سيڪشن؛  ٻاراڻُو ادب

ڪتاب: مثالي شاگرد

 

صفحو : 4

 

گڻ پرائڻ

وقت جي پابندي:

وقت هڪ قيمتي شيءَ آهي. چوندا آهن ته ” وقت دولت آهي.“ سچي ڳالهه اها آهي ته وقت، دولت کان وڌيڪ آهي. ڇو ته وقت املهه ۽ اڻلڀ آهي. هڪ ڀيرو هٿان وڃي ٿو ته ٻيهر هرگز نٿو ملي. دولت هلي وڃي ٿي، چورائجي يا خرچ ٿي وڃي ٿي، ته اها ٻيهر به حاصل ڪري سگهجي ٿي. جيڪڏهن ماڻهو، ڪن سببن جي ڪري، صحت وڃائي ويهي ٿو ته اها به، خرچ ڪرڻ سان، يا صحت جي ڪن اصولن تي هلڻ ۽ ڪن شين کان پرهيز ڪرڻ سان، وري حاصل ڪري سگهجي ٿي، جيڪڏهين ڪن سببن جي ڪري، انسان پنهنجي عزت ڪٿي وڃائي ويهي ٿو، ته اها عزت وري ٻيهر هٿ ڪري ۽ ماڻي سگهي ٿو. پر دنيا ۾ وقت ئي هڪ اهڙي وٿ آهي، جنهن جو وري ملڻ ناممڪن آهي. وقت جي ڪا گهڙي، ڪا مهل يا ڪو موقعو، هيڪر نڪري ويو، ته ان لاءِ سڄي عمر پڇتائڻو پوي ٿو. ڪنهن سياڻي عجب کائيندي، سوال ڪيو آهي ته ”ويل وقت ۽ ڇُٽل تير به ڪڏهن موٽيا آهن؟“

تنهنڪري، وقت جي پابندي، زندگيءَ جي هر قدم تي، تمام ضروري آهي. وقت جي قدر سڃاڻڻ ۽ وقت جي پابندي ڪرڻ جو طريقو اهو آهي ته هر هڪ ڪم لاءِ وقت مقرر ڪري ڇڏجي ۽ سڀڪو ڪم انهيءَ مقرر ڪيل وقت يا مهل تي ڪري وٺجي ۽ اهو موقعو يا مهل، ڪنهن به قيمت تي، سستيءُ يا ڪهليءَ ڪري، هٿان نه ڇڏجي. وقت جي پابنديءَ جي عادت شاگرديءَ واري دور ۾ ئي پيدا ٿيڻ گهرجي. چوندا آهن ته

”پڪي گهڙي، ڪنان پئجي ڪونه سگهندا آهن.“

جيڪڏهين هن ۾، وقت جي پابنديءَ جي عادت پيدا ٿي نه سگهي ۽ جيڪڏهين شاگرديءَ وارو عرصو محنت ڪرڻ ۽ پڙهڻ تي ڌيان ڏيڻ کان سواءِ ئي گذري ويو، ته سڄي عمر هٿ هڻڻا پوندا، ۽ وري پڙهڻ ۽ سکڻ جو اهڙو وجهه ۽ خود وقت جي قدر سڃاڻڻ ۽ وقت جي پابندي ڪرڻ جو اهڙو موقعو ڪڏهن ڪونه ملندو. جيڪي عادتون يا گڻ هن دؤر ۾ شاگرد سکي ٿو. سي، ايندڙ وقت ۾، کيس وڏي مدد ڏين ٿا ۽ سندس زندگيءَ جي ڪاميابيءَ جون اُهي ڪنجيون به ٿين ٿا ۽ ضمانت به.

مثالي شاگرد جو ڪم آهي ته پنهنجو هر ڪم مقرر ڪيل وقت ۽ مهل تي ڪري. کيس گهرجي ته روزمره جي زندگيءَ جو ٽائيم ٽيبل ٺاهي ڇڏي ۽ ان تي سختيءَ سان پابندي ڪري. مٿي هڪڙي ڏاهي جو قول نقل ڪري آيا آهيون ته”راند جي وقت راند روند ڪريو، ڪم جي وقت ڌيان ڪم ۾ ڌريو.“ جيڪڏهن ڪنهن شاگرد ڪم جي وقت راند روند ڪئي ۽ راند جي وقت وري ڪم ڪيو، ته اهو ٻٽو نقصان آهي. يعني اهڙيءَ حالت ۾ هو نه ته ڪم ئي ٺيڪ ڪري سگهندو، ۽ نه وري راندين مان ئي ڪو فائدو وٺي سگهندو.

هن عمر جي اها گُهر آهي ته هو تعليم پرائي ۽ ان تعليم جي وسيلي پنهنجي حياتي روشن ڪري ۽ زندگي سنواري. هر عرصي ۾ ئي کيس پنهنجي صلاحيتن کي چمڪائڻو آهي ۽ پنهنجي ذهن توڙي جسم جي اوسر جو خيال ڪرڻو آهي. شاگرد کي تعليمي ادارن ۾ موڪليو وڃي ٿو ته اتي پڙهڻ ۽ لکڻ جي وسيلي هن جو ذهن پڪو ٿئي ۽ راندين ۾ بهري وٺڻ سان، هو پنهنجي جسماني قوتن کي ڪم آڻي ته جيئن هن جو بدن تندورست ۽ صحتمند رهي.

شاگرد کي، پنهنجو سمورو وقت، رڳو انهن مقصدن حاصل ڪرڻ ۾ گذارڻو آهي. پوري وقت تي اسڪول ۾ وڃڻ، اتان پوري وقت تي گهر موٽن، ماني کائڻ، آرام ڪرڻ، وري راندين ۾ دل وندرائڻ، رات جو اسڪول مان مليل ڪمن کي پورو ڪرڻ، اهي سڀ ڳالهيون هن جي پروگرام ۾ هئڻ گهرجن ۽ انهيءَ پروگرام تي کيس سختيءَ سان عمل ڪرڻ گهرجي.

اهڙا فضول ڪم، جيڪي سندس ٽائيم ٽيبل ۾ رخنو وجهن، يا سندس وقت ضايع ڪن، تن کان پرهيز ڪرڻ گهرجيس. اجائي کل ڀوڳ ۾ وقت وڃائڻ، رلڻ پنڻ ۽ گهٽيون ڪَڇڻ، واندو ويهي وقت گذارڻ، انهن ڳالهين کان پري ڀڄڻ گهرجيس. واندي ويهڻ جي باري ۾ هڪڙي انگريز ڏاهي چيو آهي ته ”واندي ماڻهوءَ جو دماغ، شيطان جو ڪارخانو آهي.“ يعني، جتي انسان جو دماغ خاص ڪم ۾ رڌل نه آهي، اتي شيطاني خيال پيدا ٿين ٿا، جيڪي سندس اخلاق کي بگاڙين ٿا. انهيءَ هاڃي کان بچڻ لاءِ ته اهو پهاڪو به مشهور آهي ته ”بيڪار کان بيگار ڀلي.“

بهرحال، هڪ مثالي شاگرد لاءِ اهو ضروري آهي ته هو پنهنجو وقت پڙهڻ ۽ پرجهڻ ۾ گذاري ۽ راندين جي وقت راند روند ڪري. کيس ڪڏهين به اهو خيال نه ڪرڻ گهرجي ته ”ٺهيو، هيءُ ڪم پوءِ ئي کڻي ڪبو. اڃا ڪافي وقت پيو آهي.“ اهڙا خيال اجايا ۽ نهايت نقصانڪار آهن. خبر نه آهي ته هن کان پوءِ صحت سالم رهي يا نه، يا خبر نه آهي ته ٻيون ڪي خراب حالتون پيدا ٿي پون ۽ اهو ڪم اتي رهجي وڃي. ڪنهن به حالت ۾، اڄ جو ڪم سڀاڻ تي نه ڇڏجي. مليل وقت مان پورو پورو فائدو حاصل ڪجي.

سچ ڳالهائڻ:

تنهن کانپوءِ، مثالي شاگرد لاءِ لازمي آهي ته هو هميشہ سچ ڳالهائي، سچ پسند ڪري ۽ سچ جي پٺڀرائي ڪري، سچار سان صحبت ڪري ۽ پنهنجي ساٿين جي اڳيان سچ جو پرچار ڪري؛ هر دم سچ جي اصولن  کي همتائي ۽ ڪوڙ کي ڌڪاري.

سچ هڪ اهڙو گُڻ آهي، جيڪو حياتيءَ جي هر قدم تي گهيريل آهي. زندگيءَ جي هر ڪم ۾ سچ ئي ڪاميابيءَ ۽ سوڀ جي ضمانت آهي، پورو انسان اهو آهي، جو هر قدم تي سچ ڳالهائي ٿو سچ سوچي ٿو، سچ لکي ٿو، ۽ دنيا جي هر ڪاروبار ۾، ڌنڌي ۾، نوڪريءَ ۾.مطلب ته هر ڳالهه ۾ سچ استعمال ڪري ٿو. ڪوڙ ڳالهائيندڙ پاڻ سان به دوکو ڪري ٿو ته ٻين سان به. جيڪو ڪوڙ کي همٿائي ٿو، اهو پاڻ به نقصان ۾ آهي ته ٻئي کي به ان طرف ڌڪي ٿو. جيڪو ڪوڙ جو سهارو وٺي ٿو، اهو ڪڏهين نه ڪڏهين ضرور ٻڏندو.

چوندا آهن ته ”سچ ته بيٺو نچ.“ سچ ٻوليندڙ شروعات ۾ کڻي ڏکن ڏولائن ۾ ڦاسي، پر نيٺ ڪاميابي سندس قدم چمندي. ۽ خوشي ۽ سک نصيب ٿيندس. ان جي ابتڙ، ٿي سگهي ٿو ته ڪوڙو ماڻهو ٿوري وقت لاءِ ڪاميابي حاصل ڪري وٺي، پر جلد ئي کيس شرمندگيءَ ۽ پشيمانيءَ جو منهن ڏسڻو پوندو ۽ پنهنجي عزت ۽ شان، سک ۽ سلامتي سڀڪجهه وڃائي ويهندو. چوندا آهن ته ”سچ جي ٻيڙي لڏندي آهي، پر ٻڏندي نه آهي“ سو بلڪل درست آهي.

انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته سچ ۾ مرچ آهن. سچ جا ٻول ڪڏهن اهڙا ته ڪڙا ۽ تيز لڳندا آهن، جو اڳلي کي پسند نه ايندا آهن. انهيءَ ڪري رڳو ٻئي کي خوش ڪرڻ لاءِ ماڻهو سچ کي ڇڏي ڏئي، رڳو ڪوڙ کان ڪم وٺي، سو مناسب نه آهي.

سڀني مذهبن ۾ ۽ خاص طرح اسان جي اسلام ۾ ڪوڙ کي تمام سخت لفظن ۾ ننديو ويو آهي ۽ سچ جي حمايت ۾ ڪافي تاڪيد فرمايل آهي. اسين ڏسون ٿا ته پيغمبرن ۽ نبين سڳورن کي، جو شروعات ۾ تڪليفون ۽ اهنج ڏنا ويا، کين ۽ قتل ڪرڻ تائين ڌمڪيون ڏنيون ويون ۽ ڪوششون پڻ ڪيون ويون، سو رڳو هن ڪري، جو هو سچ جو پرچار ڪرڻ آيا هئا ۽ ڪندا رهيا. انهن ٿوري وقت جي ڏکن کان پوءِ نيٺ سچ جي سوڀ ٿي ۽ هو پنهنجي پيغام کي انسان ذات تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿيا، ۽ اهڙي عزت ۽ احترام حاصل ڪري ورتائون، جو هر هڪ انسان لاءِ اهي مثال بنجي ويا ۽ هر ڪنهن لاءِ سندن عزت ڪرڻ لازم ٿي پيئي.

مثالي شاگرديءَ واري زماني ۾، شاگرد کي ڪيترائي اهڙا موقعا ملن ٿا، جتي کيس ظاهري طرح ڪوڙ چوڻ ۾ فائدو نظر اچي ٿو. جڏهين شاگرد اسڪول ۾ دير سان ايندو آهي ته استادن جي سزا ۽ سهمن کان بچڻ لاءِ ڪوڙ جو سهارو وٺندو آهي ۽ ڪو نه ڪو ڪوڙو عذر يا بهانو پيش ڪري، پنهنجي جان ڇڏائي ويندو آهي، جڏهين ڪو شاگرد اسڪول جا ڪم پورا نه ڪري ايندو آهي ته ڪونه ڪو ڪوڙ هڻي ڪڍندو آهي. گهر ۾، والدين سان به وقتي ڪوڙ هڻي ڪڍندو آهي.جيڪڏهن امتحان ۾ گهٽ مارڪن کڻڻ جو سبب مائٽ پڇندس، ته چئي ڏيندو ته استاد تمام گهٽ پڙهايو، ڪتاب موجود ڪونه هئا يا پيپر ڪورس کان ٻاهر هو. وغيره. ڪڏهين ته شاگرد مائٽن کي، ڪوڙا بهانا ڏيئي، وڏيون رقمون ڇڏائي وٺندا آهن ۽ پوءِ اهي رقمون غير ضروري ۽ گهڻو ڪري نقصانڪار ڪمن تي خرچ ڪري ڇڏيندا آهن. مطلب ته شاگردن کي هر قدم تي، سچ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ جا وجهه ملن ٿا. اهڙا شاگرد به آهن، جيڪي سچ چئي ڏيندا آهن، پوءِ کڻي انهيءَ سچ ڳالهائڻ جي عيوض کين استادن جي مٿان يا والدين کان ڪيتري به سزا سهڻي پوي.

بس، مثالي شاگرد اهو آهي، جيڪو پاڻ ۾، شاگرديءَ واري دور ۾ ئي سچ ڳالهائڻ جي عادت پيدا ڪري ۽ ڪنهن به ٿوري وقت جي نقصان يا سزا جو خيال نه ڪري. هروڀرو ائين به ڪونه آهي ته سچار شاگرد، هر دم والدين يا استادن وٽ سزائون پيو کائيندو. حقيقت ته اها آهي ته جڏهين استادن يا والدين کي پنهنجي ڪنهن ٻار يا شاگرد جي سچار هئڻ جي خبر پئجي ويندي، ته پوءِ اهڙي شاگرد کي، تمام گهڻي عزت ملندي ۽ هر معاملي ۾ سندس ڳالهه کي پورو پورو وزن ڏنو ويندو.

جڏهين ڪنهن شاگرد ۾ اهو سچ ڳالهائڻ جي عادت پئجي ويئي، ته پوءِ هو ٻين ڪنن ڪمن کان به پرهيز ڪندو، ۽ هر دم پنهنجي چال چلگت کي درست رکڻ جي ڪوشش ڪندو، ڇاڪاڻ ته کيس انهيءَ ڳالهه جو ته يقين هوندو ته پڇا ٿيڻ تي، کيس سچ ڳالهائڻو آهي. اهڙي سچار شاگرد لاءِ زندگي ۾ هر هنڌ ڪاميابيءَ جا دروازا خود بخود کلي پوندا.

سو، مثالي شاگرد تي فرض آهي ته هر ڪم ۾ هر ڳالهه ۾ هر قدم تي سچ ڳالهائي، سچ جي حمايت ڪري، سچ کي هٿائي ۽ سچ جو پرچار ڪري.

سادگي ۽ صفائي:

تنهن کان پوءِ مثالي شاگرد لاءِ سادي سودي رهڻي به ضروري آهي. ڪن ٻارن جا والدين وڏا امير، ۽ واپاري هوندا آهن، تنهنڪري انهن وٽ عمده ڪپڙن لاءِ، سٺن کاڌن لاءِ ۽ ريل ڇيل پيسي خرچڻ لاءِ حد کان وڌيڪ موقعا به هوندا آهن ته وسعت به. پر مثالي شاگرد کي اهڙيءَ حالت ۾ به سادي سودي نموني سان گذارڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهو به ممڪن آهي ته هن وقت ته هو مائٽن جي خرچ تي عيش ڪري سگهي ٿو، پر اڳتي هلي اهڙيون حالتون نه رهن. جڏهين پاڻ تي ڀاڙڻو پوندس، تڏهين خبر نه آهي ته حالتون ڇا هجن، وٽس ايتري دولت هجي يا نه هجي. تنهنڪري جيڪڏهين منڍ کان يعني ننڍي هوندي، کان ئي هو سادي حياتي گذارڻ تي هريل هوندو، ته وڏي هوندي، بدليل حالتن هيٺ، وقت بسر ڪرڻ ۾ ڪابه دقت ڪانه ٿيندس، پر جيڪڏهن ننڍي هوندي ٺٺ ٺانگر سان گذاريو هوندائين، ته وڏي هوندي، سادي نموني سان رهندي، گهٽتائي محسوس ڪندو ۽ گهٽتائيءَ جو احساس پيدا ٿيندس ۽ اها ڳالهه سندس ترقيءَ جو راهه ۾ رنڊڪ پيدا ڪندي.

جيڪو انسان پاڻ سادو آهي، سو ٻين سادن ۽ غريب شاگردن کي به چڱو سمجهندو ۽ انهن سان رلي ملي سگهندو. منجهس ڪنهن لاءِ نفرت يا ڌڪار نه رهندي. ان جي ابتڙ، جنهن جي رهڻي ڪهڻي ڏيک ويک ٺاٺ باٺ واري آهي، سو ٻين سادن شاگردن کي گهٽ نگاهن سان ڏسندو ۽ خود منجهس اجائي سيٽ ۽ وڏائي پيدا ٿي پوندي، جيڪا ڳالهه نهايت خراب آهي. اهڙي قسم جي هٺيلي ماڻهوءَ کي پنهنجا دوست به ڌڪاريندا ۽ ڪونه چڱيءَ نگاهه سان ڪونه ڏسندو.

سادو کاڌو، سادو ڪپڙو ۽ سادي رهڻي ڪهڻي، اهي گڻ صحت لاءِ پڻ فائدي وارا آهن. اهڙو ماڻهو سٺي صحت ماڻي سگهي ٿو. اوچا کاڌا، عمدا ڪپڙا ۽ گهڻو خرچ صحت تي به اثر ڪن ٿا ته اخلاق تي پڻ. تنهنڪري مثالي شاگرد لاءِ ضروري آهي ته هو پاڻ ۾ سادگيءَ جي عادت پيدا ڪري ۽ اجائي ٺٺ ٺانگر کان پري رهي. اها به حقيقت آهي ته امير شاگردن کي اڇا ڪپڙا پهريندي ۽ گهڻي خرچ ڪندي، ڪيترن غريب شاگردن جي دل ۾ پنهنجي اڻ هوند جو خيال ۽ گهٽتائي جو احساس پيدا ٿئي ٿو. وقتي ته اهي غريب شاگرد به، مائٽن ويچارن ۾ وسعت نه هوندي به اڇن ڪپڙن پائڻ ۽ امير شاگردن سان مقابلي ڪرڻ ۽ برميچڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. نتيجي ۾، هو بريون عادتون پرائين ٿا ۽ پنهنجن غريبن مائٽن لاءِ وبال ٿيو پون. امير ۽ دولتمند مائٽن جو ڪو ٻار جيڪڏهن هو هڪ  مثالي شاگرد آهي ته ڪڏهن به ائين غريب مائٽن ۽ انهن جي اولاد لاءِ تڪليف جو سبب بنجڻ پسند نه ڪندو، ڇو ته ٻين لاءِ خراب مثال ٿيڻ ڪا فخر جي ڳالهه يا ڪا چڱي ڳالهه ڪانهي ۽ ان ۾ اڳتي هلي، خود سندس به نقصان آهي.

 

جنهن شاگرد ۾ سادگي نه آهي، اهو پنهنجو گهڻو وقت اجائي ٺاهه ٺوهه ۾ گذاري ٿو ۽ پڙهڻ تي تمام ٿورو ڌيان ڏئي ٿو. اهڙيءَ طرح، هو وقت جو به زيان ڪري ٿو، جيڪو هوندو پڙهڻ جي ڪم ۾ صرف ڪري سگهي ها. وڏي ٿيڻ کان پوءِ اهڙو هٿ ڦاڙ ۽ هٺيلو شاگرد سٺو شهري ثابت نٿو ٿئي. هن کي پنهنجي اجاين خرچن جي پورائي خاطر ڪڌا ڪرتوت اختيار ڪرڻا پون ٿا. ملازم هوندو ته رشوت وٺندو ۽ غبن ڪندو؛  واپاري هوندو ته چوربازاري ۽ ذخيره اندوزي ڪندو؛ زميندار هوندو ته هارين جا حق غضب ڪندو ۽ هنر مند هوندو ته پنهنجي ڪم ۾ بي ايمانيءَ کان ڪم وٺندو. اهڙيءَ طرح، اهڙي قسم جو ماڻهو جيڪو ننڍي هوندي سادگيءَ تي هريل نه آهي، سو ڪڏهين نه ڪڏهين، ڏوهن ۾ ڦاسي پوي ٿو، ۽ انهن جا برا نتيجا ڀوڳڻا پونس ٿا، ۽ ڪڏهن ته جيلن جا منهن ڏسڻا پونس ٿا.

سادگيءَ جو مطلب اهو نه آهي ته انسان گدلائيءَ ۾ گذاري، پهرڻ يا کائڻ پيئڻ ۾ ڪنجوسي ڪري ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجي زندگي وبال ڪري ڇڏي. سادگيءَ سان گڏ صفائي به ضروري آهي. ڪپڙا لٽا هر دم صاف سٿرا هئڻ گهرجن، کاڌو صاف ۽ پاڪ هجي، گهر ۾ هر شيءَ صفائيءَ سان رکيل هجي وغيره، صفائي نه رکڻ وارا هميشہ روڳي ۽ بيمار گذارين ٿا ۽ سڀڪو کين ڌڪاري ٿو حقارت سان ڏسي ٿو ۽ پاسي ۾ ويهارڻ به پسند ڪونه ٿو ڪري.

تنهن لاءِ مثالي شاگرد کي پاڻ ۾ صفائيءَ جون عادتون پيدا ڪرڻ گهرجن، بدن کي صاف رکڻ، وارن کي ڦڻي ڏيڻ، اڇا اجرا ڪپڙا پهرڻ، صاف ٿانون ۾ سادو کاڌو کائڻ گهرجي صفائيءَ جو خيال رکڻ، ۽ پاڙي وارن لاءِ گندگي پيدا نه ڪرڻ اهي سڀ عادتون سٺن شاگردن ۾ ننڍي هوندي کان ئي هئڻ گهرجن.

حب الوطني:

وطن جي حب مثالي شاگرد لاءِ هڪ نهايت عمدي ۽ اهم صفت آهي. رسول ڪريم صلعم جن فرمايو آهي ته ”وطن جي حب، ايمان جو جز آهي.“ انهيءَ مان اهو ثابت ٿيو ته جنهن فرد کي پنهنجي وطن لاءِ پيار ۽ محبت نه آهي، تنهن جو ايمان ناقص آهي. وطن جي حب جو مطلب اهو آهي ته انسان کي پنهنجي ملڪ جي سرزمين  سان محبت هجي، وطني ماڻهن  سان پيار ۽ همدردي هجي ۽ پنهنجي ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ شين سان دلچسپي هجي ۽ کيس پنهنجي ديس جي دشمنن لاءِ ڌڪار هجي. حقيقت ته اها آهي ته اسان جي تعليم جو مقصد ئي اهو آهي ته اسين پنهنجي ملڪ ۽ قوم لاءِ اهڙا فرد پيدا ڪريون، جيڪي اڳتي هلي، ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪن ۽ وطن لاءِ ئي مرن ۽ جيئن. هنن جو هر هڪ ڪم ۽ ڪوشش پنهنجي ديس جي بهبوديءَ ۽ ڀلائيءَ لاءِ هجي.

انهيءَ سهڻي جذبي جو بنياد، شاگرديءَ واري زماني ۾ ئي چڱي ۽ موثر انداز ۾ پئجي سگهي ٿو. ان وقت ئي مثالي شاگرد کي گهرجي ته اهڙن بهادر شخصن جون سوانح عمريون پڙهي، جن پنهنجي ديس ۽ ديسواسين جي خدمت ڪئي ۽ پنهنجا ذاتي مفاد به قربان ڪري، پنهنجي وطن ۽ قوم لاءِ سوچيائون ۽ عملي طرح ڪجهه ڪري ڏيکاريائون. شاگردن کي، هن دور ۾ ئي پنهنجي تاريخ، پنهنجي ادب، پنهنجي تهذب کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ گهرجي، ۽ پنهنجن وڏن جي اعليٰ ڪارنامن جا آثار  ڏسڻ گهرجن ۽ پنهنجي زمين جي قدرتي نظارن ۽ دولت جي ذريعن کي ڏسڻ ۽ معلوم ڪرڻ گهرجي، ۽ پنهنجي ديس جي عام ماڻهن ۽ اُنهن جي ڏک سور ۽ ٻين مسئلن مان واقف ٿيڻ گهرجي. اهي ڳالهيون اهڙيون آهن، جيڪي منجهن پنهنجي وطن ۽ قوم لاءِ محبت پيدا ڪن ٿيون، ۽ ائين هو وڏي هوندي، سٺا محب وطن ۽ عمدا شهري ٿي پوندا.

ضابطي هيٺ رهڻ:

تعليمي ادارن مان فائدي حاصل ڪرڻ ۽ اُتان تعليم پرائڻ لاءِ ضروري آهي ته ڪن مقرر ٿيل ضابطن هيٺ رهڻ سکجي ۽ ڪن مقرر ٿيل قاعدن ۽ قانونن جي پيروي ڪجي ۽ انهن جي ڪڏهن  به ڀڃڪڙي نه ڪجي.

دنيا ڏانهن نگاهه ڪري ڏسو ته ڪائنات جي هر هڪ شيءَ - پوءِ اها وڏي هجي يا ننڍي، سج هجي يا تارا، سڀ ڪنهن ضابطي هيٺ هلي رهيا آهن ۽ ڪن مقرر ٿيل پيچرن تي پنهنجي چوگرد، يا ٻين گرهن جي چوڌاري گردش ڪري رهيا آهن. اُنهن جي ضابطي هيٺ هلڻ ۽ گردش ڪرڻ سبب ئي موسمون بدلجن ٿيون، رات ۽ ڏينهن ٿئي ٿو ۽ ائين ٿيڻ ۾ ڪابه رنڊڪ پيدا ٿي نٿي سگهي. جيڪڏهين اهي سڀ شيون ڪنهن ضابطي هيٺ نه هلنديون هجن، ته جيڪو سموري ڪائنات جو ڪاروبار ڊانواڊول  ٿي پوي.نه رات ۽ ڏينهن مهل سر ٿين ۽ نه وري موسمون ئي وقت تي ٿين. نه رڳو ايترو، پر جيڪي شيون انسان جي حياتيءَ لاءِ يعني زنده رهڻ لاءِ گهربل آهن، سي به پيدا ٿي ڪونه سگهن ۽ ممڪن هو ته  انسان ذات يا ٻين ساهوارن جو وجود ئي نه رهي ها.

اهو سڀڪجهه ڪنهن ضابطي ۽ قانون سبب ئي آهي، جو ڪائنات جو ڪاروبار اهڙي نموني ۾ هلي رهيو آهي. قدرت جي انهيءَ قانون مان انسان کي سبق وٺڻ گهرجي ۽ پاڻ کي به ضابطي هيٺ رکي ڪم ڪرڻ کپي. ان لاءِ اسان وٽ گهر جا دستور، اسڪول جا قاعدا ۽ سماج جا قانون ۽ پائبنديون آهن، جن تي هلڻ سان ئي اسين هڪٻئي سان ڏي ـــ وٺ ۽ مٺ محبت جو سلسلو قائم رکي سگهون ٿا. اسين ڏسون ٿا ته جيڪي ماڻهو حڪومت جي طرفان ٺهيل قانونن جي ڀڃڪڙي ڪن ٿا ته ملڪ ۾ وڳوڙ پيدا ٿي وڃي ٿو، سماج ۾ هلچل پيدا ٿي پوي ٿي ۽ قوم تباهيءَ ڏانهن ڌڪجي وڃي ٿي. جيڪي ماڻهو سماج جي ٺهيل اصولن تي نٿا عمل ڪن، تن کي سماج ذليل ۽ خوار سمجهي ٿو ۽ اُهي سماج جا باغي آهن ۽ فسادي ليکجن ٿا.

انهيءَ مان اهو نتيجو نڪري ٿو ته هر هڪ شيءَ لاءِ ڪن ضابطن هيٺ هلڻ لازمي آهي. ۽ اها ضابطي ۾ هلڻ جي عادت ننڍي هوندي ٻارن کي گهر ۾ ۽ شاگردن کي اسڪول ۾ پرائڻي آهي. انهيءَ ڪري ، شاگرد لاءِ پڻ ڏسبو ته اسڪول يا ڪاليج ۾، ڪي ضابطا ۽ قانون مقرر ٿيل آهن. پوري وقت تي اسڪول ۾ اچڻ ، اسيمبليءَ ۾ حاضر رهڻ، هرهڪ پيرڊ موجب ڪم ڪرڻ ۽ سبق پڙهڻ، وقفي ۾ پاڻي وغيره پيئڻ ۽ ٻيون ضرورتون پوريون ڪرڻ، پوري وقت تي گهر موٽڻ، اتي اسڪول جا ڪم ڪرڻ، وري شام جو راندين ۾ حصو وٺڻ وغيره، اهي سڀ ضابطا يا قانون آهن، جن جي پيروي ڪرڻ هڪ مثالي شاگرد تي فرض آهي. تنهن کانسواءِ اسڪول ۾ استادن جو احترام ڪرڻ، شاگرد ساٿين سان سهڻي نموني ورتاءُ ڪرڻ، هڪٻئي کي اسڪولي ڪمن ۾ مدد ڪرڻ، امتحان لاءِ تياري ڪرڻ ۽ اتي نقل ڪرڻ کان پرهيز ڪرڻ، هڙتالن ڪرڻ ۽ اداري جي ملڪيت کي ڇيهي رسائڻ کان پري ڀڄڻ، ڪلاسن مان نڪري ٻاهر نه گهمڻ ۽ اسڪول جو انتظام خراب نه ڪرڻ، اهي سڀ ضابطي ۽ انتظام جا مسئلا آهن.

گهر ۾ به ڪي ضابطا ۽ اصول قائم هوندا آهن، جن تي هلڻ هڪ شاگرد لاءِ نهايت ضروري آهي. صبح جو سوير ننڊ مان اٿڻ، وقت تي صفائي ڪرڻ ۽ ماني کائڻ، اسڪول لاءِ تياري ڪرڻ، موٽي اسڪول جو ڪم ياد ڪرڻ، وقت تي راندين لاءِ وڃڻ ۽ وري بنان ڪنهن رلڻ پنڻ جي سڌو گهر موٽي اچڻ، اهي گهر ۾ قائم ڪيل ضابطا ۽ قاعدا آهن، جن تي عمل ڪرڻ هڪ سٺي شاگرد تي فرض آهي. اهڙن ضابطن تي هلڻ سان هو پنهنجي صحت به سالم رکي سگهندو، پڙهائيءَ ڏانهن به پورو ڌيان ڌيئي سگهندو ۽ پنهنجي والدين کي به راضي ڪري سگهندو. 

شاگرديءَ  واري زماني جون اهي عادتون جڏهين پختيون ٿي ويون، ته وڏي هوندي هو هن دنيا ۾ ڪامياب ٿي سگهندو. اڳتي هلي، هر هڪ ڪم جي ميدان ۾، جتي به کيس ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، وقت جو پابند ۽ قانونن جو پيروي ڪندڙ فرد ٿي پوندو، اهي ئي ڪامياب زندگيءَ جا ضامن اصول آهن.

هٿ جو پورهيو:

ٻين گڻن سان گڏ، مثالي شاگرد ۾ هي گڻ به هئڻ گهرجي ته هٿ جي پورهئي ڪرڻ يا گهر ۾ ڪنهن ڪم ڪار ڪرڻ کان عار محسوس نه ڪري. جڏهين هو اسڪول مان موٽي گهر پهچي، ته هٿ هٿ تي رکي ويهي نه رهي، يا جيڪڏهين گهر  ۾ والدين ڪو هلڪو سلڪو ڪم چونس ته انڪار نه ڪري يا انهيءَ ڪم ڪرڻ ۾ شرم محسوس نه ڪري، گهر ۾ ڪيترائي ڪم اهڙا به آهن، جيڪي ٻارن کي يا ننڍن کي ئي ڪرڻا آهن ۽ انهن جي ئي ڪرڻ جهڙا آهن. گهرو ڪمن ۾ عار محسوس ڪرڻ هڪ  بُري ڳالهه آهي، جيڪا هڪ سٺي شاگرد ۾ ته مور نه هئڻ گهرجي، جيڪڏهين شاگردن ۾ اها بري عادت پيدا ٿي پئي، ته وڏي هوندي هو هلڪي سلڪي نوڪري ڪرڻ يا ڪو ڌنڌو هلائڻ پنهنجي شان کان گهٽ سمجهندا ۽ جيڪڏهين ڪو پورهيو ڪرڻو پين ته ان کان بلڪل پري ڀڄندا، ۽ نتيجو اهو نڪرندو، جو زماني جا ڌڪ ۽ عقوبتون سهڻيون پوندين.

مثالي شاگرد کي، تنهنڪري، پاڻ ۾ هٿ سان پورهيي يا ڪم ڪرڻ جي عادت پيدا ڪرڻ گهرجي. اڄڪلهه، تعليمي ادارن ۾ اهڙي قسم جو ڪم ڪرايو پيو وڃي، يعني ڪاٺ جو ڪم، بجليءَ جو ڪم، زرعي ڪم، وغيره سيکاريا پيا وڃن، جيئن اڳتي هلي، شاگرد پورهيي کان شرم محسوس نه ڪن ۽ پنهنجو مستقبل به سنواري سگهن.

حقيقت اها آهي ته جنهن مقصد سان قدرت انسان کي هٿ ڏنا آهن، تنهن مقصد لاءِ اهي ڪتب آڻجن. هٿن جو صحيح استعمال اهو آهي ته انهن سان ڪجهه ڪجي. انهن هٿن کي پنهنجي خوشحاليءَ لاءِ ڪم آڻجي ته ٻين جي ڀلائيءَ لاءِ پڻ. دنيا ۾ اهو ڪهڙو ساهوارو آهي، جيڪو پنهنجي جياپي ۽ کاڌ خوراڪ لاءِ پاڻ نٿو پتوڙي. ويچاري ماکيءَ جي مک به پنهنجي پورهيي ۾ رڌل رهي ٿي. پکيءَ جي بناوت ته آهي ئي اهڙي قسم جي، جو اُن لاءِ اڏامڻ، چڳڻ، پَر هلائڻ وغيره ضروري آهن. جڏهين پکي اهي سڀ ڪم ڪري ٿو. تڏهين ئي خوش ۽ سکي رهي ٿو، انسان جي به ساڳي حالت آهي. جڏهين هو اٿندو، ويهندو، گهمندو، ڦرندو،هٿ پير هلائيندو ۽ جسماني ڪم ڪندو، تڏهين ئي خوش گذاري سگهندو ۽ پنهنجي صحت بحال رکي سگهندو ۽ وڏي ڳالهه ته جڏهن ڪم ڪندو تڏهن ئي انسان سڏائڻ جو حقدار به رهندو.

رسول پاڪ صلعم جن”الڪاسب حبيب الله“ يعني پورهيت خدا جو دوست آهي، فرمائي ماڻهن کي سيکاريو ته پورهيت جو مان ڪجي. شاهه ڀٽائيءَ ”تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل وهڻ جي“ فرمائي ماڻهوءَ کي محنت ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. دنيا جو ڪوبه ڪم پورهيي کانسواءِ ٿي نٿو سگهي. پورهيي سان ويران ملڪ به آباد ۽ سرسبز ٿيو پوي، مٽيءَ مان سون لڀيو پوي ۽ ڌوڙ مان ڌن مليو وڃي. پورهيت اسان جي قوم جو مکيه فرد آهي. اسان جي ملڪ جي خوشحالي، اسان جي محنت ڪرڻ تي ئي مدار رکي ٿي. پورهيو ڪرڻ ۽ پنهنجي ملڪ جي پيداوار وڌائڻ هر هڪ شهري جو اولين فرض آهي.

مثالي شاگرد جي اڳيان تعليم پرائڻ جو مقصد اهو نه هئڻ گهرجي ته وڏيون ڊگريون حاصل ڪري، نوڪريون ڪجن، ۽ پوءِ هڪ جاءِ تي ويهي، ڪم ۽ محنت کان گسائي، رڳو ڪاغذن تي صحيحون وجهجن، ۽ رڳو پاڻي پيئڻ جو ڪم به پٽيوالن کان وٺجي.

تعليم حاصل ڪرڻ جو مقصد آهي پنهنجي زندگي سنوارڻ ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ. اها خدمت اسين رڳو نوڪرين ڪرڻ، ۽ آفيسن ۾ ويهي، عينڪون پائي. گهنٽيءَ تي پٽيوالن کي سڏڻ سان ڪونه ٿا ڪري سگهون، پر محنت ۽ پورهيي ڪرڻ سان به ڪري سگهون ٿا. هڪ انجنيئر به پورهيت آهي، جيڪو پنهنجي هٿن سان پورهيو ڪري ٿو. هڪ ڊاڪٽر به پورهيت آهي، جيڪو مريضن جي خدمت ڪرڻ لاءِ ڪافي جفاڪشي ڪري ٿو، هڪ هاري به پورهيت آهي، جيڪو ملڪ جي پيداوار وڌائڻ ۾ مدد ڪري ٿو. هڪ مزور به پورهيت آهي، جيڪو ڪارخاني ۾ ڪم ڪري، ڪي شيون اپائي ٿو.

تنهنڪري مثالي شاگرد تي به فرض آهي ته هو هٿ جي پورهيي ڪرڻ جون عادتون  پاڻ ۾ پيدا ڪري. وڏي هوندي، جيڪڏهين کيس پورهيي ڪرڻ جو موقعو نه به مليو تڏهين  به هو پورهيتن جو قدر ڪري سگهندو ۽ انهن سان رلڻ ملڻ ۾ شرم يا گهٽتائي محسوس ڪونه ڪندو، بلڪ فخر محسوس ڪندو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com