باب پھريون
3- نصيب ڳوليندڙ ماڻھو
ڪريم ڪيئن پنھنجو نصيب ڳولڻ ويو
ھڪڙو غريب ماڻھو ھوندو ھو، جنھن جو نالو ڪريم ھو.
ھن کي ھڪڙي زال ۽ ٻارنھن ٻار ھئا. ھو پيسي ڪمائڻ
جي لاءِ گھڻا ئي مٿا ھڻندو ھو، پر گھڻو ڪين ڪمائي
سگھندو ھو. صبح کان وٺي شام تائين، ٻار مانيءَ جي
لاءِ پيا رڙيون ڪندا ھئا. ويچارو ڪريم ۽ سندس زال
حيران ھوندا ھئا تھ ڇا ڪن جو ھنن کي کاڌو ملي.
ھڪڙي ڏينھن ڪريم ڀري ڪاٺين جي مٿي تي کڻي وڪڻڻ ٿي
ويو، تھ ٻھ بدمعاش وٽس آيا ۽ چيائونس تھ ”اھي
ڪاٺيون اسان کي ٿيون گھرجن، سي اسان کي ڏي.“ ڪريم
ھيڏي ھوڏي نھاريو، پر ڪوبھ مدد ڪندڙ ڪونھ ڏٺائين.
پري کان سو ھڪڙو فقير ڏانھس ايندي نظر پيس، پر اھو
مدد ڏيڻ کان پري ھو. لاچار ڪنجھي ڪرڪي، ڀري
لاٿائين ۽ اھي ٻھ بدمعاش ڪاٺيون کڻي ھليا ويا.
ڪريم اتي ئي رستي جي ڀرسان ويھي، پنھنجي ڪمبختيءَ
تي ارمان ڪرڻ لڳو. دل ۾ چيائين، تھ ”آءٌ ڪھڙو نھ
نڀاڳو آھيان! مون ڇا ڪيو آھي جو اھڙيون تڪليفون
پيو سھان؟“
اوچتو آواز آيو، ”ويچارو غريب مسڪين! ويچارو غريب
مسڪين!“ ڪريم ڪنڌ مٿي کڻي، تھ اھو فقير وٽس بيٺو
آھي. انھيءَ چيس تھ ”توکي گھرجي تھ جنھن پھڻ تي
تنھنجو نصيب لکيل آھي، سو وڃي ڳولي ھٿ ڪر. شايد
اھو ھيٺ زمين تي پيو آھي، تنھنڪري تنھنجو نصيب کٿل
۽ خراب آھي.“ ڪريم پڇيس، تھ ”جنھن پھڻ تي منھنجو
نصيب لکيل آھي سو ڪٿي لھي سگھندس؟“ فقير چيو تھ
”جتي سڀني جي نصيبن جا پھڻ رکيل آھن، اتي تون بھ
پنھنجو لھندين.“ ڪريم وري بھ پڇيو، تھ ”اھو ڪٿي؟“
فقير چيو، تھ ”سر الھندي ويندين، تھ نيٺ ھڪڙي وڏي
جھنگ ۾ وڃي رسندين. انھي جھنگ جي وچ ۾ ھڪڙي وڏي
ڍنڍ آھي، ۽ انھيءَ ڍنڍ ۾ ھڪڙو ٻيٽ آھي. انھيءَ ٻيٽ
تي سڀني ساھوارن جي نصيبن جا پھڻ رکيل آھن.“
ڪريم فقير جي شڪر گذاري ڪري، پنھنجي نصيب لھڻ لاءِ
الھندي ڏي ھلڻ لڳو. ڏينھن جا ڏينھن پنڌ ڪيائين،
ڪيترائي جھنگ ۽ ڍنڍون ڏٺائين، پر ڪابھ اھڙي ٻيٽ
واري ڍنڍ ڪانھ ڏٺائين، جنھن جو فقير ڏس ڏنو ھوس.
ھڪڙي جھنگ ۾ سو ھڪڙو اٺ ڏٺائين، جنھن جي مٿان
خورجين ۾ ٻھ وڏيون ۽ ڳريون سون جو ڳوٿريون رکيون
ھيون. اھو اٺ ۽ مال ھڪڙي نواب جو ھو، جو سفر ڪري
ڪنھن ٻئي ملڪ ڏي ٿي ويو. ھڪڙي صبح جو، نواب جا
نوڪر اٺ سامان سان لڏي، منزل ڏانھن روانا ٿيا.
انھن مان ھيءُ ھڪڙو اٺ پٺتي رھجي ويو، ۽ ھنن کي
انھيءَ جو سماءُ ڪونھ پيو. اٺ کي پنھنجي جوءِ وسري
ويئي ھئي، سو ٻارنھن سال برابر جھنگ ۾ رلندو وتيو.
ڳوٿريون خورجين سميت اھڙيون مضبوط ٻڌل ھيون، جو
ڪٿي بھ نٿي ڪريون.
انھيءَ اٺ ڪريم کان پڇيو، تھ ”تون ڪيڏي ٿو وڃين؟“
ھن چيو، تھ آئون پنھنجي نصيب جو پھڻ ڳولڻ ٿو وڃان،
انھيءَ لاءِ تھ کانئس پڇان تھ ڇو اءٌ اھڙو غريب ۽
مفلس ٿيو آھيان؟“ اٺ چيس، تھ ”تڏھن ڀلائي ڪري اھو
بھ پھڻ کان پڇجئين، تھ ڇو مون کي سڄا ٻارنھن ورھيھ
ھي ٻھ سون جن ڳوٿريون کڻڻيون پيون، جو اھو سارو
وقت نھ ڪٿي سکيو کاڌو اٿم، نھ پيتو اٿم، نھ ڪٿي
ليٽي آرام ڪيو اٿم.“ڪريم چيو تھ ”چڱو آءٌ اھو
پڇندس.“ پوءِ اڳتي ھلي ھڪڙي وڏي نديءَ وٽ آيو. ھاڻ
اھو فڪر ٿيس تھ پار ڪيئن لنگھان. انھيءَ وقت ھڪڙي
واڳونءَ پاڻيءَ مان مٿو ٻاھر ڪڍي ۽ ھن کان پڇيو،
تھ ”يار مسافر، تون ڪيڏي ٿو وڃين؟“ ڪريم چيو، تھ
”آءٌ پنھنجي نصيب جو پھڻ ڳولڻ ٿو وڃان، انھيءَ
لاءِ تھ کانئس پڇان تھ ڇو آءٌ ھھڙو غريب ۽ مفلس
ٿيو آھيان.“ واڳوءَ چيس، تھ ”آءٌ توکي پار
پھچايان، بشرطيڪ تون انھيءَ پھڻ کان پڇين تھ ھي
ٻارنھن ورھيھ برابر ڇو منھنجي پيٽ ۾ برابر سور
رھندو آيو آھي.“ ڪريم چيو، تھ چڱو، آءٌ اھو
پڇندس.“ تڏھن واڳونءَ ھن کي پنھنجي پٺيءَ تي
ويھاري درياءَ جي ھن ڀر پھچايو.
ڪريم ڪن ڏينھن تائين اڳتي ھليو. نيٺ ھڪڙو شينھن
مليس، جو زمين تي پيو ھو ۽ ھڪڙو وڏو ڪنڊو پير ۾
چڀيو پيو ھوس. ڪريم انھيءَ کي بي آرام ڏسي پڇيس،
تھ ”آءٌ تنھنجو ڪنڊو ڪڍان؟“ شينھن چيو، تھ ”ڀلائي
تنھنجي، پر آءٌ ڀانيان ٿو تھ تون ڪڍي ڪين سگھندين.
آءٌ پنھنجن ڏوھن جي سزا ٿو کاوان. ھڪڙي ڏينھن ھڪڙي
فقير کي ماري کائڻ جي لاءِ مٿس ٽپ ڏنم، جو فقير
بچي ويو ۽ منھنجو پير وڃي ھڪڙي وڏي ڪنڊي تي پيو،
جو زمين ۾ مضبوط کتل ھو. ھي سارو سال انھيءَ عذاب
۾ گذاريو اٿم. جي اھو نھ نڪرندو تھ آءٌ ضرور مري
ويندس.“
ڪريم ويھي ڪنڊي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. گھڻائي مٿا
ھنيائين پر ڪنڊو ڪڍي نھ سگھيو شينھن سور کان
دانھون ڪري چيس، تھ ”ڇڏي ڏينس. شايد انھيءَ سور ۾
مرڻ منھنجي نصيب ۾ لکيل آھي.“ ڪريم چيو، تھ ”آءٌ
پنھنجي نصيب جو پھڻ ڳولڻ ٿو وڃان، انھيءَ لاءِ تھ
انھيءَ کان پڇان تھ ڇو آءٌ ھھڙو غريب ۽ مسڪين ٿيو
آھيان.“ شينھن چيو، تھ ”چڱو ڀلي وڃ، منھنجي سور
لاھڻ جو توکي ڪو رستو ھٿ اچي ۽ انھيءَ کان پڇين.“
باب ٻيو
ڪريم ڪيئن پنھنجو نصيب لڌو
ڪريم وري اڳتي ھلڻ لڳو، ڏاڍي نا اميديءَ ۾ ڳڻتيون
کائيندو پي ويو، تھ ھڪڙي تمام وڏي جھنگ ۾ آيو. چار
ڏينھن انھيءَ ۾ پي ھليو. نيٺ انھيءَ جي وچ ڌاري
ھڪڙي ڍنڍ ڏٺائين، جنھن ۾ ھڪڙو ٻيٽ بھ نظر آيس. پڪ
ٿيس تھ اھوئي ھنڌ آھي، جنھن جو فقير کيس ڏس ڏنو
ھو. ھيڏي ھوڏي نھاريائين، تھ ھڪڙي ننڍڙي ٻيڙي بيٺل
ڏٺائين، جنھن ۾ ونجھھ بھ لڳو پيو ھو. ھو ٻيڙيءَ ۾
ويھي، ونجھھ ھلائي، ٻيٽ تي آيو ۽ چوڌاري پھڻ ڳولڻ
لڳو. سگھو ئي ھڪڙي وڏي ميدان تي اچي بيٺو جتي
گھڻائي پھڻ کتل ھئا. ڪي وڏا ڪي ننڍا. ڪي اڀا بيٺل
۽ ڪي زمين تي ڪريل. اھي ڏسي دل ۾ چيائين، تھ
”منھنجي نصيب جو پھڻ ضرور انھن ڪريلن مان ھڪڙو
ھوندو، تنھنڪري تھ ھھڙو ڪنگال ۽ غريب آھيان.“
پھڻ چتائي نھاري ڏٺائين، تھ سڀ ھڪجھڙا نظر آيس ۽
ڪنھن تي بھ ڪو نالو نشان لکيل ڪونھ ھو. خيال
ڪيائين تھ ھيترو ڪشالو بھ ڪري آيس، پر ھاڻ ڪيئن
پنھنجو پھڻ سڃاڻي سگھندس. انھيءَ ڪري ڏاڍو فڪر ٿيڻ
لڳس.
انھيءَ فڪر ڪندي سج بھ لھي ويو ۽ چنڊ بھ نڪتو.
پھڻن ڏي نھاريندي اوچتو چانڊوڪيءَ ۾ ڏٺائين، تھ
پھڻ تي ڪي اکر لکيل آھن. پاسي ۾ ھڪڙو پھڻ پيل ھو
سو چتائي ڏٺائين، تھ پنھنجو نالو انھيءَ تي ڏسڻ ۾
آيس. خوش ٿي دل ۾ چيائين، تھ ”ھي آھي منھنجي نصيب
جو پھڻ، آءٌ سڌو انھيءَ تي اچي بيٺو آھيان!“ گوڏا
کوڙي اھو پڙھڻ لڳو. ڏاڍي حيرت لڳيس، ڇالاءِ جو
جيڪي حياتيءَ ۾ مٿس ٿي گذريو ھو، سو سڀ انھيءَ ۾
اڳي ئي لکيو پيو ھو، بلڪ سندس اتي اچڻ جو بھ ذڪر
لکيل ھو. پڇاڙيءَ واري سٽ ۾، پنھنجي نصيب جي پھڻ
جو بھ انھيءَ ۾ پڙھيائين. پھڻ جي انھيءَ پاسي ٻيو
ڪي بھ ڪين لکيل ھو. ڀانيائين، تھ آئيندي جو ذڪر
پھڻ جي ھن پاسي لکيل ھوندو. پھڻ سان کڻي اٿلائي،
اھو پاسو پڙھڻ لڳو. انھيءَ ۾ تاڪيد ھو تھ شينھن،
واڳوءَ ۽ اٺ کي ڪيئن مدد ڪري. اِھو بھ پڙھيائين تھ
ھو سگھوئي دولتمند ۽ آسائش وارو ٿيندو.
ايتري ۾ چنڊ اڳڀرو ھليو ۽ پھڻ تي چانڊوڪي پئي نھ
سگھي، تنھنڪري ڪريم وڌيڪ پڙھي نھ سگھيو. دل ۾
چيائين تھ جيڪي ضروري ھو سو پڙھي ڇڏيو اٿم. ايتري
تھ خبر پيم، تھ اڳيان سک جا ڏينھن اٿم. انھيءَ کان
پوءِ جي وري بھ ڪو نڀاڳ لکيل ھوندو، تھ انھيءَ جي
پاڻ جيئن نھ خبر پوي تيئن چڱو، نھ تھ سکيا ڏينھن
بھ ڏک ۾ گذرندا. رات اتي رھي پيو. صبح جو سوير
اڀرئي کان پوءِ، ھو وري بھ ساڳي ٻيڙيءَ تي چھٽي،
ڍنڍ لنگھي پنھنجي وطن ڏي ھليو. پر دل ۾ گھڻو خوش
ھو. سگھو ئي انھيءَ ھنڌ آيو، جتي شينھن کي ڇڏيو
ھئائين. شينھن چيس، تھ ”تون جلد موٽيو آھين،
تنھنجو چھرو خوشيءَ جھڙو آھي. ڀانئجي ٿو تھ تنھنجو
نصيب ھاڻ چڱو ٿيڻو آھي. منھنجي لاءِ ڪا خوشخبري
اٿئي؟“ ڪريم چيو، تھ ”ھائو، ھاڻ وري مون کي پنھنجو
پير ڏيکار.“ شينھن اھو پير ڊگھو ڪري ڏنس، جنھن ۾
ڪنڊو لڳل ھو. ڪريم اھو کوٽي کوٽي، ان جو ڇيڙو ظاھر
ڪيو. پوءِ جھڪي ڏندن سان جھلي، ڇڪي ڪڍي ورتائين، ۽
زور ڏئي پونءِڪڍي ڇڏيائينس. شينھن جو سور لھي ويو
۽ ھو سندس ڏاڍو احسانمند ٿيو. چيائينس، تھ ”ھاڻ
منھنجي غار ۾ ھل. اتي ڪيترائي عمدا جواھر پيا آھن.
ھل تھ اھي توکي ڏيان.“
ڪريم شينھن سان گڏجي سندس غار ڏي ويو. اتي برابر
جواھر پيا ھئا. اھي ھن شينھن جي چوڻ موجب ميڙي
ڪپڙي ۾ ٻڌا. پوءِ شينھن جي شڪر گذاري ڪري موڪلائي
اڳتي ھليو. سگھوئي وري انھيءَ نديءَ تي آيو، جتي
سندس لاءِ واڳو منتظر ويٺو ھو. انھي پڇيس، تھ
”منھنجي پيٽ جي سور جي ڪا خبر پيئي؟“ ڪريم چيو تھ
”ھائو، تنھنجي پيٽ ۾ ھڪڙي وڏي لعل آھي، جا پاڻي
پيئندي ڳھي ويو ھئين، جا ڳري نٿي ۽ انھيءَ ڪري
توکي سور ٿئي ٿو. جي اھا ڪڍي ڇڏيندين تھ سور لھي
ويندئي.“ تنھن تي واڳو مٿا ھڻي اھا لعل ڪڍي ڇڏي،
تڏھن ھن جو سور بھ لھي ويو. ڪريم کي چيائين، تھ
”ھيءُ لعل تمام قيمتي آھي. اِھا تنھنجو انعام
آھي.“ ڪريم اھا قابو ڪئي ۽ واڳونءَ جو شڪر بجا
آڻي، اڳتي ھليو، ۽ واڳونءَ اڳي وانگر ھن کي پاڻ تي
چاڙھي درياءَ جي ھن ڀر آندو. ٿوري پنڌ کان پوءِ
وري اٺ وٽ آيو. انھيءَ ڏسي چيس، تھ”مون تنھنجي واٽ
پئي ڏٺي آھي. نصيب جي پھڻ مان ڪا توکي خبر پئي، تھ
ھي بار مون تان ڪيئن لھندو؟“ ڪريم چيو، تھ ”ھائو.
تون ويھي رھھ تھ آءٌ تنھنجو بار کوليان. اٺ ائين
ڪيو ۽ ڪريم اھي مضبوط ٻڌل رسا کولي، سون جون ٻئي
ڳوٿريون خورجين مان ڪڍيون. تڏھن اٺ ساھھ پٽيو، ۽
چوڻ لڳو تھ ”ڀلائي تنھنجي. ھينئر آءٌ ھلڪو ٿيو
آھيان، ۽ کائي پي ۽ ليٽي سگھان ٿو. ھاڻ اھي
ڳوٿريون وري بھ خورجين ۾ وجھي منھنجي پٺيءَ تي رک،
تھ اِھي ھلي تنھنجي گھر لاھيان. پوءِ وري اچي آءٌ
ھتي جھنگ ۾ رھندس ۽ خوشيءَ سان گذاريندس“
ڪريم ائين ڪيو. اٺ اِھي ڳوٿريون کڻي ھن جي گھر
تائين آيو. اتي ڪريم اھا خورجين لاھي اٺ کي موڪل
ڏني، جو ھو موٽي پنھنجي جوءِ ۾ آيو. ڪريم جي زال ۽
ٻار ھيتري دولت ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا، ۽ باقي حياتيءَ
جا ڏينھن ڏاڍي سک ۾ گذارڻ لڳا.
***
|