جنھن عرصي ۾ وامق جي سر تي ھي سڀ وارداتون پئي
گذريون، تنھن عرصي ۾ يمن ۾ ٻئي قسم جون وارداتون
پئي ٿيون. يمن جي بادشاھھ جي ڌيءُ، وامق جي ڀيڻ،
جوان خوبصورت شھزادي پوري عمر جي ٿي ھئي، تنھنڪري
ايران جي بادشاھھ انھيءَ جي حسن جي تعريف ٻڌي،
انھي جي نسبت لاءِ ڪي وڪيل تحفا ۽ خط ڏياري
موڪليا. يمن جي بادشاھھ انھن وڪيلن جي گھڻي مرحبا
ڪئي، پر خط جي جواب ۾ لکيائين تھ ”اھڙي مائٽي ڪرڻ
آئون پنھنجو فخر ٿو سمجھان ۽ انھيءَ ڪري مون کي ڪو
بھ عار ڪونھي، مگر اوھان کي خبر ھجي تھ ڪن مھينن
کان منھنجو پيارو پٽ قيد ٿي شام ۽ مصر جي بادشاھھ
وٽ قابو ٿيو آھي، ۽ انھيءَ جي غير حاضريءَ ۾ اسان
وٽ ڄڻ تھ ماتم آھي، اھڙي حال ۾ شاديءَ جو سلسلو
مناسب نظر نٿو اچي، تنھنڪري في الحال معاف ڪريو ۽
اھا ڳالھھ مھمل رکو، جيسين تھ ھن جو موٽي ھٿ اچڻ
ٿئي.“
اھڙي جواب ملڻ ڪري ايران جو بادشاھھ، جو جوان ۽
شوخ طبع وارو ھو ۽ شھزاديءَ جي تعريف ٻڌي، انھيءَ
کي جلد ھٿ آڻڻ جو ارادو ڪيو ھئائين، تنھن چڙ مان
وري خط ۽ ٻيو پيغام موڪليو، جنھن ۾ لکيائين تھ
اوھان اسان جي اھڙي جواب ڏيڻ سان بي آبروئي ڪئي
آھي. ڪيڏي منھنجي شھنشاھي ۽ ڪيڏي يمن جو ننڍڙو
ملڪ! بھتر آھي تھ انھيءَ مائٽيءَ ۽ شاديءَ جا ھڪدم
ذمھ بردار ٿيو، نھ تھ آئون لشڪر وٺي ڪاھي ايندس، ۽
اوھان جو سارو ملڪ تباھھ ڪري ڇڏيندس. انھيءَ جي
جواب م يمن جي بادشاھھ وري ٻيو جواب لکيو، جو پڻ
گھڻي نياز، ادب ۽ خوش خلقيءَ سان لکيائين؛ چيائينس
تھ ”آئون نسبت لاءِ تيار آھيان ۽ قبولدار آھيان؛
پر مناسب وقت تائين مھلت جو طلبگار آھيان. باقي
اوھان جيڪو جنگ ۽ ڪاھھ جو لکيو آھي، سو سچ آھي تھ
اوھين وڏا بادشاھھ آھيو، ۽ آئون اوھان کان گھٽ
آھيان، ليڪن بادشاھھ ۽ گدا سڀ خدا جا ٻانھا آھن،
ملڪ سڀ خدا جو آھي، جنھن کي وڻيس، تنھن کي ڏئي،
فتح ۽ ھار بھ انھيءَ جي ھٿ ۾ آھي، جي اوھان جو
لشڪر وڏو آھي ۽ اسان جو ٿورو، تھ بھ ھمت خدا جي
ڏنل آھي، جي اوھان وٽ رڪ جون تراريون آھن، تھ اسان
وٽ بھ ڪاٺ جون ڪين آھن.“
اھڙي اسم جو جواب لکي ڏياري موڪليائين.
اھو جواب جڏھن ايران جي جوان بادشاھھ کي مليو،
تڏھن ھڪدم لشڪر گڏ ڪري، ڪاھي يمن تي آيو. اڳيان
يمن جي بادشاھھ بھ تياري ڪئي. آخر ٻيئي لشڪر اچي
جنگ جي ميدان ۾ گڏ ٿيا. خدا جي خواھش پٺيان يمن
جي بادشاھھ شڪست کاڌي ۽ ھو جنگ ۾ مارجي ويو.
ايرانين ھن جو ملڪ، خزانو ۽ مال اسباب سڀ لٽي ھٿ
ڪيو. حرمسراءِ کي گھيرو ڪري، يمن جي بادشاھھ جي
ڌيءَ کي ھؤدي ۾ چاڙھي قيد ڪري، ٻين زالن سميت
ايران ڏي وٺي وڃي، انھيءَ سان شادي ڪيائين، آسپاس
يمن جو سارو ملڪ تباھھ ٿي ويو. سڀ قبيلا جيڪي ڳچ
پنڌ تائين رھندا ھئا، سي سڀ ڀڄي لڪي ٿي ويا. گھڻي
عرصي کان پوءِ، جڏھن ايراني ملڪ ڇڏي ويا، چوڌاري
ڊپ لٿو ۽ آرام ٿيو، تڏھن ٿورا ٿورا ٿي پنھنجن
مڪانن تي موٽي اچڻ لڳا.
وامق ٻيڙيءَ ۾ ھو، ھلندي ھلندي، نيٺ اچي عربستان
جي ڪناري کي پھتو، خدا جا شڪرانا ادا ڪيائين، جنھن
وطن جا وڻ وري ڏيکاريس. سڌو يمن ڏي ڀڳو، تھ پنھنجي
پيءُ – ماءُ ۽ ٻين عزيزن کي گڏجي. وڃي، تھ ڇا ڏسي
تھ سارو ملڪ ويران، محلات ۽ حرمسراءِ بيابان ٿيا
پيا آھن. پيءُ جي مارجڻ جو، ماءُ ڀيڻ ۽ ٻين عزيزن
جي قيد ٿي وڃڻ جو ڏاڍو ارمان ٿيس. پوءِ رئندي پيءُ
جي قبر تي ويو، ۽ انھيءَ کي ختمو ڏنائين، انھيءَ
سان روئي پنھنجو حال ڪيائين. جڏھن ماتم ڪري ڍؤ
ڪيائين ۽ ٻيو علاج سواءِ صبر جي ڪونھ سجھيس، تڏھن
عذرا جي خبر رکڻ لاءِ ويو. اتي بھ ڏسي تھ پوٺو لڳو
پيو آھي، اھو قبيلو توڙي ٻيا عرب سڀ ڀڄي نڪري گم
ٿي ويا ھئا. وري نئين سر ٻيو درد دل ۾ شروع ٿيس،
پنھنجي محبوب جي رھڻ جو ھنڌ ۽ اڳيون ڳالھيون ياد
ڪري روئڻ لڳو.
اھڙي بڇڙي حال ۾ ھو انھن قبيلن جي ڳولا ۾ گھمندو
رلندو وتيو، جيئن مجنون ليليٰ جي ڳولا ۾ پئي رليو.
ڪپڙا جھنگ ۾ ڦاٽي پيس ۽ پير ڦٽجي پيس. ھڪڙي ھنڌان
ٻئي ھنڌ، ٻئي ھنڌان ٽئين ھنڌ پئي رليو ۽ ڏس پئي
پڇيائين. ھوڏي عذرا جا مائٽ بھ جنگ جي ڪري دربدر
ٿي، ٻين قبيلن وانگي رلندا وتيا، ھڪڙي ھنڌان منزل
کڻي ٻئي ھنڌ تنبو ٿي ھنيائون. عذرا کي بھ وامق جو
خيال ھو ۽ ھوءَ انھيءَ جي ئي ڳولا ۾ ھئي؛ اگرچھ
ٻڌو ھئائين تھ ھو مصر ۽ شام جي پاسي آھي ۽ پنھنجي
وطن اچڻ وارو آھي، اميد ھيس تھ من ڪٿي گڏجي.
وامق گھمندو رلندو ھڪڙي ڏينھن، جڏھن ٿڪو تڏھن ھڪڙي
وڏي دڙي جي چوٽيءَ تي ويھي ڏاڍيءَ نااميديءَ ۽ غم
۾ خيال پچائڻ لڳو. اوچتو پري کان ھڪڙي زال آسپاس
جھنگ ۾ گھمندي ڏٺائين، ڊول مان شڪ پيس تھ عذرا
آھي، ھو بھ ائين. عذرا جا مائٽ آسپاس ڪٿي منزل
انداز ھئا، ۽ وامق بھ اتفاق سان انھيءَ نزديڪيءَ ۾
اچي نڪتو ھو. عذرا ڪاٺين لاءِ يا ڪنھن ٻئي خيال
سان، انھيءَ پاسي لڙي آئي. جيئن وامق جي نظر ھن تي
پيئي، تيئن ھن جي بھ مٿس نظر پيئي ۽ شڪ پيس، سا
رڙھي ويجھي ٿي، ٻئي ھڪٻئي ڏي ڊوڙيا، دڙي تي ٻيئي
اچي گڏيا، ڀاڪر پائي مليا. پر سندن سڪ ۽ محبت،
ھيترن ڏينھن ۽ مصيبتن کان پوءِ گڏجڻ جي خوشي،
ايتري بي انداز ۽ اوچتي ھئي، جو ھنن جو ھڪٻئي جي
ٻک ۾ ساھھ نڪري ويو، اتي ئي ڍيري ٿي ٻئي ڪري پيا.
شاعر لکي ٿو تھ ھنن ٻنھي جي عشق جي باھھ جا اچي
گڏي، تنھن مان اھڙا شعلا اٿيا، جو ھنن ٻنھي کي سچ
پچ باھھ لڳي ويئي، ۽ سندن جسم سڙي خاڪ ٿي ويا،
عذرا جي مائٽن اچي اھي ڏٺا، انھن ٻنھي کي انھيءَ
دڙي تي دفن ڪري قبر ٺاھي ڇڏيائون. اھا ھڪڙي گڏيل
قبر اڃا اتي ڏسڻ ۾ پيئي اچي ۽ انھيءَ دڙي کي ”وامق
۽ عذرا جو دڙو“ ٿا سڏين. |