سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: وڏن جو ادب

 

صفحو :1

وڏن جو ادب

ڊاڪٽر نواز علي شوق

ٻه اکر

ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ڪونه آهي ته هَٺ ۽ وڏائي انسان جا پڪا دشمن آهن، جي کيس هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور خراب خوار ڪن ٿا. نِوڙت ۽ نياز، ادب ۽ لحاظ سان ئي ماڻهو صحيح معنى ۾ انسان بڻجي ٿو. ابليس (شيطان) وڏائي ڪئي. بي ادب بڻجي پنهنجي پالڻهار جو حڪم نه مڃيائين، ته هميشه لاءِ لعنتي بڻجي ويو.

اڄڪلهه ڏٺو ويو آهي ته اولاد وڏو ٿئي ٿو، ته ٽانءِ ۾ ڀرجي پنهنجي ماءُ – پيءَ کي وساري ويهي ٿو. منجهن مائٽن لاءِ سچو پيار ۽ ادب ورلي نظر ايندو. ماءُ – پيءَ جڏهن پوڙها ٿيندا، تڏهن سندن خدمت ڪرڻ بجاءِ اولاد سندن مَڏيءَ ۾ اک وجهي ٿو.

اهو ڏسي ڏاڍو ڏک ٿئي ٿو، ته اولاد پنهنجي ماءُ- پيءُ جا ٿورا مڃڻ، سندن ڳُڻ ڳائڻ ۽ خدمت ڪري کين سک پهچائڻ بجاءِ ڏکن مٿان ڏک ٿيندو رهي ٿو. اڄ شاگردن ۾ استاد لاءِ ڪا عزت ۽ ادب ڪونه رهيو آهي. مطلب ته ماءُ- پيءُ جي مَڃتا ۽ ادب، ڄڻ هڪ مُدي خارج يا ڪنهن ڪوڙي ڪهاڻيءَ وانگر آهي؛ جنهن کي اڄ اسين وساري رهيا آهيون. جيڪڏهن اسان جو اهو حال رهيو ۽ اسان پاڻ ۾ ڪو سڌارو نه آندو، ته پوءِ هيءُ معاشرو بُڇڙو بڻجي ويندو. افسوس؛ جو نئين ڌاري سَڀيتا جي ڪوڙي ڏيک تي ڀنڀلجي اسان پنهنجي پراڻي ۽ پياري سَڀيتا کي وساري رهيا آهيون، جيڪا ڳالهه اسان لاءِ وڏي هاڃيڪار آهي.

اهي ڏک ڀريون ڳالهيون ڏسي، هيءُ ڪتاب لکيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪي ڪارائتيون ڳالهيون آنديون ويون آهن. قرآن شريف ۽ حديثن مان ڪجهه مواد ميڙي ڪتاب ۾ ڏنو ويو آهي ته جيئن پڙهندڙن کي خبر پوي ته وڏن جي ادب بابت الله تعالى ۽ سندس پياري رسول صلي الله عليه و آله وسلم جا ڪهڙا حڪم آهن. ڪن نيڪ ٻانهن جا پڻ ڪي اهڙا واقعا ڏنا ويا آهن، جي دل تي گَهرو اثر ڪن ٿا. ڪي اهڙيون آکاڻيون به ڏنيون ويون آهن، جن مان ڪونه ڪو اخلاقي سبق پڌرو ٿئي ٿو. ڪن هنڌن تي اخلاقي ۽ اصلاحي نظم به ڏنا ويا آهن ته جيئن ڪتاب وڌيڪ وڻندڙ بڻجي.

سنڌي ادبي بورڊ جو ٿورائتو آهيان جو سڄاڻ ميمبرن هيءُ نيڪ ڪم مون کي سونپيو. اميد ته پڙهندڙ هن ڪتاب مان ڪجهه نه ڪجهه لاڀ ضرور پرائيندا. جيڪڏهن ڪن ٿورن تي به هنن چڱين ڳالهين جو اثر ٿيو، ته مان پنهنجو پورهيو سجايو سمجهندس.

 

ڪراچي

3- جنوري 1979ع                                    - ڊاڪٽر نواز علي شوق

 

 

نواز علي ”شوق“

 

نظم

 

ادب سان  ئي انسان،  انسان آ،

ادب ناهه جنهن کي سو حيوان آ.

وڏن جو ادب جو ڪري ٿو ادا،

سو هر  هنڌ عزت لهي ٿو ادا.

ادب سان پختو  ٿو  ايمان   ٿئي،

انهيءَ تي خدا جو ٿو احسان ٿئي.

چوڻ ماءُ مٺڙيءَ  جو مڃجي ضرور،

سدا ڳالهه ان جي تي هلجي ضرور.

انهيءَ  ۾  ئي  اولاد  جو  آ  ڀلو،

سدائين سَنئين واٽ تي سڀ هلو.

جو پيءُ – ماءُ جي ٿو ادب ۾ رهي،

انهيءَ کي ئي هر ڪو چڱو ٿو چوي.

ادب پنهنجي استاد جو نِت ڪريو،

پڙهي  ۽  ڪڙهي  خوب ڏاها ٿيو.

چڱا  ڪن  چڱايون،  بُرايون   بُرا،

ڪري نِت چڱايون، اوهين ٿيو چڱا.

 

 

شمس العلماء مرزا قليچ بيگ

 

نظم

ماءُ پيءُ جي خدمت

 

ادب ماءُ ۽ پيءُ جو آهي ضرور،
ڪَجو ڪونه هرگز انهيءَ ۾ قصور.

نه هو عقل يا زور تو ۾ جڏهن،
لڌي سار تنهنجي انهن ٿي تڏهن.

رهيو رات ڏينهن تن کي ٿي هي خيال،
سدا خوش اسان جو رهي نونهال.

هو تڪليف سڀ پاڻ سَهندا رهيا،
ڏکن ۾ سندءِ سار لهندا رهيا.

ڏسي توکي ڏک ۾، ٿيا هو ڏُکي،
سُکيو توکي ڏِسندي، ٿيا هو سُکي.

 

چون جيڪي توکي ائين ڪر ابا،
ته توسان رهن خوش ۽ راضي سدا.

 

 

 

 

شمس العلماء مرزا قليچ بيگ

 

نظم

اُستاد جا حق

 

اَٿوَ ماءُ ۽ پيءُ کان پوءِ دوستو،
سڀن کان وڏو حقّ اُستاد جو.

سڌاري ڪري دل اوهان جي درست،
ڪري ٿو اوهان کي هو چالاڪ چُست.

گهڻي کان گهڻي تنَهن جي عزّت ڪريو،
دل ۽ جان سان تنهن جي خدمت ڪريو.

نه ٽاريو ڪڏهن حڪم ان جو اوهين،
رکو تَنهن کي راضي ۽ سَرهو اوهين.

سندس حڪم جي نِت مڃيندؤ اوهين،
ته خادم مان مخدوم ٿيندؤ اوهين.

 

 

 

 

حڪيم فتح محمد ”حڪيم“ سيوهاڻي

 

نظم

نيڪ نصيحت

 

سدا شان قدرت ۾ رب جي نهاريو،
ڌڻيءَ جي محبت سندو ڌيان ڌاريو.
متان وقت پنهنجو وڃايو،
اُٿو، جاڳو ۽ قوم کي پڻ اُٿاريو.
پڙهو علم ۽ پڻ سِکو هُنر حڪمت،
اوهين پاڻ ۽ قوم کي پڻ سُڌاريو.
نه ڪنهن سان به هرگز ڪريو ظلم ناحق،
نه گهٽ وڌ چئو ۽ نڪي ڪنهن کي ماريو.
وڏن جو ادب ۽ ننڍن تي نوازش،
غريبن جا غمخوار ٿي پڻ گذاريو.
يَتيمن سندا يار دنيا ۾ رهجو،
بُکين ۽ اُڃين کي کارايو پياريو.
ڪُپت، ڪُوڙ، ڪنهن سان ڪجي ڪين ڪڏهين،
ڪريو ڪنهن سان وعدو پيارا ته پاريو.
اچي چِڙ اوهان کي، جي ڪنهن تي به ڪڏهين،
ته رب کي ڪري ياد ڪاوڙ کي ٽاريو.
وڙهن جي اوهان مان مسلمان ڀائر،
ته نرميءَ سان سمجهائي جهيڙي کي ٽاريو.
ڪريو هٿ سنئون ڪين سنگت مان ڪنهن تي،
نه ڪنهن دوست ۽ ڀاءُ تي ڌڪ اُلاريو.
ڏسو ڪيئن نه ٻيون قومون آهن وڌي ويون،
اوهين پڻ مسلمانو، ٻوٽو ڪو ٻاريو.

 

ادب

 

ادب سان ئي انسان، انسان آ،

ادب جو نه سِکيو، سو حيوان آ.

---

ادب انسان لاءِ تمام ضروري آهي. ابليس (شيطان) الله پاڪ جو حڪم نه مڃيو ۽ پنهنجي پالڻهار جي بي ادبي ڪيائين. هُن هَٺ ۽ وڏائي ڪئي انهي ڪري هميشه لاءِ تڙيل ۽ لعنتي بڻجي ويو.

اسان سڀ الله جي نبين سڳورن جو ادب ڪريون ٿا، ڇاڪاڻ ته اهي سڀ الله پاڪ جا پيارا ٻانها هئا ۽ ماڻهن کي چڱيون ڳالهيون ٻڌائيندا هئا. اسان جو نبي حضرت محمد صلي الله عليه وآلهٖ وسلم الله پاڪ جو آخري نبي هو. پاڻ سڳورن اسلام آندو، جو سڀ کان سٺو ۽ مڪمل مذهب آهي. پاڻ ڪريمن اسان کي قرآن شريف ڏنو، جيڪو هڪ پاڪ ڪتاب آهي، ان ڪتاب ذريعي انسانذات کي ڀلائيءَ واري واٽ جو ڏس ڏنو ويو آهي. اسان کي کپي ته قرآن شريف کي پڙهون ۽ اُن تي عمل ڪريون، ته جيئن الله پاڪ راضي ٿئي. نبي سڳوري جو حڪم آهي ته پنهنجي ماءُ- پيءُ ۽ ٻين وڏن اڳيان هوريان ڳالهايو ۽ انهن جو ادب ڪريو. انهن سان نوڙت ڪيو ۽ ساڻن آڪڙجي نه ڳالهايو.

ماءُ- پيءُ کان پوءِ استاد جو درجو آهي. استاد اسان کي علم ۽ ڏاهپ جون ڳالهيون ٻُڌائي ٿو ۽ سُٺا ڪم سيکاري، اسان کي هڪ سُٺو انسان بنائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. انهيءَ ڪري استاد جو ادب ڪرڻ به ضروري آهي.

 

 

اخلاق

انسان جڏهن هن دنيا ۾ اچي ٿو ته هن جو دنيا جي ڪن شين سان لاڳاپو رهي ٿو. ان لاڳاپي کي سهڻي نموني نڀائڻ جو نالو اخلاق آهي. هر انسان جا پنهنجي ماءُ- پيءُ، اُستادن، مِٽن-مائٽن ۽ ٻين ماڻهن سان لاڳاپا ٿين ٿا. تنهنڪري مٿس ڪي فرض به ٿين ٿا. انهن فرضن کي سهڻي نموني ۾ پورو ڪرڻ هر انسان لاءِ لازمي آهي. انهن جي ڳالهين سان هر انسان پاڻ ۾ سُٺا اخلاق پيدا ڪري سگهي ٿو. اهو چِٽيءَ ريت سمجهڻ گهرجي ته هن دنيا جي ساري خوشي ۽ سک، امن ۽ امان سهڻي اخلاق سبب ئي پيدا ٿي سگهن ٿا.

ان ۾ ڪو شڪ ڪونه آهي، ته سڀني مذهبن جو بنياد اخلاق تي آهي. جيڪي نبي، رشي ۽ اوتار آيا، تن سچ ڳالهائڻ، نيڪي ۽ ڀلائي ڪرڻ، وڏن جو ادب ڪرڻ ۽ ٻين اهڙن چڱن ڪمن جو پرچار ڪيو. اسان جي رسول سونهاري صلي الله عليه وآلهٖ وسلم جن فرمايو آهي ته ”مان چڱن لڇڻن جي پورائي لاءِ آيو آهيان.“

اسلام ۾ اخلاق جي وڏي اهميت آهي. حديث شريف ۾ آيو آهي ته ’هڪ انسان چڱن لڇڻن سان جيڪو درجو حاصل ڪري ٿو، سو کيس سارو ڏينهن روزي رکڻ ۽ ساري رات عبادت ڪرڻ سان به حاصل نٿو ٿئي.“ شاهه لطيف به پنهنجي هڪ بيت ۾ چيو آهي ته روزا ۽ نمازون چڱا ڪم آهن، پر انهن کان وڌيڪ به ڪي چڱا ڪم آهن، جن جي ذريعي انسان پنهنجي مقصد جا موتي حاصل ڪري سگهي ٿو.

بيت هن ريت آهي:

روزا نـــــــــمـــــــــازون ايءُ پــــــــــــــــــڻ چـــــــــڱـــــــــو ڪـــــــــم،

پر اُو ڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرينءَ کي.

ان مان اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي، ته سڀ کان سٺو ماڻهو اهو آهي، جنهن جا لَڇڻ چڱا آهن. جيڪي ماڻهن سان ڀلائي ڪن ٿا ۽ ڪنهن کي ڏُکيي وقت ڪم اچن ٿا، سي چڱا ماڻهو چئبا. اسان کي کپي ته اسان پاڻ ۾ چڱا لَڇڻ پيدا ڪريون، جيئن هرڪو اسان کي سٺو سمجهي ۽ هرهنڌ مانُ ملي. چڱن ڪمن جو نتيجو چڱو هوندو آهي ۽ بُرن ڪمن جو نتيجو بُرو آهي.

 

 

نبي سڳوري جو ڪٽنب

اسان جو نبي سڳورو حضرت محمد مصطفى صلي الله عليه وآلهٖ وسلم، الله پاڪ جو سڀ کان پيارو نبي هو. اُن نبي سڳوري جي پيڙهي به کيس پياري هئي. الله تعالى پنهنجي پياري رسول صه جي ڪُٽنب کي وڏو شرف ۽ شانُ ڏنو. کين گندگي ۽ بُڇڙائي کان پاڪ رکيو؛ ڇاڪاڻ ته الله پاڪ جي اهائي مرضي هئي ته هو پنهنجي پياري نبي جي ڪٽنب کي پاڪ ۽ صاف رکي.

هڪ ڀيري نبي سونهاري پنهنجن صحابين کي هدايت ڪئي ته ”مان توهان وٽ ٻه ڳَريون شيون ڇڏيو وڃان ٿو، جن مان هڪ الله تعالى جو ڪتاب آهي.“ ان کي اسان سڀ قرآن شريف سڏيون ٿا، جنهن ۾ هدايت ۽ روشني آهي. حضور جن ان جي پيروي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ان کان پوءِ ٻي شيءِ سندن ڪٽنب آهي. جنهن لاءِ تاڪيد ڪيائون ته ”منهنجي ڪُٽنب کي نه وسارجو.“ وري ٻيو ڀيرو به اهوئي تاڪيد ڪيائون ته ”منهنجي ڪٽنب جو خيال رکجو.“

جيڪڏهن هڪ مسلمان جي لاءِ لازمي آهي ته نبي سونهاري جي حڪمن جي پيروي ڪري، ته پوءِ هر مسلمان کي کپي ته جيئن هو نبي سڳوري جي ٻين حڪمن کي مڃي ٿو، تيئن رسول جي انهيءَ هدايت تي به عمل ڪري؛ يعني نبي سڳوري جي ڪٽنب جو ادب ڪري ۽ انهن جو چوڻ مڃي. جيڪو ائين نٿو ڪري، سو ڄڻ ته نبي سڳوري جي نافرماني ٿو ڪري، ۽ جنهن نبي سڳوري جي نافرماني ڪئي، تنهن ڄڻ ته الله پاڪ جي نافرماني ڪئي. اهڙي ماڻهوءَ جي جاءِ جهنم آهي، جتي کيس سخت عذاب ڏنو ويندو.

 

بزرگن جو ادب

وڏن جي ادب ڪرڻ جو مقصد اهو آهي، ته پنهنجي ماءُ- پيءُ ۽ ٻين وڏن مٽن مائٽن کان سواءِ الله وارن بزرگن جو به ادب ڪرڻ جڳائي. ڪي ماڻهو الله وارن سان عقيدت ته رکن ٿا، پر انهن جي هدايتن ۽ نصيحتن جي پيروي نٿا ڪن. ڪي ماڻهو وري اهڙي نموني پيروي ڪن ٿا، جنهن مان سندن چريائپ پڌري ٿئي ٿي.

هڪ ڏينهن ڪو الله وارو واٽ وٺيو پئي ويو، ته سندس پٺيان هڪ نوجوان هلي رهيو هو. اهو شخص ان الله واري ٻانهي جي پيرن جي نشانن تي پنهنجا پير رکندو وڏي عقيدت مان وڃي رهيو هو ۽ خوشيءَ مان چئي رهيو هو ته ”الله وارن جي پيروي هن ريت ڪرڻ گهرجي.“

جنوري جو مهينو هو ۽ ڏاڍو سيءُ هو. ان ڪري اهو الله وارو شخص ڪمبل ويڙهيو، ان واٽ تان وڃي رهيو هو. نوجوان جيڪو سندس پيرن جي نشانن تي پير ڏيئي هلي رهيو هو، تنهن کيس چيو ته ”سائين! ان ڪمبل مان هڪ ٽڪر مون کي ڦاڙي ڏيو ته جيئن مون کي توهان جو فيض حاصل ٿئي!“

تنهن تي ان الله واري شخص چيس ته ”ميان، هيءُ ته ڪمبل آهي، پر جيڪڏهن تون منهنجي کَل به پهرين، تڏهن به اها توکي ڪو فائدو ڪانه پهچائيندي.“

ڪنهن الله واري جي پيروي ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته الله واري جي ڏَسيل واٽ تي هلڻ گهرجي، ان مان ئي فائدو آهي، باقي ڪنهن الله واري جي پيرن جي نشانن تي هلڻ يا ان جي ڪمبل جو ٽڪرو پاڻ کي ويڙهڻ يا سندس اوبر کائڻ مان ڪجهه به هڙ حاصل ڪونه ٿيندو.

 

وڏن جو ادب

هر مذهب ۾ وڏن جو ادب ڪرڻ جي هدايت ڪئي ويئي آهي. اسان جي نبي سڳوري صلي الله عليه وآلهٖ وسلم فرمايو آهي ته ”جيڪو ننڍن تي رحم نٿو ڪري ۽ وڏن جو مانُ ۽ شانُ نٿو سڃاڻي ته اهو اسان مان نه آهي.“ ان جو اهو مطلب ٿيو، ته جيڪو ننڍڙن سان پيار نٿو ڪري ۽ وڏڙن جو ادب نٿو ڪري، سو مسلمان نه آهي.

هڪ ڀيري نبي سونهاري فرمايو ته ”جنهن نوجوان ڪنهن ڪُراڙي جي ڪُراڙپ ۾ مدد ڪئي، ته اهو شخص جڏهن پاڻ پوڙهو ٿيندو ته الله تعالى ڪنهن شخص کي هدايت ڪندو، جيڪو ان جي عزت ڪندو ۽ سندس خدمت ڪندو.“

ڪنهن کي به پنهنجي جوانيءَ تي وڏائي ڪرڻ نه گهرجي. ڇو ته جواني نيٺ جهَڪي ٿيندي ۽ پيري اچي پاسو ڏيندي. سموري سگهه هلي ويندي ۽ ماڻهو هيڻو ۽ ٻين وهيڻو ٿي پوندو. جيئن درياهه لاءِ سدائين ساوڻ ڪونه هوندو آهي، جو هو ٻوڙ ٻوڙان ڪري، پر نيٺ سيارو به اچي ٿو ۽ سندس زور ۽ شور، موج ۽ مَستي گهٽجي وڃي ٿي. انسان جي جيوت جو به ساڳيو ئي حال آهي. تنهنڪري اسان کي کپي ته اسان وڏي ڄمار وارن جو ادب ڪريون ۽ سندن خدمت ڪريون. ڇو ته اسان به نيٺ پوڙها ٿينداسون ۽ اسان به ٻين جي واهر گهرنداسون. پوءِ جيڪڏهن اسان ڪنهن سان ڀلائي ڪانه ڪئي آهي، ته اسان سان به ڪو ڀلائي ڪونه ڪندو.

 

پيءُ جي خدمت

ڳالهه ٿا ڪن ته ڪنهن شهر ۾ ڪامل نالي شخص رهندو هو. کيس چار پٽ هئا. هڪ ڏينهن هو شخص سخت بيمار ٿي پيو، ۽ هن جا چارئي پٽ سندس ٽَهَل ٽَڪور ڪرڻ لاءِ اچي ڪٺا ٿيا. انهن مان سڀني کان ننڍي پٽ پنهنجي ڀائرن کي چيو ته ”هن وقت اسان جو پيءُ سخت بيمار آهي، ان جي ٽَهَل ٽَڪور ڪرڻ اسان سڀني تي فرض آهي، الله تعالى ان جو وڏو آجر ڏيندو؛ پر متان هڪٻئي جي آسري تي اسان سندس پوري خدمت نه ڪري سگهون، تنهنڪري منهنجي راءِ آهي ته اسان مان ڪو هڪ اهو فرض پورو ڪري. جيڪو سندس خدمت ڪندو، تنهن کي سندس مَڏيءَ مان پَتي ڪانه ملندي، جنهن کي اها ڳالهه منظور هجي، سو هٿ مٿي ڪري؟“ اها ڳالهه ٻڌي، ٽنهي ڀائرن کيس چيو ته ”جيڪڏهن ائين آهي ته تون ئي کڻي بابي جي خدمت ڪر.“

ان کان پوءِ ٽيئي ڀائر پنهنجن ڪمن ڪارين کي لڳي ويا ۽ ننڍو پٽ پنهنجي پيءُ جي ٽَهل ٽَڪور ڪندو رهيو. نيٺ هڪ ڏهاڙي ڪامل فوت ٿي ويو. سندس ڀائر پيءُ جي ملڪيت ورهائي کڻي ويا ۽ هن کي ڪجهه به نه ڏنائون. اهو فيصلو اڳ ۾ ئي ٿي چڪو هو ته جيڪو پيءُ جي خدمت ڪندو، تنهن کي مَڏيءَ مان حصو نه ملندو؛ تنهنڪري سڀني کان ننڍي پٽ کي پيءُ جي مَڏيءَ مان ڪجهه به نه مليو.

ننڍو پٽ الله تي آس رکي، پورهيو ڪري پنهنجو گذر سفر ڪندو رهيو. هڪ رات خواب ۾ ڏٺائين ته: ڪو شخص کيس چئي رهيو آهي ته ”فلاڻي هنڌ کوٽائي ڪر، اتان توکي هڪ سؤ رپيا ملندا.“ تنهن تي هن کائنس پڇيو ته ”ڀلا ان ۾ برڪت پوندي؟“ جواب مليو ته ”نه“ جڏهن جاڳ ٿيس، تڏهن سوچيائين ته جڏهن برڪت ئي ڪانه پوندي، تڏهن کوٽائيءَ جو خيال ڪرڻ اجايو آهي.

وري ٻي رات خواب ڏٺائين ته: ڪو کيس چئي رهيو هو ته ”فلاڻي جاءِ تي کوٽ، اتان ڏهه رپيا ملندءِ.“ هِن اُن شخص کان پڇيو ته ”ڀلا اُن ۾ برڪت پوندي؟“ جواب مليس ته ”نه، برڪت ڪانه پوندي.“ وري ٽين رات خواب ۾ ڏٺائين ته: ڪو شخص کيس چئي رهيو آهي ته ”فلاڻي هنڌ کوٽائي ڪر، اُتان هڪ روپيو ملندءِ ۽ ان ۾ وڏي برڪت پوندي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com