مقالات الحڪمت: مرزا قليچ بيگ
پيءُ جا دوست
جيڪي چڱا ماڻهو هوندا آهن، سي سدائين چڱايون ڪندا آهن، ۽ بُرا
ماڻهو سڀني سان برايون ڪندا آهن. اسان کي کپي ته
سدائين چڱا ڪم ڪندا رهون. چڱا ڪم ڪيترائي ٿي سگهن
ٿا، جهڙوڪ: سچ ڳالهائڻ، ننڍڙن سان پيار ڪرڻ، وڏن
جو ادب ڪرڻ وغيره.
اسان مان ڪي اهڙا انسان آهن، جيڪي پنهنجي ماءُ- پيءُ جو ادب ڪن
ٿا، پر انهن جي دوستن جو ادب ڪونه ٿا ڪن. اسان جي
پياري نبي سڳوري صلي الله عليه وآلهٖ وسلم ڪيترائي
ڀيرا پنهنجي صحابين کي ماءُ- پيءُ جي ادب ڪرڻ سان
گڏ، سندن دوستن جي ادب جي به هدايت ڪئي آهي.
چون ٿا ته عبدالله نالي هڪ صحابي گڏهه تي مڪي شريف وڃي رهيو هو
ته واٽ تي هڪ شخص ملي ويس. ان شخص کي ادب سان سلام
ڪيائين ۽ پاڻ هڪدم گڏهه تان لهي پيو ۽ کيس گڏهه تي
ويهڻ جي آڇ ڪيائين. ان کان پوءِ پنهنجو پَٽڪو لاهي
ان شخص جي مٿي تي رکيائين. تنهن تي هڪ سنگتي کيس
چيو ته ”ميان، ڀلو ٿيئي، هي ڳوٺاڻا ته ٿوري تي
راضي ٿي ويندا آهن. تون هي ڇا ڪري رهيو آهين، جو
کيس سواري ڏيئي پاڻ پيادو ٿئين، ۽ وري پَنهنجو
پٽڪو به لاهي ڏنئي؟“ تنهن تي عبدالله وراڻيو ته
”هن جو پيءُ منهنجي پيءُ جو دوست هو ۽ مان نبي
سڳوري صلي الله عليه وآلهٖ وسلم کان ٻڌو آهي ته
”سڀني ڀلاين ۾ چڱي ڀلائي اها آهي ته انسان پنهنجي
پيءُ جي دوستن سان ڀلائي ڪري.“
ڪتابن ۾ لکيل آهي ته هڪ ڏينهن اسان جا رسول سڳورا صلي الله عليه
وآلهٖ وسلم پنهنجي صحابين جي سَٿ ۾ ويٺا هئا، ته
بنو مسلم قبيلي جو هڪ شخص اچي سندن خدمت ۾ حاضر
ٿيو. ان عرض ڪيو ته ”حضور، ماءُ- پيءُ جي لاڏاڻي
کان پوءِ ڪهڙي نموني ساڻن سهڻو سلوڪ ڪري سگهجي
ٿو؟“ حضور جن فرمايو ته ”هائو، انهن لاءِ دعا ڪرڻ،
انهن لاءِ معافي گهرڻ، سندن قول پورا ڪرڻ، سندن
مائٽن سان مِٽي نه ڇنڻ ۽ سندن دوستن جي عزت ڪرڻ.
ائين ڪرڻ سان اولاد ڄڻ سندن وفات بعد به سهڻو سلوڪ
ڪري سگهي ٿو.“ اسان کي کپي ته نبي سڳوري صلي الله
عليه وآلهٖ وسلم جي هدايتن تي هلون. نه صرف پيءُ
جو ادب ڪريون، پر سندن دوستن جو به ادب ڪريون،
ڇاڪاڻ ته جنهن پيءُ جي دوستن جو ادب ڪيو، ڄڻ ته
پنهنجي پيءُ جو ادب ڪيو. جيڪو پنهنجي پيءُ جي
دوستن جو ادب ڪونه ٿو ڪري، اهو ڄڻ ته پيءُ جو ادب
ڪونه ٿو ڪري. جيڪو پنهنجي پيءُ جي دوستن کي خوش
ڪري ٿو، ان ڄڻ ته پنهنجي پيءُ کي راضي ڪيو.
استاد جو ادب
ماءُ- پيءُ کان پوءِ استاد جا وڏا ٿورا ٿين ٿا، تنهنڪري استاد
جو ادب تمام ضروري آهي. سياڻا سچ چئي ويا آهن ته
’استاد جو ادب ڪرڻ کان سواءِ ڪجهه به حاصل نٿو
ٿئي.‘ حضرت بايزيد جي حياتيءَ مان اسان کي وڏو سبق
ملي ٿو. پاڻ استادن جو تمام گهڻو ادب ڪندا هئا.
سندن مشهور شاگرد ۽ ڀائيٽو حضرت ابو موسى بيان ڪري
ٿو، ته پاڻ وصيعت ڪئي هئائون ته ”منهنجي قبر
منهنجي استاد جي قبر کان هيٺائين بنائي وڃي. اها
وصيعت ان استاد جي باري ۾ ڪئي هئائون، جيڪو بسَطام
۾ دفن ٿيل هو، جنهن کيس قرآن مجيد پڙهايو هو.“
هڪ دفعي حضرت بايزيد پنهنجي استاد جي خدمت ۾ ويٺو هو ته استاد
کيس چيو ته ”بايزيد ڪٻٽ مان فلاڻو ڪتاب کڻي اچ.“
ان تي بايزيد عرض ڪيو ته ”سائين، ڪهڙو ڪٻٽ؟“ استاد
کيس چيو ته ”بايزيد، تون ڪافي وقت کان هتي آهين ۽
اڃان سوڌو تو ڪتابن وارو ڪٻٽ به ڪونه ڏٺو آهي؟“
تنهن تي بايزيد چيو ته ”نه سائين! منهنجو ڪٻٽ سان
ڪهڙو واسطو ۽ منهنجي ڪهڙي مجال جو پنهنجي استاد
آڏو ڪنڌ مٿي ڪري ويهي رهان، ٻيو ته مان هتي هيڏي
هوڏي ڏسڻ ته ڪونه ايندو آهيان. مان ته صرف سائين
جن جي زيارت لاءِ ايندو آهيان.“
تنهن تي استاد کيس چيو ته ”تون هينئر پنهنجي وطن وڃي سگهين ٿو،
ڇاڪاڻ ته هينئر تنهنجي تعليم پوري ٿي چڪي آهي.“
سهڻي ڦوٽڙي (ڳوٿري) ڪنهن جي؟
يا ڀلو ڪم ڪهڙو؟
هڪڙي ڏينهن رڪمڻي جيئن اسڪول مان پڙهي موٽي، تيئن ماءُ کي اچي
چيائين ته ”امان، اڄ اسان جي ماسترياڻيءَ ٿي چيو
ته ڪتابن واري ڦوٽڙي هر ڪنهن ڇوڪريءَ جي اڇي اُجري
۽ سهڻي هئڻ گهرجي. ٻئي هفتي سڀني جون ڦوٽڙيون
ڏسندي، پوءِ جنهن جي ڦوٽڙي سڀني کان سٺي هوندي، ان
کي هڪڙو تمام عمدو انعام ملندو. سو منهنجي دل ٿي
چوي ته اهو انعام مان کٽان!“
ماڻس چيو ”بلي، ٻيو ته مون وٽ ڪينهي، باقي هڪڙو سهڻو ٽڪر ڪپڙي
جو رکيو اٿم، جنهن تي سهڻا سهڻا گل ڀريل آهن.
ڀاڻهين هرداس به ضد ٻڌي بيٺو آهي ته اهو ٽڪر مون
کي ڏي، پر هو آهي ڏاڍو بي پرواه ۽ حرڪتي، وڃائي
ناس ڪري ڇڏيندو.“
ايترو ٻڌي رڪمڻيءَ ماءُ کي ليلائي چوڻ لڳي ته ”امان، مان ته بي
پرواهه نه آهيان. شايد انهيءَ ٽڪري ڏيکارڻ ڪري مون
کي انعام ملي وڃي؟“ ماڻس سندس ڳالهه رکي. انهيءَ
ساعت پيتي کولي، ڦولدار ٽڪرو ڪپڙي جو ڪڍي رڪمڻيءَ
کي ڏيکاريائين. هوءَ خوشيءَ وچان ٽپا ڏيڻ لڳي. هن
کي هاڻي پڪ ٿي ته جي انعام ملندو ته مون کي ملندو.
اُٻهرائيءَ سان ڪپڙو اُڇلي، رڪمڻيءَ ماءُ کي چيو
ته ”امان، هاڻي جلدي ڪري هن منجهان ڦوٽڙي ٺاهي
ڏينم.“ ماڻس چيو ”ڪڪي، تڪڙي ڇو ٿي آهين. آهي ته
خير، اڃا ته پورو هفتو پيو آهي!“
ٻئي ڏينهن اسڪول ۾ رڪمڻيءَ جي ڪلاس وارين سڀني پنهنجا پنهنجا
ڪپڙا آڻي ماسترياڻيءَ کي ڏيکاريا. هرڪا ڇوڪري پئي
پڇيس ته ”ڪيئن دادي، منهنجو ڪپڙو سڀني کان سهڻو
آهي نه؟“ ماسترياڻي کِلي پئي چين ته ”هفتو گذري ته
پوءِ سڀني ڦوٽڙين جا ڪپڙا ڏسنديس ۽ پوءِ ڏسيندي
سانوَ. هن وقت مان ڪجهه به نه چونديس.“
رڪمڻي ڏاڍي سمجهو ڇوڪري هئي. ڄاتائين ٿي ته ڪپڙو هن جي هٿان
لڙاٽجي ميرو ٿي پوي ها، انهيءَ ڪري تڪڙ ڪري ڪپڙو
اسڪول ۾ ڪين آندائين. ٻين کي اهڙو خيال ڪونه آيو ۽
رڪمڻيءَ کان پئي پڇيائون ته اسان جو ڪپڙو ڪيئن
آهي؟ رڪمڻي ته سانت ڪيو ويٺي رهي، ڇو ته هن کي پڪ
هئي ته سندس ڪپڙي واري ڦوٽڙي تمام سهڻي آهي ۽ ضرور
پسند پوندي.
نيٺ اهو ڏينهن آيو، جنهن ڏينهن انعام جو فيصلو ٿيڻو هو. سڀيئي
ڇوڪريون پنهنجون پنهنجون ڦوٽڙيون کڻي اسڪول پئي
ويون. هر ڪنهن کي انعام جي آس هئي، پر جڏهن انهن
رڪمڻيءَ وارو ڪپڙو ڏٺو، تڏهن سڀ نراسائيءَ ۾ ڀرجي
چوڻ لڳيون ته ”انعام رڪمڻي کڻي ويندي.“
رڪمڻيءَ سان گڏ سندس ٻيون ٽي ساهيڙيون به هيون. رڪمڻي ڏاڍي خوش
۽ سرهي پئي ڏٺي. رستي تان جيئن پئي آيون، تيئن
هڪڙي هنڌ ماڻهن جو ميڙ لڳو بيٺو هو. ڏٺائون ته
هڪڙي ٻڍي زال پٽ ۾ پيئي هئي ۽ بدن مان گهڻن هنڌان
رت پئي وهيس ۽ زخمن تي ڏاڍيون مکيون پئي ويٺيس.
پوڙهي هئي به ڏاڍي هيڻي. ايتري به طاقت ڪانه رهي
هيس جو رڙهي ڪنهن ٻي جاءِ تي وڃي ۽ نڪي هٿن ۾ سگهه
هيس جو مکيون هڪلي سگهي. مکين به ڏاڍو وياڪل ڪيو
هوس. ماڻهن کي روئي پئي پڪاريائين، ته ”ڌڻيءَ جي
نالي ڪنهن ڪپڙي ٽڪر سان منهنجن ڦٽن کي ڍڪيو“، پر
ڌيان ڪنهن به ڪونه ٿي ڏنس. سڀني کي تماشو ٿي آيو
هو، سو پئي آيا ۽ ويا.
رڪمڻيءَ لنگهندي پوڙهيءَ کي انهيءَ حالت ۾ ڏٺو ته مٿس ڏاڍي ڪهل
آيس. جي گهر ويجهو هجيس ها ته ڊوڙي ڪو ڪپڙي ٽڪر
کڻي اچي ها، پر گهر هوس پري. هيڏانهن هيءَ حالت به
هن کان سَٺي نٿي ويئي. پئي سوچيائين ته ڪيئن
ڪريان! نظر وڃي پيس پنهنجي ڦوٽڙي واري ڪپڙي تي.
ٺهه پهه ڪتاب ڪڍي ڦوٽڙيءَ جا ٽانڪا اُکيلڻ لڳي ۽
بنا سوچ ويچار جي اهو سهڻو ڦولدار رومال کڻي، اڳتي
وڌي، انهيءَ سان پوڙهيءَ جا ڦٽ ڍڪي ڇڏيائين. ٻڍيءَ
ڏاڍيون دعائون ڪيس ۽ ڀروارن ماڻهن به ”شاباس
شاباس“ لڳائي ڏني.
رڪمڻي پوءِ اسڪول ۾ ويئي. ماسترياڻيءَ سڀني جي ڦوٽڙين جا ڪپڙا
پئي نظر مان ڪڍيا. جڏهن رڪمڻيءَ جو وارو آيو تڏهين
ماسترياڻي پڇيس ته ”تنهنجي ڦوٽڙي ڪٿي؟“ ذرا ڪاوڙ
ورائي به اهو سوال پڇيائينس جو رڪمڻيءَ ڪڇيو ئي
نٿي. ٻيو ڀيرو پڇيائينس، ته رڪمڻيءَ هٻڪي هٻڪي
ماسترياڻي کي سارو قصو ڪري ٻڌايو. ماسترياڻيءَ
خوشيءَ گاڏڙ جوش ۾ اُٿي چيو ته ”انعام لاءِ حقدار
اها ڇوڪري هرگز نه آهي جنهن جو ڪپڙو صاف ۽ سهڻو
آهي، پر حقدار اها آهي جنهن هڪ مسڪين نڌر ڦٽيل
پوڙهيءَ کي ڏٺو ۽ هن تي ڪهل آڻي، پنهنجو سهڻو
ڦوٽڙيءَ وارو ڪپڙو هن جي ڦَٽن کي ڍڪڻ لاءِ ڏيئي
ڇڏيائين.“ ايترو چوندي ماسترياڻيءَ الماريءَ مان
هڪ وڏي سهڻي گُڏي ڪڍي، انعام طور رڪمڻيءَ کي ڏني.
هن جي ڦوٽڙيءَ وارو ڪپڙو جيتوڻيڪ ڪنهن جو ڏٺل به نه هو، ته به
سڀ کان عمدو ۽ سهڻو ٺهرايو ويو، هن جي پٺيان ان جي
نسبت ۾ جيڪو ڪم ٿيل هو سو ڀلي جو ڪم هو، تنهنڪري
ساراهه جوڳو هو. ڪنهن به شيءِ جي چڱائي آهي ئي
انهيءَ ۾ ته اها ڪنهن چڱي ڪم ۾ اچي. سهڻي شيءِ اها
آهي جا سهڻو ڪم ڏئي. اِها آهي سکيا هن آکاڻيءَ جي.
-- اخلاقي آواز
اخلاق سان پيش اچڻ
ڪن ماڻهن جي عادت هوندي آهي ته هو زور سان ڳالهائيندا آهن، جنهن
سبب اڳلو ڪڪ ٿي پوندو آهي. ڪي ماڻهو وري هروڀرو
ڪنهن کي گهٽ سمجهي، ان سان ڪاوڙ ۽ ڪراهت مان
ڳالهائيندا آهن. جا ڳالهه پڻ غلط آهي. انسان کي
کپي ته هُو جڏهن ننڍن سان ڳالهائي ته ساڻن پيار
سان ڳالهائي ۽ جڏهن وڏن سان ڳالهائي ته انهن سان
جهيڻي آواز ۽ ادب سان ڳالهائي. ڏاها ماڻهو ائين ئي
ڪندا آهن. ڪي وڏن ماڻهن جا پٽ پنهنجن نوڪرن سان
بري هلت ڪندا آهن. هو پنهنجي زبان مان اڻ سهائيندڙ
لفظ ڪڍندي ڪا هٻڪ محسوس نه ڪندا آهن. ائين سندن
ننڍپڻ واري عادت وڏي هوندي پاڻ پڪي ٿي وڃي ٿي.
چون ٿا ته: هڪڙو بادشاهه پنهنجي وزير ۽ هڪ نوڪر سان گڏ شڪار تي
نڪتو. اڳتي هليا ته هڪ هرڻ ڏٺائون. بادشاهه ان هرڻ
جي پٺيان پنهنجو گهوڙو ڊوڙايو. بادشاهه جو گهوڙو
تکو هو، تنهنڪري پنهنجي وزير ۽ نوڪر کان ڌار ٿي
ويو. اهو ڏسي وزير ۽ نوڪر ڏاڍا پريشان ٿيا. وزير
ان ئي مهل نوڪر کي بادشاهه جي ڳولا لاءِ موڪليو.
نوڪر بادشاهه کي ڳوليندي اچي هڪ جهوپڙيءَ جي ڀرسان
بيٺو. ڇا ڏسي ته هڪ نظر کان ويٺل فقير اتي موجود
آهي.
نوڪر هڪل ڪري چيس ته ”اڙي انڌا، ڏي خبر هتان ڪو گهوڙي سوار ته
ويندو نه ڏٺئي؟“ فقير جواب ڏنس ته ”گهوڙي جي ٽاپن
جو آواز مون کي ٻڌڻ ۾ ڪونه آيو. اڃا ٿوري گهڙي مس
گذري ته وزير اچي اتان لانگهائو ٿيو. ان به ساڳي
ئي نموني رڙ ڪري چيو ته ”او فقير، هتان ڪو گهوڙي
سوار ته ڪونه لنگهيو.“ فقير چيس ته ”هڪ نوڪر اجهو
هينئر هتان ائين پڇي ويو آهي.“ ٿوري ويرم ۾
بادشاهه پاڻ اچي اتي نڪتو ۽ فقير کي چيائين ته ”اي
شاهه، هتان ڪو گهوڙي سوار ته ڪونه لنگهيو؟“ فقير
ادب سان جواب ڏنو ته ”منهنجا سائين، پهريان سائين
جن جو نوڪر هتان اها ڳالهه پڇڻ آيو، ان کان پوءِ
جلد ئي وزير به ائين ئي پڇڻ آيو.“ بادشاهه فقير
کان اهي ڳالهيون ٻڌي حيرت ۾ پئجي ويو ۽ چيائينس ته
”اي شاهه، اوهان اکين کان ويٺل آهيو، پوءِ اوهان
کي ڪيئن ڄاڻ پيئي ته پهرين جيڪو آيو، سو نوڪر هو ۽
ان کان پوءِ وزير ۽ اها اوهان کي ڪيئن سُڌ پيئي ته
مان بادشاهه آهيان؟“
فقير وراڻيو ته ”سائين، سر سلامتي بخشيوم ته پيرائتو حال
ڪريان؟“ نيٺ بادشاهه سلامت کي ٻڌايائين ته ”سائين،
مان بيشڪ اکين کان ويٺل آهيان. پر اصل ڳالهه اها
آهي ته ماڻهو ڳالهائڻ مان سڃاڻبو آهي. اوهان جي
نوڪر مون کي ”انڌو“ ڪري سڏيو، ان کان پوءِ وزير
وري مون کي ”فقير“ ڪري پڪاريو ۽ سائين جن مون کي
”شاهه“ ڪري ڪوٺيو. مون ائين رڳو ڳالهائڻ مان ئي
ماڻهو سڃاڻي ورتو.
بادشاهه سندس سياڻپ واري ڳالهه ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کيس وڏو
انعام ڏنائين.
|