ادب ڪرڻ
استادن جو:
اسين جو پيغمبرن سڳورن کي مٿانهون ڄاڻندا آهيون ۽ انهن جو ادب
ڪندا آهيون، تنهن جا ته هونءَ ڪيترائي سبب آهن، پر
انهن مان هڪ سبب هيءُ به آهي ته هنن سڄيءَ انسان
ذات کي علم سيکاريو. هو انسان ذات جا هن دنيا
توڙي ٻئي جهان لاءِ استاد ۽ رهبر هئا.
نيڪ ماڻهو جنهن کان چڱي ڳالهه سکندا آهن، انهن جو ادب ڪندا آهن.
اسان کي گهرجي ته پنهنجن انهن استادن جو ادب
ڪريون، جن وٽان اسان مدرسن، مڪتبن،اسڪولن، ڪاليجن
۽ يونيورسٽين ۾ تعليم پرايون ٿا.
هيءَ ڳالهه به هر ڪو مڃيندو ته استادن وٽ علم ۽ ڄاڻ شاگردن کان
وڌيڪ آهي. استادن، پنهنجي مطالعي ۽ تجربي جي
وسيلي، هن ڪائنات بابت، يا ان جي خلقيندڙ جي معرفت
بابت ۽ ٻين به ڪيترن ئي ڳالهين ۾، ڪافي ڄاڻ حاصل
ڪئي آهي. هنن جا خيال اسان جي خيالن جي ڀيٽ ۾،
وڌيڪ اوچا ۽ پختا آهن. رڳو مثالي شاگرد تي نه، پر
هر هڪ شاگرد جو اهو فرض ٿئي ٿو ته هو اهڙي ماڻهوءَ
جي عزت ۽ ادب ڪري، جيڪو کانئس وڌيڪ علم ڄاڻي ٿو.
جيڪو شاگرد علم ۽ ڄاڻ جو ادب نٿو ڪري، اهو هلڪڙو ۽
اڻ ڄاڻ آهي ۽ اڻ ڄاڻ ۽ هلڪڙو رهندو.
ٻي ڳالهه هيءَ آهي ته استادُ اهو علم يا ڄاڻ، جيڪا وٽس موجود
آهي، سا شاگردن کي ڏئي ٿو ۽ اُن جي ڏيڻ ۾ ڪابه
گهٽتائي ڪونه ٿو ڪري. هو شاگردن کي علم ڏئي ٿو،
جيڪو ٻنهي جهانن لاءِ روشني آهي ۽ جنهن لاءِ رسول
مقبول صلعم جن فرمايو آهي ته ”علم حاصل ڪريو، پوءِ
کڻي توهان کي چين وڃڻو پوي.“
انهيءَ ڪري، مثالي شاگرد جو اهو فرض به ٿئي ٿو ته هو استادن جو
ادب ڪري ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جي گهٽتائي نه ڪري.
تنهن کانسواءِ، استاد جو ادب ڪرڻ هن ڳالهه جي ڪري به ضروري آهي
ته هو اسان کي هن دنيا ۾ رهڻ ۽ سهڻي نموني زندگي
گذارڻ جا آداب ۽ طريقا سيکاري ٿو ۽ آخرت موچاري
ڪرڻ لاءِ پڻ ڪي نصيحتون ڏئي ٿو، اسان جي اخلاق کي
سڌاري ٿو، اسان ۾ ڪيترائي وڻندڙ گڻ پيدا ڪري ٿو،
اسان جي لڪل صلاحيتن ۽ لياقتن کي اڀاري ٿو ۽
چمڪائي ٿو، ۽ اسان مان حيواني صفتون ڪڍي صحيح
معنيٰ ۾ اسان کي انسان بنائي ٿو. ڪنهن مثالي شاگرد
پنهنجي استاد لاءِ ڪهڙي نه عمدي ڳالهه چئي آهي ته
”والدين مون کي عرش تان لاهي فرش تي آندو ۽ استاد
مون کي فرش تان کڻي عرش تي پهچايو.“
والدين جو:
استادن جي ادب ڪرڻ سان گڏوگڏ، مثالي شاگرد لاءِ ضروري آهي ته هو
پنهنجي والدين جو به ادب ۽ احترام ڪري ۽ انهن جي
خدمت چاڪري ڪري. ماءُ ٻار جو پهريون ۽ مشفق استاد
آهي. ٻار جو هن دنيا ۾ اچڻ کانپوءِ، ماءُ ئي
پهريون رهنما ۽ استاد آهي. هوءَ گهر ۾ کيس ڪيترين
ئي شين کان واقف ڪري ٿي ۽ ڪيترائي ضروري عمل
سيکاري ٿي ۽ منجهس سٺيون عادتون وجهي ٿي. جيترو
پيار ۽ گهڻگهرائي ماءُ جي دل ۾ ٻار لاءِ موجود
آهي، تنهنجو ته ڪو مثال ئي ڪونهي.
ٻار والدين جي اٿاهه پيار جو نتيجو آهي، جيئن ڪنهن وڻ جو مٺو
ميوو هجي. ٻار، ڪافي عرصو،ماءُ جي پيٽ ۾ رهي ٿو ۽
اتي ماءُ جي جسم جي رت جي خوراڪ کيس ملي ٿي، جيڪا
هن جي ابتدائي واڌ لاءِ نهايت ضروري هوندي
آهي.تنهن کانپوءِ ماءُ ۽ پيءُ ٻنهي جي پيار جو
مرڪز رهي ٿو. ويچار ڪري ڏسبو ته والدين رڳو اولاد
لاءِ ئي هن دنيا ۾ مرن ٿا جيئن ٿا، اولاد کي خوش ۽
آسودي رکڻ لاءِ هو حيران پريشان آهن ۽ هن جي سهڻي
پرورش لاءِ هو ننهن چوٽيءَ جو روز لڳائين ٿا.
ويچارو پيءُ، سخت پورهيو ڪري، ذهني توڙي جسماني
ڪشالا ڪڍي، پاڻ کي تڪليفن ۾ ڳاهي، وقتي پنهنجي
ضرورتن کي مختصر ڪري يا قربان ڪري، رڳو اولاد لاءِ
ئي ڪجهه ڪري ٿو. ماءُ وري گهر ۾ ويهي. انهيءَ
آمدنيءَ مان ــــ ڪنهن سليقي ۽ ڍنگ سان، پنهنجي
اولاد جون ضرورتون پوريون ڪري ٿي ۽ ان جي پرورش
ڪري ٿي. والدين کان پنهنجا ڏک درد سڀ وسري وڃن ٿا
۽ رڳو اولاد جي ضرورتن جو ئي خيال رهي ٿو. هو
اولاد جي ڏکن سورن کي پنهنجو ڏک سور ڪري ڄاڻن ٿا؛
۽ انهن جا سک ۽ خوشيون پنهنجا سک ۽ خوشيون ڪري
محسوس ڪن ٿا.
اِنهيءَ ڳالهه ۾ ماءُ ته پيءُ کان به گوءِ کنيو وڃي. ماءُ ٻارن
جي گند ڦٿ ميڙي صاف ڪري ٿي. هنن جي کاڌ خوراڪ جو
بندوبست ڌيان ۾ رکي ٿي ۽ پنهنجي مٺڙي ننڊ ڦٽائي،
آرام ۽ سک ڇڏي، آڌيءَ مانجهيءَ مهل ڪمهل، اولاد جي
چاڪري ڪري ٿي ۽ هن کي آسودي ۽ سکي رکڻ لاءِ جتن
ڪري ٿي. ائين ڪندي هن کان پنهنجو سک آرام، هار
سينگار، کاڌو پيتو صحت صفائي، سڀڪجهه وسري وڃي
ٿي.اولاد جي ٿوري پريشاني، کيس ٻيڻو پريشان ڪري
ٿي. اهو ئي سبب آهي جو ماءُ جو پورو پورو ادب
سيکارڻ لاءِ اسان جي پياري رسول پاڪ فرمايو آهي
ته”بهشت ماءُ جي پيرن هيٺان آهي.“
انهن ڳالهين جي ڪري، والدينَ جو ادب ڪرڻ جو هر هڪ مثالي شاگرد
جو فرض آهي. قرآن حڪيم ۾ پڻ والدين جي ادب ڪرڻ
لاءِ پڌريون آيتون موجود آهن. رب پاڪ جو حڪم آهي
ته والدين سان ڪڏهين به کهرو نه ڳالهايو ۽ انهن کي
نه جهڻڪيو.
وڏڙن جو:
مثالي شاگرد تي اهو به فرض آهي ته هو پاڻ کان وڏن جي عزت ڪري.
وڏڙا اسان کان عمر ۾ ته وڏا آهن، پر هو، هن دنيا
جو تجربو به گهڻو رکن ٿا. تنهن کانسواءِ هو اسان
جي والدين جي عمر جيترا آهن ۽ انهيءَ نسبت هئڻ ڪري
ادب ۽ عزت جي لائق آهن. وڏڙن جو ادب ڪندي، اسين
پنهنجي والدين کي عزت ڏيون ٿا.
ٻي ڳالهه ته وڏڙا ٻارن کي هميشہ پيار جي نگاهن سان ڏسندا آهن.
هو ٻارن کي ڏسي خوش ٿيندا آهن ۽ دل جي گهَراين سان
انهن کي دعائون ڏيندا آهن ۽ کين خوشحال ڏسڻ جون
اميدون رکندا آهن. اهڙا ماڻهو، جيڪي اسان جي
خوشيءَ ۽ خوشحالي چاهيندڙ آهن، سي بيشڪ عزت ۽ ادب
جي لائق آهن.
هت اسان ڄاڻايو آهي ته مثالي شاگرد اهو آهي: جيڪو پنهنجي
استادن، والدين يا ٻين جي عزت ڪري ۽ انهن جو ادب
ڪري ۽ انهن جا حڪم يا هدايتون، دل سان مڃي ۽ انهن
تي عمل ڪري ۽ انهن جون دعائون کٽي. |