سيڪشن؛  ٻاراڻوادب

ڪتاب: آکاڻيون (ڀاڱو پهريون)

 

صفحو : 3

الحمراء جو خزانو

اسپين ۾ عرب حڪمرانن جي زماني جون ڪيتريون ئي خوبصورت ۽ عاليشان عمارتون آهن، جن ۾ الحمراء جو شاهي محل گهڻو مشهور آهي. هن محل جي اڳيان هڪ وڏو صحن آهي. جنهن کي حوضن وارو صحن ڪوٺيو وڃي ٿو. هن صحن ۾ بيشمار حوض ٺهيل آهن، جن ۾ پاڻي گڏ ڪيو ويندو هو. هن جي هڪ ڪنڊ ۾ هڪ کوهه به هو، جيڪو ٽڪر جي چوٽيءَ تي کوٽي ٺاهيو ويو هو. گرميءَ جي مند ۾ پخالي پاڻيءَ جا وڏا وڏا مٽ ڀري گڏهن تي لڏي شهر ڏانهن کڻي وينداهئا ۽ اهڙيءَ ريت سندن اچ وڃ جو سلسلو ڪافي رات تائين هلندو رهندو هو. انهن پخالين ۾ برخيل نالي هڪ شخص هو، جو نهايت کلمک، زنده دل ۽ شيرين زبان ماڻهو هو.

برخيل پاڻيءَ جا مٽ ڀري انجير جي پنن سان ڍڪي ڇڏيندو هو، ته جيئن اهي گرم هوائن کان بچيل رهن. جڏهن برخيل پاڻيءَ جي مٽن سان لڏيل گڏهه کي هڪليندو غرناطا شهر جي رياستن تان گذرندو هو، تڏهن نهايت وڻندڙ آواز ۾ چوندو هو:

اچو، الحمراء جي کوهه جو پاڻي پي ڍوء ڪريو، جيڪو بلور وانگر شفاف آهي. الحمراء جو پاڻي، جنهن مان ملي زندگاني.

برخيل جڏهن بلوري گلاس ۾ پاڻي وجهي ڪنهن گراهڪ کي پيش ڪندو هو، ته گڏوگڏ ڪا نه ڪا کل ڀوڳ جهڙي ڳالهه به ڇيڙيندو هو، جيڪا ٻڌي گراهڪ کلڻ کانسواءِ رهي نه سگهندو هو. مطلب ته برخيل  غرناطا جي شهر ۾ گهڻو

 

 

 مشهور هو. هن پنهنجي ڏک ڀري زندگي ۽ غريبي کي خوش مزاجيءَ جي پردن ۾ لڪائي رکيو هو. شام جو جڏهن پاڻي وڪڻي گهر موٽندو هو ته هن جا ننڍڙا ٻچا کيس چمڙن وانگر چهٽي عجيب عجيب فرمائشون ڪندا هئا. هو کانئس نموني نموني جون مٺايون گهرندا هئا، پر برخيل کين ڪو نه ڪو سچو ڪوڙو بهانو ڏيئي وندرائي ڇڏيندو هو. هن جي زال کيس گهڻو پريشان ڪندي هئي. هو پاڻ جيترو خوش طبع هو، اوترو ئي هن جي زال چيڙاڪ ۽ جهيڙاڪ هئي. چٽي ۽ فضول خرچيءَ سان گڏ هن ۾ ٻارن جي پرورش جو ڍنگ به ڪين هو. انهيءَ کانسواءِ هوءَ هار سينگار جي شوقين ۽ ڳائڻ وڄائڻ جي عادي هئي. ميلن ملاکڙن جي ڏينهن ۾ برخيل جي گڏهه تي سوار ٿي پرانهن هنڌن ڏانهن نڪري ويندي هئي ۽ ويچارو برخيل گهر ۾ ٻارن جي نگهباني ڪندو هو. هو وڏيءَ محنت ۽ تڪليف سان انهن کي پاليندو رهندو هو. جڏهن به هن کي ڪا فرصت ملندي هئي ته هو انهن کي باغ جي سير ڪرائڻ لاءِ وٺي ويندو هو.

 

 

گرمين جي هڪ رات جي ڳالهه آهي. چانڊوڪي رات هئي، برخيل کي ويٺي ويٺي خيال آيو، ته گهڻن ڏينهن کان ٻارن کي سير ڪرائڻ لاءِ وٺي نه ويو آهيان، ڇو نه هڪ چڪر پاڻيءَ جو وڌيڪ ڏيئي آچر جي ڏينهن لاءِ، تفريح جو خرچ ڪڍان. اهو سوچي برخيل اٿيو ۽ سڌو الحمراء جي کوهه تي پهتو. ان وقت چئنين طرف خاموشي ڇانئيل  هئي، کوهه جي پٿر جي بينچ تي هڪ پوڙهي عرب مسافر، نهايت جهيڻي آواز ۾ هن کي پنهنجي طرف سڏ ڪري چيو:

”مان ڏاڍو بيمار آهيان، پر هن وقت شهر ۾ پهچڻ گهران ٿو. تون جيڪڏهن مون کي پنهنجي گڏهه تي چاڙهي شهر پهچائين، ته آئون تو کي پاڻي کڻي وڃڻ جي مزوريءَ کان ٻيڻو ڏيندس.“

برخيل جي دل بيمار عرب کي ڏسي رحم سان ڀرجي آئي. هن نهايت همدرديءَ سان جواب ڏنس، خدا نه ڪري، جو آئون تو جهڙي هڪ بيمار ۽ ڪمزور کان مزوري وٺان. اُٿ منهنجي گڏهه تي چڙهه.

برخيل پوڙهي مسافر کي گڏهه تي وهاري شهر ڏانهن روانو ٿيو. هلندي هلندي برخيل پڇيس. اوهان شهر ۾ ڪنهن وٽ ويندا؟

اهو ئي سوچي رهيو آهيان. افسوس ته منهنجو ڪو به ٺِڪاڻو ڪو نه آهي. آئون بلڪل اََوڦٽو آهيان. جيڪڏهن تون هڪ رات لاءِ پنهنجي گهر ۾ پناهه ڏين، ته آئون ساري عمر تنهنجو احسان مند رهندس. خدا تنهنجي هن نيڪيءَ جو تو کي بدلو ڏيندو!

نيڪ دل برخيل راضي ٿي ويو ۽ هو عرب کي پنهنجي گهر وٺي آيو. اڌ رات گذري چڪي هئي. چئني طرف خاموشي هئي پر جيئن ئي برخيل پوڙهي عرب کي وٺي گهر ۾ گهڙيو، ته هن جي زال تپي باهه ٿي ويئي چيائين. آڌيءَ رات جو ڪهڙي ڌارئي مرد کي وٺي آيو آهين؟

”صبر ڪر! هيءَ هڪ بيمار پرديسي آهي. خدا اسان کي هن نيڪيءَ جو بدلو ڏيندو. وڃ ۽ وڃي تڏو کڻي اچ.“ برخيل نهايت نرميءَ سان زال کي جواب ڏنو ۽ عرب کي سهارو ڏيئي اڃا تڏي تي ليٽايائين مس، ته هن تي بيهوشيءَ جو دورو پئجي ويو. آخر جڏهن هن کي هوش آيو، ته هن نهايت ضعف جي حالت ۾ ورندي ڏني، منهنجو آخري وقت اچي پهتو آهي. خدا تو کي خوش رکي! وٺ هي ننڍڙي دٻي. هن کي سنڀال سان رکجانءِ. مون وٽ بس اها ئي موڙي آهي، جيڪا آئون تو کي تنهنجي محنت جي بدلي ۾ ڏيئي رهيو آهيان. هن کي سنڀالي رکجانءِ. ايترو چئي پوڙهي عرب دم ڏنو. برخيل جلدي ڪري پوڙهي جي لاش کي تڏي ۾ ويڙهي گڏهه تي رکي درياءَ ڏانهن روانو ٿيو.عين انهيءَ وقت سندس هڪ پاڙيسري حجام جاڳي رهيو هو. هو نهايت شرير هو ۽ هميشھ برخيل جي خلاف ڪا نه ڪا ڪوڙي ڳالهه يا افواهه اٿارڻ جو عادتي هو. جنهن وقت برخيل جي زال گوڙ ڪري رهي هئي، ان وقت هو پنهنجي گهر جي دريءَ مان ڪن ڏيئي سڀ ڪجهه ٻڌي رهيو هو. هن پوڙهي عرب کي به اندر ويندي ڏٺو هو ۽ جڏهن برخيل مسافر جو لاش کڻي روانو ٿيو، ته هو به آهستي آهستي پٺيان هلڻ لڳو. برخيل درياءَ جي ڪناري تي پهچي عرب جي لاش کي گڏهه تان لاٿو ۽ اتي وڻن جي جهڳٽي ۾ کَڏ کوٽي دفن ڪري ڇڏيو. حجام پري کان سڀ ڪجهه لڪي ڏسندو رهيو. جڏهن برخيل واپس گهر ڏانهن موٽيو، تڏن حجام به پٺيانس اچي رهيو هو. هو ساري رات پنهنجي ذهن ۾ نموني نموني جا خيالي گهوڙا ڊوڙائيندو رهيو. هن سوچيو، ته ضرور برخيل انهيءَ شخص کي ڦري پوءِ قتل ڪيو هوندو. انهيءَ ڪري ئي سندس زال کيس گهٽ وڌڳالهائي رهي هئي. معلوم ٿئي ٿو، ته اهو مسافر ڪو وڏو واپاري هو. هن اهو سوچي سارو قصو شهر جي قاضيءَ کي اچي ڪري ٻڌايو. شهر جو قاضي وڏو لالچي هو. هن اهو سوچي سارو قصو  شهر جي قاضيءَ کي اچي ڪري ٻڌايو. شهر جي قاضي وڏو لالچي هو. هن حجام کي چيو، ته هڪدم برخيل کي وٺي منهنجي جاءِ تي اچ. حجام جلدي برخيل جي گهر ويو ۽ هن سان سلام دعا ڪرڻ کانپوءِ  چيائي، تو کي شهر جي قاضيءَ ضروري ڪم لاءِ گهرايو آهي. برخيل سوچيو، شايد قاضيءَ کي الحمراء جي کوهه جي پاڻيءَ جي ضرورت هوندي. انهيءَ ڪري هو  وڏي دلجاءِ سان هن جي جاءِ تي پهتو. قاضيءَ وڏي نرميءَ سان پڇيس، اهو مسافر ڪير هو؟

برخيل سارو قصو بيان ڪيو ۽ ٻڌايائين، ته انهيءَ عرب مسافر مرڻ وقت دٻلي ڏني. هن وٽ نڪي ته ڪو پائي پئسو  هو ۽ نه وري ڪا ٻي قيمتي شيءِ.

قاضي دٻلي وٺي ان کي کوليو، ته ان ۾ هڪ سڙيل ميڻ بتيءَ جو ٽڪرو، هڪ ميڻ واري ڪپڙي ۾ ويڙهيل ڏٺو. قاضيءَ کي اهي شيون ڏسي نهايت مايوسي ٿي ۽ هن اها دٻلي برخيل کي موٽائي ڏني. پر هن برخيل جو گڏهه ڏنڊ جي عيوض سرڪار جي ملڪيت ۾ ورتو. هينئر ويچارو برخيل گڏهه کانسواءِ الحمراء جي کوهه مان پاڻيءَ جا مٽ ڪلهن تي کڻي وڪڻندو رهندو هو. گڏهه نه هئڻ سببان هنجي ڪمائي تمام گهٽجي ويئي، ڇاڪاڻ ته هو ساري ڏينهن ۾ فقط ٻه چڪر پاڻيءَ جا مس آڻي سگهندو هو. آمدني گهٽجڻ سببان برخيل تي وڏي مصيبت اچي چڪ هئي. هو نه ڪي ته ٻارن جي ضرورت کي پورو ڪري سگهيو ٿي ۽ نڪي پنهنجو  ۽ زال جو پورائو ڪر سگهيو ٿي. آخر هڪ ڏينهن خيال آيس، ته پوڙهي عرب جيڪا دٻلي ڏني آهي، ان ۾ ضرور ڪو راز هوندو! هن دٻلي کولي ميڻ وارو ڪپڙو ڪڍيو، جنهن تي ڪي عربي اکر لکيل هئا. پر هو انهن جو مطلب سمجهي نٿي سگهيو، سو هو شهر جي هڪ عطر  وڪڻندڙ شخص وٽ لنگهي ويو. هو عرب هو ۽ عربي زبان جو ڄاڻو هو. عطار جڏهن انهيءَ ڪپڙي تي لکيل اکر پڙهيا، تڏهن مرڪندي وراڻي ڏنائي، برخيل هاڻي جلدي تنهنجي مصيبتن جا ڏينهن ٽري ويندا.

Text Box: سو وري ڪيئن؟ برخيل وڏي حيرت مان کانئس پڇيو.

”هن ڪپڙي تي الحمراء جي خزاني جو راز لکيل آهي.“ عطار جواب ڏنو. جيڪڏهن تون هن باري ۾ ڪنهن کي به نه ٻڌائين، ته نهايت چڱو آهي. بهتر آهي، ته اسين ٻئي گڏجي انهيءَ خزاني جو پتو لهون. جيڪڏهن ملي ويو، ته ٻئي پاڻ  ۾ اڌو اڌ ڪري ورهائيندا سون. پر جيڪڏهن شهر جي قاضيءَ کي هن راز جي کڙڪ پئي، ته خزانو ته ڦرجي ويندو، پر مُرڳو ٻنهي کي قيدخاني جي هوا کائڻي پوندي.

برخيل عطار سان واعدو ڪيو ۽ پڇيائين، ڀلا انهيءَ خزاني تائين ڪيئن پهچي سگهبو؟

عطار وراڻي ڏنيس، هن دٻليءَ واري ميڻ بتيءَجي وسيلي. اڄ رات اسين ٻئي الحمراء ڏانهن روانا ٿينداسين ۽ جيئن مان تو کي اتي چوان، بس ائين ڪج.

برخيل ميڻ بتي ۽ ميڻ وارو ڪپڙو دٻليءَ ۾ وجهي گهر ڏانهن موٽيو ۽ انهيءَ رات جو ٻئي ڄڻا گڏجي الحمرا ڏانهن روانا ٿيا، چئني طرف خوفناڪ خاموشي ڇانل هئي. عطار محل جي ويراني برج هيٺان پهچي برخيل کان ميڻ بتي وٺي ٻاري ۽ جيئن ئي دروازي جي سامهون پهتو، ته برج جي ڏاڪڻ جو دروازو خود بخود کلي پيو. هو ٻئي روشنيءَ جي مدد سان ڪيترا ڏاڪا هيٺ لهي ويا، ته سامهون هڪ ٻيو دروازو ڏسڻ ۾ آين. هنن جي پيرن جي آواز ٿيڻ تي هڪدم اهو کلي پيو. اهڙيءَ طرح چئن دروازن مان لنگهي هو هڪ تهه خاني ۾ پهتا. اتي پهچندي، هو خوف وچان ڪنبڻ لڳا. چوڌاري هيرن ۽ جواهرن جا ڍير لڳا پيا هئا! هڪ طرف صندل جي ڪاٺ جي پيٽي پيئي هئي. جنهن جي ٻنهي پاسي لوهه جا ٻه پهريدار بهياريل هئا. هنن ٻنهي جلدي جلدي جواهرن سان پنهنجا کيسا ڀريا  ۽ تيزيءَ سان هلندا مٿي چڙهي آيا. اڃا هنن ميڻ بتيءَ کي اُجهايو، ته هڪدم ڪڪرن جي گوڙ وانگر آوازآيو ۽ سڀ دروازا خودبخود بند ٿي ويا. برخيل ۽ عطار وڏي خوشيءَ ۾ جواهر ورهائي چپ چاپ گهر موٽي آيا.

هن واقعي کي ڪيترا ڏيهن گذري ويا، برخيل ۽ سندس زال ۽ ٻار ٻچا نهايت آرام سان زندگي گذاري رهيا هئا. هاڻ هو گهڻي محنت ۽ مزدوري به ڪين ڪندو هو. هن پنهنجي ڌنڌي کي انهيءَ ڪري ڪين ڇڏيو، ته متان ڪنهن کي ڪو شڪ پوي ۽پاڻ ظالم قاضيءَ جي چنبي ۾ نه اڙجي پوي. ڪجهه عرصي بعد بدقسمتي هيءَ ٿي، جو هيءُ راز سانڍجي ڪين سگهيو، برخيل جي زال وڏي شوقين عورت هئي. هن کي جڏهن هيرا ۽ جواهر مليا، ته خوشيءَ ۾ نٿي سمائي. پنهنجي دل کي خوش ڪرڻ لاءِ سٺا قيمتي زيور پائي، گهڻيءَ دير تائين پاڻ کي آرسيءَ ۾ ڏسندي رهندي هئي. هڪ ڏينهن هڪ زيور پهري آرسي ڏسي رهي هئي، ته سامهون حجام پنهنجي گهر جي دريءَ مان نهاريو. هن جڏهن برخيل جي زال کي جواهر پهريل ڏٺا، تڏهن هن کي حيرت وٺي ويئي. هن هڪدم قاضيءَ کي وڃي اطلاع ڏنو، ته برخيل وٽ عرب سوداگر جي دولت ۽ هيرا جواهر آهن، جي مون پنهنجي اکين سان سندس زال کي پهريل ڏٺا آهن. حريص قاضي هڪدم سپاهي موڪلي برخيل کي پاڻ وٽ گهرايو. نيڪدل برخيل سزا جي خوف کان قاضيءَ کي الحمراء جي خزاني جو راز ٻڌايو. قاضيءَ عطار کي گهرايو. هن به اقرار ڪيو. آخر فيصلو ٿيو، ته قاضي ٻنهي کي هن شرط تي معاف ڪندو، ته هو ٻئي ساڻس گڏجي تهه خاني ۾ هلن ۽ خزانو سندس حوالي ڪن. رات جو برخيل، عطار، حجام ۽ قاضيءَ کي وٺي اتي انهيءَ برج تي آيو، قاضي تهه خاني ۾ پهچي حيران ٿي ويو! هن چاهيو ٿي ته سمورو

خزانو کڻي وڃي. مگر خزانو ايترو ته گهڻو هو، جو اتان کڻي وڃڻ ناممڪن هو. برخيل ۽ عطار وري به اڳئين وانگر پنهنجا کيسا ڀريا ۽ قاضي ۽ سندس ساٿين کي اتي ڇڏي ميڻ بتي کڻي روانا ٿيا. قاضي ۽ سندس ساٿي دولت جي نشي ۾ خزانو کڻڻ  ۾ محو رهيا. هوڏانهن برخيل ۽ عطار جيئن ئي برج تي مٿي پهتا، ته هنن ميڻ بتيءَ کي وسائي ڇڏيو. ميڻ بتي وسامڻ شرط هڪدم سمورا دروازا بند ٿي ويا. اهڙيءَ ريت لالچي حجام، قاضي ۽ سندس همراهه هميشه لاءِ تهه خاني ۾ پوڙجي ويا. هاڻ نيڪ دل برخيل ۽ عطار جا ڏينهن بدلجي ويا. هو ٻئي نهايت مزي سان حياتيءَ جا باقي ڏينهن گذارڻ لڳا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com