آخر موقعو ڏسي، راڻيءَ بادشاھھ سان اھا ڳالھھ چوري،
مگر جيڪا بنيادي حقيقت ھئي، اھا نھ ٻڌايائينس.
چيائينس تھ ”سلما ھاڻ وڏي ۽ جوان ٿي آھي. اتفاق
سان ھڪڙو پاڙيسري شھزادو قيد ٿي ھتي آيو آھي.
انھيءَ کي ڏسڻ، انھيءَ جي لياقت ۽ خوش خلقي معلوم
ڪرڻ جو اسان کي چڱو وجھھ مليو آھي. ھو جوان ۽
خوبصورت آھي، جھڙي اسان جي ڌيءَ آھي. ڇو نھ انھن
جي شاديءَ جو بندوبست ڪجي، جنھنڪري ھو ٻيئي بھ پاڻ
۾ خوش رھن، ۽ يمن جو بادشاھھ شھزادي جو پيءَ، جو
اسان جو دشمن آھي، سو بھ دوست ٿي پوي، ۽ آئيندي
جنگ جھيڙو بھ ٻنھي ملڪن مان نڪري وڃي؟“ بادشاھھ کي
اِھا ڳالھھ پسند آئي. راڻيءَ دائيءَ کي اطلاع ڏنو.
دائي پھرين ڀڳي سلما ڏي. انھيءَ کي مبارڪ ڏئي، پوءِ
ويئي وامق شھزادي وٽ، انھيءَ کي اھا خوشخبري
ٻڌايائين، ۽ وري بھ کانئس سندس مرضي پڇيائين. ھن
چيو تھ ”آئون قيدي بيوس آھيان، منھنجو ڪو بھ
اختيار ڪونھي، جيئن بادشاھھ حڪم ڪندو، تيئن ڪرڻ
لاءِ آئون تيار آھيان.“ اگرچھ ھن ظاھري ائين چيو،
مگر حقيقت ڪري ھن جي دل عذرا سان ٻڌل ھئي، ھو بھ
رات ڏينھن انھيءَ يادگيريءَ ۽ سڪ ۾ رھندو ھو.
جڏھن شام ۽ مصر جي بادشاھھ وامق ۽ سلما جي شاديءَ
جو پڪو ٺھراءُ ڪيو، تڏھن ھڪدم وامق کي قيد ۽
نظربنديءَ کان آزاد ڪيائين، کيس پنھنجيءَ محلات ۾
جاءِ ڏنائين. ساديءَ جي تياريءَ جا حڪم جاري ٿيا،
۽ شاھي بندوبست ٿيڻ لڳا. ڏينھن مقرر ٿيو، دستور
موجب ٻنھي جي شادي ٿي، ٻيئي جوان شھزادو ۽ شھزادي
پاڻ ۾ گڏ گذارڻ لڳا. مگر وامق کي اڃا عذرا جي محبت
جو تير دل ۾ لڳل ھو، ۽ اگرچھ ظاھري ڪري شھزاديءَ
سان خوش گذاريندو ھو، تڏھن بھ دل ۾ ”عذرا ئي عذرا“
ھوندي ھيس.
جڏھن عذرا کي خبر پئي تھ وامق جي شادي سلما سان ٿي
آھي، تڏھن حسد جي باھھ کان دل سڙي ويس ۽ ڏاڍو ڏک
ٿيڻ لڳس. پر پوءِ ڄاتائين تھ بادشاھھ نيٺ بادشاھھ
سان نسبتون ڪندا، نھ غريبن سان. تنھنڪري وڌيڪ ٻيو
ڪي ڪري نھ سگھي، مگر ھڪڙو ڏوراپي جو خط لکي ڪنھن
تجويز سان وامق ڏي موڪليائين، ڄڻ تھ ھن ڏي وطن
مان ڪنھن مائٽ خط لکيو آھي. انھيءَ ۾ پنھنجي اڳي
واري محبت ۽ ڪيل انجام ياد ڏياري، ڏوراپا ڏنائينس
۽ طعنا ھنيائينس. جيڪا سندس جسم ۽ جان جي حالت ھن
جي فراق ۾ ٿي ھئي، تنھن جو چٽو بيان ڏنائينس. اھو
خط جڏھن وامق کي رسيو، ۽ ھن پڙھيو، تڏھن دل ۾ ڏاڍو
ارمان ٿيس. عذرا جي محبت، جا اڃا سندس دل مان وئي
نھ ھئي، سا تازي ٿِي. ھڪدم جواب لکي روانو ڪيائين،
جنھن ۾ قسم سان خاطري ڏنائينس تھ ”جيڪي انجام
ڪياھئا، تن تي اڃا آئون قائم آھيان. توکي ھر دم
ياد پيو ڪريان ۽ تنھنجي ڏسڻ لاءِ پيو سڪان. اگرچھ
سلما صبح شام منھنجي آڏو ۽ منھنجي پاسي ۾ آھي، تھ
بھ مون اڃا ھن جو منھن برابر نھ ڏٺو آھي. آئون
قيدي آھيان، جيئن پکي پڃري ۾ ڦاٿل ھجي ۽ شڪاريءَ
جي وس ۾ ھجي، جھڙو حڪم مون کي ملي ٿو، تيئن ظاھري
پيو ڪريان، ليڪن منھنجي دل ھڪڙي آھي، سا توئي ھڪڙي
محبوب سان مليل آھي، اگرچھ ظاھريءَ طرح پنھنجا بدن
ڌار آھن ۽ پاڻ ھڪٻئي کان پري آھيون. جڏھن ڪا خدا
قسمت چڱي ڪئي ۽ مھرباني ڪيائين، تڏھن ملنداسين،
تيسين تون دعا کان متان وسارين. انھيءَ ھوندي بھ
جي تون سمجھين ٿي تھ مون ڪو قصور ڪيو آھي تھ مون
کي معاف ڪج. جڏھن ملڻ جو اتفاق ٿيو. تڏھن روبرو
توکان پنھنجي خطا بخشائيندس.“
ھوڏانھن يمن ۾، وامق جي پيءُ بادشاھھ کي جڏھن پٽ
جي قيد ٿي شام مصر ڏي وڃڻ جي خبر پھتي، تڏھن ڏاڍو
افسوس ٿيس، پر پوءِ سگھو ئي ھن جي شاديءَ جو ٻڌي
خوش ٿيو. ھڪڙو خط ڏک ۽ خوشيءَ جو گڏيل شام ۽ مصر
جي بادشاھھ ڏي لکيائين، جنھن ۾ سندس شڪر گذاري
ڪيائين، ۽ پڇاڙيءَ ۾ لکيائينس تھ ”ھاڻي ڀلائي ڪري
منھنجي پٽ کي پنھنجي ڪنوار سميت مون ڏي ڏياري
موڪليو، تھ اسين سڀ ننڍا وڏا، جي سندس جدائيءَ ڪري
پريشان آھيون، سي کيس ڏسي خوش ٿيون ۽ اوھان کي دعا
ڪندا رھون.“
انھيءَ خط پھچڻ تي بادشاھھ حڪم ڏنو تھ ”يمن ڏي وڃڻ
جي تياري ڪن.“ شاھاڻا بندوبست ٿي ويا: زر زيور،
جواھر، قيمتي پوشاڪون، ٻيو شاھي سامان، بيشمار
ٻانھيون، ٻانھا ۽ خدمتگار سنبري تيار ٿيا، اٺ
گھوڙا، پالڪيون ۽ خچر سامان ۽ ماڻھن سان لڏجي
نڪتا.
شام ۽ مصر جي حد تي اچڻ کان پوءِ، عربستان ملڪ جي
يمن شھر ۾ وڃڻ لاءِ ھنن کي سمنڊ مان لنگھڻو پيو.
ٻيڙيءَ جو بندوبست رکايو ويو ھو. ھو اچڻ سان
ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي روانا ٿيا. ھڪڙو ڏينھن ۽ ورندي
رات ڏاڍي مزي سان ويا، پر ٻئي ڏينھن اچي واءُ
ڇٽڪيو، ۽ ڪڪر بھ آسمان تي اچي گڏ ٿيا ۽ مينھن وسڻ
لڳو. طوفان زور ورتو، ۽ قھر جون لھرون ٿيڻ لڳيون.
ٻيڙي اونڌي ٿي پئي ۽ ڀڄي بھ پئي. سڀ ماڻھو ٻڏي
پيا. انھيءَ حال ۾، وامق کي ھڪڙو ڀڳل تختو ھٿ لڳي
ويو، تنھن کي قابو ڪري جھلي ھو ٽلڪندو وتيو. اگرچھ
ھر لحظي ٻڏڻ جو خوف ھوس. خدا کي ياد ڪري ۽ پنھنجي
ڪمبختي شروع کان وٺي پڇاڙيءَ تائين دل تي آڻي،
روئڻ ۽ ارمان ڪرڻ لڳو، ۽ خدا کي سوال ڪرڻ لڳو تھ
”مون کي بچاءِ ۽ مصيبتن کان آزاد ڪر!“ انھيءَ
ڏينھن ۽ رات گذرڻ کان پوءِ، ھو بُڇڙي حال ۾ ھڪڙي
ٻيٽ جي ڪناري تي وڃي پيو.
ھيڏي ھوڏي ڊوڙيو، مزي جھڙيون ساوڪون لڳيون پيون
ھيون. جھنگلي گل گلڪاريون کيس نظر پئي آيون. ھھڙي
مصيبت کان پوءِ ھن ائين پئي سمجھيو تھ ”آئون دوزخ
مان نڪري بھشت ۾ اچي پيو آھيان.“ جھنگلي ميوا کائي
پيٽ ڀريائين، ۽ چشمن جو مٺو پاڻي پي ڍؤ ڪيائين.
ٻيو سڀ سک اتي موجود ڏٺائين، پر ڪو بھ ماڻھو نظر
نھ آيس. اونداھي رات اچي نڪتي، وڻن جو گھاٽو ٻوڙو
ڏسي، پن ٻوٽا وڇائي، سمھڻ جو ارادو ڪري ليٽي پيو،
تھ ھڪڙي پاسي کان روشنائي ڏٺائين. ھي خوش ٿيو تھ
اتي ڪو ڳوٺ يا وسئن آھي، ۽ انھيءَ پاسي وڃي نڪتو.
ڏسي تھ ڳچ پنڌ ۾ فرش وڇايا پيا آھن، ۽ شمعون پيون
ٻرن، شيشا ۽ گلاس ۽ عمدا طعام رکيا آھن. ظاھر ھو
تھ ڪا مجلس ھئي. نھايت خوبصورت ننڍي قد جا انسان
ڏٺائين، مڙس توڙي زالون، جن کي عجيب پوشاڪون پيون
ھيون. ھڪڙي زال جا نھايت خوبصورت ۽ چمڪندڙ پوشاڪ ۾
ھئي، سا راڻي ٿي ڏٺي، سڀني انھيءَ کي تعظيم پئي
ڏني، انھيءَ جو حڪم پئي مڃيو. ھن دل ۾ چيو تھ ”شڪ
ناھي تھ ھي پريون آھن، يا ڪا ٻي اھڙي مخلوقات
آھي.“ ڪيتريون خدمتگار پريون ڪم ڪار تي ھيڏي ھوڏي
پئي آيون ويون. اوچتو ڪي ھن وٽ اچي نڪتيون، ۽ ھن
کي ڏسي ورتائون. ھڪدم پڪڙي پنھنجي راڻيءَ وٽ وٺي
ويس. انھن کان وامق کي معلوم ٿيو، تھ انھيءَ ٻيٽ ۾
پريون رھنديون آھن ۽ ڪو آدمزاد نھ ايندو آھي.
جيتوڻيڪ وامق بڇڙي حال ۾ ھو، تھ بھ سندس حسن
خداداد لڪڻ جو نھ ھو.
جڏھن راڻيءَ جي نظر ھن تي پيئي، تڏھن ھن کي ڏسي
ڏاڍي خوش ٿي. ھن جو حال احوال وٺي حڪم ڏنائين تھ
”ھن کي وھنجاري سھنجاري، چڱا ڪپڙا ڍڪائي اچوس.“
جھٽ ۾ حڪم جي تعميل ٿي، ۽ لحظي کان پوءِ وامق
خوبصورت جوان شھزادو بنجي راڻيءَ وٽ آيو. جنھن، ھن
کي پنھنجي ويجھو ويھاريو، شراب ۽ طعام آڻڻ جو حڪم
ڏنائين، ۽ راڳ ناچ جاري ڪرايائين. ڏاڍا مزا لڳي
ويا، شراب جا دور ھلڻ لڳا. راڻيءَ پاڻ بھ پئي پيتا
۽ شھزادي کي بھ پياريائين. ھڪٻئي سان مٺيون محبت
جون ڳالھيون ھليون. جڏھن گھڻي رات گذري، تڏھن سڀ
نشي جي ننڊ ۾ پنھنجن پنھنجن جاين تي سمھي پيا.
صبح ٿيو ۽ وڏو سج چڙھيو، تڏھن وامق جون اکيون
پٽيون، ڏسي تھ جھنگ لڳو پيو آھي، جنھن ۾ اچي لٿو
ھو ۽ گھميو ھو. رات واريءَ محفل جو ڪو بھ نشان ڏسڻ
۾ نھ آيس. نھ پريون، نھ شراب، نھ پيالا! ساوڪ جا
ميدان چوڌاري نظر آيا. خمار لٿو ھوس. تنھنڪري خيال
ڪرڻ لڳو. پڪ ٿيس تھ آئون رات ھن ھنڌ راڻيءَ وٽ ھوس
۽ ڏاڍو خوش ھوس. ڄاتائين تھ اھو سارو خواب خيال نھ
ھوندو، پر سارو ڪارخانو ويو ڪيڏي؟ اتي وري پنھنجي
اڳوڻي حال ۽ مصيبتن تي خيال ڪرڻ لڳو. پنھنجو وطن،
پنھنجا مائٽ، پنھنجو محبوب يعني عذرا ياد پوڻ
لڳيس، ڏاڍو رنائين. انھيءَ حال ۾ ڏينھن گذريو، ۽
رات آئي. دل ۾ چوڻ لڳو تھ ”الائجي اڄ رات وري
ڪھڙيون وارداتون ڏسان! ڳڻتيون کائيندي ننڊ کڻي
ويس. اڌ رات کان پوءِ خواب ۾ ڏٺائين تھ عذرا وٽ
ويو آھي ۽ ھوءَ گڏي اٿس. ھڪٻئي کي ڏاڍو پيار
ڪيائون. ھن شاديءَ جا ڏوراپا ڏنس. جھڙا اڳي خط ۾
لکيا ھئائينس، پنھنجي فراق ۽ جدائيءَ جو حال بيان
ڪري ٻڌايائينس. وري وامق بھ پنھنجي محبت جي
سچائيءَ، سڪ ۽ يادگيريءَ جو حال ھن کي ٻڌايو، ۽ دڙ
دلاسا ڏنائينس. گھڻو وقت انھيءَ ناز ۽ نياز جي
حالت ۾ گذريو، تان جو صبح ٿيو ۽ ھن جي اک پٽي.
انھيءَ خيال ھن کي بي آرام ڪيو ۽ وطن ياد پيس.
ارادو ڪيائين تھ ”ڪنھن طريقي سان ھن ٻيٽ مان جند
ڇڏائي نڪرجي.“
سمنڊ جي ڪناري تي ويھي، انھيءَ ڏي نھاري، ڪڏھن
خيال ٿي پچايائين، ڪڏھن خدا کان مدد ۽ خوش نصيبيءَ
جا سوال ٿي ڪيائين. اوچتو پري کان ڪا ٻيڙي ويندي
ڏٺائين، ھٿ کڻي ۽ ٻيا اشارا ڏيئي، پنھنجي اتي ھئڻ
جي انھن کي خبر ڏنائين. ٻيڙيءَ وارن بھ ھن کي ڏٺو،
سو لڙي آيا، ۽ ھن کي اچي کنيائون. ھن پنھنجو سمورو
حال بيان ڪري ٻڌاين. ھنن کي ھن تي گھڻو قياس آيو.
ٻيڙي بھ ڪجھھ واپاري مال سان عربستان جي ڪناري ڏي
وڃڻي ھئي، جتان يمن سڻائو ھو. تنھنڪري وامق ڏاڍو
خوش ٿيو، ۽ اميد ٿيس تھ جلد وڃي پنھنجي وطن
پھچندس، پنھنجي مائتن ۽ عذرا کي ڏسي خوش ٿيندس. |