سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: مثالي شاگرد

 

صفحو : 5

پاسو ڪرڻ

نقل ڪرڻ کان:

اڄ ڪلهه، ڏٺو وڃي ٿو ته شاگردن ۾ نقل ڪرڻ جي عادت گهڻي آهي. هروڀرو ائين ڪونه آهي ته سڀ شاگرد ڪاپي ڪن ٿا ۽ ڪاپي ڪري پاس ٿين ٿا. پر جيڪي ڪن ٿا، تن ۾ ڪي ته وڏيءَ هوشياريءَ سان نقل ڪن ٿا ۽ ائين ڪرڻ تي فخر محسوس ڪن ٿا ۽ ڏاڍي فخر سان ٻڌائيندا ڦرندا آهن ته اسان فلاڻو يا فلاڻو سوال نقل ڪري ورتو! ۽ اها عادت ڪيڏي نه شرمناڪ آهي، جو هڪ ته بريءَ حرڪت کي ڪو چڱو سمجهي، ۽ ٻيو ته ان کي ڌڪارڻ ۽ نندڻ جي بچاءِ اُن تي فخر ڪري! اهڙا شاگرد سمجهندا آهن ته نقل ڪرڻ هڪ فن آهي، جيڪو تمام ٿورن کي ايندو آهي. جيڪي بُري ڪم کي بُرو نه سمجهن ۽ اُن تي ائين ناز ڪن، تن جي اندر جو قاضي جنهن کي ضمير يا وويڪ چئجي ٿو ۽ جيڪو بُري کي ضرور برو سمجهندو آهي، سو سچ پچ ته مري ويل هوندو آهي، ۽ انهيءَ ڪري اُهي بري ۽ ڀلي ۾ فرق ڪري نه سگهندا آهن.

نقل ڪرڻ ڪيتري قدر نقصانڪار عادت آهي، تنهن مان هر هڪ پڙهيل ۽ سياڻو ماڻهو ڀليءَ ڀٿ واقف آهي. ايمرسن نالي هڪ ڏاهي انگريز لکيو آهي ته ”نقل ڪرڻ خودڪشيءَ جي برابر آهي.“ ڳالهه ڪهڙي نه صاف ۽ سچي آهي! جڏهين شاگرد ۾ نقل ڪرڻ جي عادت پيدا ٿئي ٿي، تڏهين هن جون پنهنجيون صلاحيتون، ذهني قوتون ۽ قدرت طرفان ڏنل شڪتيون فوت ٿي وڃن ٿيون، بلڪ هيئن چئجي ته قتل ٿي وڃن ٿيون. ٻين لفظن ۾ هيئن چئجي ته نقل ڪرڻ وارو شاگرد، پنهنجي سڀني صلاحيتن ۽ قوتن جو پاڻ قتل ڪري ٿو، جنهن کي ئي ايمرسن چوي ٿو ”آپ گهات يا خودڪشي.“

جيڪو شاگرد نقل ڪرڻ تي هري ٿو، سو نڪا محنت ڪري ٿو ۽ نه وري پنهنجي صلاحيتن کي ڪم آڻڻ ئي سکي ٿو. اهڙو شاگرد، هميشہ انهيءَ تاڙ ۾ رهي ٿو ته ڪٿي امتحان ۾ ڪاپي ڪرڻ جا موقعا ملي وڃن، يعني ڪو اهڙو بي ضمير نگران اچي وڃي، جيڪو ڪاپي ڪرڻ کان منع نه ڪري، پر رهندو اهڙي اجازت ڏيئي ڇڏي؛ يا ڪو اهڙو شاگرد ڀر ۾ ويهي، جيڪو پنهنجي ڪاپي ٺاهي رکي، يا ڪو ٻيو طريقو استعمال ڪجي، جنهن ۾ ڪپڙن تي سوالن جا جواب لکڻ، ڪتاب لڪائي کڻي وڃڻ، يا پنن تي ڪجهه لکي کڻي وڃڻ ۽ اهڙيون ٻيون اٽڪلون شامل آهن. مطلب ته هو انهيءَ تاڙ ۾ هوندو آهي ته نقل ڪرڻ جا ڪي موقعا ملنس ته امتحان پاس ڪري وٺي.

هيءَ ڳالهه سوچڻ جهڙي آهي ته جيڪي شاگرد، سڄو سال نقل ڪرڻ جي اميد تي ۽ استادن جي ناجائز مهربانين ۽ رعايتن تي ڀاڙيندا ۽ محنت نه ڪندا ۽ علم جي چوري ڪندا، سي اڳتي هلي، قوم ۽ ملڪ جي ڪهڙي خدمت ڪندا. اهڙن شاگردن مان ڪنهن به چڱائيءَ جي اميد رکڻ، ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آهي، جتان صرف ڪنڊا ئي ملندا. اهڙا شاگرد اڳتي هلي، چور، رشوتي، بي ايمان، چور بازاريءَ ۽ ذخيره اندوزي جا مددگار ۽ ٺڳ نه ٿيندا ته ٻيو ڇا ٿيندا. اهڙا شاگرد اڳتي هلي، قوم ۽ ملڪ جي اهڙي خدمت ڪندا، جيڪا تباه ڪاريءَ ۽ برباديءَ کان ڪنهن به حالت ۾ ٻيءَ طرح جي نه هوندي.

سو مثالي شاگرد اهو آهي، جيڪو نقل ڪرڻ جي عادت کي انتهائي برو ڄاڻي ۽ ان کان پاڻ ته پري ڀڄي، پر پنهنجي ساٿين ۽ دوستن کي به اهڙي قسم جي هدايت ڪري، مثالي شاگرد تي اهو فرض آهي ته هو محنت ڪري، پنهنجي صلاحيتن تي اڀاري، هردم پنهنجي محنت ۽ قابليت تي ڀاڙي ۽ ڀروسو رکي. جيڪڏهن سمجهي ته اهڙيءَ حالت ۾، امتحان ۾ چڱيءَ نموني سان ڪامياب ٿي ڪونه سگهندس، ته انهيءَ ڳالهه جي به پرواهه نه ڪري. جڏهين اهو ٿورو فائدو ڇڏيندو، ته کيس هڪ وڏو فائدو  حاصل ٿيندو، ۽ پاڻ کي هڪ اهڙيءَ بريءَ عادت کان پري رکي سگهندو، جيڪا اڏوهيءَ وانگر، سندس صلاحيتن کي کائيندي رهي ها ۽ انهن کي چٽ ڪري ڇڏي ها.

هڙتالن کان:

هي اهڙو دور هلي رهيو آهي، جو ڪارخانن وانگر تعليمي ادارن ۾ به هڙتالون ٿين ٿيون. هڙتالن ۾ شاگرد ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪن ٿا ۽ بعضي ته ٽولن جا ٽولا ڪري، رستن تي نڪري سرڪاري ۽ خانگي ملڪيتن کي نقصان رسائيندا آهن.

هڙتالن جو سبب وري ڇا هوندو آهي، بس رواجي ڳالهيون ته سائنس جو سامان ڪونه آهي، فلاڻو استاد بدلي ڪيو وڃي يا فلاڻو استاد بدلي نه ڪيو وڃي، فيون معاف ڪيون وڃن، امتحانن جي تاريخن ۾ ڦير ڦار ڪريو يا امتحانن ۾ هروڀرو به پاس ڪيو.... وغيره وغيره. حقيقت ته اها هوندي آهي، ته انهن هڙتالن ۾ عام شاگردن جي دلچسپي ڪانه هوندي آهي پر ڪي خود غرض ماڻهو پنهنجي ليڊري چمڪائڻ لاءِ، شاگردن جي جذبات کي ڀڙڪائي. زور زور سان نعرا هڻي کين پنهنجي مقصد لاءِ ڪم آڻيندا آهن ۽ کين هروڀرو به ڪانه ڪا ڳالهه دنگي فساد لاءِ اڳيان ڪري ڏيندا آهن. شاگرد ويچارا ڪچيءَ سمجهه وارا هنن جي چالبازيءَ ۾ اچي وٺي هڙتالون شروع ڪندا ۽ پنهنجو وقت پيا وڃائيندا. پڙهڻ به ويندن ته پنهنجي وڏن جو عزت ۽ مان به ويندن. ڪن حالتن ۾ ته پاڻ به جيلن جا منهن ڏسندا ته پنهنجي وڏن جي به سار لهندا. پوءِ، اهي هڙتالن ڪرائڻ وارا پري کان پيا هنبوڇيون هڻندا ۽ پنهنجا مقصد پورا ٿيندي ڏسي، ۽ شاگردن جو مستقبل تباهه ٿيندي ڏسي، پيا ٻهڪندا.

ڏسو ته شاگردن جي هڙتالن ڪرڻ ۾ ڪيترائي نقصان آهن. هڪ ته سندن وقت خراب ٿئي ٿو ۽ هو پڙهڻ تي ڌيان ڏيڻ بدران هڙتالن جي رٿن ۽ پروگرامن ۾ رڌل رهن ٿا. ٻيو ته هو پنهنجي والدين جو مالي نقصان ته ڪن ٿا، پر انهن جي عزت به خطري ۾ وجهي ٿا ڇڏين. اهو هڪ وڏو قومي ڇيهو آهي، جو شاگرد پنهنجو پڙهائيءَ وارو قيمتي وقت وڃائين ٿا. اڳتي هلي اهڙا شاگرد، سٺا شهري ته ٿي ڪونه ٿا سگهن، پر رهندو قوم ۽ ملڪ لاءِ مسئلو ٿي پون ٿا. اهي جيڪڏهين ڊاڪٽر به ٿي وڃن ٿا ته مريضن جي لاءِ جان جو خطرو؛ جيڪڏهين انجنيئر به ٿي وڃن ٿا ته ڪارخانن ۽ وڏن ادارن لاءِ ڇيهو؛ ۽ جيڪڏهين استاد به ٿي وڃن ٿا ته شاگردن جي حياتين جو پڌرو نقصان.

تنهنڪري، شاگرد جو ڪم آهي ته پنهنجو قيمتي وقت پڙهڻ ۾ خرچ ڪري، هڙتالن کان بنهه پاسو ڪري ۽ جيڪي کيس هڙتالن ڪرڻ لاءِ اڀارين، تن کي پنهنجو جاني دشمن ڄاڻي اهڙن خود غرض ماڻهن کان پري ڀڄجي، ڇاڪاڻ ته اهي سندس آئيندي جا ويري آهن. هن وقت، سندس سمجهه ڪچي ۽ تجربو اڻپورو آهي. هن وقت کيس رڳو حالتن کي جاچڻو آهي ۽ انهن ۾ حصي وٺڻ جو وقت يا عملي قدم کڻڻ جو وقت هُن لاءِ اڃا پري پيو آهي.

بريءَ صحبت کان:

چوندا آهن ته ”جهڙي صحبت، تهڙو اثر“. هڪ شاگرد، جن دوستن ۽ ساٿين جي صحبت ۾ رهندو، اٿندو ويهندو، انهن جو رنگ مٿس ضرور چڙهندو. جيڪڏهين ڪي شاگرد پڙهڻ ۾ چڱا هوندا، والدين ۽ استادن جو ادب ۽ عزت ڪندڙ هوندا پنهنجو وقت اجاين لٻاڙن ۽ فضول خرچين ۾ وڃائيندا نه هوندا، ته اهڙن شاگردن جي صحبت ۽ سنگت ۾ هڪ جڏو شاگرد به اچي ويندو، ته اهو يقيناً سڌري ويندو ۽ انهن شاگردن جهڙو ئي ٿي ويندو. ان جي ابتڙ، جيڪڏهن هڪ چڱو شاگرد ڪن برن ۽ سست شاگردن جي سنگت ۾ رهندو، ڪجهه وقت انهن سان اٿيندو ويهندو ته هو به انهن جهڙو ئي ٿي پوندو ۽ محنت ۽ مطالعي ڪرڻ بدران، انهن سان وتندو رلندو پنندو ۽ وقت پيو ضايع ڪندو.

چوندا آهن ته”ڪارو ٻجهي ڪٻري سان، رنگ نه مٽائي ته به عادت ضرور مٽائي“. سنگت جو ايترو ته اثر ٿئي ٿو، جو هن کي رنگ مٽائڻو پوندو، هونءَ به، اسين ڏسون ٿا ته جيڪي جانور برف وارن هنڌن ۾ رهن ٿا. سي برف جهڙائي سفيد هوندا آهن. جيڪي جانور پٽن ۽ بيابانن جا رهاڪو آهن، تن جو رنگ وري اتي جي ماحول سان ملندڙ جلندڙ ٿئي ٿو. اهو ئي سبب آهي، جو هر زمين ۽ هر ملڪ جا ماڻهو رنگ روپ قدبت يا وهٽ سهٽ ۾ الڳ الڳ ٿين ٿا. ڪي ڳاڙها ٿين ٿا، ته ڪي ڪارا؛ ڪي اڇا ٿين ٿا ته ڪي پيلا. نه رڳو ايترو، پر انهن جون عادتون اٿڻ ويهڻ جا آداب ۽ ريتيون رسمون به نراليون ٿين ٿيون.  

انهيءَ مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته جهڙي صحبت ۽ آسپاس هوندي اهڙو ئي اثر ۽ اختيار ڪري وٺبو. تنهنڪري، هڪ مثالي شاگرد لاءِ ضروري آهي ته هو برن جي صحبت ۽ سنگت کان پاسو ڪري ۽ چڱن جي سنگت ۾ گذاري. اهڙن شاگردن سان اٿي ويهي، جن جا گڻ وڻندڙ هجن، جن جو اخلاق سٺو هجي، پڙهڻ ۾ محنت ڪندڙ هجن ۽ اسڪولي ڪمن ۾ دلچسپي وٺندڙ هجن. اهڙا شاگرد ئي اڳتي هلي سٺا شهري ٿي سگهندا، جن جي سنگت ۽ صحبت، ننڍي هوندي سٺن ڇوڪرن سان هوندي،

ڪنهن کي ايذائڻ کان:

مثالي شاگرد لاءِ اهو به ضروري آهي ته ڪنهن کي به ايذاءَ رسائڻ ۽ تڪليف پهچائڻ کان پاسو ڪري. ڪنهن جي دل آزارڻ وڏو گناهه آهي. ۽ ڪنهن جي دل وٺڻ، اڪبري حج جي برابر آهي. گهر ۾ والدين يا ٻين ڀاتين جي اڳيان  اهڙيءَ طرح سان اٿجي ويهجي، جو انهن جي دلين ۾ رنج پيدا نه ٿئي. انهن جي دل وٺڻ لاءِ، انهن جي خدمت ڪرڻ، انهن جو چيو مڃڻ،گهرو ڪمن ۾ انهن جي مدد ڪرڻ، خاص ڳالهيون آهن. انهن ڳالهين جي ڪري، هو خوش ٿيندا ۽ دعائون ڏيندا رهندا. ٻئي طرف، انهن جو چيو نه مڃڻ، انهن جي اڳيان بڪواس ڪرڻ يا انهن کي آڏا ابتا جواب ڏيڻ، ٻارن سان وڙهڻ يا انهن کي هُڏيون ڏيڻ، اهي دل آزاريندڙ عمل آهن ۽ انهن کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

اسڪول ۾ پنهنجي ساٿين سان هٺ ۽ وڏائيءَ سان گفتگو ڪرڻ، انهن کي اڌورا جواب ڏيڻ، منهن گهنجائي ڳالهائڻ، استادن جو چيو نه مڃڻ ۽ انهن جي اڳيان اهڙيون حرڪتون ڪرڻ، جن مان بي ادبيءَ جون نشانيون ظاهر ٿيندڙ هجن، اهي دل آزاريندڙ ڪم آهن ۽ انهن کان پري رهڻ گهرجي. مثالي شاگرد ته اهو آهي، جيڪو ننڍن سان پيار ۽ پاٻوهه سان گفتگو ڪري پنهنجي ساٿين سان کلي ڳالهائي ۽ وڏن سان ادب ۽ فضيلت سان پيش اچي.

بهتر ته اهو آهي ته انسان کي ته ٺهيو پر ٻين ساهوارن، جانورن، پکين ۽ جيتن جڻين کي به ڏکوئڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهي به خدا جي مخلوق آهن ۽ انهن کي به ساهه آهي ۽ انهن کي ايذاءُ رسي ٿو. جڏهين انهن بي پهچ ۽ ضعيف جيون تي رحم ڪرڻ جي عادت پرائبي، تڏهين ئي، اڳتي هلي، اسان ۾ انسان ذات لاءِ همدردي ۽ پيار پيدا ٿيندو ۽ انهن جذبن سان اسين انسان ذات جي خدمت ڪري سگهنداسون ۽ انهن جا ڏک سور محسوس ڪري سگهنداسون.

جيڪڏهين اسان اها عادت، يعني ڪنهن کي نه ايذائڻ واري عادت، پاڻ ۾ پيدا ڪري سگهياسون، ته پوءِ اسان جي زندگي سٺي ۽ سڦلي ٿي پوندي ۽ وڏي هوندي اسين پنهنجي لاءِ، قوم لاءِ ۽ پنهنجي پياري ديس لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگهنداسون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com