ظالم
هڪڙو بادشاهه شڪار تي پئي ويو. ته واٽ تي هڪ ويران
شهر ڏٺائين. ان ۾ ڪي وڻ بيٺا هئا، جن ۾ چٻرن جو
جهيڙو لڳو پيو هو، بادشاهه چرچو ڪري وزير کان
پڇيو، ته وزير، اهي چٻرا ڇا پيا چون؟
وزير عرض ڪيو، ته جيئندا قبلا هنن ۾ شادي آهي.
ڪنوار جو پيءُ چوي ٿو، ته منهنجي ڌيءَ کي چاليهه
ڦٽل ڳوٺ ڏاج ۾ ڏي. گهوٽ جو پيءُ چوي ٿو، ته هينئر
چار ڳوٺ ڏاج ۾ ڏيان ٿو. اهي قبول ڪر. باقي لاءِ
ڪجهه ڏينهن ترس. هن بادشاهه جي حياتيءَ جو ڌڻي
تعاليٰ خير ڪري، چاليهه ڇا، پر سئو چوندين، ته به
حاضر ڪندس. بادشاهه ڏاڍو شرمندو ٿيو ۽ ان ڏينهن
کان وٺي اهڙو ته عدل وارو ٿيو، جو سڄي رعيت
منجهانئس خوش رهي.
ٻه ساهيڙيون
هڪ دفعي ”اميد“ پنهنجي ساهيڙي ”ڪاميابيءَ“ سان ملڻ
چاهيو، جيڪا هڪ جبل تي رهندي هئي ۽ ان جبل جو نالو
”سخت“ هو. رستي ۾ هڪ قلعو هوندو هو جنهن جو نالو
”شڪ“هو. ان ۾ ”مايوسيءَ“ نالي هڪ جادوگرياڻي رهندي
هئي. مايوسي اميد کي ان پاسي ويندي ڏٺو ۽ پهريدار
جي مدد سان، جنهن جو نالو ”وهم“ هو، اميد کي
گرفتار ڪري ڇڏيو ۽ ”شڪ“ جي قلعي ۾ هڪ سرنگهه ۾ بند
ڪري ڇڏيو. اتي اميد کي ”خودڪشي“ ۽ ”پريشاني“ ملڻ
آيون. اتفاق سان اميد جو ڀاءُ ”حوصلو“ الائي ڪيئن
اتي پهچي ويو. هن اميد کي هنن ٻنهيءَ سان ڳالهائڻ
کان روڪيو. پوءِ اميد حوصلي کي چيو، ڀاءُ مان هن
قيد مان ڪيئن نڪران؟ حوصلي چيس، ڀيڻ گهٻراءِ نه.
هيءَ وٺ چاٻي، جيڪا مون کي ”آزادي“ ڏني آهي. مان
هن سان قلعي جو دروازو کولي سگهان ٿو. اميد جڏهن
چاٻي گهمائي، ته دروازو برابر کلي ويو پاڻ ۽ حوصلو
ٻئي ٻاهر نڪري آيا. ٻنهي کي ٻاهر نڪرندي ڏسي وهم ۽
مايوسي ٻئي ڊڄي ويا ۽ اميد پنهنجي ڀاءُ حوصلي سان
گڏ وري جبل تي چڙهي. رستي ۾ وري انهن کي ”مصيبت“
جا جبل آڏو آيا. جنهن تي ٻئي همٿ سان چڙهي ويا ۽
ٿوريءَ دير کانپوءِ ان هنڌ تي پهچي ويا، جتي
ڪاميابي رهندي هئي. اُتي پهچي ٻئي ساهيڙيون خوش ٿي
پاڻ ۾ مليون. ”اميد“ ڪاميابيءَ سان رستي جي
مشڪلاتن جو احوال ڪيو، ته ڪاميابيءَ چيو، ته ڀيڻ
جڏهن به مون سان ملڻو هجئي، ته پنهنجي ڀاءُ
”حوصلي“ کي پاڻ سان گڏ رک. ڇاڪاڻ ته اهو رستي کان
چڱيءَ طرح واقف آهي. آئينده هتي اڪيلي اچڻ جي ڪوشش
نه ڪر.
چار حڪيم
ڳالهه ٿا ڪن، ته ڪنهن ملڪ ۾ هڪ وڏو حڪيم رهندو هو.
هوُ غريبن جو علاج مفت ۾ ڪندو هو. انهيءَ ڪري سڀئي
ماڻهو کيس گهڻو پيار ڪندا هئا.
هڪ
دفعي اهو حڪيم اهڙو اچي بيمار ٿيو، جو ماڻهن کي پڪ
ٿي ويئي، ته هاڻ بچندو ئي ڪين. ننڍا وڏا، ٻار ٻچا،
زالون مرد سڀئي هنجي کٽ کي وڪوڙي ويا.هنن جي اکين
مان ڳوڙها وهي رهيا هئا. اوچتو حڪيم اکيون کوليون
۽ سڀني ڏانهن نهاري چوڻ لڳو ته اوهان ڇو ٿا رويو؟
اسان کي ارمان آهي ته اوهان اسان کان وڇڙي رهيا
آهيو. هاڻ اسان جو ڪير آهي، جو اوهان وانگر آئيءَ
ويل اسان جي مدد ڪندو.
خدا جو حڪم آهي، ان کي ڪير به ٽاري نٿو سگهي.
توهان ڪو به خيال نه ڪريو. آئون اوهان لاءِ چار
وڏا حڪيم ڇڏي ٿو وڃان، جيڪي بنا اُجوري اوهان جي
خدمت ڪندا رهندا.
ماڻهن پڇيس، ته اهي ڪهڙا چار حڪيم آهن؟
حڪيم ورندي ڏني، ته اهي چار حڪيم هي آهن:
پهريون حڪيم: صبح جو سوير اٿي ڪسرت ڪجي.
ٻيو حڪيم: روزانو ڏندڻ ڪجي.
ٽيون حڪيم: صبح جو روز وهنج جي.
چوٿون حڪيم: جڏهن بک لڳي، تڏهن ماني کائجي.
انهن چئني حڪيمن جي چوڻ تي هلندوء، ته اوهان
سدائين تندرست گذاريندوء.
ايئن چئي حڪيم کڻي اکيون پوريون.
حڪيم جي وفات کانپوءِ ڳوٺ جي ماڻهن حڪيم جي صلاحن
تي عمل ڪيو ۽ واقعي هو پوءِ گهڻن ئي مرضن کان ڇُٽي
پيا ۽ تندرست گذارڻ لڳا.
اِگني بِگني
گهڻو
اڳي هڪ گدڙ۽ گداڙيءَ پاڻ ۾ شادي ڪئي. شاديءَ کان
ڳچ مهينا پوءِ گداڙي پيٽ سان ٿي. جڏهن ٻچن ڄڻڻ جو
وقت آيو، تڏهن گداڙيءَ گدڙ کي چيو، ته هاڻ ٻچا
ڪنهن اهڙيءَ جڳهه تي رڪجن، جو خطرو گهٽ هجي. گدڙ
سڄو ڏينهن جڳهه ڳولي ڳولي ٿڪجي پيو. آخرڪار شام جو
کيس هڪ غار ڏسڻ ۾ آيو، جو اصل ۾ شينهن جو هو. گدڙ
گداڙيءَ کي وٺي انهيءَ غار طرف روانو ٿيو. جڏهن
غار ۾ پهتا، ته گداڙيءَ چيو، هيءَ غار ته شينهن جي
آهي. هاڻي ڪيئن ڪريون؟ مٿان ٻچن ڄڻڻ جو وقت به
ڀرجي آيو هو، سو گداڙيءَ کڻي اتي ٻچا ڪيا. گدڙ
گداڙيءَ کي سمجهائي ڇڏيو ته جنهن مهل شينهن ايندو
ته انهيءَ مهل آئون توکان سوال پڇندس ۽ تون انهن
جا جواب ڏجانءِ. پوءِ گدڙ گداڙيءَ کي سمجهائي، غار
مان نڪري ٻاهر وڃي ويهي رهيو. جڏهن ڏٺائين ته
شينهن غار ڏانهن پيو اچي، تڏهن پاڻ ۾ هيٺيون گفتگو
شروع ڪيائون:
گدڙ: اِگني بِگني!
گداڙي: جي نظر سولا!
گدڙ: ٻچا ڇو ٿا روئن؟
گداڙي: شينهن جي ماس لاءِ.
شينهن جو اِگني بِگني جو نالو ٻڌو ۽ وري پنهنجي
ماس جو ٻڌائي، سو وٺي پوئين پيرين ڀڳو ۽ اچي بگهڙ
سان مليو. بگهڙ کي چيائين، ته ماما ڙي ماما بگهڙ!
منهنجي گهر ۾ اِگني بِگني آيا آهن، تون ڪا مون سان
واهر ڪر. بگهڙ شينهن کي ورندي ڏني ته آئون توسان
گڏجي هلان ٿو، پر ٻيلي تون آهين ڀڄڻ ۾ تکو، ڀڄي
جند ڇڏائي ويندي، پوءِ آئون ڪيئن ڪندس؟
شينهن وراڻي ڏنس، اهو خيال نه ڪر، تون منهنجي سر
سان آهين. پوءِ شينهن ڇا ڪيو، جو هڪڙو رسو کڻي ان
جو هڪڙو پاسو پنهنجي ڳچيءَ ۾ وڌائين ۽ ٻيو بگهڙ جي
ڳچيءَ ۾ ٻڌي، ٻئي گڏجي هليا غار ڏي. جڏهن غار جي
ويجهو پهتا ۽ گدڙ جي مٿن نظر پيئي تڏهن هڪل ڪري
گداڙيءَ کي چيائين، اِگني بِگني، ٻن ڏينهن جو ڍءُ
گهر ويٺي اچي ويو آهي، تون اٿي شينهن جو ڪنڌ ڀڃ،
ته آئون بگهڙ جو.
شينهن جڏهن ٻڌو ته اِگني بِگني اجهو ٿي منهنجو ڪنڌ
ڀڃي، سو اچي رڦڻيءَ ورتس ۽ وٺي پوئين پيرين ڀڳو.
بگهڙ جا ته پهرينءَ سٽ پير نڪري ويا، سو شينهن جي
پٺيان گِهلبو رهيو. آخر جڏهن شينهن ڊوڙي ڊوڙي ٿڪو
۽ وڃي گهاٽي جهنگ ۾ پيو، ڏسي ته بگهڙ ڏند ڪڍيو پيو
آهي، تڏهن ڪاوڙ مان بگهڙ کي چيائين، انصاف آهن
تنهنجا، اسان کي ساهه جي، تو کي کلڻ جي!
دِڪان ۽ دِلن
(جيڪو ٻئي لاءِ کڏ کڻندو، سو پاڻ ان ۾ ڪِرندو)
دڪا اڃا ٻن سالن جي هئي، ته سندس ماءُ گذاري ويئي
۽ جڏهن هوءَ اٺن سالن جي ٿي، ته سندس پيءُ ٻي شادي
ڪئي.
ماٽيجي ماءُ شروع ۾ دڪا کي ڏاڍو ڀانئيندي هئي.
هوءَ سندس گهڻو خيال رکندي هئي ۽ ڪڏهن به ڪپڙي لٽي
يا کاڌي ۾ ڪا تڪليف ڪا نه ڏيندي هيس. ساڻس بلڪل
سڳيءَ ماءُ وارو ورتاءُ ڪندي هئي. پر دڪا جي خوش
قسمتي عارضي هئي. ڪجهه وقت کان پوءِ دڪا جي ماٽيجي
ماءُ کي دلن نالي هڪ ڌيءَ ڄائي ۽ دڪا جا خوش
قسمتيءَ وارا ڏينهن پورا ٿيا. هاڻ هن جي ماٽيجي
ماءُ کيس پيار ڪرڻ جي بجاءِ
سدائين گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳي. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ
مار موچڙو به شروع ڪيائينس.
دلن اڃا ننڍي هئي، پر پنهنجي ماءُ جي نموني مان
سمجهي ويئي، ته دڪا جي گهر ۾ حيثيت ڪهڙي آهي؟ سو
هوءَ به پنهنجي وڏي ڀيڻ کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ ۽ وڙهڻ
۾ دير نه ڪندي هئي. چوندا آهن ته مصيبت ڪڏهن به
اڪيلي نه ايندي آهي. سو دڪا سان به اهو حال ٿيو.
اڃا هوءَ انهي ظلمن کي ئي ڪا نه وساري سگهي هئي ته
مٿان پڻس گذاري ويو. هاڻي ته هن جو حال هيڪاري
خراب ٿيندو ويو. هن کي نه ڪو پورو کاڌو ملندو هو،
نه ڪي ڪپڙو. ايتري قدر جو ماٽيجي ماءُ ۽ ڀيڻ جو
بچايل کاڌو به پيٽ ڀري کائڻ جيترو ڪونه ملندو هوس.
وقت گذرندو ويو.دڪا وڏي ٿي، ته ڏاڍي سهڻي ۽
سٻاجهڙي ٿي پيئي. پر دلن شڪل جي ڪوجهي ۽ طبع جي
خراب ٿي پيئي. هڪڙي ڀيري ڇا ٿيو، جو ڀر واري ڳوٺ ۾
شاديءَ جي دعوت ٿي. ماٽيجي ماءُ پنهنجي ڌيءَ دلن
کي اڇا اُجرا ڪپڙا پارائي دعوت تي وڃڻ لاءِ تيار
ڪيو. دڪا اهو ڏسي ماءُ کي چيو، امان مان به پنهنجي
ڀيڻ سان گڏ وڃان؟ ماٽيجي ماءُ ٽوڪ طور چيو، ”هون،
تو کي به دعوت تي وڃڻ جو شوق ٿيوآهي!“ چڱو ٻڌ!
آئون تو کي هڪڙو ڪم ٿي ڏسيان. جي اهو پورو ڪيئي،
ته دعوت ۾ به وٺي هلندي سانءِ، جي نه، ته پوءِ ماٺ
ڪري ويهي رهه. ائين چئي هن کيس پنج ٻُڪ ترن جا ۽
پنج ٻڪ اَنَ جا ملائي ڏنا ۽ چيائينس ته تر ۽ اَنَ
جدا ڪر. جي اڄوڪي ڏينهن ۾ ٻئي جدا ڪري ڏنئين، ته
تو کي دعوت ۾ وڃڻ جي موڪل ڏيندس.
دڪا نماڻين اکين سان تِرن ۽ اَنَ کي ڏٺو، جي صفا
هڪ ٻئي سان گڏيل هئا. هن ڄاتو ٿي، ته اهو ڪم کانئس
ڏهن ڏينهن ۾ به ڪونه ٿيندو. سو هڪڙي ڏينهن ۾ ڪيئن
ٿيندو!! هوءَ ڏک ۾ سڏڪا ڀرڻ لڳي. دڪا جي روئڻ تي
سندس اصلي ماءُ جو روح بهشت ۾ بي قرار ٿيو ۽ اتان
پکيءَ جو روپ وٺي اُڏاڻو. اهو پکي اڏامندو
اُڏامندو اچي دڪا جي گهر وٽ پهتو ۽ پوءِ ڇت تي
ويهي مٺڙي آواز ۾ هيءُ گيت ڳائڻ لڳو:
”روءُ نه نڪي ڏک ڪر، مٺڙي دڪا ترن ۽ اَنَ کي جدا
ڪرڻ شروع ڪر، ڏکيو ڪم ڪونهي، اچ ته آئون تو کي ان
ڳالهه جو هڪ طريقو سمجهايان، هڪڙو پرڻ کڻ ۽ انهيءَ
۾ اهي ٻئي وجهي ڇاڻ، بس پوءِ تون انهن کي جلدي ۽
سولائيءَ سان جدا ڪري سگهندين.“
پکيءَ جو اهو راڳ ٻڌي دڪا ڏاڍي خوش ٿي. هن هڪڙو
پرڻ کنيو ۽ جيئن پکي کيس ڏسيو هو، ائين ڪيائين.
هڪڙي ڪلاڪ جي اندر اندر اَنَ ۽ تر جدا ٿي ويا.
هوءَ پنهنجي ماٽيجي ماءُ ڏي ڊوڙندي ويئي ۽
چيائينس، امان مون تر ۽ اَنَ جدا ڪيا آهن، هاڻي
مان دعوت تي وڃان؟
ماٽيجي
ماءُ اها ڳالهه ٻڌي حيران ٿي ويئي. ”انهيءَ ۾ ضرور
ڪنهن غيب واري شيءِ جو هٿ آهي.“ ماٽيجي ماءُ اهو
سوچي گهڙي کن رکي کيس چيو، تون ڀانئين ٿي، ته رڳو
اهو ڪم ڪرڻو هو؟ تو کي اڃا ٻيو به ڪم ڪرڻو آهي.
هيءُ ڪا سولي ڳالهه ڪانهي. ائين چئي هن دڪا کي
پاڻيءَ ڀرڻ جا ٽي ڏول حوالي ڪندي چيائينس ته وڃ ۽
وڃي باغ ۾ پيل ٽن مٽن کي ڀر، ته پوءُ آئون تو کي
وڃڻ ڏينديس.
دڪا سوچيو ته اهو ته ڏاڍو سولو ڪم آهي. هوءَ تڪڙي
تڪڙي دٻا کڻي ويجهڙي پاڻيءَ واري چشمي ڏانهن ويئي.
پر هن کي اهو ڏسي ڏاڍي حيرت ٿي ته انهن ڏولن جي
ترن ۾ ٽُنگ هئا. سو هن جيئن ئي پاڻي ڀري ٻاهر
ڪڍيو، ته پاڻي مٽن تائين پهچڻ کان اڳ ۾ ئي هارجي
ٿي ويو. اتي منجهند اچي ٿي، پر مٽ اڃا خالي هئا.
دڪا کي ايڏي ته مايوسي ٿي جو هوءَ پنهنجا ڳوڙها
روڪي نه سگهي.
دڪا جي اصلي ماءُ جي روح پنهنجي ڌيءَ جي روئڻ جو
آواز ٻڌو. هوءَ وري پکيءَ جي صورت ۾ ڌيءَ وٽ پهتي
۽ هڪڙي وڻ جي ٽاريءَ تي ويهي هيٺيون راڳ ڳائڻ لڳي:
”دڪا! دڪا! منهنجي ڳالهه ٻڌ. مٽ پاڻيءَ سان ڀرڻ
ڏکيو ڪم ڪونهي. ڏولن جا ٽنگ گپ گاهه سان بند ڪر.
پوءِ تنهنجو ڪم جلد ختم ٿي ويندو.“
دڪا پکيءَ جي چو ڻ تي عمل ڪيو. هن ڏول جا ٽنگ گپ ۽
گاهه سان بند ڪيا ۽ مٽ جلدي ڀرجي ويا. ٻيو شرط
پورو ڪري دڪا پنهنجي ماٽيجي ماءُ ڏي ڊوڙندي ويئي ۽
چيائين، ته امان مون مٽ پاڻيءَ سان ڀري ڇڏيا آهن،
هاڻي مون کي وڃڻ جي موڪل ڏي!
ماٽيجي ماءُ هن ڏانهن نهاري سخت لهجي ۾ چيو، پر تو
وٽ نوان ڪپڙا ته آهن ئي ڪونه. تون ڪيئن وينديءَ؟
پنهنجي ڀيڻ ڏي ته ڏس، هن وٽ نئون نيرو ريشمي وڳو
آهي، ۽ موتين سان جڙيل جُتي آهي. پاڻ ڏي ته ڏس،
تنهنجا ڪپڙا ڪهڙا ته ميرا آهن، جي تون ويندينءَ،
ته تو کي ڪو به مهمان ڪونه سمجهندو. سڀ چوندا، ته
ڪا فقيرياڻي آهي! ائين چئي، ماٽيجي ماءُ دڪا کي
اتي بيٺل ڇڏي، پُٺي ڏيئي هلي ويئي، پر اصلي ماءُ
کي آرام ڪٿان ٿو اچي! هن جو روح وري پکيءَ جو روپ
وٺي اُڏاڻو ۽ دڪا جي گهر پهچي هيءُ گيت ڳائڻ لڳو:
”دڪا! دڪا! منهنجي مٺڙي دڪا روءُ نه، نڪي ڏک ڪر.
وڃ ۽ وڃي نم جي وڻ ۾ ڏس، اتي تو کي نوان ڪپڙا ۽
نئين جتي ملندي.“
اهو آواز ٻڌي دڪا ڊوڙي نم جي وڻ وٽ ويئي ۽ اتي
ويهي پنهنجي ننڍڙي هٿن سان مٽي کوٽڻ لڳي. اڃا ٻه
ٽي ٻڪ ئي مس ڪڍيائين ته کيس هڪڙي ننڍڙي هڙ نظر
آئي. هن هڙ کولي ته ان مان هڪڙو سهڻو ريشمي وڳو،
موتين سان جڙيل ڳاڙهي جُتي، سونن ڪنگڻن جو جوڙو ۽
سونا ايرينگ نڪتا. دڪا هڪدم هٿ منهن ڌوئي لٽا ۽
ڳهه پاتا. پوءِ هوءَ ڊوڙندي ماٽيجي ماءُ وٽ ويئي
۽ چيائنس، امان مون نوان ڪپڙا پاتا آهن، هاڻ ته
مون کي وڃڻ ڏي!
ماٽيجي ماءُ اهو ڏسي حيران ٿي ويئي! گهڻو لُڇي
۽ڦٿڪي، پر آخر دڪا کي موڪل ڏيڻي پيس. هيءُ پهريون
دفعو هو جو دڪا ڪنهن شاديءَ جي دعوت ۾ ٿي ويئي. سو
هوءَ ايڏي ته خوش هئي جو سڄي واٽ نچندي ٿي ويئي.
واهه جي مٿان لنگهندي هن جو پير هڪڙي پٿر سان
ٿاٻڙجي پيو، جنهنڪري پير مان هڪ پادر نڪري وڃي
واهه ۾ ڪريس. پر هن ڪو به خيال نه ڪيو ۽ شاديءَتي
هلي ويئي. ان مهل هڪڙو نوجوان هڪ سهڻي گهوڙي تي
سوار اُتان اچي لانگهائو ٿيو. هن جو نالو
”هسيوسائي“ هو. پُل جي مٿان اچي هن جو گهوڙو گَههُ
ڪري بيهي رهيو. هن گهڻو ئي گهوڙي کي هڪليو ۽ چهبڪ
هنيا، پر گهوڙو اڳتي وڌڻ کان نابري واري بيهي
رهيو. نوجوان کي گهوڙي جي هن گهُه تي ڏاڍي حيرت
لڳي. هن هيڏي هوڏي نهاريو، ڏسي ته پريان واهه ۾ هڪ
ڳاڙهي جتيءَ جو پادر پاڻيءَ ۾ ترندو ٿو اچي.هن کي
دل ۾ اچي اها ڳالهه ويٺي،ته لاشڪ انهيءَ جُتيءَ
واري ڇوڪريءَ سان منهنجو انگ لکيل آهي. سو گهوڙي
تان لهي واهه ۾ گهڙيو ۽ اتان اهو پادر ٻاهر ڪڍي
آيو ۽ ماڻهن ۾ اچي مشهور ڪيائين ته جنهن ڇوڪريءَ
جو اهو پادر هوندو، مان ان سان شادي ڪندس. اهو
نوجوان ڏاڍو اشراف ۽ شاهوڪار ماڻهو هو. دڪا کي
انهن ڳالهين جي ڪا ڀڻڪ ئي ڪا نه پئي. پر سندس
ماٽيجي ماءُ کي خبر پئجي ويئي. سو هوءَ هسيوسائيءَ
سان وڃي ملي ۽ چيائينس ته هيءَ جتي منهنجي ڌيءَ
دلن جي آهي.
نوجوان وراڻيو، ته پوءِ هن کي موڪل، ته هوءَ
پنهنجي جتي سڃاڻي.
ماءُ چيو، هو شادي جي دعوت ۾ ويئي آهي پر جلدي
موٽي ايندي. ٿوري ئي وقت کانپوءِ دڪا ۽ دلن پرئين
پاسي کان اينديون نظر آيون. دلن ڏانهن اشارو ڪندي
ماءُ چيو، ڏس اها دلن پيئي اچي. منهنجي ڌيءَ اها
اٿيئي، جنهن کي نيرو ريشمي وڳو پيو آهي. ائين چئي
هوءَ تڪڙي دلن وٽ ويئي ۽ چيائينس، ڌيءُ، هن نوجوان
تنهنجي وڃايل جتي لڌي آهي. سو وڃي چئينس، ته اها
تنهنجي آهي، پر دڪا کي ته خبر هئي ته جتي هن وڃائي
آهي. سو هن اڳتي وڌي چيو ته سائين هيءَ جتي منهنجي
آهي، مهرباني ڪري مون کي موٽائي ڏيو.
دڪا جا اهي لفظ ٻڌي ماٽيجي ماءُ ڪاوڙ ۾ تپي باهه
ٿي ويئي.
”جتي دلن جي آهي.“ هن ورندي ڏني. ”ڏائڻ اها تنهنجي
ڪٿان آئي؟“ هن ائين چئي دڪا کي چماٽ ڦهڪائي ڪڍي.
اهو ڏسي نوجوان چيو، جهيڙو نه ڪريو، هيئن ڪريو، جو
آئون هي ڪنڊن جي ڍنگهري هتي پل تي ٿو رکان. اوهان
ٻئي ان وٽان لنگهو. جنهن جي ڪپڙن ۾ اهاڍنگهري
ڦاسندي، مان سمجهندس ته جتي انهيءَ جي آهي، ائين
چئي هن هڪڙي ڪنڊن جي ڍنگهري کنئين ۽ ان کي پل جي
بلڪل وچ تي وڃي رکيائين ۽ پوءِ پاڻ پري بيهي تماشو
ڏسڻ لڳو. پهرين دلن اڳتي وڌي. هن پنهنجي ڪپڙن کي
وٺي کنڊيريو، ته جيئن ڪنڊا ان ۾ وچڙن، پر هوءَ
ناڪام موٽي آئي. هاڻ دڪا اڳتي وڌي. هوءَ ڍنگهريءَ
جي ويجهو پهتي، دلن وانگر ڄاڻي واڻي ڪپڙن کي ڪو نه
کنڊيريائين، پرڇا ٿيو ، جو اوچتو هوا جو هڪ زوردار
جهوٽو لڳو ۽ هن جو پلئه اُڏامي وڃي ڪنڊن ۾ ڦاٿو.
نوجوان هڪدم جتي دڪا کي موٽائي ڏني ۽ ستت ئي پوءِ
هو نهايت ڌام ڌوم سان دڪا سان شادي ڪري کيس ڪنوار
بنائي پنهنجي گهر وٺي آيو.
دڪا ۽ سندس مڙس جو هڪ ٻئي سان ڏاڍو پيار هو. هو
نهايت آرام سان حياتي گذاري رهيا هئا. هاڻي دڪا کي
ماٽيجي ماءُ جا ظلم سهڻا ڪو نه ٿي پيا. ٿورن ئي
ڏينهن ۾ کيس هڪڙو چنڊ جهڙو پٽ ڄائو. هڪڙي دفعي
هوءَ ڏوليءَ ۾ ويهي پٽ کي ماٽيجي ماءُ وٽ گهمائڻ
ويئي، هن جي شاندار ڏولي کي ڏسي، ماٽيجي ماءُ اندر
۾ سڙي ويئي، پرمٿان رک رکاءُ ڪري ڪوڙي خوشي ظاهر
ڪرڻ لڳي. هن چيو، ته پياري ڌيءَ تو کي ڏسڻ لاءِ ته
اکيون آتيون هيون. هاڻي ڪجهه ڏينهن هتي رهي آرام
ڪر. ان کانپوءِ هن دڪا لاءِ نهايت شاندار ماني
تيار ڪئي. جڏهن دلن ڏٺو، ته سندس ماءُ دڪا جو
ايترو آڌر ڀاءُ ٿي ڪري، ته هوءَ ڏک وچان گهر جي
باغ ۾ هلي ويئي ۽ اتي سڏڪا ڀري روئڻ لڳي.
چري ڇوڪري، ماڻس ڪن ۾ اچي چيس، تون مون کي بيوقوف
ٿي سمجهين، ائين چئي هن آهستي دلن کي پنهنجي سڄي
سازش کان واقف ڪيو. دلن خوش ٿي ويئي. نچندي ٽپندي
پنهنجي ڀيڻ وٽ مانيءَ تي اچي ويٺي. مانيءَ کانپوءِ
هن دڪا کي چيو، ته ادي تون الاهي ڏينهن کانپوءِ
گهر آئي آهين، هل ته پنهنجي کوهه وٽ هلي جهاتي
پائي ننڍپڻ وانگر پنهنجا پاڇولا ڏسون. دڪا هن کي
خوش ڪرڻ جي خيال کان چيو، هل ته هلون. جڏهن ٻئي
ڄڻيون کوهه وٽ آيون ۽ دڪا هيٺ نئڙي ليئو پاتو، ته
دلن ڇا ڪيو، جو دڪا کي وٺي زور سان ڌڪو ڏنائين.
دڪا ويچاري وڃي کوهه ۾ ڪري. اهو ڏسي دلن خوش ٿي.
پاڻ جلدي موٽي دڪا جهڙا ڪپڙا پائي ماءُ سان صلاح
ڪري دڪا جي ٻار کي چيائين، پٽ هل ته گهر هلون.
ٻار ڏٺو ته هيءَ منهنجي ماءُ ڪانه آهي. سو هن چيو،
نه آئون تو سان ڪونه هلندس. تون منهنجي ماءُ نه
آهين. امان کي منهن تي چٽا ڪونهن. دلن وراڻيو ته
تنهنجي نانيءَ منهنجي لاءِ پٽاٽا پئي
تريا، سو مون کي منهن تي تيل جا ڇنڊا اچي لڳا آهن.
بيوقوف تون ائين ٿو سمجهين، ته آئون تنهنجي ماءُ
نه آهيان. ٻار کي اعتبار اچي ويو ۽ هو دلن سان گڏ
واپس شهر ويو. جڏهن دلن ڏوليءَ ۾ ويٺي، ته ڏولي
کڻندڙن کي ڪجهه وڌيڪ بار محسوس ٿيو. هنن هڪ ٻئي
چيو، ته ڏسو ته سهي ٻار ۽ ماءُ اڳي کان ڳرا ٿي ويا
آهن. دلن اهو ٻڌي چيو ته چوندا آهن ته چانورن کائڻ
کانپوءِ پيٽ وڌي پوندو آهي ۽ پٽاٽا کائڻ سان بار
وڌي ويندو آهي. سو مون چانور ۽ پٽاٽا کاڌا آهن.
جڏهن هوءِ گهر پهتي ته رات هئي پر پوءِ به دڪا جي
مڙس کي ڪجهه شڪ پيو. ٻئي ڏينهن تي هن ڏٺو، ته هيءَ
منهنجي سچي پچي زال ڪانهي، پر دلن آهي. هن سمجهيو،
ته مون سان دغا ته وڏي ٿي آهي، پر خوف سببان کڻي
ماٺ ڪيائين. ته ڪٿي سندس اصلي زال دڪا کي نقصان نه
پهچي. پوءِ هو لڪل نموني زال جي ڳولا ڪندو رهيو.
هڪڙي ڏينهن هسيوسائي جيئن جهنگ مان پئي لنگهيو، ته
سندس ڪن ۾ آواز آيو. ڪُو! ڪُو! ڪُو! ڪُو!
سهڻيءَ زال بدران چٽن واري ڇوڪري مليس.
ڪو! ڪو! ڪو!
هن ڏٺو، ته هڪڙو ننڍو پکي اُُهو چئي رهيو هو. هن
کي شڪ پيو ته ڪٿي اهو پکي سندس زال جو روح نه هجي!
پکيءَ ڏي نماڻيون اکيون کڻي هن چيو، ته اي پکي، جي
تون منهنجي پياري زال دڪا جو روح آهين، ته پوءِ
منهنجي ڪلهن تي اچي ويهه. ائين چوڻ شرط پکي اُڏامي
اچي سندس ڪلهي تي ويٺو. هن پکيءَ کي آڻي پنهنجي کٽ
جي سيرانديءَ وٽ هڪڙي پڃري ۾ وهاريو. هڪڙي ڀيري
دلن پنهنجي منهن ويٺي مٽي ڳوهي، ته هن جي ڪن ۾
پکيءَ جو آواز آيو، جو پڃري ۾ چئي رهيو هو:
ڪو! ڪو! ڪو! ڪو! خوني خوني!
ڀيڻ جي خوني! ڪو! ڪو! ڪو!
هوءَ هڪدم ڪاوڙ مان اٿي ۽ چاقو کڻي پڃرو کوليائين
۽ امالڪ پکيءَ کي ڪهي ڇڏيائين. شام جو مڙس اچي
ڏسي، ته پکي ٺهي ئي ڪو نه. هن جي پڇڻ تي دلن
ٻڌايس، ته مون پکي کي ماري ڇڏيو آهي. اها ڳالهه
ٻڌي، مڙس وسامي خاڪ ٿي ويو. حيرت ۾ چيائين، ته تو
هن جيتامڙي کي ماريو ڇو؟
”سندس
گوشت کائڻ لاءِ.“ ائين چئي رڌڻي مان پکيءَ جو پڪل
گوشت کڻي آئي. ٿورو ذرو کائڻ سان هن کي پيٽ ۾ اچي
سور پيو. دلن گوشت کڻي ڦٽو ڪيو. سور وڌڻ لڳس. جتي
دلن گوشت ڦٽو ڪيو، اتي هڪڙو وڻ ڦٽو، جنهن جي هيٺان
گهاٽي ڇانوَ ٿي بيٺي. پاڙي جا ماڻهو ان وڻ جي
هيٺان اچي ويهندا هئا. هڪڙي ڏينهن جيئن مڙسهنس ان
وڻ جي هيٺان ڇانوَ ۾ ويٺو ته مٿان وڻ مان هڪڙو
ميوو ڪريو. هن کڻي کاڌو ته ڏاڍو مزيدار لڳس. دلن
به ريس تي وڻ هيٺان وڃي ويٺي. ميوو ته ڪو نه ڪريو
پر اوچتو هڪڙي ٽاري نمي، دلن کي وارن کان جهلي،
ڇڪي زمين کان مٿي ڪيو. هوءَ رڙيون ڪري مڙس کي مدد
لاءِ سڏ ڪرڻ لڳي. هسيوسائي رڙيون ٻڌي ٻاهر نڪتو ۽
ٽاريون پري ڪري دلن جا وار ڇڏايائين. دلن ڦهڪو ڪري
وڃي پٽ تي ڪري ۽ سندس سڄو بت سور ڪرڻ لڳو. هن هڪدم
اٿي ڪهاڙي کڻي وڻ جون سموريون ٽاريون ڪپي ڇڏيون.
پاڙي جا ماڻهو اها خبر ٻڌي ڪپيل وڻ ڏسڻ آيا. انهن
۾ هڪڙي پوڙهي مائي به هئي. تنهن هسيوسائيءَ کان
هڪڙي ٽاري گهري ورتي. پوءِ هن اها ٽاري کڻي وڃي
پنهنجي سٽ ڪتڻ واري چرخي ۾ هنيائين. ان مان ڇا
ٿيو، جو جيڪو ڪم هوءَ سڄي ڏينهن ۾ ڪندي هئي، سو
هاڻي ڪلاڪن ۾ پورو ٿي پئي ويو ۽ هن جي آڏاڻي مان
ڪپڙو به خودبخود اڄڻ لڳو. هن حيرت ۾ پئجي پاڙي
وارن کان پڇيو، ته ائين ڪپڙو اُُڄي سگهي ٿو؟ پر
ڪنهن به ان جي هاڪار نه ڪئي. نيٺ هن ڇا ڪيو، جو
ٻئي ڏينهن لڪي ويٺي، ڇا ڏسي ته ان ڪاٺيءَ مان هڪڙي
موچاري ڇوڪري نڪتي ۽ وڃي ڪپڙو اُڻڻ ويٺي. هوءَ
پوڙهي مائي ته حيران ٿي ويئي ۽ هڪدم ڪمري ۾ وڃي
ڇوڪريءَ کي ٻانهن کان جهليائين ۽ چوڻ لڳي، ته تون
ته ڪا عجيب ڇوڪري آهين! تنهنجو نالو ڇا آهي؟ ڇوڪري
گهڻا ئي وس ڪيا، ته ڀڄي نڪري، پر پوءِ مائيءَ هن
کي زور سان جهليو بيٺي هئي. پوڙهي امان! هن
ڇوڪريءَ آخرڪار چيو، آئون اها ڇوڪري آهيان، جنهن
کي نه ماءُ نه گهر!
” ته پوءِ ٻچڙي اڄ کان تون منهنجي آهين.“ پوڙهيءَ
کيس جواب ڏنو.
انهيءَ کانپوءِ اها ڇوڪري پوڙهي مائيءَ جي گهر
رهندي هئي ۽ گهر جو سڄو ڪم ڪار پاڻ ڪندي هئي.
پوڙهي مائي آرام ۾ هئي. هڪ دفعي ڇوڪري پوڙهيءَ کي
ٻڌايو. ته آئون اڄ کان گهڻو اڳي خون ڪئي وئي هيس.
هاڻي آئون هڪ روح آهيان. نڪي جسم اٿم نڪي ماس. تون
بازار وڃ ۽ تازيون چاپون وٺي اچ. انهن کي اُٻار.
جڏهن اُٻاريل چاپن جو پاڻي پيئنديس. تڏهن آئون
موٽي انساني صورت ۾ ايندس. پوڙهي هڪدم ائين ڪيو.
جيئن ڇوڪريءَ کيس ٻڌايو، ڇوڪري هاڻي نهايت سهڻي ٿي
پيئي.
هڪڙي ڏينهن ڇوڪريءَ چيو، امان، اڄ موسم ڏاڍي سٺي
آهي، منهنجي مرضي آهي، ته تون هڪڙي مهمان کي دعوت
ڏي.
”ڪنهن کي دعوي ڏيان؟“ پوڙهيءَ پڇيو.
”هسيوسائي پنهنجي ڳوٺ وارو چڱو مڙس.“ ڇوڪريءَ
ورندي ڏني.
”ٻچڙي اهو امير ماڻهو، سو اسان غريبن وٽ ڪيئن
ايندو؟“ پوڙهي ويچاريندي چيو.
”ان جو تون خيال نه ڪر رڳو وڃي چئينس، ته منهنجي
ڌيءَ تو کي دعوت ڏني آهي ۽ اهو به چئينس ته پٽ کي
پاڻ سان گڏ وٺيو اچي.“ ڇوڪريءَ چيو.
پوڙهي مائيءَ ڏٺو، ته ڇوڪري پنهنجيءَ هوڏ تان ڪا
نه لهندي. سو اوڏيءَ مهل هسيوسائيءَ جي گهر ڏانهن
رواني ٿي. هسيوسائي پوڙهيءَ جي دعوت قبول ڪئي ۽
پنهنجي پٽ کي ساڻ وٺي پوڙهيءَ سان گڏجي هليو آيو.
گهر پهچڻ شرط پوڙهيءَ ڇوڪريءَ جي چوڻ موجب کاڌو
تيار ڪرڻ لڳي. هوءَ ڇوڪري گهر جي دريءَ جي اوٽ ۾
لڪي ٻار کي ڏسڻ لڳي ۽ پاڻ ٻاهر ڪا نه نڪتي.
پوڙهيءَ ماءُ، ٻار کي ڪڪڙ جي ٽنگ کائڻ لاءِ ڏني،
جيڪا ٻار نهايت مزي سان کائڻ لڳو. اوچتو هڪڙي وڏي
ڪاري ٻلي آئي ۽ ٻار کان ڪڪڙ جي ٽنگ ڦري ان دريءَ
ڏانهن وٺي ڀڳي، جتي ڇوڪري لڪي بيٺي نهاريو. ٻار به
ٻليءَ جي پويان ڀڳو. جڏهن دريءَ وٽ پهتو، ته سندس
نظر وڃي ڇوڪريءَ تي پيئي. هنجي وات مان بي اختيار
دانهن نڪتي. منهنجي امان!!
هسيوسائي آواز ٻڌي دريءَ ڏانهن ڀڳو ۽ ڇوڪريءَ کي
ڏسي خوشي ۽ حيرت ۾ وائڙو ٿي بيهي رهيو. هن جي
اڳيان دڪا بيٺي هئي، جنهن جي هنج ۾ سندس پٽ هو.
دڪا جي ڳلن تان ڳوڙها وهي رهيا هئا ۽ ٻار کلي رهيو
هو. هسيوسائي بي اختيار ”منهنجي دڪا“ چئي وٺي
ڊوڙيو ۽ هن سان چهٽي ويو. هوءَ ٻئي ڏينهن وري
پوڙهي ماءَ جي گهر آيو ۽ پنهنجي اصلي زال کي وڏي
شان مان پنهنجي گهر وٺي آيو. جڏهن دلن دڪا کي
ڏٺو، ته هوءَ ڏاڍي ڊني. پر بي حيائي ڪري چيائين ته
ادي تنهنجو پير ترڪي پيو هو، سو تون کوهه ۾ ڪري
پيئي هئين. اسان سمجهيو ته تون ٻڏي وئين. لاچار
مون تنهنجي ٻار جي پالڻ لاءِ هيءُ سانگ ڪيو. دڪا
ڪجهه نه ڪڇيو. دلن ڏاڍي لڄي ٿي، پر پوءِ به بي
حيائي ڪري اتي ٽڪي پيئي. هڪڙي ڏينهن هن دڪا کان
پڇيو، تنهنجي چمڙي ايتري اڇي ڇو آهي؟
دڪا وراڻي ڏنيس ته منهنجي ماءُ مون کي ننڍڻ ۾
اکريءَ ۾ وجهي مُهريءَ سان ڪٽيو هو، تنهنڪري آئون
ايتري اڇي ٿي آهيان.
سچ؟ دلن بي اعتباريءَ کان پڇيو.
تون پاڻ ڏس. ته جڏهن سارين کي اکريءَ ۾ وجهي ڪٽبو
آهي، ته اڇا چانور نڪرندا آهن. پوءِ ڀلا ماڻهو ڇو
نه اڇو ٿيندو؟ دڪا مثال ڏيئي سمجهايس.
”ته چڱو، سڀاڻي آئون به ٿي امان وٽ وڃان. پنهنجي
چمڙي اڇي ڪرايان.“ دلن جواب ڏنو.
پوءِ صبح سان ماءُ وٽ ويئي ۽ ماءُ کي وڃي سڄي
ڳالهه ٻڌايائين. پوءِ ماءُ کي چيائين. امان خبر
اٿئي، دڪا جي
چمڙي اڇي ڇو آهي؟ انهيءَ ڪري جو هن جي ماءُ کيس
ننڍپڻ ۾ اُکريءَ ۾ وجهي مهريءَ سان ڪٽيو هو. سو
هاڻي تون به مون سان ائين ڪر، ته آئون به اڇي
ٿيان.
ائين چئي هن هڪدم کڻي مٿو اکريءَ ۾ وڌو.
ماڻس چيس، ته بيوقوف ڇوڪري ڪير ائين به اڇو ٿيو
آهي؟ اهو ٻڌي دلن ڇا ڪيو، جو مُهري کڻي امالڪ
پنهنجي مٿي ۾ هنيائين، ڌڪ لڳڻ سان اتي ئي چٿجي مري
ويئي. ماڻس کي دلن جي موت تي ڏاڍو افسوس ٿيو ۽
هوءَ به انهيءَ غم ۾ ٻن ٽن ڏينهن ۾ مري ويئي. هنن
ٻنهي ماءُ ڌيئرن جا روح پکي بنجي ويا، جن کي اڄ به
”چيو چيائو“ جي نالي سان سڏيندا آهن. هو ڏينهن رات
اهو ڳائيندا وتندا آهن، ته جيڪو ٻئي لاءِ کڏ
کوٽيندو آهي، سو پاڻ ئي ان ۾ ڪرندو آهي.
ان ڏينهن کان پوءِ هسيوسائي ۽ دڪا حياتيءَ جا باقي
ڏينهن نهايت مزي ۽ آرام سان گذارڻ لڳا.
|