ڇپائيندڙ پاران
هيءَ هڪ حقيقت آهي، ته ٻاراڻو ادب ئي ڪنهن قوم جي
اوچي علمي ۽ ثقافتي اوسر جي پيڙهه جو پهريون پٿر
هوندو آهي. جيڪا قوم جيترو وڌيڪ ۽ معياري ٻاراڻو
ادب تخليق ڪندي آهي، ان قوم ۽ سماج جي بقا ۽
ترقيءَ جا اوترائي وڌيڪ امڪان پيدا ٿيندا ويندا
آهن. دُنيا جا سڀ ڏاها ڏَسين ٿا، ته هڪ اعلى
۽ عاليشان سماج جي اڏاوت ان ريت ئي ممڪن ٿيندي
آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ جيتوڻيڪ ٻاراڻي ادب جا ليکڪ ته گهڻا
ئي آهن، پر ٻاراڻو ادب اُن منزل تي اڃا پهچي ناهي
سگهيو، جو اهو اسان جو آئيندو اڏيندڙ نسل لاءِ
موهه جو سبب بڻجي. هيءَ هڪ افسوس جوڳي ڳالهه آهي،
ته دُنيا جي ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ اسان پنهنجي
ٻاراڻي ادب تي گهربل توجهه نه ڏئي سگهيا آهيون،
جيڪا ڳالهه سنڌي سماج جي مڙني حلقن ۾ محسوس ڪئي
پئي وڃي. ان سلسلي ۾ وقت بوقت ڪيترن ليکڪن ۽ سجاڳ
۽ سڄاڻ حلقن مختلف ذريعن سان اهو احساس پڻ ڏياريو
آهي. انهيءَ ڳالهه جي اهميت کي محسوس ڪندي سنڌي
ادبي بورڊ ”ٻاراڻو ادب سيريز“ لاءِ ڪيترائي نوان
مسودا لکرائي ۽ هٿ ڪري ڇپائيءَ لاءِ تيار ڪيا آهن.
هيءُ ڪتاب ”آکاڻيون“ بورڊ پاران تازو شروع ڪيل
”ٻاراڻو ادب سيريز“ جو پهروين ڪتاب آهي.
ٻاراڻين آکاڻين جي هن ڪتاب جو مسودو سنڌي ادبي
بورڊ جي ”لوڪ ادب اسڪيم“ سان لاڳاپيل هڪ ڏاهي فيلڊ
ورڪر ۽ بورڊ جي اڳوڻي ڪارڪن محترم ولي محمد
طاهرزادي ڪيترائي ورهيه اڳ جوڙيو هو، جنهن کي بورڊ
جي ڪُتبخاني ۾ رکئي شايد ٽي ڏهاڪا ٿي ويا هئا.
موجوده انتظاميا انهن مسودن کي اوجهڙ مان ڪڍي،
ڇنڊي ڦوڪي ۽ سنواري جديد طرز جي ڇپائيءَ سان
مستقبل جي معمارن آڏو پيش ڪيو آهي. اُميد اٿئون ته
سنڌ جا ٻالڪ هن تحفي کي دل ۾ جاءِ ڏيندي اُن جو
مطالعو ڪندا ۽ پنهنجي ذهن کي روشني بخشيندا.
انعام الله شيخ
سيڪريٽري
سنڌي ادبي بورڊ
ڄام شورو، سنڌ
3 رجب المرجب 1426هه
بمطابق 10 – آگسٽ 2005ع
گهڻن جو ڀلو، سو سڀن جو ڀلو
هڪڙي ٻڪرار کي به ڌيئرون هنيون. هڪڙي ڌيءَ، ڪنڀار
سان پرڻايائين ۽ ٻي ڪڙميءَ سان. سندس ٻنهي ناٺين
جا گهر ميل کن پري هڪڙي ڳوٺ ۾ هئا. پنج ڇهه مهينا
رکي، ٻڪرار پنهنجي ناٺين ۽ ڌيئرن سان ملڻ ويو.
رستي ۾ اول آيو ڪنڀار جو گهر. اندر وڃي خوش خير
عافيت ڪري، احوال ورتائين . تڏهن ڌيڻس اکين ۾
پاڻي آڻي چيو ته بابا! ڪهڙو ٿا حال پڇو؟ آويءَ ۾
ٿانءَ ٿپا ٺاهي وڌا اٿئون، پر ڏاڍي ڊپ ۾ آهيون، ته
متان مينهُن نه پئجي وڃي ۽ مڙيئي مال نقصان ۾ نه
وڃي. ڌيءَ کي دلجاءِ ڏيئي ٻڪرار اُٿي آيو ڪڙميءَ
جي گهر، پنهنجي ٻيءَ ڌيءَ وٽ. تنهن وري روئي چيس
ته بابا، ٻنيءَ ۾ ٻج ڇٽيو اٿئون. هاڻي رات ڏينهن
ويٺا ٿا مينهن لاءِ واجهايون. جي ڪو مينهن وسيو،
ته واهه! نه ته اسان جو حال ڪونهي. ٻڪرار پنهنجي
ڌيئُن جو هيءَ حال ڏسي ڳڻتيون کائيندو پوئتي
موٽيو. ايندي ايندي واٽ تي هڪڙو پير مرد گڏيس.
تنهن سان بيهي حال اوريائين. پير مرد چيس، ته
ميان، تو آهن ڌيئون پرڻايون، تڏهن ٿو اڄ مينهن جو
خيال پويئي! ڏاهو ٿيءُ، ڪجهه هوش ڌار. سانوڻ جو
مينهن آهي رب جي رحمت. ڀل ته وسي، ته سڪار ٿئي ۽
ماڻهو ڇيڻو، پکي پکڻ سڀ خوش ٿين. پوکون ٿينديون
، تنهنجي ڪنڀر کي به آهت ۾ گنج ملي ويندا. باقي
ٿانوَ، سي هو ٻيا به گهَڙي وٺندو. تون ُچپڙي ڪري
پيو جڳ جو خير گهر. ٻڌو ڪو نه اٿيئي ته،
گهڻن جو ڀلو، سو سڀن جو ڀلو.
گوسڙو ڇوڪر
هو سڄي اسڪول ۾ گوسڙو طور بدنام هو. خالي پيرڊن ۽
رسيس ۾ اسڪول کان غائب ٿي ويندو هو. ڇو؟ اهو اڃا
تائين ڪير سمجهي نه سگهيو هو. هو ڇهين جماعت
انگريزيءَ ۾ پڙهندو هو ۽ هميشه ساڳيو ئي وڳو پائي
اسڪول ۾ ايندو هو. شايد هن وٽ اهو ئي هڪ وڳو هو.
هر ڪو ائين سمجهندو هو، ته هن کي اسڪول جو ڪو خيال
ئي ڪونهي.
ڇوڪرا
هن تي چَٿرون ڪندا هئا ۽ ماستر کيس نفرت سان ڏسندا
هئا. پر تڏهن به هو اهڙي جو اهڙو. اهي ئي ڪپڙا ۽
اهو ئي اسڪول مان ڀڄڻ، ڇوڪرا سندس متعلق طرح طرح
جون ڳالهيون ڪندا هئا. ڪو چوندو هو، ته هن کي پڙهڻ
سان شوق نه آهي، سو روز روز اسڪول مان ڀڄي ٿو وڃي.
مطلب ته جيترا وات اوتريون ڳالهيون. هو سڀ ڪجهه
ٻڌندو هو ۽ هميشه چپ رهندو هو.
سڄي اسڪول ۾ سندس ڪو به اهڙو دوست ڪو نه هو، جنهن
سان هو حال اوري. ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو هو ته هي
ڪنڌ هيٺ ڪري سوچي رهيو آهي، ته پنهنجي ڪلاس جي
ڇوڪرن کي ٻڌائي ڇڏي، ته اسڪول مان ڇو ڀڄي ويندو
آهي. پر هن ڪڏهن به ڪا ڳالهه ڪا نه ڪئي. هميشه چپ
رهندو هو ۽ سوچيندو رهندو هو. تان جو ماستر صاحب
رڙ ڪري چوندو هو، ارشد، ڪلاس ۾ آهين ڪي گهر ۾؟ سڌو
ٿي ويهه! اتي هن جو ڌيان ماستر صاحب ڏانهن ٿي
ويندو هو ۽ ڪتاب کڻي سڌو ٿي ويهندو هو.
اجهو ائين ڏينهن گذرندا ويا. صبح، شام، هفتا ۽
پوءِ مهينا گذري ويا. تان جو سال پورو ٿيو ۽
ساليانو امتحان ٿيو. جڏهن نتيجو نڪتو ته ارشد
پهريون نمبر بيٺو. جنهن کي ڏس ته ڏندين آڱريون!!
هر ڪو ائين سمجهڻ لڳو، ته نقل ڪري پهريون نمبر
بيٺو آهي.
اڄ به ٻئي پيرڊ کان پوءِ هو اسڪول مان غائب ٿي
ويو. گهڻي چوپچو ڪا نه ٿي. ڇوڪرا سندس انهن عادتن
۽ڳالهين سان هري مري ويا هئا. پر ٽن ڇوڪرن فيصلو
ڪيو، ته جڏهن هو ٻئي دفعي اسڪول مان ويندو. تڏهن
ان جي پٺ وٺي معلوم ڪندا، ته هو هر روز ڪيڏانهن ٿو
ڀڄي وڃي. ٻئي ڏينهن به هو حسابن جي خالي پيرڊ ۾،
اسڪول مان غائب ٿي ويو. اسڪول جي ڏاڪڻ تي لهي هيٺ
آيو ۽ يڪدم هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳو، ته ڪو ماستر ته ڪو نه ٿو ڏسي. جڏهن هن کي
ڪير به ڏسڻ ۾ نه آيو، تڏهن تڪڙو اڳتي وڌڻ لڳو.
هوڏانهن ٽنهي ڇوڪرن به هن جو پيڇو ڪرڻ شروع ڪيو.
ارشد رستي جي سامهون هڪ هوٽل ۾ ويو ۽ ميز
تان ٻه شربت جا گلاس هٿ ۾ کڻي، رستي تي هيڏانهن
هوڏانهن چڪر هڻڻ لڳو. هوٽل جي ڀر ۾ هڪ دڪان
هو،تنهن جي مالڪ کيس ڏسي رڙ ڪري چيو، او ڇوڪرا،
جلدي ٻه چانهيون ته کڻي اچ! ”حاضر سائين“ چئي هو
هوٽل ۾ ويو ۽ ٻه چانهه جا ڪوپ کڻي دڪان جي طرف
مڙيو. ٽنهي ڇوڪرن جڏهن اهو لقاءُ ڏٺو، تڏهن هنن
جون اکيون کليون رهجي ويون. هو هڪ ٻئي جو منهن
تڪڻ لڳا، ڄڻ نظرن ئي نظرن ۾ هڪ ٻئي کان ڪجهه پڇي
رهيا هئا. اوچتو ارشد جي هنن تي نظر پئجي وئي ۽ هو
شرم ۾ ٻڏي ويو. پر وري ڪنهن خيال اچڻ سان هو تڪڙو
تڪڙو هنن ڏي وڌيو ۽ اکين ۾ ڳوڙها آڻي چوڻ لڳو، مان
غريب آهيان دوستو، پر رولو، لوفر ۽ بداخلاق نه
آهيان. اتي هڪ دڪاندار سڏ ڪيو، اي ڇوڪرا، شربت جو
گلاس ته کڻي اچ! ارشد تڪڙو تڪڙو هوٽل ڏانهن هليو
ويو ۽ پوءِ هو ٽيئي ڇوڪرا اسڪول جي طرف واپس روانا
ٿيا ۽ پوءِ ستت اول ڪلاس جي سڀني ڇوڪرن کي ۽ پوءِ
ماستر کي اها خبر پئي. جڏهن ارشد ڪلاس ۾ آيو، ته
ڇوڪرن هن کان معافي ورتي ۽ ماستر کيس انعام ڏنو ۽
سفارش ڪري اسڪالرشپ به منظور ڪرائي ڏنائينس. هاڻي
اهو ڇوڪرو اسڪول ۾ گوسڙو نه ٿو سڏجي، هينئر هو
اسڪول جي سڀني ڇوڪرن ۾ سٺو ڇوڪر ليکيو وڃي ٿو.
گدڙ ۽ ڪُڪَڙ جي آکاڻي
گدڙ کي هڪڙي ڏينهن دل ۾ اچي خيال ٿيو، ته ڪڪڙ کائي
اڄ ڪو چڙهه ڪجي. سو صبح ساڻ سوير اُٿي پنڌ پيو ۽
هلندي هلندي ڳوٺ جي ٻاهران ڪڻڪ ۾ لڪي وڃي ويهي
رهيو. ايتري ۾ ڪڪڙ به ٻانگون ڏيندو لوڙهو ٽپي ڪنهن
مهل وڃي اتي نڪتو. گدڙ سوچيو ته جي ٿو ڪڪڙ کي جهٽ
هڻان، ته ويندو ڀڄي. ڳوٺ جا ڪتا پيا ٿا آسپاس ڦرن،
مورڳو پئجي ويندس آزار ۾، سو ماٺڙي ڪري ڇپ هڻي
ويهي رهيو. تان جو ڪڪڙ به لڏندو لمندو اورڀرو اچي
هن جي ويجهو ڪٿي پهتو. اتي گدڙ هيٺانهين وٺي ڪڪڙ
کي چوڻ لڳو، ته يار ڪڪڙ، جهنگ ۾ واهه جا ٻير ڏسي
آيو آهيان. بس ڳالهه ئي نه پڇ! اچ ته ٻئي هلي ٻير
کائي ڪو چڙهه ڪريون. ڪڪڙ به نه ٿئي اياڻو، سو گدڙ
جي ڳالهه تي لڳي، اٿي هن جي پٺيان هليو. هلندي
هلندي نيٺ اچي جهنگ ۾ گهڙيا ۽ گدڙ سڌو وڃي هڪڙيءَ
ٻير جي هيٺان بيٺو. ٻير هئي سا ٻيرن ۾ جنجهي بيٺي
۽ گدڙ جو ڏٺو ته بنهه وات پيو پاڻي ٿئي.! پر ٻيرن
کان وڌيڪ هن کي ته هو اڄ ڪڪڙ کائڻو، سو پاسو ڏيئي
ڪڪڙ کي چوڻ لڳو، ته ڪڪڙ يار، رات واءِ تي جيڪي ٻير
ڇڻيا، سي آءٌ جو آيس تو کي وٺڻ ته پٺيان ٻيا گدڙ
چونڊي هڙ کائي ويا. هاڻ ڪر ڪو وارو، نه ته جهڙا
آياسين، تهڙا نه آياسين. توکي ته خبر آهي، ته ٻير
تي پاڻ چڙهي ڪو نه ڄاڻان، سو تون ئي ڪا ڀڙڪي ڪر.
مٿي چڙهي تون به ٻير کاءُ ۽ ڪجهه هيٺ به موڪل، ته
کائي ڪا هنئين جهل اسين به ڪري وٺون. گدڙ جي هيءَ
سنئين سڌي ڳالهه ٻڌي، ڪڪڙ ٽپ ڏيئي وڃي ٻير جي هڪڙي
لام تي ويٺو ۽ امالڪ چهنب سان ٻه هڪڙا ڳاڙها
ڳاڙها پڪا وڏا مٺا ٻير پٽي هيٺ گدڙ کي اڇلائي
ڏنائين. جيڪي گدڙ جهٽ هڻي هڙپ ڪري، اتي جو اتي
کائي ڇڏيا. پوءِ ڇا ٿيو، جو هڪڙا ڪچا چهچ ساوا
کٽاڪنا
ٻير ڪنهن طرح پٽجي اچي هيٺ پٽ تي ڪريا ۽ اهي به
جهٽ هڻي هڙپ ڪري گدڙ کائي ويو، ايتري ۾ ڪڪڙ جو پيٽ
ڀلا جهرڪيءَ جيڏو، سو ويو ڀرجي، سو سمجهيائين، ته
گدڙ جو پيٽ به ڀرجي ويو هوندو پر هوڏانهن گدڙ به
ويٺو هو تاڙ ۾، سو جهڙو ٿو ويچارو ڪڪڙ ٽپڪو ڏئي
هيٺ لٿو، تهڙو گدڙ دير ئي ڪا نه ڪئي ۽ جهٽ هڻي هڙپ
ڪري ڇڏيائينس. بس پوءِ ته ڪڪڙ کائي گدڙ ڄڻ ڇتو ٿي
پيو. اچي جا ڏاٺ هريس، ته ڀانئي ته کاوان ۽ کاوان.
پيٽ به هجيس ڪا انود ڪاسائيءَ واري کڏ، سو ڀرجيس
ئي نه. جهڙيون مڙس کي ڀنواٽيون! وٺي کڻي هڪڙي پاسي
لوهه ڪيائين. ڀڄندو وڃي، ڀڃندو وڃي، ڏسي ته هڪڙي
پوڙهي مائي آهي، سا دال ويٺي رڌي، پوڙهيءَ کي
چيائين، ته پوڙهي ڙي پوڙهي توکي کائيندس.
پوڙهيءَ چيس، ته مون کي ڇو کائيندين؟ مون تنهنجو
ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟
گدڙ چيس، ته ٻه ڪچا ٻير کاڌم، ٻه پڪا ٻير کاڌم،
ڪڪڙ پنهنجو يار کاڌم، توکي نه کان!
ائين چئي، جهٽ هڻي، هڙپ ڪري پوڙهيءَ کي دال ۽
ڪنيءَ سوڌو کائي ڇڏيائين.
....... ۽ وٺي اڳتي ڀڳو. ڀڄندو وڃي ڀڄندو وڃي، ته
ڏسي ته هڪڙي ڇوڪري آهي، سا ويٺي ڇيڻا چونڊي،
ڇوڪريءَ کي چيائين، ڇوڪري ڙي ڇوڪري، توکي کائيندس.
ڇوڪريءَ چيس، ته مون کي ڇو کائيندين؟ مون تنهنجو
ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟
چيائين، ته ٻه ڪچا ٻير کاڌم، ٻه پڪا ٻير کاڌم،
ڪڪڙ پنهنجو يار کاڌم، دال رڌيندي پوڙهي
کاڌم، توکي نه کان!؟
ائين چئي، جهٽ هڻي، هڙپ ڪري، ڇوڪريءَکي ڇيڻن ۽
کاريءَ سوڌو کائي ڇڏيائين.
...... ۽ وٺي اڳتي ڀڳو، ڀڄندو وڃي، ڀڄندو وڃي، ته
ڏسي ته هڪڙو ٻڪرار آهي، سو ٻڪريون بيٺو چاري،
ٻڪرار کي چيائين، ته ٻڪرار ڙي ٻڪرار توکي
کائيندس.
ٻڪرار چيس، مون کي ڇو کائيندين؟ مون تنهنجو
ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟
چيائين، ته ٻه ڪچا ٻير کاڌم، ٻه پڪا ٻير
کاڌم، ڪڪڙ پنهنجو يار کاڌم، دال رڌيندي
پوڙهي کاڌم، ڇيڻن چونڊيندي ڇوڪري
کاڌم، توکي نه کان!؟
ائين چئي، جهٽ هڻي، هڙپ ڪري، ٻڪرار کي
ٻڪرين ۽ ڇيلين سوڌو کائي ڇڏيائين.
...... ۽ وٺي اڳتي ڀڳو، ڀڄندو وڃي، ڀڄندو وڃي،
ته ڏسي ته هڪڙو ريڍار آهي، سو رڍون پيو چاري،
ريڍار کي چيائين، ريڍار ڙي ريڍار توکي کائيندس.
ريڍار چيس، مون کي ڇو کائيندي؟ مون تنهنجو ڪهڙو
ڏوهه ڪيو آهي؟
چيائين، ته ٻه ڪچا ٻير کاڌم، ٻه پڪا ٻير کاڌم، ڪڪڙ
پنهنجو يار کاڌم، دال رڌيندي
پوڙهي کاڌم، ڇيڻن چونڊيندي ڇوڪري کاڌم، ٻڪرين
چاريندي ٻڪرار کاڌم، توکي نه کان!؟
ائين چئي، جهٽ هڻي، هڙپ ڪري، ريڍار کي رڍن ۽ گهيٽن
سوڌو کائي ڇڏيائين.
........ ۽ وٺي اڳتي ڀڳو، ڀڄنڊو وڃي، ڀڄندو وڃي،
ته ڏسي ته هڪڙو ڳنوار آهي، سو ڳئون بيٺو چاري.
ڳنوار کي چيائين، ته ڳنوار ڙي ڳنوار اڄ مان توکي
کائيندس.
ڳنوار چيس ،ته مون کي ڇو کائيندين؟ مون تنهنجو
ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟
چيائين، ته ٻه ڪچا ٻير کاڌم، ٻه پڪا ٻير کاڌم، ڪڪڙ
پنهنجو يار کاڌم، دال رڌيندي پوڙهي کاڌم، ڇيڻن
چونڊيندي ڇوڪري کاڌم، ٻڪرين چاريندي ٻڪرار کاڌم،
رڍن چاريندي ريڍار،کاڌم توکي نه کان!؟
ائين چئي، جهٽ هڻي، هڙپ ڪري، ڳنوار کي ڳئن ۽ گابن
سوڌو کائي ڇڏيائين.
...... ۽ وٺي اڳتي ڀڳو . ڀڄندو وڃي، ڀڄندو وڃي، ته
ڏسي ته هڪڙو ميهار آهي، سو مينهون بيٺو چاري،
ميهارکي چيائين، ميهار ڙي ميهار، توکي کائيندس،
ميهار چيس، مون کي ڇو کائيندين؟ مون تنهنجو ڪهڙو
ڏوهه ڪيو آهي؟
چيائين، ته ٻه ڪچا ٻير کاڌم، ٻه پڪا ٻير کاڌم، ڪڪڙ
پنهنجو يار کاڌم، دال رڌيندي پوڙهي کاڌم، ڇيڻن
چونڊيندي ڇوڪري کاڌم، ٻڪرين چاريندي ٻڪرار کاڌم،
رڍن چاريندي ريڍار، ڳئن چاري ڳنوار کاڌم، توکي نه
کان!؟
ائين چئي، جهٽ هڻي، هڙپ ڪري ميهار کي مينهين ۽وڇن
سوڌو کائي ڇڏيائين.
......... ۽ وٺي اڳتي ڀڳو، ڀڄندو وڃي. ڀڄندو وڃي،
ته ڏسي ته هڪڙو اوٺار آهي، سو اُٺ بيٺو چاري.
اوٺار کي چيائين، اوٺار ڙي اوٺار توکي کائيندس.
اوٺار چيس، مون کي ڇو کائيندين؟ مون تنهنجو ڪهڙو
ڏوهه ڪيو آهي؟
چيائين، ته ٻه ڪچا ٻير کاڌم، ٻه پڪا ٻير کاڌم، ڪڪڙ
پنهنجو يار کاڌم، دال رڌيندي پوڙهي کاڌم، ڇيڻن
چونڊيندي ڇوڪري کاڌم، ٻڪرين چاريندي ٻڪرار کاڌم،
رڍن چاريندي ريڍار،کاڌم ڳئن چاري ڳنوار کاڌم،
مينهن چاريندي ميهار کاڌم، توکي نه کان!؟
ائين چئي، جهٽ هڻي، هڙپ ڪري اوٺار کي اُٺن سوڌو
کائي ڇڏيائين.
.......... ۽ وٺي ڀڳو، ڀڄندو وڃي، ڀڄندو وڃي، ته
پريان ڏسي ته درياءَ آهي، سو ٻنهي ڪنڌئين تار
ڀريو، ٽمٽار ٿيو، گڙگاٽ ڪندو، وهندو پيو وڃي، اتي
گدڙ کي به اچي اُڃ ورايو. سو سهڪندو سهڪندو وڃي
درياءَ جي ڪپ تي بيٺو ۽درياءَ کي چيائين، ته
درياءَ ڙي درياءَ آءٌ توکي کائيندس.
درياءَ کلي چيس، ته ڀلوڙي ميان گدڙ ڀلو، سڃاتو
اٿمانءِ! پر يار اهو ته ٻڌاءِ، ته مون کي پيئندين
يا کائيندين؟
گدڙ اتي گهڻو ئي ککو وکو ٿيو، پر منهن پڪو ڪري
درياءَ کي چوڻ لڳو، ته درياءَ ڙي درياءءَ، ٻه ڪچا
ٻيرکاڌم، ٻه پڪا ٻير کاڌم، ڪڪڙ پنهنجو يار کاڌم،
دال رڌيندي پوڙهي کاڌم، چيڻن چونڊيندي ڇوڪري کاڌم،
ٻڪرين چاريندي ٻڪرار کاڌم، رڍن چاريندي ريڍار
کاڌم، ڳئن چاريندي ڳنوار کاڌم، مينهن چاريندي
ميهار کاڌم، اُٺين چاريندي اوٺار کاڌم، توکي نه
کان!
ائين چئي، جهٽ هڻي، لڳو درياءَ کي هڙپ ڪرڻ. پر
ڪيڏانهن درياءُ ڪيڏانهن گدڙ، گدڙ جو ڏٺو ته پيٽ
ڦوڪجي ويو، دوڏا ٻاهر نڪري آيا ۽ باقي وڃي رڳو ڪن
بچيس. پر تڏهن به بس کڻي ڪري ته به ٺهيو. اهڙي ڪا
اُڃ هئس، جو درياءِ ۾ منهن جو وڌائين، سو ٻاهر ئي
نه ڪڍي. پيئندو وڃي، پيئندو وڃي، پيٽ وڃيس تيئن
ڦوڪبو، پر درياءِ کُٽي ئي نه. پيئندي....
پيئندي..... پيئندي.... ۽ ڪيڏيءَ مهل ٿيو ڦٽا...
ته ڦوڪڻي وانگر پيٽ ڦاٽي پيس. پيٽ جو ڦاٽي پيس، ته
پاڻي جيڪو پيتو هئائين، سو گڙ گڙ ڪندو موٽي درياءَ
۾ وهي ويو ۽ ٻه ڪچا ٻير به اُڇلجي پري پيا ۽ ٻه
پڪا ٻير به اڇلجي پري پيا ۽ ڪڪڙهو سو ڪُڪڙوڪو ڪندو
جهڙو هو تهڙو هڪدم ٻاهر نڪري آيو .
ڪالهه ڏٺوسون، ته پوڙهي مائي هئي، تنهن
ويٺي دال رڌي، ڇوڪري هئي، تنهن ويٺي ڇيڻا چونڊيا،
ٻڪرار هو، تنهن بيٺي ٻڪريون چاريون، ريڍار هو،
تنهن بيٺي رڍون چاريون، ڳنوار هو تنهن ويٺي ڳئون
چاريون، ميهار هو، تنهن بيٺي مينهون چاريون، اوٺار
هو، تنهن بيٺي اٺ چاريا ۽ گدڙ هو، جو سڪل ڍِنگهر
وانگر ٽنگون ٽيڙيو درياءَ جي ڪپ تي پيو هو ۽
سرڻيون ۽ ڳجهون هيون، سي مٿانئس ولر ڪيو ويٺيون
هيون ۽ هوڏانهن درياءِ بادشاهه هو، سو اهو ئي اڳي
وانگر ٻنهي ڪنڌ ئين تار ڀريو، ٽمٽار ٿيو، گڙ گڙ
ڪندو اڳتي وهندو پئي ويو.
هڪ ڪُئِيءَ جي شادي
هڪ ڀيري جي ڳالهه آهي، ته جپان جي ڪنهن شهر جي هڪ
وڏي اَنَ جي گودام ۾ هڪڙو ڪراڙو ڪوئو ۽ سندس ڪراڙي
زال ڪُئِي رهندا هئا. وٽن چانورن جا ڍڳ لڳا پيا
هوندا هئا، تنهن ڪري سندن وقت ڏاڍو سکيو گذرندو
هو. انهيءَ چانورن واري ڌن کانسواءِ وٽن هڪ ٻيو به
ڌن هو. سندس ڌيءُ، جا سچ پچ ڌن هئي. اڇي اڇي جهڙي
کير ۽ ڪنئري ڪنئري جهڙي پشم. سندس اکيون چمڪندڙ ۽
سندس چهرو گلابي. هوءَ ايتري ته سهڻي ۽ من موهڻي
هئي جو پري پري کان جوان ۽ سهڻا ڪوئا ڪَهي هن جي
سَڱ لاءِ ايندا هئا. پر سندس مائٽن جي دل ئي نه
چوندي هئي، جو کڻي اهڙن چٻن ۽ خسيس ڪوئن سان
پنهنجي لاڏلي ڌيءُ جي شادي ڪن.
هو چوندا هئا، ”هون، اسان ٿا اهڙن ڪنن ۽ خسيس ڪوئن
کي پنهنجي پوپري ڌيءءُ ڏيون. اسان جي ڌيءُ سان ته
ڪو ستن ملڪن جو شهزادو ڪوئو شادي ڪندو. اسان ته
ڌيءُ ان کي ڏينداسون، جنهن جو مَٽَ ڪو نه هجي.
جيڪو جپان ۾ سڀ کان وڌيڪ سگهه وارو هجي.“
هڪ ڏينهن جيئن ئي هنن پنهنجي ڌيءُ بابت پئي سوچيو،
ته اوچتو ڪراڙيءَ جي اک وڃي سج تي پيئي، کانئس رڙ
نڪري ويئي. او اجهو منهنجو ڄاٽو! ڪراڙي کي به دل
سان ڳالهه لڳي آئي ۽ هنن پنهنجي ڌيءُ کي ڪنوار
وارو وڳو اوڍايو. اهو وڳو مٿس ايترو ته ٺهيو پئي،
جو ڇا چئجي! بنهه پري پئي لڳي پري!!
۽ هاڻ هنن ٽنهي سفر شروع ڪيو. هلندا رهيا، هلندا
رهيا، تان جو هڪ ڏينهن وڃي سج کي پهتا. ڪراڙي ادب
سان نئڙي سج کي چيو، ”اي ٻاجهه ڀريا سج! هن دنيا ۾
تون ئي سڀن کان وڌيڪ سگهه وارو آهين، اسان توکي
پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ ڏيڻ آيا آهيون.“
سج مرڪندي وراڻيون، چاچا ڪوئا، تنهنجا لک ٿورا، جو
مون کي ان لائق سمجهيو اٿيئي. مان ته خوشيءَ سان
ساڻس شاديءَ ڪرڻ لاءِ تيار آهيان پر چاچا، هن دنيا
۾ هڪ اهڙي به شيءِ آهي، جيڪا مون کان وڌيڪ سگهه
واري آهي.
ڪراڙي ۽ ڪراڙيءَ جا حيرت وچان وات ئي ڦاٽي ويا.
هنن ڇوهه ۾ پڇيو ڪير، ڪير؟
ٻيو وري ڪير هوندو ڀلا، سواءِ ان ڪڪر جي! جڏهن به
مون چاهيو آهي، ته پنهنجن ڪرڻن سان ڌرتيءَ کي
گرمايان، ته اهو آيو ۽ مون کي نيست ڪري هليو ويو.
واهه جي ڳالهه ڪئي اٿئي ابا! اسان اجهو ٿا وٽس
وڃون. هو ادب سان نئڙيا ۽ ڌيءُ سان گڏ ڪڪر ڏانهن
روانا ٿيا.
ڪڪر او ڪڪر! تون هن دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ سگهه وارو
آهين. اسان جي نياڻيءَ سان شادي ڪندين؟
ڪراڙا، ڀُليو آهين، مون کان وڌيڪ سگهه واءُ کي
آهي، جڏهن به آيو آهي، منهنجا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيا
اٿس.
سچ ٿو چوين پٽ، سچ ٿو چوين! ڪراڙي ۽ ڪراڙيءَ گڏجي
چيو، پوءِ هو ڌيءُ ساڻ ڪري واءُ ڏانهن هليا.
واءُ او واءُ! تون سڀ کان وڌيڪ سگهه وارو آهين،
اسان جي ڌيءُ سان شادي ڪندين؟
اوهان جي وڏي مهرباني،پر مون کان به ڪو وڌيڪ سگهه
وارو آهي، آءٌ ڪيترو به زور سان لڳان، پر مجال
آهي، جو هنن سِرِن جي ٺُل جي ڪَنُ تي ڪا جونءِ به
رڙهي. بس ڳاٽ کنيو بيٺو هوندو. منهنجي سگهه جي ته
کيس ڪا پرواهه ئي ڪانهي!
ويچارن ڪراڙي ۽ ڪراڙيءَ جا منهن ئي لهي ويا. هنن
روئڻهارڪي آواز ۾ چيو، ته برابر ابا برابر سورنهن
آنا سچ ٿو چوين. هاڻ چڱو ائين ٿيندو، جو وڃي ٺل کي
پنهنجي ڌيءَ جو سڱ ڏيون. پوءِ هو پنهنجي ڌيءُ سان
ٺل وٽ آيا ۽ کيس پنهنجي ڌيءَ جو سڱ آڇيائون
ٺل ٿڌو ساهه ڀري وراڻيو، برابر مون کي واءُ ڪو نه
ٿو ڪيرائي سگهي، پر هروڀرو مان ئي سڀ کان وڌيڪ
سگهه وارو ڪو نه آهيان، انهن توهان جي ذات وارن
ڪوئن اڳيان ته منهنجي هڪ به ڪا نه هلندي آهي. اچيو
مون ۾ ٻر ڪيو وڃن. آءٌ ڪيترو به کين جهليان، پر هو
منهنجي ڪا ڪاڻ ئي ڪا نه ڪڍن. چڱو اٿوَ، ته ڪنهن
ڪوئي کي وڃي پنهنجي ڌيءُ ڏيو.
ايترو پنڌ ڪري ڪي، ٽنگون هڻي هڻي ويچاري ڪنوارڙي
ته بنهه ٿڪجي پئي هئي. سندس اکيون ڀرجي آيون. مڇون
ڏڪڻ لڳس ۽ ڏڪندي ڏڪندي پنهنجي پيءُ
ماءُ کي چيائين او امان، او بابا، منهنجي شادي
اسان جي خسيس پاڙيسري چُوسيوڪ سان ڪرايو!
سندس ماءُ پيءُ جا به هاڻي هوش جاءِ آيا هئا. هنن
فخر سان وراڻيو، نه نه، چوسيوڪ ڪو خسيس ڪوئو آهي
ڇا! هو ته جپان ۾ وڌيڪ سگهه وارو آهي، اجهو تنهن
ڏينهن فلاڻي ٺل ۾ هيڏو سارو ٻرڙ ڪيو اٿائين، اسان
تنهنجي شادي ساڻس ئي ڪرائينداسون.
پوءِ هنن جهٽ پٽ کڻي خسيس چوسيوڪ سان پنهنجي پوپري
ڌيءُ جي شادي ڪرائي ۽ وڏي ڌام ڌاوم سان هنن کي
ساڻس گڏي اماڻي ڇڏيائون. شاديءَ کانپوءِ پوپري ۽
چوسيوڪ جي زندگي ڏاڍي سکي گذرڻ لڳي. هو ڪراڙي ۽
ڪراڙيءَ جي به خدمت چاڪري ڪندا رهندا هئا. کين کوڙ
پتڪڙا پتڪڙا
ٻار به ڄاوا. سندن ڪٽنب به ڏينهون ڏينهن وڌندو
ويجهندو رهيو. |