سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: وڏن جو ادب

 

صفحو : 6

 

ڌڻي بخش خير سان ٻه راتيون رهي، واپس موٽي ويو؛ پر اتي پهچي اهڙي ته خراب صحبت ۾ اچي ويو، جو پنهنجي ماءُ- پيءُ کي به وساري ڇڏيائين. اڳ هر مهيني پنهنجي ماءُ- پيءُ کي خرچ پکي لاءِ ڪجهه پئسا موڪليندو رهندو هو، پر ٻه - ٽي مهينا گذري ويا، جو گهر پئسا موڪلڻ ته پري رهيا، پر ڪو خير جو احوال به ڪونه موڪليائين. سندس ماءُ- پيءُ ڏاڍا پريشان ٿيا. نيٺ سندس پوڙهو پيءُ سندس آفيس ۾ ويو. ان وقت هو آفيس کان ٻاهر اچي رهيو هو. سندس پٽيوالو پٺيان ڪجهه ڪتاب ۽ فائيل کنيو ٿي آيو. سندس پيءُ کي غريباڻي ۽ سادي پوشاڪ پهريل هئي. ڪُراڙي پيءُ کي ڏاڍو ڏک ٿيو جو سندس پٽ ڌڻي بخش ساڻس مليو ئي ڪين. لاچار سندس پيءُ ساڻس مليو. پر هو ساڻس رواجي نموني ۾ هٿ ملائي اڳتي هليو ويو. سندس پيءُ به پٺيان هلڻ لڳو.

جڏهن ٿورو اڳتي ٿيا ته پٽيوالي ڌڻي بخش کان پڇيو ته ”صاحب! هيءُ ماڻهو ڪير آهي؟“ ڌڻي بخش وراڻيو ته ”اسان جو نوڪر آهي.“ سندس پيءُ جڏهن اهي لفظ ٻُڌا، ته ڄڻ پيرن هيٺان زمين نڪري ويس. سندس پوڙهي پيءُ ان پٽيوالي کي چيو ته ”منهنجا ڀاءُ، مان هن جو پيءُ آهيان، مون ڏک ڏسي کيس پڙهائي، انهيءَ منزل تي پهچايو، ۽ هي مون کي ان جو بدلو اهو ڏيئي رهيو آهي، جيڪو تون ٻڌي رهيو آهين!“ سندس پيءُ کي اکين ۾ ڳوڙها تَري آيا، ۽ اتان ئي پويان پير ڪري پنهنجي ڳوٺ موٽي آيو.

بي ادب اولاد هڪ وڏو عذاب آهي، خدا ڏئي ته صالح اولاد ڏئي، نه ته ماڻهو بي اولاد چڱو. ڇو ته اولاد جي نه هئڻ واري ڏک کان اهو وڏو ڏک آهي جو پنهنجو اولاد بي ادب ۽ نافرمان هجي.

 

پٽ

خدا تعالى جيڪي جانور خلقيا آهن تن مان انسان کي عقل سکڻ گهرجي ۽ جيڪا نصيحت هو ڏين ٿا سا پاڻ تي لاڳو ڪرڻ گهرجيس.

منهنجا پٽ، تون جهنگل بيابان ۾ وڃي ننڍي لق لق پکيءَ کي ڏس ۽ جيڪي هو چوي سو هينئين سين هنڊاءِ؛ هو پنهنجي پوڙهي پيءُ کي پنهنجي پَرن تي کڻي صحيح سلامت آڻي لاهي ٿو ۽ ان کا کاڌو پهچائي ٿو.

اولاد جي فرمانبرداري ۽ صالحائي عنبر ۽ عود کان سُرهي آهي، بلڪ گلن جي باغ مان جا خوشبوءِ هوا کڻي ايندي آهي، تنهن کان به وڌيڪ فرحت ڏيندڙ آهي. تنهنڪري پنهنجي پيءُ جو احسانمند رهه، جو هن توکي حياتي ڏني آهي؛ ۽ پنهنجي ماءُ جو شڪر گذار رهه، جو هن توکي پاليو آهي.

جيڪي تنهنجو پيءُ چوي، سو ڪَن لائي ٻڌ، ڇا لاءِ جو اهو تنهنجي چڱائي لاءِ آهي. جيڪا نصيحت هو ڪري ٿو تنهن تي ڌيان ڏي، اها هو دل جي جوش ۽ محبت کان ٿو ڪري.

هن پنهنجي سک ۽ فائدي لاءِ گهڻي سنڀال ڪئي آهي ۽ تنهنجي آرام ۽ آسائش لاءِ به گهڻيئي مٿَا هنيا آهن، تنهنڪري پيريءَ ۾ هن جو ادب رک ۽ هن کي عزت ڏي، ۽ اڇن ۾ هن کي خوار ۽ بي آبرو نه ڪر.

پنهنجي ننڍپڻ ۽ بي وسيءَ جا ڏينهن ياد ڪر ۽ پنهنجي جوانيءَ جي چالاڪيءَ ۽ ڦڙتائيءَ تي خيال ڪر، پوءِ پنهنجي ٻُڍي ماءُ- پيءُ جي ضعيفي ۽ ڪمزوريءَ تي قياس ڪر ۽ هنن جي چِڙ ۽ خفي تان گذر ڪر، حياتيءَ جي پڇاڙيءَ ۾ هنن جي مدد ڪر ۽ سندن پوئواري ڪر، ائين ڪندين ته هو ويچارا وڏي عمر ۾ دل جي آرام سان پنهنجا پساهه پورا ڪندا، ۽ تنهنجا پٽ به تنهنجي مثال تي هلندا، ۽ توسان عزت ۽ محبت جو سلوڪ ڪندا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com