سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: شهزادي قدم برگ

ڪهاڻي: 2

باب:2

صفحو :4

باب:2

ڪيئن جنڪش حسينا جو نوڪر ٿئي ٿو

 

ڪن ورھين کان پوءِ جڏھن شھزادو جنڪش وڏو ٿيو، ۽ قدآور ۽ بھادر جوان ٿيو، تڏھن ماءُ کي چيائين، تھ ”اما، مو کي موڪل ڏي، موٽي پنھنجي پيءُ جي ملڪ وڃان، ۽ جاچ ڪري معلوم ڪريان، تھ مونکي ۽ توکي ڪير آڏو ڦريو.“ پر ماڻس موڪل نھ پئي ڏنيس. نيٺ ھن جي گھڻي چوڻ تي موڪل ڏنائينس. جنڪش انھيءَ شھر ۾ ويو ۽ محلات تائين بھ آيو. انھيءَ مھل حسينا دريءَ مان ٻاھر پئي نھاريو. حسينا انھيءَ کي پري کان ڏسي دل ۾ چيو، تھ ”ھي ماڻھو مھانڊن ۾ بلڪل ياقوت شاھھ جھڙو آھي. پڪ آھي تھ انھيءَ جو پٽ جنڪش آھي، جو شايد وڌي وڏو جوان ٿيو آھي. شڪ ناھي تھ مون کان وير وٺڻ آيو آھي.“ اھو خيال ڪري ڏڪي وئي. ھڪڙي نوڪر کي چيائين، تھ ”وڃي ھن ماڻھوءَ کان پڇ، تھ ڪھڙي ڪم لاءِ آيو آھي؟“ نوڪر وڃي ھن کي چيو، تھ ”راڻي حسينا ٿي پڇي، تھ تون ھتي ڪھڙي ڪم آيو آھي؟“ جنڪش چيو، تھ ”راڻي حسينا؟ بادشاھھ جي راڻي تھ گلبدن بيگم ھوندي ھئي.“ نوڪر چيو، تھ ”برابر، پر انھيءَ کي گھڻا ڏينھن ٿيا، جو نڪري وئي، ڇا لاءِ جو ھوءَ جنن ۽ ديون جي قوم مان ھئي، ۽ خراب زال ھئي.“ جنڪش دل ۾ چيو، تھ ”مون کي ننڍي ھوندي جون ڳالھيون ياد ٿيون پون، تھ حسينا منھنجي ماءُ کي تڪليف رسائي ھئي.“ نوڪر ھن کان وري بھ پڇيو، تھ ”توکي ڇا گھرجي، ٻڌاءِ“ ھن چيو، تھ ”مون کي بادشاھھ وٽ ڪا نوڪري گھرجي.“

جڏھن حسينا اھو جواب ٻڌو، تڏھن خوش ٿي ۽ سڏي چيائينس، تھ ”اسان کي تو جھڙي ھمت ڀرئي جوان جي گھرج آھي. جي آءٌ توکي پاڻ وٽ رکان، تھ جيڪي چوئين سو تون ڪندين، پوءِ ڪھڙو بھ مشڪل ڪم ھجي؟“ ھن چيو، تھ ”آءٌ بيشڪ ڪندس، خدا مون کي جھجھو زور ڏنو آھي.“ تڏھن حسينا چيو، تھ ”چڱو، تون ھاڻ منھنجو نوڪر ٿئين. ھاڻ مون کي ٿورو گلاب جو پاڻي گھرجي، سو آڻي ڏي.“ جنڪش چيو، تھ ”اھو تھ آسان ڪم آھي.“ راڻيءَ حسينا چيو، تھ ”جيڪو گلاب آءٌ ٿي گھران، سو آڻڻ آسان نھ آھي. منھنجو گلاب جنن جي راڻي جوڙيندي آھي. جڏھن آءٌ ماڻھو موڪلي گھرائيندي آھيان، تڏھن ھوءَ موڪلي ڏيندي آھي. تون ڊڄ نھ. جن ۽ ديو برابر بدشڪل ٿيندا آھن، پر منھنجي ماڻھوءَ کي ايذاءُ ڪونھ پھچائيندا. آءٌ توکي ھڪڙو خط ڏينديس. اھو جنھن جن کي ڏيکاريندين، سو توکي مدد ڏيندو.“

جنڪش شھزادي چيو، تھ ”آءٌ ڪين ڊڄندس، آءٌ وڃي گلاب وٺي ايندس، مون کي خط ڏيو.“ حسينا ويھي ھڪڙو خط جنن جي راڻيءَ ڏي لکيو. جا درحقيقت سندس ماءُ ھئي. انھيءَ ۾ لکيائين، تھ ”جڏھن ھي جوان ماڻھو اوھان وٽ اچي، تڏھن ھن کي ماري ھڪدم کائي کپائي ڇڏجو.“

اِھو خط جنن جي ٻوليءَ ۽ اکرن ۾ لکيل ھو، تنھنڪري شھزادو جنڪش اھو پڙھي نٿي سگھيو. حسينا اھو خط ڏئي چيس، تھ ”ھاڻ وڃ، ۽ گلاب وٺي تمام جلد موٽ، تھ آءٌ توکي ٽي سپرون مھرن جون ڀري انعام ڏينديس.“ شھزادو انھيءَ خوفناڪ سفر تي نڪتو، ۽ سگھو ئي انھيءَ نديءَ تي وڃي پھتو، جا ماڻھن جي ملڪ ۽ جنن جي ملڪ جي دنگ تي ھئي. ھيڏي ھوڏي ڳولا ڪرڻ سان، ھڪڙي ننڍڙي ٻيڙي بيٺل ڏٺائين، جا ڪنھن وڏي بُنڊ مان ڪوري، انھيءَ کي پورو ڪري ٺاھي ھئائون. انھيءَ تي ويھي ڳن ڏيئي وڃي ھن ڀر پھتو. وري بھ ھيڏي ھوڏي ڳولا ڪري، ھڪڙي وڏي عمارت ۽ عمدي باغ وٽ آيو. باغ ۾ لنگھي ويو تھ ماڻھو ڪونھ ڏسڻ ۾ آيس. تڏھن انھيءَ وڏي جاءِ ۾ گھڙي ويو. اتي ڏسي، تھ ھڪڙي عمدي ھنڌ تي، ھڪڙي خوبصورت شھزادي سونھري رنگ جي وڏن وارن سان، ليٽي پئي آھي. انھيءَ جو نالو شھزادي ”گيسو طلائي“ ھو. جنڪش کي ڏسي، اھا ڇرڪ ڀري اٿي ۽ رڙ ڪري چوڻ لڳي، تھ ”تون ڇو ھتي آيو آھين؟ توکي خبر ڪانھي، تھ ھتي ھڪڙو وڏو ديو ٿو رھي؟ اھو توکي ڏسندو، تھ کائي ويندو.“ جنڪش چيو، تھ آءٌ راڻي حسينا وٽان گلاب آڻڻ جي لاءِ آيو آھيان. مون وٽ سندس خط آھين“

انھيءَ شھزاديءَ چيو، تھ ”اھو خط ڏسان، پر پھرين مون کي اٿار.“ جنڪش چيو، تھ ڪيئن اٿاريئين؟“ ھن چيو تھ ”جيڪو لڪڻ منھنجي پيرانديءَ کان پيو اھي، سو کڻي آڻي منھنجي سيرانديءَ رک تھ پاڻھئي اٿنديس.“

جنڪش ائين ڪيو تھ اھا شھزادي اٿي. اھو لڪڻ جادو جو ھو، ديو رکي ويو ھو، تھ متان اھا شھزادي ڪيڏي نڪري ڀڄي نھ وڃي، اھا ”الماس شاھھ“ بادشاھھ جي ڌيءَ ھئي، جا ھڪ ديو ھڪڙي ڏينھن سندس باغ مان چورائي کڻي آيو ھو، ۽ اتي آڻي بند ڪيو ھئائينس.

شھزاديءَ گيسوئي طلائي چيو، تھ ”ھاڻ مون کي اھو ڏيکار.“ شھزادي جنڪش اھو خط ڏنس. اھا شھزادي جنن جي ٻولي لکڻ پڙھڻ سکي ھئي، تنھن اھو خط پڙھي چيو، تھ ”راڻي حسينا ڪھڙي نھ خراب زال آھي! جنن کي لکيو اٿس، تھ توکي ماري کائي کپائي ڇڏين. ھاڻ آءٌ توکي ٻيو خط ٿي ڏيان، جو توکي ڪمائتو ٿيندو.“

شھزاديءَ اھو خط ڦاڙي ناس ڪري ڇڏيو، ۽ ٻيو خط لکي تيار ڪيائين، جنھن ۾ لکيائين، تھ ھن ماڻھوءَ جي سنڀال ڪجو. گلاب جي ھڪڙي وڏي ٻاٽلي ڏيئي جلد روانو ڪجوس. نظر ڪجوس تھ ڪو ايذاءُ نھ رسيس.

شھزادي جنڪش، شھزاديءَ گيسو طلائي جي شڪر گذاري ڪئي. شھزادي تھ وري ھنڌ تي سمھي پئي، ۽ جنڪش اھو جادوءَ وارو لڪڻ وري سندس پيرانديءَ کان رکي ڇڏيو. ٻاھر نڪتو تھ پري کان ھڪڙو وڏو ديو ڏسڻ ۾ آيس. جڏھن ھن خط ڏيکاريس، تڏھن شھزادي کي راڻيءَ وٽ وٺي ويو. راڻيءَ گلاب ڏئي وري حسينا راڻيءَ ڏي روانو ڪيس.

جڏھن جنڪش اھو گلاب آڻي حسينا کي ڏنو، تڏھن ھوءَ ڏاڍي ڪاوڙي. پر في الحال ڪاوڙ لڪائي، انجام موجب ٽي سپرون مھرن جون ڀري ڏنائينس، ۽ چيائينس، تھ ”ھفتي کن جي اندر وري مون وٽ اچجئين، تھ وري توکي ڪنھن ٻئي ڪم سان موڪلينديس.“ جنڪش اھي پيسا کڻي ماءُ وٽ ويو، جا ھن کي ڏسي خوش ٿي. شھزادي چيس، تھ ”امان ڏس، اھي سڀ پيسا مون ھن بد ذات حسينا مان ڪڍيا آھن. ھاڻ تون چڱي گھر ۾ آسودي ٿي رھي سگھندينءَ. آءٌ وري ڏانھس ٿو وڃان. منھنجي ڪوشش آھي تھ بابي کي ثابت ڪري ڏيکاريان، تھ ھوءَ ڪھڙي نھ خراب ۽ بدنيت زال آھي.“ ماڻس چيو، تھ ”ٻچا ڌيان ڪجئين، جن ۽ ديو ڏاڍا زور ڀريا ۽ ظالم ٿيندا آھن.“ جنڪش وري بھ محلات ۾ ويو. ھڪڙي ڏينھن راڻيءَ حسينا سڏائي چيس، تھ ”سڀاڻي تون وري ديون جي ملڪ وڃجئين. مون کي راڻيءَ واري گلاب جي وڻن جي گلن جو گلدستو گھرجي.“ جنڪش چيو، تھ حاضر آءٌ ويندس.“ راڻيءَ چيو، تھ ”جڏھن موٽي ايندين، تڏھن چئن سپرن جيتريون مھرون ڏينديسئين. ٻيو خط بھ لکي ڏيئين ٿي جو ديون کي ڏيکارج، تھ توکي ڪوبھ نقصان نھ رسائيندا.“

ھن ڀيري حسينا خط ۾ لکيو، تھ ”ھن جوان ماڻھوءَ کي ماري کائي ڇڏي جو. جي ائين نھ ڪندؤ ۽ ھي وري سلامت مون وٽ ايندو ، تھ آءٌ ڏاڍي ڪاوڙبيس.“

جنڪش اڳي وانگي حد واري ندي لنگھي ديون جي ملڪ ۾ ويو. دل ۾ چيائين، تھ پھرين آءٌ شھزادي گيسوئي طلائي کي وڃي ڏسندس. اھا مون کي ٻڌائيندي تھ ھن خط ۾ ڇا لکيل آھي.“

اھا شھزادي اڳي وانگي ھنڌ تي ليٽي پئي ھئي. جڏھن جنڪش پيرانديءَ وارو لڪڻ کڻي سيرانديءَ رکيو، تڏھن ھوءَ اٿي ۽ پڇائينس، تھ ڇو وري ھنن ديون جي ملڪ ۾ آيو آھين؟ ڊپ ڪونھ ٿو ٿيئي؟“ جنڪش چيو تھ ”ڊپ ڇونھ ٿو ٿئيم، پر لاچار آھيان. آءٌ ھن خراب زال حسينا جو نوڪر آھيان، ۽ ھن جي خدمت ڪرڻ سان ئي ھن تي فتحمند ٿي سگھندس.“ پوءِ سڄي ڳالھھ ڪري ٻڌايائينس، ۽ چيائينس، ”منھنجي ڪوشش اھا آھي، تھ پنھنجي پيءُ ياقوت شاھھ کي ڏيکاريان، تھ حسينا ڪھڙي نھ بدنيت ۽ خراب زال آھي!“

شھزاديءَ گيسوئي طلائي چيو، تھ ”چڱو، ھاڻ مون کي اھو خط ڏيکار، آءٌ ڀانيان ٿي تھ مون کي انھيءَ جي بدران وري ٻيو خط لکڻو پوندو.“ جڏھن ھن اھو خط پڙھيو، تڏھن اھو ڦاڙي ھن کي چيائين، تھ ”انھيءَ سان تون وري ڪڏھن بھ صحيح سلامت نھ موٽين ھا. ڪو ديو توکي کائي کپائي ڇڏي ھا.“ پوءِ وري ديون جي ٻوليءَ ۾ ٻيو خط لکيائين، جنھن ۾ لکيائين، تھ ”ھن جوان ماڻھوءَ کي ڀلائي ڪري راڻيءَ جي باغ جو رستو ڏيکارجو، ۽ راڻيءَ جي خاص گلاب واري وڻ جي سونن گلن جو، ھڪڙو گلدستو ھن کي ڏئي وري صحيح سلامت مون ڏي اماڻجو.“

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com