، ته ادي هرڻي ڪٿي آهي؟ گهڙي رکي وري
چيائين، ”پر ادي ڪانوَ کي ته ڪو خيال ئي ڪونهي!“
( ج )
ڪانوَ لامارو ڏئي اُڏاڻو، اُڏامندو ويو، اُڏامندو
ويو، تان جو سندس نظر وڃي هرڻيءَ تي پيئي، ويجهو
وڃي ڏسي ته مار! هرڻي ته رسيءَ سان سوگهي ٻڌي پيئي
آهي. هرڻي کي دلداري ڏيئي، انهي مهل ئي پوئتي وريو
۽ سگهو ئي اچي سنگتين سان حال ڪيائين. سڀني گڏجي
صلاح ڪئي ته هاڻي ڇا ڪجي!؟
”ڪُميءَ کي گهر جي سنڀال لاءِ ڇڏي، پاڻ هلي ڪا
هرڻيءَ جي واهر ڪريون.“ ڪانوَ چيو. ”جي ڪُميءَ کي
به ساڻ وٺي هلنداسين ته وک وک هلڻ ڪري دير ٿي
ويندي ۽ پوءِ هرڻيءَ جي بچڻ جو آسرو ڪونهي.“
ڪوئيءَ کي ڪانءُ جي ڳالهه دل سان لڳي، سو ڪميءَ کي
ڇڏي ڪوئو ۽ ڪانءُ روانا ٿيا.
( د )
”پر مون کي وري هت آرام ڪيئن ايندو، جو ڀيڻ هرڻي
ويل ۾ ڦاسي پيئي آهي. مان به پوان ٿي پنڌ. هوريان
ڏاڍيان، دير مدار سان نيٺ وڃي پهچنديس.“ اهو چئي
ويچاري ڪمي به پنڌ پيئي.
جڏهن ڪوئو ۽ ڪانءُ هرڻيءَ وٽ پهتا، ته ڪوئي گهڙيءَ
پلڪ ۾ رسيءَ کي ڪُتري ڇڏيو پر هرڻي اڃا آزاد مس ٿي
ته شڪاري اچي ويو. ”هرڻيءَ کي ڪنهن ڇوڙيو؟“ شڪاري
عجب ۾ چيو! سندس آواز ٻڌي ڪوئو هڪ ٻر ۾ لڪي ويو ۽
ڪانءُ وڃي وڻ تي ويٺو ۽ هرڻي وٺي ڀڳي. شڪاري به
هرڻيءَ جي پويان ڊوڙيو پر اڃا ٻه ٽي وکون مس اڳتي
وڌيو ته پري کان ڪميءَ تي نظر پيس. اڙي واهه!
شڪاري خوشي مان چيو، ”هرڻي ته
هٿ اچڻ مشل آهي منهنجو شڪار ڇٽُو، باقي ڪُتي لاءِ
ڪمي واهه جي خوراڪ ٿيندي! ائين چئي ويچاريءَ ڪميءَ
کي کڻي بگليءَ ۾ وڌائين. ڪانءُ وڻ تان ويٺي سڄو
لقاءُ ڏٺو. سو اُڏري وڃي هرڻيءَ کي اها خبر
ٻڌايائين. اهو حال ٻڌي، هرڻيءَ کي اٽڪل سجهي آئي.
ڇا ڪيائين جو مڪر ڪري، منڊڪائيندي پوئتي موٽي.
شڪاريءَ جي هرڻي تي نظر پيئي. سو ڏاڍو خوش ٿيو.
سمجهيائين ته هرڻي ڪنهن طرح سان منڊي ٿي پيئي آهي.
سو اجهو وڃي ٿو جهليانس. شڪاري بگلي زمين تي ڦٽي
ڪري، وٺي هرڻي ڏي ڀڳو. اتي ڪُميءَ کي مليو وارو،
سا سٽ ڏيئي بگليءُ مان ٻاهر نڪتي. سامهون ٻر مان
ڪُئي ٻاهر نڪري اک جو اشارو ڪيس. ڪمي تڪڙي تڪڙي
رڙهي، ڪُئي جي ٻر جي ڀرسان وڃي هڪڙي ٻوڙي ۾ لڪي.
هوڏانهن هرڻي کي جڏهن شڪاري وڃي ويجهو پيو، ته
هرڻي وٺي ڇانگ ڏنو ۽ پوءِ ته ڇال ڏيندي پري نڪري
ويئي. شڪاري بڇڙو ٿي پوئتي موٽيو. ڏسي ته بگليءَ
ڪُمي آهي ئي ڪانه. پوءِ ته ڪاوڙ ۾ پنهنجو نصيب
پٽيندو، واٽ وٺي گهر روانو ٿيو. هوڏانهن هي چارئي
ڄڻا خوش ٿي گهر موٽيا ۽ اچي گڏجي رات جي ماني گڏجي
کاڌائون. ان ڏينهن کان وٺي، ڪڏهن به ڪُميءَ ڪانءٌ
کي ميار ڪا نه ڏني ۽ پوءِ ڪانءُ، ڪُمي، ڪوئو ۽
هرڻي خوش ٿي گڏ گذارڻ لڳا. |