سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: شهزادي قدم برگ

ڪهاڻي: 2

باب:1

صفحو :3

باب پھريون

2- شھزادو جّن ڪش

 

جنڙي ڪيئن راڻي ٿي

 

ڪنھن زماني ۾ ھڪڙو بادشاھھ رھندو ھو، جنھن جو نالو ”ياقوت شاھھ“ ھو. ھن کي ھڪڙي خوبصورت راڻي ھئي، جنھن جو نالو ھو ”گلبدن بيگم“ انھيءَ کي ھڪڙو خوبصورت پٽ بھ ھو.

جنھن وقت اھو شھزادو اڃا تازو ڄائو ھو، تنھن وقت ھڪڙو ڪرامت وارو فقير، جنھن جو نالو ”شيخ فريد“ ھو، سو انھيءَ شھر ۾ اچي نڪتو. انھيءَ جو ٻڌي، ياقوت شاھھ پنھنجو وزير موڪلي، فقير کي پنھنجي محلات ۾ آڻايو. شيخ فريد محلات ۾ ويو، بادشاھھ ڏاڍي تعظيم ڏنيس، ۽ آڌرڀاءُ ڪيائينس ۽ عرض ڪيائينس تھ ”نئين ڄاول ٻار کي دعا ڪري.“ ٻار کي وڃي کڻي آيا. شيخ فريد ٻار کي ٻانھن تي کڻي انھيءَ کي دعا ڪئي ۽ ھن جي اکين ۽ پيشانيءَ تي چتائي نظر ڪيائين.

ياقوت شاھھ فقير کان پڇيو، تھ ”ھن جي قسمت ۾ ڇا لکيل آھي؟“ پر فقير ڪوبھ جواب ڪونھ ڏنو، زياده خيال سان ٻار جي اکين کي پئي ڏٺائين. ٻار بھ اکيون پٽي، فقير جي اکين ڏي پئي ڏٺو. بادشاھھ وري بھ پڇيو، تھ ”فقير صاحب، ھن ٻار جي قسمت ڪھڙيءَ طرح جي آھي؟ چڱي آھي يا بڇڙي؟“ فقير چيو، تھ ”ھن جو نالو کڻي ”جِن ڪش“ رکو.“ بادشاھھ چيو، تھ ”مون ھن جي نالي رکڻ لاءِ نٿي چيو، پر ھن جي قسمت جي پڇا ٿي ڪيم.“ فقير ورندي ڏني، تھ ”جڏھن ھن جو نالو جنڪش رکيم، تڏھن ھن جو نصيب بھ اوھان کي ٻڌائي ڇڏيم.“ فقير وڌيڪ ڪي بھ ڪين چيو، ٻار موٽائي دائيءَ جي حوالي ڪيائين، پاڻ نڪري ھليو ويو ۽ وري ڏسڻ ۾ ڪونھ آيو.

ياقوت شاھھ انھيءَ ڪري خوش ڪين ٿيو. فقير جي ھلت تي ۽ ٻار جي نالي تي، البت حيرت ۽ ڳڻتي ڏيکارڻ لڳو، جو نالي مان معلوم ٿي ٿيو، تھ وڏي ھوندي، ھو جن ۽ ديو ماريندو. پر گلبدن بيگم انھيءَ نالي ڪري پاڻ خوش ٿي، جو ڄاتائين، تھ سندس پٽ اھڙو بھادر ۽ ھمت وارو ٿيندو. ٻار پاڻ بھ جيئن وڏو ٿيندو ويو، تيئن پنھنجي نالي جي معنيٰ سمجھندو ويو، ۽ ڄاڻندو ھو تھ جڏھن آءٌ وڏو ٿيندس، تڏھن جھان ۾ گشت ڪندس، جنن ۽ ديون کي ماري مات ڪندس. ماڻس چوندي ھيس، ”ابا تون ھاڻي جن ۽ ديو مارڻ سک، وڏي ھوندي تائين ڇو ٿو ترسين؟“ ھو حيران ٿي پڇندو ھو، تھ ”ھينئر ڪيئن جِن ۽ ديو ماريندس. اھي ڪٿي آھن؟ ھتي تھ نڪي محلات ۾ آھن، نڪي باغ ۾.“ ماڻس چيو تھ، ”ابا، اڃا اڄ صبح جو ھڪڙي جن توکي ماريو ھو، تنھن کي تو ڪين ماريو؟ اڄ تنھنجي استاد توکي سبق ياد ڪرڻ لاءِ چيو، تھ تو چيو، تھ آءٌ ٿڪو پيو آھيان تون ٿڪل ڪين ھئين، رڳو سست ٿيو ھئين. سستي بھ ھڪڙو جِن آھي، جنھن توکي ماريو ھو. ڪڏھن ڪڏھن تون گھڻي مٺائي کائي ويندو آھين، اھا ھٻڇ ٻيو جِن آھي. تون جنن کي مارين تھ ڪين ٿو، پاڻ جن توکي ھاڻ ماريو وڃن.“

شھزادي پڇيو، تھ ”امان، سچي پچي اھي سڀ جن آھن ڇا؟ آءٌ انھن جنن ۽ ديون سان وڙھڻ ٿو گھران جن جا قصا پڙھيا اٿم ۽ آکاڻيون ٻڌيون اٿم.“ ماڻس چيو، تھ ”اھي بھ جن ۽ ديو آھن. انھن مان ڪي سست آھن، ڪي ظالم آھن، ڪي ھٻڇي ۽ لالچي آھن. جيڪڏھن تون وڏي ھوندي اھڙن وڏن جنن ۽ ديون سان وڙھڻ گھريو، تھ بھتر آھي ھينئر انھن کي جيتڻ سک، يعني پنھنجي سستي مار، پنھنجي ھٻڇ ڦٽي ڪر، پنھنجي ظلم زبردستي ۽ ڪاوڙ تي غالب ٿيءُ، جڏھن اھڙا ننڍا جن تون ماري نھ سگھندين، تڏھن ھنن وڏن جنن ۽ ديون کي ڪيئن ماري سگھندين؟“

شھزادي جنڪش پڪو ارادو ڪيو، تھ پنھنجو نالو ملھائي. گھڻيءَ محنت ۽ ڪوشش کان پوءِ، ھو انھن ننڍڙن جنن کي مارڻ ۽ فتح ڪرڻ سکيو.

ستن ورھين گذرڻ کان پوءِ راڻيءَ گلبدن ۽ شھزادي جنڪش تي، ڏاڍو سختيءَ جو وقت آيو. ھڪڙي ڏينھن بادشاھھ ياقوت شاھھ ٻاھر شڪار تي ويل ھو. رستي جي ڀرسان، ھن ھڪڙي جنڙي ويٺل ڏٺي. بادشاھھ کي ايندو ڏسي، صورت بدلائي، ھڪڙي خوبصورت شھزادي ٿي پئي. جڏھن بادشاھھ کيس ويجھو آيو، تڏھن ھوءَ زارو زار روئڻ لڳي. بادشاھھ پڇيس، تھ تون ڇو ٿي روئين؟ تو سان ڪھڙي ويڌن آھي؟ مون کي ٻڌاءِ. تھ من توکي ڪا مدد ڏئي سگھان.“ جنڙيءَ چيو تھ، ”منھنجو پيءُ جنگ آباد جو بادشاھھ ھو. اسين ھن جھنگ مان سفر ڪندا، لنگھيا ٿي وياسين، تھ ھڪڙي چورن جي ٽولي اسان تي ڪاھي آئي. بابي مون کي ھڪڙي پوري وڻ ۾ کڻي لڪايو، ۽ پاڻ نوڪرن سميت ھنن چورن کي ھڪالڻ لاءِ ويو، پر چور گھڻا ھئا ۽ زور ھئا، تنھنڪري بابي کي نوڪرن سميت ماري ڇڏيائون. جڏھن رات پئي تڏھن آءٌ وڻ مان نڪري ٻاھر ٿيس تنھن کان پوءِ آءٌ ائين ئي پئي واجھايان، تھ من ڪو مون تي رحم آڻي ۽ مون کي بچائي.“

ياقوت شاھھ کي ھن تي ڏاڍو قياس آيو. چيائينس، تھ ”اٿ، مون سان گڏجي ھل. منھنجي راڻي تنھنجي چڱي سنڀال ڪندي.“ تنھن تي ھوءَ جنڙي، ياقوت شاھھ سان گڏجي سندس محلات ۾ ويئي.

راڻي گلبدن ھن کي وھنجاري سھنجاري ڪپڙا ڍڪائي، ماني کارائي، پوءِ پڇڻ لڳيس، تھ ”تنھنجو نالو ڇا آھي؟“ جنڙيءَ چيو، ”منھنجو نالو حسينا آھي.“ راڻيءَ چيو تھ ”اھو نالو برابر تنھنجي لائق آھي، جو تون ھھڙي خوبصورت ۽ حسين آھين.“

حسينا مرڪڻ لڳي. سجھيس ٿي تھ اھا سونھن رڳو ظاھري ڏيک آھي، ۽ سندس اندر جو رڳو ڪؤڙو پوش آھي. انھيءَ کان پوءِ ڳچ وقت تائين حسينا ماٺ ڪري، محلات ۾ رھندي آئي. سڀڪنھن کيس پسند پئي ڪيو. ھوءَ ڏاڍي صبر ۽ حياءَ واري ٿي ڏٺي، پر شھزادي جنڪش کي، سا نٿي وڻي. ھو جڏھن سندس نزديڪ ويندو ھو، تڏھن بي آرام ٿيندو ھو. گھڻو ئي ڪوشش ڪيائين، تھ ھن کي پسند ڪري، پر ڪنھن سبب ڪري ھن کي پسند ڪري نٿي سگھيو.

حسينا اصل جنڙي ھئي تنھنڪري بک بھ جنن ۽ ديون جھڙي لڳندي ھيس. گھڻي وقت تائين پاڻ کي روڪيو ۽ بک کي ماريندي آئي، پر نيٺ صبر اچي نھ سگھيس. ھڪڙي رات، اڌ رات ڌاري، جڏھن ٻيا سڀ سمھي پيا، تڏھن ھيءَ اٿي ۽ ٻين سڀني تي منڊ ھڻي، پاڻ نڪري ويئي. انھيءَ طرح ڏھاڙي پئي ويندي ھئي. ھر روز ھاٿي يا گھوڙو يا ڪو ٻيو جانور کائي، ڍؤ ڪري ايندي ھئي.

جڏھن ڏينھن ٿيو، تڏھن بادشاھي طنبيلي جي جمعدار بادشاھھ کي وڃي چيو، تھ ”حضور، ڏھاڙي رات جو طنبيلي مان ھڪڙو نھ ٻيو جانور گم ٿيو وڃي. ڪڏھن ھاٿي، ڪڏھن گھوڙو، مون کي خبر نٿي پوي تھ ڪير ٿو وٺيو وڃي.“ بادشاھھ انھيءَ بابت محلات ۾، راڻيءَ گلبدن ۽ حسينا سان ذڪر ڪيو، ۽ پھرين وارا رکيائين، پر حسينا جادوءَ جي زور سان، اڌ رات جو منڊ ھڻي، پھري وارن ۽ ٻين کي ننڊ ڏيئي وڃي ھڪڙو نھ ٻيو جانور ڳڙڪائي ايندي ھئي.

ھڪڙي ڏينھن، جڏھن ياقوت شاھھ محلات جي باغيچي ۾ پئي گھميو، تڏھن حسينا روئندي وٽس ويئي. بادشاھھ پڇيس، تھ ”ڇو ٿي روئين؟ توکي ڪو اھنج ايذاءُ تھ ڪونھي؟“ حسينا ورندي ڏني، تھ ”ٻي طرح آءٌ بلڪل خوش آھيان، مگر ھڪڙي ڳالھھ آھي، جا ٻڌي اوھين رنج ۽ غمگين ٿيندؤ.اھا آءٌ ڊپ جي ڪري چئي نٿي سگھان.“ بادشاھھ چيس، تھ ”تون ڊپ نھ ڪر، جيڪا ڳالھھ ھجي سا ٻڌاءِ. آءٌ توتي ڪين ڪاوڙبس.“ تڏھن حسينا چيو، تھ ”ڏھاڙي رات جو آءٌ جاچيندي آھيان، تھ رات جو ھڪڙي زال محلات مان نڪري ٿي وڃي، ۽ وري پرھھ ڦٽيءَ مھل موٽي ٿي اچي. ۽ انھيءَ مھل سندس ڪپڙا رت سان ڀريا پيا ھوندا آھن.“ بادشاھھ پڇيس، تھ ”اھا ڪھڙي زال آھي؟“ حسينا چيو، تھ آءٌ ڊپ کان نالو نھ وٺنديس، متان اوھين مون تي ڪاوڙجو اوھين زنانخاني جي در تي لڪي بيھي ڏسجو، تھ پاڻھي اوھان کي خبر پوندي.“

ان موجب انھيءَ رات، ياقوت شاھھ زنانخاني جي در وٽ لڪي بيھي رھيو. اڌ رات ڌاري، حسينا ھميشه وانگي منڊ ھڻي، سڀني کي سمھاري ڇڏيو، خود بادشاھھ کي بھ ننڊ کڻي ويئي. پوءِ ٻاھر وڃي، بادشاھھ جو تمام عمدو ھاٿي کائي، محلات جي باغيچي ۾ آئي. اتي جادوءَ جي زور تي، راڻي گلبدن کي آڻايائين. ھوءَ ننڊ ۾ اکيون پوريو پئي ھلي، ڪابھ خبر ڪانھ ٿي پيس، ڇاٿي ڪريان. حسينا پنھنجا رت ڀريل ڪپڙا انھيءَ حالت ۾ راڻيءَ کي ڍڪايا. پوءِ انھيءَ کي اتي بيھاري، پاڻ پنھنجي جاءِ ۾ آئي. پرھھ ڦٽيءَ ڌاري ٻين سڀني تان منڊ لاٿائين. بادشاھھ بھ سجاڳ ٿيو. انھيءَ مھل حسينا راڻيءَ کي انھيءَ منڊ جي حالت ۾، محلات ۾ اچڻ لاءِ حڪم ڪيو. ھوءَ زنانخاني جي در مان لنگھي اندر ٿي آئي. تھ بادشاھھ ڏسي ورتس. سندس ڪپڙا رت ۾ ڀريل ھئا، پر ھئي اڃا بھ ننڊ ۾، ھن کي ڏسي بادشاھھ ڏاڍو ڪاوڙيو. ڄاتائين تھ ”منھنجي زال ماڻھو ناھي، جنن يا ديون جي قوم مان آھي.“ ھو پٺيان لڳو ويس. راڻي پنھنجيءَ جاءِ ۾ وڃي، پنھنجي ھنڌ تي ويٺي، تھ سندس منڊ لٿو ۽ اکيون پٽي جاڳي. پنھنجو حال ڏسي حيران ٿي ۽ چوڻ لڳي، تھ ”ھي ڇا؟ آءٌ ڪٿي ھيس، ھي ڇا ڪيو اٿم؟“ بادشاھھ ظاھر ٿي چيس، تھ ”اھو وري چؤنگ ٿي ڪرين، تھ ڪٿي ھيس. ڪميڻي زال مون سان گڏجي طنبيلي ۾ ھل ۽ ھلي ڏس تھ ڇا ڪيو اٿئي.“

اڃا ھو اڳڀرو ھليا، تھ طنبيلي جو جمعدار بھ ڊڪندو آيو ۽ اچي چيائين، تھ ”حضور، اوھان جو وڏو ۽ عمدو ھاٿي گم ٿي ويو آھي.“ تڏھن بادشاھھ راڻيءَ ڏي منھن ڪري چيو، تھ ”نڪر رن، وٺي وڃ پنھنجي پٽ کي بھ، مون کي جنڙي زال نھ گھرجي، ۽ نھ جِنڙو منھنجو پٽ ٿي سگھي ٿو. تون جانور خور آھين، وڃي جھنگ ۾ رھھ ۽ مرون کائي گذران ڪر.“

انھيءَ طرح راڻي گلبدن پنھنجي ننڍڙي پٽ جنڪش کي وٺي، محلات مان نڪري، جھنگ ۾ وئي. اھا بلڪل خبر نھ پيس تھ ڪھڙو واقعو ٿي گذريو آھي. خواب ۾ بھ ڪين ھوس، تھ اھا حسينا جٺ ڪرائي ھوندي. جھنگ ۾ ھڪڙو غار ڳولي ھٿ ڪيائين، جتي پٽ سميت رھڻ لڳي. ھڪڙي چشمي مان ھو پاڻي پيئندا ھئا، ۽ جھنگ جا ميوا ۽ پاڙون کائي گذر ڪندا ھئا.

انھيءَ وچ ۾ ياقوت شاھھ حسينا سان کڻي شادي ڪئي، ۽ ھن کي پنھنجي راڻي ڪيائين. انھيءَ وقت کان وٺي حسينا شاھي طنبيلي مان جانور کائڻ ڇڏيو، پوءِ نڪري ٻھراڙيءَ ۾ ڍور ڍڳا ۽ ٻڪريون رڍون کائي پيٽ ڀريندي ھئي. ھميشه جڏھن انھيءَ ڪم لاءِ، رات جو محلات مان نڪري ويندي ھئي، تڏھن منڊ ھڻي سڀني کي سمھاري ويندي ھئي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com