سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: وڏن جو ادب

 

صفحو : 5

اهو شخص وري به ڪونه مُڙيو ۽ چوڻ لڳو ته ”جيڪڏهن هن مون تي ايترا ٿورا ڪيا آهن، ته مان به ان جو عوض ڏئي چڪو آهيان.“ تنهن تي نبي سڳوري صلي الله عليه وآلهٖ وسلم پڇيس ته ”تون سندس ٿورن جو کيس ڪهڙو اُجورو ڏنو آهي؟“ ان شخص عرض ڪيو ته ”مٺا مرسل، مان کيس پنهنجن ڪلهن تي ويهاري حج ڪرايو آهي.“ نبي سڳوري صلي الله عليه وآلهٖ وسلم چيس ته ”تون ان ڳالهه کي وڏو ٿورو ٿو سمجهين؟ حقيقت ۾ اهو ته معمولي ٿورو آهي، ائين ڪرڻ سان تون ته سندس ٿورن ۽ تڪليفن جو معمولي عوض به ڪونه ڏئي سگهيو آهين.“

هڪ ڀيري الله جو پيارو ٻانهو حضرت حسن بصري رحه ڪعبي شريف جو طواف ڪري رهيو هو. ان وقت هڪ ٻيو شخص به طواف ڪري رهيو هو، جنهن جي مٿي تي هڪ وڏو ٽوڪرو هو. حضرت حسن بصري رحه کي ان شخص جي اها ڳالهه نه وڻي، تنهنڪري کيس چيائين ته ”ميان، ڪعبي شريف جو ادب ڪر، هيءُ ٽوڪرو پري رکي پوءِ طواف ڪر.“

تنهن تي ان شخص جواب ڏنس ته ”سائين، هن ٽوڪري ۾ منهنجي ڪُراڙي ماءُ سُتل آهي. مان شام ملڪ جو ويٺل آهيان، ۽ پنهنجي اَمڙ کي پيرن پيادو ست حج ڪرايا اٿم.“ حضرت حسن بصري رحه کان پڇيائين ته ”ڇا هينئر مون پنهنجي ماءُ جا سڀ حق پورا ڪيا آهن يا نه؟“ حضرت حسن بصري رحه جواب ڏنس ته ”هي ست ڀيرا تو پنهنجي ماءُ کي حج ڪرايو آهي، پر جيڪڏهن تون کيس انهيءَ طريقي سان ستر ڀيرا به حج ڪرائين، تڏهن به تون سندس حق پورا ڪري نه سگهندين.“

بيشڪ: اسان پنهنجي ماءُ سان ڪيتريون ئي ڀلايون ڪريون، تڏهن به سندس ٿورا لاهي نه سگهنداسون.

 

ماءُ جي خدمت جو درجو

حضرت اويس قرني رحه، ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفى صلي الله عليه وآلهٖ وسلم جو سچو عاشق هو، ۽ نبي سڳوري صلي الله عليه وآلهٖ وسلم واري ڏَسيل واٽ جو واٽهڙو هو. کيس نبي سڳوري صلي الله عليه وآلهٖ وسلم جي زيارت جو تمام گهڻو شوق هو. پر جيئن ته هو پنهنجي پوڙهي ماءٌ جي خدمت ۾ رهندو هو؛ تنهنڪري سچي سردار وٽ وڃي نٿي سگهيو. هن پنهنجي ماءُ کي اڪيلو ڇڏڻ نٿي گهريو. جيڪڏهن هو پنهنجي مِٺڙي ماءُ کي اڪيلو ڇڏي ها، ته اها ڏُکي ٿئي ها، ۽ هن پنهنجي ماءُ کي ڏکيو ڏسڻ نٿي گهريو. تنهنڪري ڪڏهن به پنهنجي ماءُ کي اڪيلو ڪونه ڇڏيائين. ايتريقدر جو نبي سڳوري صلي الله عليه وآلهٖ وسلم جي زيارت جو گهڻو شوق هوندي به، هو نبي سڳوري صلي الله عليه وآلهٖ وسلم جي زيارت نه ڪري سگهيو، ۽ هو هميشه پنهنجي ماءُ جي خدمت ڪرڻ ۾ مشغول رهيو.

حضرت اويس قرني جي ان ڳالهه تي نبي سونهارا صلي الله عليه وآلهٖ وسلم ايترو ته راضي ٿيا، جو پنهنجي صحابين کي تاڪيد ڪيائون ته ”فلاڻي آرين پارين اويس نالي هڪ شخص اَٿوَ، سو اوهان مان جنهن سان به ملي، ته ان کان پنهنجي حق ۾ دعا ڪرائجو. هو الله پاڪ جو اهڙو ته پيارو ٻانهو آهي جو رب پاڪ سندس هر دعا قبول ڪري ٿو.“

جڏهن نبي سونهارا صلي الله عليه وآلهٖ وسلم هن جڳ مان لاڏاڻو ڪري ويا، ته هر صحابيءَ جي دل ۾ اويس قرني رحه جي ملڻ جو شوق پيدا ٿيو. ڪيترن ئي صحابين ساڻس ملي پنهنجي حق ۾ دعا ڪرائي.

حضرت اويس قرنيءَ کي ايڏو وڏو درجو ان ڪري مليو، جو هُو پنهنجي ماءُ جي خدمت ڪندو رهيو ٿي. بيشڪ، ماءُ جي خدمت ڪرڻ سان وڏو درجو حاصل ٿئي ٿو.

 

ماءُ پيءُ کي راضي رکڻ

اهو شخص وڏو ڀاڳ وارو آهي، جيڪو پنهنجي ماءُ- پيءُ کي راضي رکي ٿو. جنهن کان ماءُ- پيءُ ناراض آهن، اهو بدبخت چئبو. ڏاها ماڻهو سدائين پنهنجي ماءُ- پيءُ جو چيو مڃي، کين راضي رکندا آهن ۽ انهن جون دعائون کٽندا آهن. ڪي ماڻهو صرف عبادت تي زور رکندا آهن، يعني روزا رکندا آهن، نمازون پڙهندا آهن، حج به ڪندا آهن. پر پنهنجي ماءُ- پيءُ جو چيو نه مڃيندا آهن، اهڙن ماڻهن کي عبادت مان تيستائين ڪو فائدو حاصل ڪونه ٿيندو، جيستائين هو پنهنجي ماءُ- پيءُ جو چيو مڃي، سندن خدمت ڪري کين راضي نٿا ڪن. جيڪي ماڻهو پنهنجي ماءُ- پيءُ کي پُٺي ڏيئي صرف عبادت ڪن ٿا، اهي حقيقت ۾ ڀليل آهن. سنئين واٽ تي هلڻ وارا ائين ڪونه ڪندا آهن. اهي عبادت سان گڏوگڏ پنهنجي ماءُ- پيءُ کي به راضي رکندا آهن.

اسلام جي اچڻ کان اڳ، اڳين امتن مان جريج نالي هڪ شخص عبادت گهر ۾ نفل پڙهي رهيو هو، ته سندس ماءُ ٻاهران اچي کيس سڏ ڪيو. جريج ان وقت منجهي پيو ته هينئر ڇا ڪرڻ گهرجي. هن سوچيو ته جيڪڏهن جواب نٿو ڏيان، ته امان ناراض ٿيندي، ۽ اهو به هڪ گناهه آهي. اهڙيءَ طرح عبادت کي اڌ ۾ ڇڏڻ به سٺي ڳالهه نه آهي. نيٺ هن ڇا ڪيو، جو عبادت ڪندو رهيو ۽ ماءُ کي سڏ جو جواب نه ڏنائين. سندس ماءُ کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، ۽ هوءَ کيس پاراتا ڏيندي هلي وئي.

اسان جي نبي سڳوري صلي الله عليه وآلهٖ وسلم پنهنجن صحابين کي جريج واري ڳالهه ٻڌائيندي فرمايو ته ”جريج کان وڏي ڀُل ٿي جو هو اڻڄاڻ هو. حقيقت ۾ هو نفل ڇڏي، ماءُ کي سڏ جو جواب ڏئي ها، پر هن ائين ڪونه ڪيو.“ نيٺ هڪ ڏينهن مٿس هڪ ڏوهه مڙهيو ويو. حقيقت ۾ هن ڪوبه ڏوهه ڪونه ڪيو هو؛ پر ماءُ جي پِٽ سبب مٿس ڏوهه مڙهيو ويو ۽ کيس ڏاڍي مار ملي.

هڪ ڀيري نبي سڳوري صلي الله عليه وآلهٖ وسلم پنهنجن صحابين کي ٻڌايو ته ”جيڪڏهن ڪو ماءُ- پيءُ جو چوڻ نٿو مڃي، ۽ روزا رکي، نمازون پڙهي. مطلب ته ايڏي عبادت ڪري جو سندس پُٺي ڪمان وانگر ڪُٻي ٿي وڃي، ته به سندس ايڏي وڏي عبادت الله پاڪ وٽ قبول ڪانه پوندي، ۽ اهو شخص جڏهن الله تعالى جي آڏو ايندو، ته رب پاڪ مٿس گهڻو ڏمريل هوندو.“

ان مان معلوم ٿيو ته جيستائين انسان ماءُ- پيءُ جو ادب نٿو ڪري، تيستائين هو ڪيڏي به عبادت ڪري، پر رب پاڪ وٽ سندس اها ساري عبادت قبول نه پوندي.

 

ماءُ – پيءُ

اسان جي نبي سڳوري صلي الله عليه وآلهٖ وسلم، ماءُ- پيءُ جي ادب لاءِ ڪيترائي ڀيرا تاڪيد فرمايو آهي. ڪڏهن چوندا هئا ته ”’ماءُ جي پيرن هيٺان بهشت آهي.‘، ته ڪڏهن وري ائين فرمائيندا هئا ته ’جنهن پنهنجي پيءُ کي خوش ڪيو، تنهن ڄڻ پنهنجي خدا کي خوش ڪيو.‘“

ان ڳالهه کان ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگهي، ته جو شخص پنهنجي ماءُ- پيءُ جو چيو نٿو مڃي، سو وڏو نڀاڳو انسان آهي. سڀاڳا ۽ سياڻا ماڻهو اهي آهن، جيڪي پنهنجي ماءُ- پيءُ جو ادب ڪن ٿا.

هڪ ڀيري نبي سونهاري صلي الله عليه وآلهٖ وسلم، صحابين جي سٿ ۾ فرمايو ته ”اهو خوار ٿيو، اهو خوار ٿيو.“ اهو ٻڌي صحابين کي حيرت لڳي، ۽ عرض ڪيائون ته ”اي رسول سونهارا صلي الله عليه وآلهٖ وسلم، ڪير خوار ٿيو؟“ حضور جن فرمايو ته ”اهو جنهن پنهنجي ماءُ- پيءُ يا انهن مان ڪنهن هڪ کي پيريءَ ۾ ڏٺو ۽ پوءِ ان جي خدمت ڪري بهشت حاصل نه ڪيو.“

ان مان معلوم ٿئي ٿو ته جيڪي ماڻهو پيريءَ ۾ پنهنجي ماءُ- پيءُ جي خدمت ڪن ٿا، سي ڄڻ بهشت جا حقدار ٿي وڃن ٿا. پر جيڪي ائين نٿا ڪن، سي خوار خراب ٿين ٿا.

اسان مان ڪيترا اهڙا نڀاڳا شخص به آهن، جيڪي پنهنجي ماءُ- پيءُ جو ادب نٿا ڪن ۽ پيريءَ ۾ هُو جڏهن چيڙاڪ ٿي پون ٿا ته اولاد انهن سان نرمي ته ڪونه ٿو ڪري، پر کين ڇڙٻون ڏيندا رهن ٿا ۽ هر وقت کانئن بيزار رهن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن اهي پوڙها ڊگهي بيماريءَ ۾ وڪوڙجي وڃن ٿا، ته سندن اولاد انهن جي پوري ٽهل ٽڪور نٿو ڪري. اهي هيڻا ۽ ڪمزور ڏاڍا ڏکيا ڏينهن گذارين ٿا. کين پاڻي پيارڻ، ماني کارائڻ ۽ سندن ٻي خدمت چاڪريءَ لاءِ جڏهن اولاد موجود نه هوندو، ته کين ڪيڏي نه تڪليف ايندي؟ ڏک ان ڳالهه جو آهي، جو اسان مان ڪيترا ته اهڙا ندورا به آهن، جو پنهنجي ماءُ- پيءُ کان بيزار ٿي، سندن موت جون دعائون گهرندا رهن ٿا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ايترو بيزار ٿي وڃن ٿا، جو ائين به چئي ويهن ٿا ته ”نڀاڳو نه مري ٿو نه منجو ٿو ڇڏي.“

ڪيڏي نه ڏک جهڙي ڳالهه آهي، جو هو پنهنجي ماءُ- پيءُ لاءِ اهي لفظ چوندي ڪا هٻڪ، يا ڪو حياءُ شرم به محسوس نٿا ڪن. افسوس جو انهن اڻ پڙهيلن ۽ اڻڄاڻن کي اها به خبر ڪانه آهي، ته هُو ماءُ- پيءُ جي بي ادبي ڪري، وڏو ڏوهه ڪري رهيا آهن.

هڪ ڀيري صحابين نبي سڳوري جن کي عرض ڪيو ته ”اي رسول سونهارا صلي الله عليه وآلهٖ وسلم، خدا پاڪ کي اسان جو ڪهڙو ڪم وڌيڪ وڻي ٿو؟“ حضور صلعم جن فرمايو ته ”وقت تي نماز پڙهڻ“. صحابين وري عرض ڪيو ته ”اي نبي سونهارا صلي الله عليه وآلهٖ وسلم، ان کان پوءِ ٻيو ڪهڙو چڱو ڪم آهي؟“ تنهن تي حضور صلعم جن فرمايو ته ”ماءُ- پيءُ سان ڀلائي ڪرڻ.“ صحابين پڇيو ته ”پوءِ ڪهڙو؟“ نبي سڳوري فرمايو ته ”خدا جي راهه ۾ ڏک ۽ تڪليفون سهڻ.“

ان مان اهو ظاهر ٿو ٿئي، ته ماءُ- پيءُ جي خدمت هڪ وڏو ثواب جو ڪم آهي ۽ ان کان الله پاڪ خوش رهي ٿو.

 

بي چيو پٽ

ڪريم بخش نالي هڪ غريب شخص ڪنهن ننڍڙي ڳوٺ ۾ رهندو هو. کيس اولاد ڪونه ٿيندو هو. آخرڪار الله تعالى مٿس مهربان ٿيو ۽ چاليهن ورهين جي عمر ۾ کيس هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو ڌڻي بخش رکيائين. ڌڻي بخش سندس سڪيلڌو پٽ هو، تنهنڪري ڏاڍي لاڏ ڪوڏ سان پليو. سندس پيءُ ڏاهو انسان هو. هن پنهنجي پٽ کي صرف دادلو ڪري ڇڙواڳ ڪونه ڇڏيو، پر ڍور ڍڳا وڪڻي، قرض پکا کڻي، پنهنجي پٽ کي پڙهايائين. ڌڻي بخش سندس دعا سان هڪ ڏينهن وڏو آفيسر بڻيو. ماءُ- پيءُ جون ڄڻ ورهين جون آسون اميدون پوريون ٿيون. ٻيئي ڏاڍا سرها ٿيا. مٽن مائٽن ۽ اوڙي پاڙي وارن اچي کين واڌايون ڏنيون.

ڌڻي بخش جا ماءُ- پيءُ ٻڍڙا ٿي چڪا هئا، هينئر کين پنهنجي پيريءَ جو سهارو ملي ويو. نوڪري ملڻ کان پوءِ جڏهن هو پهريون ڀيرو پنهنجي ڳوٺ آيو، ته پنهنجي پگهار جا سڀ پئسا اچي پنهنجي ماءُ جي هٿ تي رکيائين. ماءُ کيس دعائون ڏيندي رهي. ”پٽڙا! شل جواني ماڻين، شل گهوٽ ٿئين!“ کيس خوشيءَ مان چوڻ لڳي ته ”ڌنو پٽ، ساهه تي ڪو ويساهه ناهي، اڳ پڙهائي جا بهانا ڪندو هئين، هينئر ته خير سان وڏي نوڪري ملي اٿيئي. اميد اٿم ته منهنجو سڪيلڌو پٽ گهوٽ ٿيندو، لائون لهندو ۽ اسان جون مرادون پوريون ٿينديون!“ ڌڻي بخش کيس چيو ته ”امان، جيڪا تنهنجي ۽ بابا جي مرضي.“

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج -  - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com