وامق عذرا
عربستان ڏيھھ جي يمن شھر ۾ ھڪڙو بادشاھھ ھوندو ھو،
جو عدل ۽ انصاف جي ڪري ڏاڍو مشھور ھو. انھيءَ
بادشاھھ کي ھڪڙو پٽ ھو، جنھن جو نالو ”وامق“ ھو،
اھو نھايت خوبصورت ۽ نيڪ سيرت ھو، انھيءَ ڪري سڀ
ماڻھو سندس خوش طبيءَ ۽ خوش خلقيءَ ڪري منجھانئس
خوش ھوندا ھئا، ۽ کيس پيار ڪندا ھئا. اھو نوجوان
شھزادو علميت ۽ فضيلت وارو ھو، ۽ بھادريءَ جي ڪري
ھمتّ ۽ جرات وارو ھو؛ اڪثر جھنگن ۾، ۽ برن پٽن ۾
وڃي شڪار ڪندو ھو، وٽس نوجوان ۽ خوبصورت خدمتگار
رھندا ھئا، ۽ ھيءُ وڏي تجمل ۽ شان سان ملڪ ۾ گشت
ڪندو رھندو ھو.
ھڪڙي ڀيري شڪار ڪندي، بيابان ڏي ڪن ھرڻن جي پٺيان
ھليو ويو، ۽ وڃي ڪنھن جھنگلي قبيلي ۾ نڪتو، جي
عربن جي دستور موجب ننڍن تنبُن ۾ رھندا ھئا. گاھھ
۽ مال جي سانگي ھڪڙي ھنڌان لڏيو ٻئي ھنڌ گذاريندا
ھئا. ڪيتريون جوان ۽ خوبصورت زالون ۽ ڇوڪريون
آسپاس پئي آيون ويون. ڏينھن تتل ھو ۽ شھزادي کي بھ
ڏاڍي اڃ لڳي ھئي، سو ھڪڙي ويجھيءَ رانوٽيءَ وٽ
بيھي، پاڻي گھرڻ لڳو. ھڪڙي جوان زال پاڻي پياريس،
پر ھوءَ اھڙي حسين ۽ چڱن مھانڊن واري ھئي، جو
شھزادو ھن کي ڏسي حيران ٿي دل ۾ چوڻ لڳو تھ ”ھھڙي
خوبصورت زال جھنگلي ماڻھن ۾ ڪيئن پيدا ٿي! ڄڻ تھ
ھيءَ بھشت جي ڪا حور يا پرستان جي ڪا پري آھي، جا
اچي اتي لٿي آھي!“ مطلب تھ ڏسڻ شرط مٿس موھجي پيو،
۽ دل آيس، تھ ”ڪنھن بھ عذر سان اتي رھجي پوان تھ
ڏاڍو چڱو.“
اھا ڇوڪري جنھن جو نالو ”عذرا“ ھو ۽ جا ھڪڙي عرب
مالدار جي ڌيءَ ھئي، سا بھ انھيءَ شھزادي جي
خوبصورتي، چمڪندڙ پوشاڪ ۽ شاندار تجمل ڏسي اھڙي
حيران ٿي، جھڙو شھزادو کيس ڏسي حيران ٿيو ھو. جي
ھوءَ حسين ھئي، تھ شھزادي ۾ بھ گھٽ ڪانھ ھئي، جي
پاڻ پري ھئي، تھ ھو بھ ملائڪ صفت انسان ھو. اھڙي
جھنگ ۽ بيابان ۾ ظاھر ٿيڻ ڪري، پاڻ وڌيڪ حيرت پيدا
ڪندڙ ھو. انھيءَ کي ڏسي، عذرا جي دل بھ ڏانھس ڇڪي
ڏني، اگرچ شرم ۽ حيا جي ڪري پنھنجن اکين کي گھڻو
روڪيائين ۽ حجاب ڪيائين، پر جھنگلي عربن جو دستور
آھي، تھ مھمان جي گھڻي مرحبا ڪندا آھن، ۽ ٽن ڏينھن
تائين ڪھڙي بھ مسافر جي نھايت خاطر خواھھ خدمت
ڪندا آھن. تنھن ھڪدم گھوڙو ورتس، پاڻي پياريائينس،
۽ جيڪا جاءِ مھمانن ۽ مسافرن جي واسطي مقرر ھئي،
تنھن ۾ ويھاريائينس. شھزادي ٻڌايس، تھ ”آئون پري
جو ماڻھو آھيان، شڪار جي پٺيان ھلندي ھيستائين اچي
نڪتو آھيان، اڃ لڳي ھيم، تنھنڪري ھيڏانھن لڙي آيس.
آرام وٺي، وري موٽي پنھنجي منزل ڏي ويندس.“
مطلب تھ لحظي جي اندر ڳالھين ڪندي، ھو ٻيئي ھڪٻئي
جي محبت جي دام ۾ ڦاسي ويا. ڇوڪريءَ جا ماءُ پيءُ
آيا، انھن بھ دستور موجب مھمان جي گھڻي قدر آڌر
ڀاءُ ڪئي ۽ ھن کي رھڻ ۽ آرام ڪرڻ لاءِ زور ڪيائون،
پر ھو تھ اڳي ئي ائين ڪرڻ لاءِ شائق ۽ منتظر ھو
”انڌو گھري الله کان ٻھ اکيون.“ ھن جي رھڻ جي ڪري
عذرا بھ دل ۾ نھايت خوش ٿي. انھيءَ ڏينھن ۽ رات
جي عرصي ۾ ھنن ٻن ڄڻن کي ھڪٻئي کي چتائي ڏسڻ،
ڳالھائڻ ۽ محبت ونڊڻ جو چڱو وجھھ مليو، جنھن جو
نتيجو اِھو ٿيو، تھ ھو بلڪل ھڪٻئي تي مست ٿي ويا،
اگرچ عذرا حيا ۽ حجاب کان البت پاڻ کي روڪيو ٿي، ۽
شھزادي محبت جي گھڻائيءَ کان گستاخي ڏيکاري ٿي.
جڏھن شھزادي ڏٺو تھ ظاھري ڪري سندس جادو، ھن تي
ڪارگر ٿي نٿو سگھي، ۽ ھن بھ پاڻ کي کانئس البت پري
ٿي رکيو، تڏھن ڏاڍو غمگين ٿيو، ۽ رنج ڏسڻ ۾ ٿي
آيو. ھن کي گھڻو ئي اشارن سان عتاب ڏنائين، ۽
پنھنجي پرديسي، مسافر ۽ اعليٰ درجي واري ماڻھوءَ
ھئڻ جا ننگ وڌائين، پر عذرا ھزارين عذر ڏيئي، پاڻ
کي آزاد ۽ بي پرواھھ ٿي رکيو، اگرچھ دل ۾ ھن تي سؤ
جان سان قربان ھئي.
آخر ٻئي ڏينھن صبح جو شھزادو وامق، جو جيڪر خوشيءَ
سان دستور موجب ٽي ڏينھن رھي پوي ھا، سو نااميد ٿي
تياري ڪرڻ لڳو، ۽ گھوڙو سنبرائي، ھنن کان موڪلائي
اٿيو. ھلڻ مھل عذرا کي نامھربان ھئڻ جو عتاب بھ
ڏنائين، ۽ آئيندي لاءِ سندس غير حاضريءَ ۾ کيس ياد
ڪرڻ لاءِ تاڪيد بھ ڪيائين. پوءِ چڙھي منزل ڏي
روانو ٿيو، ۽ اتان وري پنھنجي شھر ۾ آيو.
شھزادي جي رواني ٿيڻ کان پوءِ عذرا ڏاڍي پشيمان ۽
غمگين ٿيڻ لڳي. پاڻ کي عتاب ڏيڻ لڳي تھ ”مون ڪابھ
ھن سان مھمان نوازي ڪانھ ڪئي، جي رڳو ڳالھين ۾ ئي
خوش رکندي اچانس ھا، تھ رھيو پيو ھجي ھا، پوءِ ھو
مون کي ڏسڻ سان، ۽ آئون ھن کي ڏسڻ سان، ھر وقت
ٻيئي تازي خوشي پيا حاصل ڪريون ھا: افسوس ھو رنج
ٿي ھليو ويو، وري يا نصيب ملي نھ ملي!“ انھيءَ غم
۾ ھوءَ بيتاب ۽ بي آرام ٿيڻ لڳي، ۽ رات جو ننڊ ئي
نٿي آيس. ھن جي ماءُ – پيءُ کي بھ ھن جي دل جي
حالت جو شڪ پئجي ويو، تن بھ ھن کي دڙ دلاسو پئي
ڏنو، ۽ روڄ راڙي کان روڪڻ لڳس. ياد ڏياريائونس تھ
”ڪيڏي اسين غريب جھنگلي ماڻھو، ۽ ڪيڏي ھو شھزادو
شھرن ۽ محلاتن ۾ گذارڻ وارو! اھڙو خيال رکڻ بي
عقلن جي نشاني آھي، يا پاڻ کي پاڻ ئي بي آرام ۽
خراب خوار ڪرڻو آھي.“
جي ھيڏي عذرا جو اِھو حال ھو تھ ھوڏي وامق جو بھ
انھيءَ کان گھٽ خراب حال نھ ھو. ھن جي دل ھن کي
اتان چرڻ ئي نٿي ڏنو، ڄڻ تھ گھوڙي بھ ساڻس ھمدردي
ٿي ڪئي، جو آھستي آھستي ٿي ھليو، ۽ پٺتي رھڻ جي
خواھش پئي ڏيکاريائين. شھزادو ساري وٽ ڳڻتيون
کائيندو، پنھنجي محبوب کي ياد ڪندو ھليو ويو. منزل
تي توڙي وري محلات ۾ پھچڻ کان پوءِ اھڙو حال ھوس،
جو روئي روئي اکيون سڄائي وڌائين. رانديون، تماشا،
شيل ۽ شڪار سڀ وسري ويس. ھونئن جو ھميشه پاڻ گھڻو
شڪار ڪري، خوش ٿي موٽندو ھو، سو ھن ڀيري پاڻ شڪار
ٿي موٽيو، غم ۽ افسوس ۾ گذارڻ لڳو. باغن جو سير ئي
وسري ويس، يا جي ڪڏھن باغ ۾ ويندو ھو تھ سرؤ جي وڻ
کي ڏسي عذرا جو قد ياد پوندو ھئس، گلاب جا گل ڏسي،
عذرا جا ڳل يا پوندا ھئس، ياسمين جا گل ڏسي ۽ بوءِ
سنگھي، ھن جا خوشبودار زلف ياد پوندا ھئس، بلبلين
جون گلن تي ٻوليون ٻڌي، پنھنجون ٻوليون ياد
پونديون ھيس، جي عذرا سان ڪيون ھئائين. ڪڏھن پکين
جي ھٿان ۽ ڪڏھن صبا جي واءُ ھٿان پنھنجي محبوب ڏي
خيالي پيغام موڪليندو ھو. ۽ عتاب چوائي موڪليندو
ھوس. ڪڏھن سج ۽ چنڊ جي ھٿان نياپا نڙا موڪليندو
ھو. مطلب تھ ھن جو وقت عذرا جي فراق ۽ جدائي،
يادگيريءَ ۽ محبت ۾ ڏاڍو خراب گذرڻ لڳو.
جڏھن وامق ڏٺو تھ مون کي عذرا کان سواءِ آرام نٿو
اچي، ۽ انھي جي ملاقات يا صحبت يا گفتگو کان سواءِ
منھنجو جياپو ڏکيو ٿيندو، تڏھن دل ۾ آيس، تھ ”وري
شڪار جي بھاني تي انھيءَ پاسي وڃان، ۽ جي اھي لڏي
ٻئي پاسي نھ ويا ھجن تھ ھڪ دفعي وري بھ وڃي ملانس،
جي وجھھ ھجي تھ ھن جي مائٽن جي اجازت سان ساڻس
شادي ڪري ساري حياتي خوش رھان.“
اھو ارادو ڪري، ھن شڪار جي تياريءَ جو حڪم ڏنو.
پنڌ ڪري، اچي انھي قبيلي کي پھتو، جي اڃا اتي ئي
ويٺل ھئا. پري کان ھنن جا تنبو ڏسي، خوش ٿيو ۽
پنھنجي عملي کي نزديڪيءَ ۾ ڇڏي، پھرين پاڻ اڪيلو
اوڏي ويو پري کان پھرين عذرا جي نظر مٿس پيئي، ۽
بي اختيار ٿي وڌي. ائين ڏانھس ڇڪجي ويئي، جيئن
لوھھ چقمق پاڻ ڏي ڇڪبا آھن. اتي ئي وڃي پھتيس. ھو
بھ لھي پيو، ۽ ساڻس گڏيو. عذرا جو حجاب ھينئر گھڻو
گھٽجي ويو ھو، بيحجاب ٿي، ھن کان معافي گھريائين،
تھ ”اڳئين ڀيري ناحق توکي رنج ڪيم، جنھنڪري تون
رسي ھليو وئين.“ ھو بھ مٿس پنھنجي جان قربان ڪرڻ
لاءِ اقرارمند ٿيو. ھڪٻئي کي سچي پچي پيار ڪرڻ ۽
آئيندي لاءِ ھڪٻئي سان وفادار ٿي رھڻ جا انجام
ڪري، تنبوءَ ۾ آيا. عذرا جا مائٽ بھ ھن کي ڏسي خوش
ٿيا. خوش خير عافيت ڪرڻ کان پوءِ ھن کي رھائڻ جو
اڳي کان زياده بھتر بندوبست ڪيائون. وامق توڙي
عذرا کي ھاڻ پڪ ٿي تھ ھن دفعي ھنن جو عمر لاءِ
وصال ٿيو، ۽ وري ڪڏھن جدا ڪين ٿيندا. پر ”بندي جي
من ۾ ھڪڙي، ۽ الله جي من ۾ ٻي“ زماني نامراد جو ڪم
آھي مليلن کي ڌار ڪرڻ، آسمان مڪار جو ڪم آھي
بيڏوھن مسڪينن تي ظلم ڪرڻ. في الحال ھنن ٻن محبتين
جي مراد پوري ٿيڻي نھ ھئي.
مصر ۽ شام ملڪ جي بادشاھھ جو يمن جي بادشاھھ سان
ڪن ملڪي ڳالھين تي تڪرار ھو، ۽ گھڻي وقت کان سندن
وچ ۾ ناساز ھلي پئي آئي. اتفاق سان انھيءَ وقت
ڌاري، انھيءَ بادشاھھ جو ڳچ جيترو لشڪر يمن جي حد
لنگھي، ڦرمار ڪرڻ ۽ وڙھڻ لاءِ ڪاھي آيو. رستي ۾
شھزادي جا ماڻھو ڏسي، ۽ ھن جي اتي نھ ھئڻ جو احوال
معلوم ڪري کيس ڦري آيا، ۽ ھن کي قيد ڪري وڌائون، ۽
ڏاڍا خوش ٿي، اڳتي وڃڻ جو خيال ڇڏي، آسپاس ملڪ ڦري
پٺ تي موٽيا. شھزادي کي قيدين وانگي سونا زنجير ۽
طوق وجھي اٺ تي محمل يا ڪجائي ۾ ويھاري، پاڻ سان
وٺي ويا. ويچارو شھزادو ڏاڍو پشيمان ٿيو.
شرمندگيءَ کان ڪنڌ مٿي کڻي نٿي سگھيو، ٻيو تھ اندر
۾ عذرا جي وڇوڙي پيءُ جي بي آبروئيءَ ۽ انتظار جي
خيال بيحال ٿي ڪيس، پر لاچار صبر ڪري گذارڻ لڳو.
شام مصر جي بادشاھھ پنھنجي وطن ۾ پھچڻ کان پوءِ
شھزادي کي ھڪڙي عمدي باغ ۾ ماڙيءَ منجھھ کڻي نظر
بند رکيو. ظاھري ڪري اگرچ ھو قيد ۾ ھو، تھ بھ خوش
گذارڻ لاءِ ھن کي ھر طرح جو وجھھ ڏنو ويو، پر
انھيءَ ھوندي بھ ھن خوش نٿي گذاريو. ھر وقت پنھنجي
مائٽن ۽ پنھنجي محبوب جي يادگيريءَ ۾ ٿي رھيو.
ڪڏھن پنھنجي ڪمبختيءَ تي افسوس ٿي ڪيائين، ڪڏھن
دنيا جي بيوفائيءَ ۽ آسمان جي گردش جي شڪايت ٿي
ڪيائين. سدائين وڇوڙي ۾ ٿڌا ساھھ پئي کنيائين، ۽
فريادون پئي ڪيائين.
عذرا جو حال بھ شھزادي جي قيد ٿيڻ کان پوءِ اڳي
کان خراب ٿيو. ھن جي بي آبروئيءَ، قيد ۽ بند جو ڏک
ھڪڙي پاسي، کانئس جدا رھڻ جو ارمان ٻئي پاسي. روئڻ
رڙڻ کان سواءِ ٻي ڪابھ مشغولي ڪانھ ھيس. کاڌو ۽
ننڊ بھ حرام ٿي ويس. سدائين پيئي آھون دانھون ڪندي
ھئي، ۽ بيمارن وانگي ھڪ ھنڌ پيئي ھئي. سجھندو ھوس
تھ وامق جو ڪھڙو حال ھوندو، تنھنڪري نٿي چاھيائين،
تھ پاڻ کائيو پيئو خوش پئي گذاري. خدا کي رات
ڏينھن سوال پئي ڪيائين، تھ جيئن پھرئين ڀيري بھ ھن
کي پاڻھئي وٽس آندو ھئائين، تيئن ھاڻي بھ وري ھڪ
دفعو ھن کي ساڻس آڻي ملائي.
وامق کي باغ واري محلات ۾ رھئي ٻھ – ٽي ڏينھن مس
گذريا تھ ھڪڙي ڏينھن شام جو، شام ۽ مصر جي بادشاھھ
جي ڌيءَ جنھن جو نالو سلما ھو، سا پنھنجين ڪن
ساھيڙين ۽ ٻانھين سان گڏجي باغ گھمڻ آئي. اتفاق
سان انھيءَ وقت وامق بھ ھڪڙي چمن ۾ پسار پئي ڪيو،
۽ پنھنجن خيالن ۾ غلطان ھو. اھا شھزادي بھ تمام
حسين ۽ نازنين ھئي. ھڪ ٻئي کي ويجھو ڏٺائون، پر
گڏيا ڪين، نڪي ڳالھايائون. شھزاديءَ کي خبر ھئي،
تھ ھو يمن جو شھزادو آھي، ۽ پڻس ھن کي نظر بند
رکيو آھي. پر شھزادي کي خبر نھ ھئي، تنھن ٻانھين
کان حقيقت پڇي معلوم ڪيو، تھ ھوءَ شام مصر جي
بادشاھھ جي ڌيءَ سلما آھي. ٻنھي کي ھڪٻئي جي صورت
پسند آئي، پر سلما جي خاص طرح وامق سان اک اٽڪي
وئي، ۽ پھرينءَ نظر سان دل لڳي وئي. ھن کي ويجھو
وڃڻ ۽ ڳالھائڻ گھريائين، پر حجاب جي ڪري، ۽
ساھيلين ۽ ٻانھين سان ھئڻ ڪري وڌيڪ ڪي بھ ڪري ڪين
سگھي. درد دل ۾ رکي، سور پي، موٽي پنھنجي حرمخاني
۾ آئي. پنھنجي ڪوٺيءَ ۾ وڃي پلنگ تي ليٽي ۽ در بند
ڪري، روئڻ لڳي. انھيءَ کان پوءِ بھ ھن جو حال
غمگين ۽ اٻاڻڪو ڏسڻ ۾ آيو. سندس دائيءَ ھڪدم معلوم
ڪيو، تھ ھن سان ڪا ويڌن آھي. نيٺ آرام سان ھن کي
دڙ دلاسا ڏيئي سندس راز معلوم ڪيائين، ۽ انھيءَ جي
علاج ڪرڻ جو ھن سان انجام ڪيائين، يعني تھ ڪنھن
تجويز سان ھن کي شھزادي سان گڏجڻ ۽ حال احوال ڏيڻ
وٺڻ جو وجھھ ڏيندي. پوءِ ھوءَ مناسب موقعو ڏسي،
وامق وٽ آئي، ۽ ھن سان سارو حال ڪيائين، ۽ چيائينس
تھ ”جي تنھنجي مرضي ھجي، تھ ٻنھي کي في الحال
ملائڻ جو ۽ آخر ٻنھي جي شادي ڪرڻ جو بندوبست
ڪريان؟“ پر وامق چيس تھ ”آئون غريب قيدي آھيان.
اھڙا نصيب منھنجا ڪٿان ٿيندا! خاص ڪري جڏھن اسان
ٻنھي جي پين بادشاھن جي وچ ۾ عداوت ۽ جنگ جاري
آھي، تنھنڪري اھڙي رٿ ناممڪن ٿي ڏسجي، ۽ انھيءَ
مان گھڻي خرابيءَ ٿيڻ جو خطرو آھي.“
جڏھن دائي نااميد ٿي، سلما وٽ موٽي آئي ۽ سمورو
حال ان کي ڏنائين، تڏھن شھزاديءَ جو حال اڳي کان
ابتر ٿيو: جيڪا ٿوري گھڻي اميد وامق سان ملاقات
ڪرڻ جي پيدا ٿي ھيس، سا بھ گم ٿي ويئي، تنھنڪري
زياده ملول ۽ غمگين ٿيڻ لڳي. رات ڏينھن روئڻ رڙڻ ۾
ٿي گذريس، ۽ منھن جو رنگ ئي ڦري ڦڪو ٿي پيس. ماڻس
کي ھي حال ڏسي حيراني لڳي، بلڪ ڏاڍوڊپ ٿيڻ لڳس.
دائيءَ سان صلاح ڪيائين، تھ حقيقت معلوم ڪجي.
انھيءَ ٻڌايس تھ ”ڪھڙي سبب جي ڪري ھن جو اھڙو حال
ٿيو آھي.“ تڏھن راڻيءَ جي خيال ۾ آيو، تھ ”جڏھن ھو
بھ شھزادو آھي، ۽ ھيءَ بھ شھزادي آھي، تڏھن انھن
جي شادي جي بندوبست ڪرڻ ۾ حرڪت ڪانھ ٿي ڏسجي.“
ارادو ڪيائين تھ بادشاھھ وٽ اھا رٿ پيش ڪري، ۽ ھن
کان منظوري وٺي، تھ پوءِ جيترو جلد ٿي سگھي اوترو
ھنن جي شادي ڪجي. اھو ڊپ ھوس تھ، تھ متان اھڙي
بندوبست نھ ڪرڻ ڪري ڪو بدناميءَ جھڙو ڪم ٿي پوي ۽
ملڪ ۾ خواري ٿئي. |