محنت ڪرڻ
والدين پنهنجن ٻچن کي اسڪولن يا ڪاليجن ۾ موڪلن ٿا ۽ اسان جي
قوم ۽ ملڪ هيترا سارا تعليمي ادارا کوليا آهن ۽ هر
سال انهن تي پنهنجي آمدنيءَ جو چڱو موچارو حصو ختم
ڪن ٿا، سو ڪو اجايو ۽ بنان مقصد جي ڪونه آهي. انهن
ادارن کي قائم ڪرڻ يا انهن کي سهڻي نموني هلائڻ
پٺيان، قوم هڪ وڏو مقصد آهي ۽ اهو مقصد هيءُ آهي
ته ٻار تعليم ۽ تربيت حاصل ڪن. اسان جا والدين، جن
مان ڪي ٿورا امير آهن، ڪي تمام گهڻا، نهايت غريب ۽
مسڪين آهن ۽ انهن مان ڪن جي حالت ته اهڙي به آهي
جو هڪ ويلو کائڻ لاءِ اٿن ته ٻيو ڪو نه اٿن. اهڙا
ماڻهو به پيٽ کي تنگي ڏيئي، پنهنجيون نهايت اهي
ضرورتون پاسيريون رکي، محنت ڪري پنهنجي ٻارن کي
تعليم ڏيارڻ جو بندوبست ڪن ٿا. انهن کي اسڪول
ڏانهن موڪلين ٿا ڪتاب وٺي ڏين ٿا، چڱو چوکو
کارائين ۽ پهرائين ٿا ۽ خرچيون ڏين ٿا، سو ڪو
اجايو ۽ بي مقصد ڪونه آهي. ايترين تڪليفن ۽ ڏاکڙن
سهڻ پٺيان، هنن وٽ هڪ وڏي اميد آهي ۽ هڪ وڏو مقصد
آهي. اهو مقصد آهي ته سندن ٻار علم پرائين، لائق
ٿين ۽ پنهنجي زندگي سنوارين ۽ سڌارين.
اسان جي قوم توڙي اسان جي والدين اها ڳالهه محسوس ڪري ورتي آهي
ته سندن ٻارن لاءِ تعليم نهايت ضروري آهي ۽ انهن
کي اِها ملڻ گهرجي. هاڻي ڏسڻو هيءُ آهي ته اها
تعليم آهي ڇا ۽ ان مان اسان کي، اسان جي والدين کي
۽ اسان جي قوم ۽ ملڪ کي ڪهڙو فائدو آهي. شاگردن
تي، جو هيترو سارو خرچ پيو وڃي ۽ شاگردن کي جو
هردم اهائي نصيحت ڪئي وڃي ته علم پرايو ۽ علم حاصل
ڪرڻ ۾ محنت ڪريو، جو آخر مطلب ۽ مقصد ڇا آهي؟
مختصر لفظن ۾، بس ايترو چوڻ ڪافي آهي ته تعليم ۾ جي ترقي آهي،
تعليم ۾ اسان جو فائدو آهي_ اسان جي اسان جو فائدو
معنيٰ ته اسان ٻارن جي پنهنجي ترقي ۽ ٻارن جو
پنهنجو فائدو. ماڻهوءَ جي شخصيت جا ٻه پهلو هڪ ذهن
۽ ٻيو جسم_ تن ٻنهي جي وڌاري ۽ چڱڀلائيءَ تعليمي
ادرن ۾ انتظام ڪيل آهي. ٻين لفظن ۾ هيئن کڻي هجي
ته تعليمي ادارن ۾ هيءُ بندوبست ٿيل آهي ته اسين
ذهني ترقي ڪريون، اسان جي سمجهه، اسان جي سوچ،
اسان جو ڪر وڌي اوچو ٿئي، ۽ اُن سان گڏ، اسان جو
جسم به سهڻي نموني ۽ گهربل رفتار سان، وڌي ويجهي
۽ صحتمند رهي.
نفسيات جي ماهرن اهو ٻڌايو آهي ته جڏهين ٻار ، ماءُ پيٽ مان
نڪري هنج ۾ اچي ٿو، ته ان وقت وٽس ڪي اندروني
طاقتون، صلاحيتون يا لڪل قابليتون موجود هونديون
آهن، جيڪي قدرت کيس ڏيئي هن دنيا ڏانهن روانو ڪري
ڇڏيندي آهي. اهي صلاحيتون يا لڪل قوتون، هن کي
انهيءَ ڪري ڏنيون ويون آهن، ته هو هن دنيا ۾ اچي،
انهن کي سنواري، سڌاري ۽ ترقي وٺائي ۽ پوءِ انهن
مان فائدو وٺي ۽ هن دنيا جي ذاتي زندگي ۽ پنهنجي
انساني سماج جي زندگي سهڻي نموني ۽ ڪامياب طريقي
سان گذري سگهي. اهو ڪم، يعني انهن صلاحيتن کي
سنوارڻ ۽ سڌارڻ ۽ ترقيءَ وٺائڻ جو ڪم، پهرئين ڏاڪي
تي ته ماءُ ۽ پيءُ بجا آڻين ٿا، پر اڳتي هلي اُن
لاءِ هڪ پڙهيل سکيل ڏاهي ۽ قابل استاد جي ضرورت
پوي ٿي، جيڪو پنهنجو چڱو خاصو وقت ڏئي، اسان جي
انهن صلاحيتن کي، ڪن اصولن ۽ قاعدن هيٺ جاڳائي،
سنواري سڌاري ترقي وٺائي ۽ اهڙيءَ صورت ۾ آڻي، جو
اسين پاڻ لاءِ ۽ پنهنجي والدين ۽ قوم لاءِ گهڻي
کان گهڻو ڪارگر ۽ سودمند ثابت ٿي سگهون .
اسان کي ۽ اسان جي قوم کي اهڙن ماڻهن جي ضرورت آهي، جيڪي اخلاق
جا پُتلا هجن ۽ چڱن ۽ مفيدگڻن جا ڀنڊار هجن.
انساني اخلاق ۽ ٻين ضروري انساني گڻن ۽ لياقتن جي
سيکارڻ لاءِ اسان وٽ تعليمي ادارا کوليل آهن، جتي
لائق ۽ قابل استاد، ڪتابن ۽ پنهنجي تجربي يا
مشاهدي جي وسيلي، اسان شاگردن کي تعليم ڏين ٿا ۽
اسان کي سڌارين ٿا.
اسان جي قوم کي اهڙن فردن جي به سخت ضرورت آهي، جيڪي زندگيءَ جي
الڳ الڳ ميدانن ۾ ڪم ڪري سگهن ۽ سماج ۽ قوم جون
ضرورتون پوريون ڪري سگهن. مثال طور، اسان جي قوم
کي ڊاڪٽرن، انجينئرن، استادن ۽ ٻين ڪيترن ئي قسمن
جي هنر مندن جي گهرج آهي. اهڙن ماڻهن پيدا ڪرڻ
لاءِ، اسان وٽ ڌارڌار قسمن جا تعليمي ۽ هنري ادارا
موجود آهن ۽ انهن کي اهو ڪم سونپيل آهي ته هو
پنهنجي سماج لاءِ اهڙا ڪارائتا ۽ ڄاڻو فرد پيدا
ڪن.
پڙهڻ ۾:
انهن مقصدن ۽ اميدن کي پوري ڪرڻ لاءِ، تعليمي ادارن ۾ ڪيترائي
ڪتاب پڙهايا وڃن ٿا، جن مان ڪي ته اسان ۾ خاص قسم
جي لياقتن پيدا ڪرڻ لاءِ آهن، ته ڪي وري اسان ۾
چڱن گڻن ۽ سهڻي اخلاق پيدا ڪرڻ لاءِ آهن، ۽ ڪي وري
خاص هن ڪائنات جي خالق بابت معرفت ڏيڻ لاءِ آهن.
ڪي ڪتاب اسان جي دنيوي حياتي سنوارڻ ۽ سينگارڻ
لاءِ آهن، ته ڪي وري آخرت موچاري ڪرڻ لاءِ آهن. ڪن
۾ هن قسم جون نصيحتون ۽ هدايتون آهن ته والدين،
ٻين عزيزن، دوستن، پاڙي وارن وغيره سان ڪيئن هلجي
۽ انهن جي ڪيئن مدد ڪجي؛ ته ڪي ڪتاب وري هن بابت
آهن ته اڳتي هلي، پاڻ لاءِ يا پنهنجي اولاد لاءِ
ڇا ڪرڻو آهي ۽ ڪيئن ڪرڻو آهي، جو حياتي آسودي ۽
سڦل بڻجي سگهي.
انهن سڀني ڳالهين ۽ ٻين ڪيترين ئي مفيد ڳالهين سيکارڻ لاءِ،
اسان وٽ ڪتاب موجود آهن، جيڪي، درجي بدرجي، اسان
جي عمر ۽ وقت جي گهرج موجب، اسان کي پڙهڻا آهن ۽
انهن مان پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻو آهي.
انهن ڪتابن مان پوري فائدي حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته مثالي
شاگرد محنت ڪري، جيڪو ڪجهه کيس اسڪول ۾ سيکاريو يا
ٻڌايو وڃي، سو ڌيان سان ٻڌي ۽ سکي؛ ۽ اُن تي غور ۽
فڪر ڪري، ۽ سوچي ته اُن کي هو پنهنجي ۽ ٻين جي
ڀلائيءَ لاءِ ڪهڙيءَ ريت ڪم آڻي ٿو سگهي. جيڪڏهن
ڪو شاگرد پنهنجي پڙهائيءَ جي اُن درس ۾ محنت نٿو
ڪري ۽ اسڪول ۾ پنهنجي سونپيل ڪم تي ڌيان نٿو ڏئي،
استادن کي ڌيان سان نٿو ٻڌي، يا اسڪول کان گسائي
ٿو، پنهنجو وقت ٻين شغلن ۾ زيان ڪري ٿو، ڪچهرين ۽
گهمڻ ۾ وقت وڃائي ٿو، ته اهڙو شاگرد پنهنجو مقصد
حاصل ڪري نه سگهندو، والدين جون اميدون پوريون ڪري
ڪونه سگهندو، قوم لاءِ مفيد ٿي ڪونه سگهندو، ۽
پوءِ، اهڙو شاگرد مثالي شاگرد ته ڪنهن به صورت ۾
نه آهي ۽ نه ڪڏهن سڏي سگهبو.
مثالي شاگرد جي هڪ خاصيت اها آهي ته هو اسڪول ۾ پوري وقت ۾
ويندو هجي، ڪلاسن ۾ پورو وقت ويهي، استادن کي پوري
ڌيان سان ٻڌي، جيڪو سبق يا ڪم مليس؛ اهو اسڪول ۾
يا گهر ۾ اچي، ياد ڪري ۽ محنت ڪري پورو ڪري.
جيڪڏهين ڪا تڪليف سامهون اچيس ته ان کي خيال مان
لاهي نه ڇڏي، پر اُن کي منهن ڏيڻ لاءِ استاد کان
رهنمائي حاصل ڪري يا ساٿي شاگردن کان مدد وٺي.
چڱيءَ نيت سان چڱي ڪم ۾ ٻين کان مدد وٺڻ ۾ ڪو اهم
يا عيب ڪونهي. مائٽ ۽ استاد ته اهڙين حالتن ۾،
جڏهن سندن اولاد يا ڪو شاگرد کانئن مدد گهرندو
آهي، ته پاڻ خوش ٿيندا آهن. خود ڪتاب به مائٽن يا
استادن جي برابر آهن، شاگرد کي انهن کان به پري
ڀڄڻو نه آهي، بلڪ اُنهن کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ کيس
گهڻي محنت ڪرڻي آهي ۽ محنت ڪرڻ ۾، کيس راتين جا
اوجاڳا به ڪرڻا آهن ۽ گهمڻ ڦرڻ يا ٻين قسمن جا مزا
به قربان ڪرڻا آهن. جيڪڏهين شاگرد، پنهنجي
شاگرديءَ جي عرصي ۾ پنهنجي ڪتابن ۽ سبقن تي ائين
محنت ڪندو، ۽ پنهنجي استادن ۽ مائٽن کي به چاهه
سان ٻڌندو ۽ دل سان هنڊائيدو، ته پڪ ئي پڪ هو
پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي سگهندو، قوم توڙي والدين
لاءِ هڪ قيمتي سرمايو ٿي پوندو ۽ هر هنڌ عزت ۽ مان
پائيندو.
راندين ۾:
اهو ته ٿيو شاگرديءَ جي ڪم جو هڪ پاسو، يعني ذهني ترقي جنهن
لاءِ هڪ مثالي شاگرد کي ڪتابن ۽ سبقن تي محنت ڪرڻي
آهي ۽ پنهنجي ذهن ۽ سمجهه کي وڌائڻ ۾ بلند ڪرڻو
آهي. ٻيو شاگرديءَ جو پاسو آهي جسماني ترقي ۽ واڌ.
اُن پاسي کي وڌائڻ ۽ فائديمند بنائڻ لاءِ به
تعليمي ادارن ۾ بندوبست ٿيل آهي، يعني، اسڪولن ۽
ڪاليجن ۾، ڪيترن ئي قسمن جي راندين ۽ جسماني ورزش
ڪرڻ جو بندوبست ٿيل هوندو آهي، انهن راندين ۾ پڻ،
هڪ شاگرد کي، مناسب وقت ۾ موزون طريقي سان، حصو
وٺڻو آهي يعني، ان ڳالهه ۾ هُن کي هِن چوڻيءَ تي
عمل ڪرڻو آهي ته ”راند جي وقت راند روند ڪريو، ڪم
جي وقت ڌيان ڪم ۾ ڌريو“.
هيءَ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته تندرستي هڪ اهڙي ته اڻ ملهه شيءَ
آهي، جنهن جو هجڻ نهايت ضروري آهي. تندرستي نه هئڻ
جي حالت ۾، انسان نه تعليم ئي پرائي سگهندو ۽ نه
وري ڪو ٻيو ڪم ئي ڪري سگهندو. سچ چيو اٿن ته:
”آهي تندرستي، نعمت هڪ عجيب،
جهڙي شاهوڪار لئه،تهڙي ڪاڻ غريب.“
چڱي تعليم پرائڻ ۽ علم حاصل ڪرڻ تي محنت ڪرڻ به تڏهين ممڪن آهي،
جڏهين صحت سالم آهي. چيو ويندو آهي ”صحتمند جسم ۾
ئي صحتمند دماغ هوندو آهي“. تنهنڪري، جيڪڏهين ڪو
چاهي ته منهنجو دماغ صحتمند رهي ۽ گهڻي محنت ڪرڻ
جي قابل رهي، ته ان لاءِ مثالي شاگرد کي جسم جي
کاڌ ۽ واڌ به پورو ڌيان ڏيڻو آهي.
تنهنڪري، مثالي شاگرد کي گهرجي ته پنهنجي جسم کي تندرست رکڻ، ان
جي پوري نموني سان سنڀال ڪرڻ ۽ صحت کي قائم رکڻ
لاءِ، اسڪولن يا ڪاليجن جي طرفان بندوبست ٿيل
راندين ۽ ٻين جسماني ورزش ڪرڻ جي معاملن ۾ پوري
شوق سان حصو وٺي. ڪتابن سان محنت ڪرڻ ۽ راند روند
نه ڪرڻ سان انساني ذهن جيڪڏهن مڏو نٿو ٿئي ته گهڻو
تيز به ڪونه ٿو ٿئي.
راندين ۾ حصي وٺڻ سان نه رڳو جسماني صحت قائم رهي ٿي،
جسماني واڌ به ٿئي ٿي، پر ان سان گڏ، ٻيا به
ڪيترائي انساني ۽ سماجي گڻ پرائجن ٿا. راندين جي
ميدان ۾، هڪ مقرر ڪيل چڱي ماڻهوءَ، يعني ڪئپٽن جو
چيو مڃڻو پوي ٿو ۽ هن جي هدايتن تي هلڻو پوي ٿو،
جنهنڪري اسان ۾ هڪ ضابطي هيٺ رهڻ ۽ پنهنجي اڳواڻ
جي حڪمن مڃڻ جون عادتون پيدا ٿين ٿيون، جيڪي اڳتي
هلي، دنيا جي ڊوڙ ۾ خود اسان کي سٺو اڳواڻ ۽ سٺو
منتظم به بنائين ٿيون ته هڪ قاعدي قانون جو پابند
شهري به. تنهن کانسواءِ، هت ٻين رانديگرن سان گڏجي
راند ڪئي وڃي ٿي، جنهنڪري اسان ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جي
عادت پوي ٿي ۽ مضبوط ٿئي ٿي.
هڪ سٺو رانديگر صحتمند به رهي ٿو ته پنهنجي جسم جي سنڀال به
سهڻي ۽ صحيح طريقي سان ڪري سگهي ٿو. هن ۾ وڏي دل،
صبر ۽ سهپ، ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ هڪٻئي جي مدد ڪرڻ، حڪم
مڃڻ ۽ قانون جي احترام ڪرڻ جون ۽ ٻيون ڪيتريون ئي
سٺيون عادتون پيدا ٿين ٿيون، جيڪي انساني اخلاق
جون بهترين وصفون آهن، ۽ شاگرد ۾ انهن جو پيدا ڪرڻ
تعليم جو مکيه مقصد آهي.
انهيءَ ڪري، هڪ مثالي شاگرد ۾ ڪتابن پڙهڻ ۽ انهن تي محنت ڪرڻ
سان گڏ، راندين ۾ به، مناسب وقت تي، حصي وٺڻ جو
لاڙو ۽ شوق هئڻ گهرجي. هڪ سٺو رانديگر پنهنجي قوم
۽ ملڪ لاءِ وڏي شان ۽ مان ۽ اعليٰ فخر جو سبب ثابت
ٿي سگهي ٿو. |