ديباچو
سنڌ ۾ گھڻا ديسي محبت جا قصا مشور آھن، جيئن تھ
سسئي – پنھون، عمر – مارئي، سھڻي – ميھار، ليلا –
چنيسر، مومل – راڻو ۽ ھير – رانجھو وغيره ڪي
ٻاھريان قصا بھ گھڻا ٻڌا آھن ۽ پڙھيا آھن، جيئن تھ
ايران جا شيرين – خسرو يا شيرين – فرھاد، عرب جو
ليليٰ – مجنون ۽ مصر جو يوسف – زليخا وغيره، پر،
”وامق – عذرا“ جو قصو ڪن ٿورن ٻڌو ھوندو. اِھي بھ
ليليٰ مجنونءَ وانگر عرب ھئا. اھو قصو عربي ۾ آھي،
پر فارسي نظم يا مثنويءَ ۾ مرزا صادق - تخلص
”نامي“ واري جو لکيل آھي، جو اڪثر ڪمياب آھي.
انھيءَ مان ھن جو مضمون ڪڍي مختصر ۽ سليس عبارت ۾
لکيو اٿم. اميد آھي تھ پڙھندڙن کي گھڻو وڻندو.
- قليچ بيگ
حيدرآباد سنڌ.
ھيءُ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ پرنٽنگ پريس ڄام
شورو ۾ مئنيجر سيد سڪندر علي شاھھ ڇپيو ۽
اعجاز احمد منگي سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ ان
کي ڇپائي پڌرو ڪيو.
WAMIQ AZRA (A Childrens Tale in Sindhi)by: Mirza Qalich Beg
|