باب پھريون
1- شھزادي قدم برگ
شھزادي، شھزاديءَ کي ڪيئن ڏٺو
ڪنھن ملڪ ۾ ھر سال ھڪڙو ميلو لڳندو ھو. چوڌاري پري
پري کان ماڻھو ايندا ھئا، بلڪ شھزادا، راجا، نواب
۽ بادشاھھ بھ ايندا ھئا.
ھڪڙي سال ھڪڙي وڏي نواب پنھنجي ڌيءَ کي بھ انھيءَ
ميلي ڏسڻ لاءِ آندو. ھن جي تنبوءَ جي اڳيان ھڪڙو
ٻيو تنبو اچي کتو. اھو ھڪڙي ٻئي نواب جو ھو، جنھن
سان سندس پٽ بھ ھو. انھيءَ نواب جو پٽ تمام
خوبصورت ۽ جوان ھو ۽ ھن نواب جي ڌيءَ بھ جوان ۽
ڏاڍي حسين ھئي.
انھيءَ نواب جي پٽ ۽ ھن نواب جي ڌيءَ جي اڳي پاڻ ۾
ڪا بھ واقفيت ڪانھ ھئي. ھڪ ٻئي جا نالا ئي نھ
ايندا ھئن. رڳو پري کان ھڪ ٻئي کي پيا ڏسندا ھئا،
جڏھن ٻيو ڪونھ ڏسندو ھو، تڏھن نواب جي ڌيءَ پٺيان
پردي مان جھاتي وجھي، نواب جي پٽ کي ڏسندي ھئي. جو
اوڏيءَ مھل ميلي تي گھمڻ لاءِ ويندو ھو. نواب جو
پٽ بھ ساڳي طرح ھن کي جھاتيون پائي ڏسندو ھو، ۽
ٻئي ھڪ ٻئي کي ڏسي، ھڪ ٻئي جي سونھن جي تعريف ڪندا
ھئا.
اھڙيءَ طرح ھڪٻئي جي آمھون سامھون سارو مھينو رھيا
پيا ھئا، اھو سارو وقت ھنن ھڪٻئي سان ڪين ڳالھايو.
نڪي ھڪٻئي بابت ڪنھن ٻئي سان ڳالھايائون. باقي
ھڪٻئي بابت سو پنھنجي دل ۾ خيال پيا ڪندا ھئا.
مھيني کان پوءِ شھزاديءَ جي پيءُ پنھنجي ملڪ ڏي
موٽڻ جو ارادو ڪيو. جوان شھزادي پنھنجي تنبوءَ مان
ويٺي ڏٺو، تھ نوڪر انھيءَ شھزاديءَ جي پالڪي پيا
تيار ڪن. جڏھن شھزادي سنبري سھي پنھنجي تنبوءَ کان
ٻاھر نڪتي، تڏھن سندس ھٿ ۾ ھڪڙو گلاب جو گل ھو. ھن
جوان شھزادي ڏي نھاري، گل کڻي پنھنجن ڏندن ۾
جھليو. پوءِ کڻي پنھنجي ڪن جي پٺيان ھنيائين. پوءِ
وري اھو پنھنجي پيرن تي کڻي رکيائين. اھو سڀ جوان
شھزادي پنھنجي تنبوءَ مان چتائي ويٺي ڏٺو. پوءِ
ھوءَ پنھنجي پالڪيءَ ۾ چڙھي ويٺي ۽ نوڪر پالڪي کڻي
اٿي ھليا.
شھزادو ڏاڍو غمگين ٿيو. شھزاديءَ جو حسن ۽ جمال دل
تان لٿس نٿي. اھا خبر نھ ھيس، تھ ھن جو نالو ڇا
آھي، يا ڪھڙي شھر ۾ ٿي رھي. تنھنڪري ھن کي ڳولي
لھڻ جي اميد ڪانھ ھيس.
ٻئي ڏينھن ھو بھ پنھنجي پيءُ سان گڏ پنھنجي ملڪ ڏي
ويو. جڏھن گھر پھتو تڏھن منھن ويڙھي، بيمارن وانگي
ھنڌ ۾ پئجي رھيو، ۽ رات ڏينھن انھيءَ حال ۾ پيو
ھو، نڪي کاڌائين ٿي نڪي پيتائين ٿي. انھيءَ ڪري ھن
جي ماءُ پيءُ کي ڏاڍي ڳڻتي ٿيڻ لڳي. ھنن پڇيس تھ
”ابا توکي ڇا ٿيو آھي؟ ڪي گھرجئي ڇا؟ بيمار آھين
ڪيئن؟ طبيب کي گھرايون؟“ پر شھزادي ورندي ڏني تھ
”نھ نھ، مون ڪي بھ ڪين گھرجي.مون کي طبيب ڪونھ
گھرجي. مون کي اڪيلو ڇڏي ڏيو.“ ھن پنھنجي دل جو
حال اصل ڪنھن کي نھ ڏنو ۽ نھ ھن خوبصورت شھزاديءَ
جو ڪنھن سان ذڪر ڪيائين.
ڪوٽوال جو پٽ انھيءَ شھزادي جو گھاٽو يار ھو. ھو
مڪتب ۾ گڏ پڙھند ھئا ۽ گڏ راند ڪندا ھئا. شڪار تي
بھ گڏ ويندا ھئا. جڏھن شھزادو ٻھ ٽي ڏينھن اندر
محلات ۾ رھي پوندو ھو، ۽ ٻاھر نھ ويندو ھو، تڏھن
ڪوٽوال جو پٽ ڏاڍو بي آرام ٿيندو ھو. انھيءَ ڀيري
بھ ھو دل ۾ چوڻ لڳو تھ ”شھزادي کي ٻھ ڏينھن ٿيا
آھن، تھ ٻاھر نھ نڪتو آھي، خبر ناھي تھ ڪھڙو سبب
آھي. شايد بيمار آھي. بھتر آھي تھ وڃي سندس پڇا
ڪريان.“
اھو سوچي شھزادي کي ڏسڻ لاءِ ويو. ھن کي شھزادي وٽ
وٺي ويا، جو ھنڌ تي پيو ھو. ڪوٽوال جي پٽ پڇيس تھ
”يار ڪھڙو حال آھي؟ بيمار آھين ڇا؟“ ھن ورندي ڏني
تھ”نھ، ڪي بھ ڪين آھي.“ ڪوٽوال جي پٽ چيو تھ ”ڪي
تھ ضرور آھي. مون کي پنھنجو حال ڏي. شايد آئون
توکي مدد ڏئي سگھان.“
باب ٻيون
ڪيئن شھزادو ۽ سندس يار، شھزاديءَ جي ڳولا لاءِ
وڃن ٿا
نيٺ شھزادي چيو تھ ”يار، گذرلي ميلي تي ھڪڙو نواب
آيو ھو، جنھن سان ھڪڙي خوبصورت ڌيءَ ھئي. ھنن جو
تنبو بھ اسان جي تنبوءَ جي آمھون سامھون ھو،
تنھنڪري اسين ڏھاڙي ھڪٻئي کي پيار سان ڏسندا
ھئاسين. ھاڻ منھنجي دل ٿي چوي تھ وري ان کي ڏسان،
پر مون کي نڪي ھن جو نالو ٿو اچي، نھ سندس پيءُ جو
۽ نھ سندن رھڻ جي جاءِ جو، ڪيئن ھن کي ڳولي لھندس
۽ ڏسندس؟“
ڪوٽوال جي پٽ چيس تھ ”ڇو نھ ڳولي لھنداسين؟ دلجاءِ
ڪر. اٿي وھنجي ڪپڙا ڍڪ.“ شھزادي چيو تھ ”ڪيئن ڳولي
لھنداسين، جڏھن اسان کي ھن جي نالي ۽ نشان جي خبر
ڪانھي.“ ڪوٽوال جي پٽ پڇيو تھ ”ھن توسان ڪڏھن ڪي
ڳالھايو بھ؟“ شھزادي چيو، ”اصل نھ، پر جڏھن نڪري
پالڪيءَ ۾ چڙھڻ ٿي ويئي، تڏھن سو ھڪڙو گلاب جو گل
ھٿ ۾ کڻي، پوءِ ڏندن ۾ جھلي، وري کڻي ڪن جي پٺيان
رکيائين. پوءِ وري اھو کڻي پيرن تي رکيائين.“
تڏھن ڪوٽوال جي پٽ چيو: ” ھن ويچاريءَ توکي پنھنجو
نالو نشان ڏئي ڇڏيو آھي.“ شھزادي چيو تھ ”مون کي
بلڪل ڪونھ ٻڌايائين. ھڪڙو اکر بھ ڪونھ
ڳالھايائين.“ ڪوٽوال جي پٽ چيو تھ ”برابر توسان
ڳالھايائين ڪين، مگر اشارن سان توکي سڀڪجھھ
چيائين، جڏھن گل ڏندن ۾ جھليائين، تڏھن توکي ڄڻ تھ
ٻڌايائين، تھ منھنجي پيءُ جو نالو ”دندان بيگ“ آھي
(دندان يعني ڏند). جڏھن وري ڪن تي رکيائين، تڏھن
توکي ڄڻ تھ چيائين، تھ منھنجي رھڻ جو ھنڌ ”گوشپور“
آھي (گوش يعني ڪن). وري جڏھن گل پيرن تي رکيائين،
تڏھن توکي خبر ڏنائين، تھ منھنجو نالو ”قدم برگ“
آھي (يعني پيرن جو پن). ھاڻ دلجاءِ ڪر اٿ، وھنج،
ڪپڙا تبديل ڪر، اٿي کائي پي خوش ٿي. انشاءالله،
ھلي انھيءَ شھزاديءَ کي ڳولي ھٿ ڪنداسين.“
ھن دلاسي تي شھزادو ڏاڍو خوش ٿيو. ٽپ ڏئي اٿيو ۽
وھنجي سھنجي، ڪپڙا ڍڪي، تيار ٿيو. پوءِ پيءُ ماءُ
کي وڃي چيائين تھ ” مون کي ڪن ٿورن ڏينھن تائين
موڪل ڏيو، تھ پنھنجي دوست سان گڏجي وڃي گشت ڪري،
ھوا کائي اچان.“ ھو ھن کي اھڙو خوش ڏسي، ڏاڍا سرھا
ٿيا، پر ھنن جي مرضي نھ ھئي تھ ڪنھن پاسي وڃي، تن
چيس تھ ”ابا، تون اڃا مس بيماريءَ مان اٿيو آھين.
جڏھن ٿورو زياده سگھو ٿين، تڏھن ڀلي وڃ.“ پر ھن
چيو تھ ”ھاڻ آئون گھڻو بھتر آھيان، ۽ ٻاھر ھوا
کائڻ ڪري بلڪل چڱو ڀلو ٿيندس.“ نيٺ ھنن موڪل ڏنيس،
۽ سندس دوست ڪوٽوال زادو، ۽ چار نوڪر گوشپور ڏي
روانا ٿيا.
شھر پڇائيندا، نيٺ ھو اتي اچي پھتا. ڪنھن ماڻھوءَ
کان پڇيائون، تھ ”ھن شھر جو نالو ڇا آھي؟“ انھيءَ
چين تھ ”گوشپور“. ھنن پڇيو، تھ ”ھتي جي بادشاھھ جو
ڪھڙو نالو آھي؟“ ھن چيو تھ ”بادشاھھ دندان بيگ“.
تڏھن ھي ٻئي دوست خوش ٿيا. جڏھن وڃي ويجھا ٿيا،
تڏھن ھڪڙيءَ ڪراڙيءَ زال جو گھر ڏٺائون. اھا در تي
بيٺي ھئي. انھيءَ کي ھنن چيو تھ، ”اسان مسافرن کي
ڪي ٿورا ڏينھن پاڻ وٽ رھڻ ڏينديئن؟“ ھن چيو تھ
”ابا ڀلي رھو. آئون اڪيلي آھيان ۽ جاءِ گھڻي آھي.“
ٻن ٽن ڏينھن کان پوءِ ڪوٽوال جي پٽ ٻڍيءَ کي چيو،
تھ ”ڏاڏي، اوھان جي بادشاھھ کي ڪا ڌيءَ آھي؟“ ھن
ورندي ڏني تھ ”ھائو ابا، اٿس. انھيءَ جو نالو ”قدم
برگ“ آھي.“
ھن وري پڇيس، تھ ”تو ڏٺي آھي؟ وٽس ويندي بھ آھين،
ڪي نھ؟“ ھن چيو تھ ”ھائو ابا، آئون وٽس ويندي
آھيان. آءٌ اڳي سنديس دائي ھيس. انھيءَ ڪري
بادشاھھ مون کي ھي گھر ٺھرائي ڏنو ھو. مون کي
ڏھاڙي اتان کاڌو ملندو آھي. ڪپڙو گندي بھ ملندو
رھندو اٿم.“ ڪوٽوال جي پٽ چيس تھ ”تڏھن ڏاڏي وڃي
چئينس، تھ جنھن شھزادي کي ميلي ۾ تو پاڻ وٽ ٿي
سڏيو، سو ھتي آيو آھي.“
باب ٽيون
ڪيئن شھزاديءَ جو ڪوٽوال جي پٽ سان وير پوي ٿو
ٻڍي زال محلات ۾ وڃي، شھزاديءَ کي ٻڌايو، تھ ”ڪو
ماڻھو تنھنجي ڏسڻ لاءِ آيو آھي.“ شھزاديءَ پڇيس،
تھ ”دائي، اھو ڪير آھي؟ ھن چيو تھ ”جنھن شھزادي کي
ميلي ۾ تو سڏيو ھو.“ تنھن تي شھزادي ڏاڍي خوش ٿي،
چيائينس تھ ”آءٌ انھيءَ سان ڳالھائڻ ٿي گھران. تون
اڄ اڌ رات ڌاري پاڻ سان وٺي اچجئينس. جي ھو سچي
پچي اھڙو چڱو ھوندو، جھڙو ڏسجي ٿو، تھ بابي کي
ساڻس شادي ڪرڻ لاءِ چونديس.“
ٻڍي دائي موٽي وئي، ۽ وڃي پنھنجن مھمانن کي حال
ڏنائين. انھيءَ رات شھزادو دائيءَ سان گڏجي محلات
۾ ويو، ۽ ڪلاڪ کن شھزاديءَ سان گفتگو ڪيائين. پوءِ
بھ ٽي چار راتيون برابر ھو انھيءَ طرح ويندو رھيو.
سگھو ئي ھنن جي پاڻ ۾ نھايت گھڻي محبت پيدا ٿي.
ھڪڙيءَ رات شھزاديءَ پنھنجي ماءُ کي سڏي، اھو
شھزادو ڏيکاريو. ھوءَ بھ انھيءَ کي ڏسي خوش ٿي، ۽
نواب وٽ وٺي ويس ۽ ساري ڳالھھ ڪري ٻڌايائينس. نواب
ھن جي شاديءَ جي منظوري ڏني، ۽ ضروري تياريءَ بعد
ھنن جي شادي ٿي. شاديءَ کان پوءِ شھزادو نواب جي
محلات ۾ رھڻ لڳو، ۽ ڪوٽوال جو پٽ انھيءَ ٻڍيءَ زال
جي گھر ۾ رھندو آيو.
مھينو کن انھيءَ طرح گذري ويو، پر ڪوٽوال جي پٽ
شھزادي جو منھن نھ ڏٺو، ۽ نھ شھزادي کي ٻاھر وڃڻ
جو وجھھ ئي مليو. البت بي آرام ٿيڻ لڳو. شھزاديءَ
پڇيس، تھ ”تون اھڙو غمگين ڇو ٿو ڏسجين؟“ ھن چيو،
تھ ”سارو مھينو مون پنھنجي دوست کي نھ ڏٺو آھي،
تنھن ڪري ملول ٿيو آھيان. منھنجي مرضي آھي، تھ وڃي
ھن سان گڏجي اچان.“
شھزاديءَ قدمبرگ چيس تھ ”ڀلي وڃي ڏسينس.“ ان موجب
شھزادو ٻڍيءَ دائيءَ جي گھر ويو ۽ سڄو ھفتو اتي
رھي پيو، پوءِ وري پنھنجي زال وٽ آيو، شھزادي ڏاڍي
ڪاوڙي، ڇالاءِ جو ڀانيو ھو، تھ مڙسس پنھنجي دوست
وٽ ٽڪي ٽڪي، ھڪڙو ڏينھن ٽڪندو. ۽ چيائينس تھ
”تنھنجيءَ دل ڪيئن چيو، تھ سڄو ھفتو مون کي ڇڏي
ڏين؟“ ھن ورندي ڏني، تھ ”مون پنھنجي دوست کي سڄو
مھينو نھ ڏٺو ھو، تنھن ڪري ھن وٽ زياده ڏينھن
گذاريم.“
شھزاديءَ مڙس کي پنھنجي ڪاوڙ نھ لکائي، ايترو جو
دل ۾ پڪ ڄاتائين، تھ ”ھي پنھنجي دوست کي مون کان
وڌيڪ پيار ٿو ڪري.“ شھزادو ٻيو مھينو بھ محلات ۾
رھي پيو. پوءِ وري زال کي چيائين، تھ ”ھاڻ وڃي
دوست کي ڏسي اچان تھ چڱو.“ تڏھن شھزادي رنج ٿيڻ
لڳي، مگر مڙس کي رڳو ايترو چيائين، تھ چڱو، ڀلي
وڃي ڏسي اچينس. پاڻ آءٌ توکي ڪا عمدي مٺائي
ڏينديس، سا پنھنجي دوست کي سوکڙي ڪري وڃي ڏجئين.“
پوءِ وڃي محنت ڪري مٺائي ٺاھيائين، جنھن ۾ ڪا اھڙي
دوا وڌائين، جا ڪوٽوال جي پٽ کي بيمار ضرور ڪري .
دل ۾ اھو ويچار ڪيائين، تھ جي بيمار ٿيندو تھ
پاڻھئي ڳوٺ ھليو ويندو، ۽ پوءِ منھنجو مڙس ھن کي
وساري ويھي رھندو، ۽ سارو وقت مون وٽ گذاريندو، ۽
ھن جي ڳڻتي ۽ بي آرامي نھ ٿيندس.
جڏھن مٺائي جوڙي تيار ڪيائين، تڏھن اھا عمدي ڪپڙي
۾ ويڙھي مڙس کي ڏنائين، جو اھا پنھنجي دوست وٽ کڻي
ويو ۽ ٻڌايائينس ، تھ ”ھيءَ مٺائي منھنجي زال
پنھنجي ھٿن سان، تنھنجي لاءِ جوڙي آھي، ۽ انھيءَ
توکي دعائون بھ ڏنيون آھن.“
ڪوٽوال جي پٽ في الحال تھ مٺائي رکي ڇڏي، ۽
شھزادي کي چيائين، تھ ”ھينئر ويھھ تھ ويھي ڳالھيون
ڪريون، آءٌ پاڻھئي پوءِ مٺائي کائيندس.“ پوءِ ويھي
پاڻ ۾ رھاڻيون ڪيائون.
* |