سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري

باب: --

صفحو :45

مان سنڌ جي نئين نسل کي اها ڳالهه ڪيئن ذهنن نشين ڪرايان ته جي شاعري ڳائي نٿي سگهجي ته اُن جي اهميت ڪيتري نه گهٽجي ٿي وڃي!آخر ’يه دهوپ-ڪنارا‘ ۽ ’بول کڪلب آزاد ڪين تيرڍ‘ به فيض جا آزاد نظم آهن، پر اهي جڏهن ڳايا ٿا وڃن ته من ۾ سيسراٽَ اُڀري ٿا وڃن.

شاهد ڀُٽي منهنجي هڪ نثري نظم ’امان! هو مون کي ڪاري ڪري ماريندا‘ جي ڌن ٺاهي ثمينه ڪنول کان بي-بي سيءَ لاءِ رڪارڊ ڪرائي هئي. موسيقي جي لباس ۾ اهو نثري نظم اُنهيءَ ٿاڻي بولا خان جي عورت وانگر لڳي رهيو هو، جيڪا ڪنهن وقت مون پنهنجي خوبصورت ڳاڙهي گهگهي ۾ ڏِٺي هئي ۽ ايئن لڳي رهيو هو ته سج نياڻ ۾ ٽُٻي ڏئي رهيو آهي. پرنثري نظم ورلي ڳائي ٿا سگهجن. پنهنجن مٺڙن دردوندن گيتن ڪري مون کي ميراجي غالب کان به وڌيڪ وڻندو آهي. آخر غالب ۾ ايران جو رنگ وبو آهي، ننڍي کنڊ جي بو باس ته نه آهي ۽ ننڍي کنڊ ۾ وري سنڌي شاعريءَ کي موتئي جي سڳنڌ آهي. ٻُوراڻيءَ جو سواد هن ڌرتي جي دين آهي، ان کي پنهنجي انفراديت آهي، جا ٻي هنڌ ڪٿي به نه آهي.

اڳي سنڌي شاعريءَ ۾ ’نانءُ وڏو، ديهه ويران‘وارو معاملو هو. ’دائود پوٽي‘ ۽ ’ميران محمد شاهه‘ جو ادرو گدلو يا ٿوٿو غزل هوندو هو ته اُن کي اسان جي نصاب ۾ اسان تي مَڙهي ڇڏيندا ها. جيڪي نام ڪٺيا شاعر هئا انهن جي ڪليات ڳولي  ڦولهي ڏسندا هياسين ته هڪ اڌ سٽ پڙهڻ جهڙي مشڪل سان ملندي هئي. مثال طور مون مصري شاهه جي ڪليات ساري اُٿلائي پُٿلائي هئي، پر مصريءَ جي تڙ جهڙي سِٽ رُڳو هڪ هئي:

’ماءُ ڏٺي مون ماٺ مڙهين ۾

جوڳي جيڪس ويا جبر وت.‘

 

يا مفتون همايونيءَ جي سڄي ديوان ۾ سٽ رڳو هڪ پڙهڻ جهڙي هئي:

’تنهنجي زلف جي بند ڪَمنڊ ڌا زندان هزارين مان نه رڳو.‘

 

جي سنڌي شاعريءَ مان ڀٽائيءَ جي شاعري ڪڍي وڃي ته ان جو سارو سرمايو هڪ واهڻي واٽهڙوءَ جي هڙ جيترو مس ٿيندو، جنهن ۾ اڳڙين ٿڳڙين کانسواءِ ڪجهه نه هوندو.

هاڻي اچو ته بخشڻ مهراڻويءَ جا هن مجموعي ۾ ڏهه شعر ڏسون جي سنڌيءَ جي هر ڏهس نامي کان ڀاري لڳن ٿا ۽ ايئن لڳي ٿو ته اسان جا نقاد ڪچڪول ڪٺا ڪندا رهيا آهن، جن ۾ رڳو ٻُهر مان ميڙيل سيڙيل اُڪار ٿيون وَٿون آهن.

بخشڻ جو غزل ڏسو:

 

منهنجي پريت آ پنڇيءَ جهڙي

تنهنجي موٽَ شڪاريءَ وانگي.

 

اوسيئڙي ۾ نيڻ اُڃايل،

ٿر جي پياسيءَ واريءَ وانگي.

 

رُت جي رات ۾ هر هڪ آشا،

ماري وئي آ، ڪاريءَ وانگي.

 

مون ۾ ڪو  آکيرو جوڙي

آءٌ ٽٽل ڪنهن ٽاريءَ وانگي.

 

جَڳّ لڳي ٿو جواّ خانو.

مان هاريل جواريءَ وانگي.

يا هن جو ٻيو غزل:

تو کان هوندي ڌار جيئون ٿا،

جيوّن ڪچي گار، جيئون ٿا.

 

روز نوان الزام اسان تي،

روز اسين سنگسار جيئون ٿا.

 

هيڏانهن هَٿَ سمورا خالي،

هوڏانهن هُو هٿيار، جيئون ٿا.

 

موت بيهاري بيٺو آهي،

چؤڏس پهريدار جيئون ٿا.

يا وائيءَ جون هي سٽون:

ڪهڙي دَر تي دانهنجي

ديس سڄو دانهون

اسين اڃايل پنڌ ۾.

سورج تنهنجو آڌر ڀاءُ

سورج مُکيءَ کان وَڌ،

ڪير ڪري سگهندو؟

 

هي سٽون گربيءَ ۽ سوسيءَ کان زياده خوبصورت آهن ۽ شاعر ڪنهن امرتا جي آڏاڻي تي اُڻيون آهن. هن جا نثري نظم ’هڪ ڊگهي ننڊ سمهڻ  جي ريهرسل‘ ۽ ’درد جي ڦاسيءَ تي‘ به سٺا نظم آهن. در اصل هي ٿر جي وَلين وانگر شاعر آهن جي برسات تي پاڻ ٽڙي پيا آهن ۽ جي پوکيون نه ويون آهن ۽ جن جي هُٻڪار ۾ هانءُ واسجي ٿو وڃي.

هن مجموعي ۾ آندل سڀ شاعر پڙهيل ڳڙهيل آهن، جن ۾ ڪنهن سگهڙ جي اجائي اينگهه نه آهي. ڪَويءَ جي گيت ۾ ديس سان جي قافيا ملايا ويا آهن، اهڙا قافيه هن وقت ڪنهن به نه ڏٺا آهن ۽ انهن گيت کي سنگيت مئِه ڪري ڇڏيو آهي، ڄڻ مينهن ۾ آلي وڻ مان ڌرتيءَ تي پاڻي ڦڙا ٽپڪي رهيا آهن. يا ٻي گيت جي هن سٽ کي ڪيڏي نه مَڌ- مئي سندرتا ڏني آهي:

 

چنڊ ٿو ڪنهن کان لِڪي

ڇيڳري ڇوريءَ جيان.

ٿوري اصلاح ساري گيت کي مڌرتا سان واسي ڇڏي ها. هن جو ’بادليئو‘ ته شاهڪار لوڪ گيت آهي. منهنجي سنڌي لوڪ گيتن کانپوءِ هي پهريون شاعر آهي، جنهن جديد لوڪ گيت لکيو آهي. هن جون ٻيون به ڪجهه وايون سنڌي شاعريءَ ۾ امر اضافو آهن:

آڏو تاڻيل تِير جي

هَئه هَئه اڏاڻا

پنڇي منهنجي پار جا.

ڪينجهر تنهنجي ڪَڇَ ۾

ڪنول ڪوماڻا

هَئه  هَئه اڏاڻا

پنڇي منهنجي پار جا.

 

يا هيٺين وائي به انهيءَ تصوير جهڙي دلڪش آهي  جا اها چِٽي ٿي:

پُسيون ڇوليون پوتيون

پاڻي گهاگهر جو،

ڳالهيون کولي ٿو ڇڏي.

 

اهڙي طرح هن جي هڪ ٻي به وائي آهي:

ساري رات کڙيا

مون در مٿان تارڙا.

حسن درس نظم جو دانشور شاعر آهي، پر غزل ۾ به ڪجهه شعر چڱا لکي ٿو:

گهر ته ڀاتين سان سُتو آ ڀاڪرين،

کڙڪندڙ در ڇو ڀلا سُمهين نٿو!

 

اثر جي غزلن ۾ به ڪجهه چڱا شعر آهن:

 

دل جوڳيءَ جي ڪُٽيا وانگر

سوني ۽ سنسان لڳي ٿي.

 

تنهنجي سازن تي سنّاٽو؟

دور ته ديپڪ تان لڳي ٿي.

 

پارِ نَديءَ جي ننگي نينگر،

ڀڪشوءَ کي ڀڳوان لڳي ٿي.

 

هاڻ ڳهيلي ڳڻتي ڇا جي

ڪڻڪن جو لابارو آهي.

 

سنڌي غزل جو لهجو بلڪل بدلجي چڪو آهي، فقط گهاڙيٽو غزل جو آهي. ان ۾ فارسي يا اردو غزل جو نالو نشان نه آهي. سنڌ پنهنجي شاهراهه ڳولي چُڪي آهي، جنهن ۾ ڪيئي راهون ملي وينديون.

آخر ۾ مان اياز جانيءَ جي غزلن ۽ واين تي اچان ٿو. اياز جاني مون وانگر سنڌي جا مشدّد لفظ بحر وزن ۾ مشدّد ڪري ڪم آڻي ٿو، جي مون کان اڳ ورلي ڪم آندا ويندا هئا.

 

مَنّ م ٿاڪَ، تنهنجي نيڻن جا،

چَپّ هيراڪَ، تنهنجي نيڻن جا.

 

راز سرجيا نه سي به ڄاڻن ٿا،

ڇا نه ادارڪ تنهنجي نيڻن جا.

*

نيڻ نهارون اڳتي، ڇو نعرا ٿڪجي پيا؟

ڇا هِي بيٺي اُڀ- پيرين جهنڊا ٿڪجي پيا.

 

ڪيئن تون منهنجي من ۾ پيڙا ڄاڻي سگهندين،

ڏِسُ ته اکين ۾ آهن اوجاڳا ٿڪجي پيا.

 

مان ته اُجهاميو ناهيان، تنهنجي اوسيئڙي ۾،

ڇا ٿيو جي ٻَرندي ٻَرندي ڏيئا ٿڪجي پيا.

 

ٻوٽيل نيڻ مسافر جا، ڪنهن کي ٿا ڳولن،

ڇو هن جي پيرن ۾ آهن رستا ٿڪجي پيا.

 

هي غزل  فعلن فعلن فعلن فعلن فعلن فعلن جي وزن تي آهي. ان ۾ ڪڏهن فعلن فعلن کي  فعل فعولن، ۾ بدلايو ويو آهي. مان ڀانيان ٿو ته اها ڪوشش غير شعوري آهي.غزل جي تقطيع ۾ اوجاڳا ۾ اوجدا، جاڳا جدا، (او+ جاڳا) تُنهنجي ۾ تنهن جدا ۽ جي جدا (تنهن+ جي) ڪري پڙهيو ويندو. منهنجي نظر ۾ اها اوڻائي آهي، ڇو ته ايئن ڪرڻ سان ترنم ۾ گهارو پئجي وڃي ٿو.

 

اياز جانيءَ جي ٻي غزل جا بند ڏجن ٿا:

 

تو چيو ”سپنا به ساڀيا ٿيا ڪڏهن،

مون چيو ”تنهنجو ملڻ ڇا معنيٰ؟

 

ڇرڪندو مون کي ڏِٺُئي، جئن مون پڇيو،

”بند نيڻ سان ڏسڻ ڇا معنيٰ.“

 

 ٻئي شعر خوبصورت آهن، پر ٻنهي ۾ نارائڻ شيام جي غزلن وانگر تقطيع ۾ حرف حذف ڪرڻا ٿا پون، جيڪا ڳالهه جائز ته آهي پر جيترا حرف گهٽ حذف ڪيا ويندا، اوتري شعر جي رواني وڌندي. هن جو ٻيو به هڪ غزل آهي، جو نظر انداز ڪري نٿو سگهجي.

 

خاموشيءَ ۾ هلڪو کڙڪو ڳالهائي ٿو،

دم ٿو گهٽجي، کوليو، ڪمرو ڳالهائي ٿو.

 

تنهنجي پاڙي جا ماڻهو ڪيڏا اَڻ ڄاتل

مون سان تنهنجي گهر جو رستو ڳالهائي ٿو.

 

هُو بي گهر هوندي، جنگ بقا جي وڙهندو ويو

سُتل گهر وارن سان ڪتبو ڳالهائي ٿو.

 

هن غزل ۾ توڙي مقطع آهي ۽ جاني ڪم آندل آهي، پر هن مجموعي ۾ شامل شاعرن جي اڪثر غزلن ۾ مقطع ۽ تخلص ڪونهي، جا شاعرن ۾ اناپرستيءَ جي ڪميءَ جي نشاني آهي. جيتوڻيڪ مون گهڻو ڪري، غزل ۾ تخلص ڪم آندو آهي، جيئن اردو ۽ فارسيءَ جي شاعرن ڪم آندو آهي، تخلص جو استعمال شاعر جي نشاندهي ته ڪري ٿو، پر مون کي اُن مان آپي پڻي جي بوءِ ايندي آهي ۽ جي نه ڪيو وڃي ته چڱو. ڪجهه شاعر ته مطلع کي ئي پنهنجي تخلص سان شروع ڪندا آهن. جو مناسب نه آهي، اياز جاني جو پويون غزل انوکو آهي ۽ من لڀائيندڙ پڻ:

 

ڪا صدين جي اُڃ آهي، آءُ نيڻن ۾،

تنهنجو آهي جو به آهي، گهاءُ نيڻن ۾.

 

او مسافر! پيار جا پل تو ڪهن ڀوڳيا ؟

تو ڪيو محسوس ڪو پٿراءُ نيڻن ۾.

 

سخت لهجا، فاصلا، ٿوهر ڦُٽي پوندا،

جي رکيو ڪنهن پيار جو پڇتاءُ نيڻن ۾.

 

اي هوا! آهستي گهل، بارود جي ڀرسان،

مون ڏٺُو آ، آڳ جو ڦهلاءُ نيڻن ۾.

 

اياز جانيءَ جي واين ۾ به ڪجهه سُٺا تصور (Images) آهن، جي هتي نه ڏيڻ سان بي انصافي ٿيندي:

ڪو محسوس ڪري

اوسيئڙو در جو

ڪو ته ڪَڙو کڙڪائي.

*

چاقوءَ سان ڇا ٿيون لکن

ناريءَ جي سيني تي

ڪنهنجون آهن آڱريون؟

ڪيڏي اوتن ننڊ ٿيون،

اڄ هي سازيني تي

ڪنهنجون آهن آڱريون؟

*

ڪير چوي ٿو سجُ ٿي اڀرو

ٽانڊاڻو ٿئي ڪو

ٽڙندِي جاڳرتا.

هٿ -ڪڙين کي چمندي، اُڀ ۾

پکين کي ڏسجو،

ٽڙندِي جاڳرتا.

گڏجي ٽهڪ پکيڙيو، جُڙندو

خوشبو جو رستو

ٽڙندِي جاڳرتا.

آهي جو اونداهيءَ ۾

جيئڻ جو جذبو

ٽڙندِي جاڳرتا.

 

هيءَ شاعري روايت جي روايت، بغاوت جي بغاوت جو مثال آهي. جهوني صراحيءَ ۾ نئون شراب آهي. ان ۾  سنڌ جي سڳنڌ آهي. مڌ کي پنهنجا مَهٽا آهن، جي جيءُ جهٽي وٺن ٿا. جانيءَ چواڻي:

 

پيئندي نه محسوس ٿئي ٿو

آويءَ ۾ پڄرڻ، آَلاوو

ايڏي اُڃّ اُساٽ.

 

سنڌ جي ڌرتي ڪيتري نه زرخيز ڌرتي آهي! هڪ بادل برسي ٿو ته ٿر ڦلارجي پوَي ٿو.

ڇا هن شاعريءَ تي سياست جا پاڇاوان ناهِن؟ آهن. هتي جا شاعر ايئن ته نه ٿيندا جيئن حافظ چيو هو:

 

رموزِ مملکت ملک راشڪاڊ دانند

گدائڍ کوچڪ نشيني تو حافظّ مخروش

ترجمو: ملڪ جون مصلحتون رڳو بادشاهه ڄاڻن ٿا. حافظ! تون  ته گهٽي ۾ ويٺل بکاري آهين، تون ڇو رڙيون ڪري رهيو آهين.

 

هتي شاعر ۽ ماحول سان لاتعلقي نه آهي، پر آرٽ کي اوليت آهي. ڪميونزم جي خاتمي کانپوءِ جمهوريت ۽ فلاهي مملڪت جو تصور ئي ٽين دنيا کي گرمائي سگهي ٿو. ٻي ڪنهن فرد لاءِ ته اهو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن پارٽيءَ سان وابستگي ضروري آهي. شاعر خود ڪڏهن حلقو، ڪڏهن ادارو ۽ ڪڏهن جماعت آهي. هن جي شاعريءَ جا سياسي قضا تي پاڇاوان پئجي سگهن ٿا ۽ جيئن سينٽ جان پرسيءَ چيو آهي:

“And it is enough for a poet to be the guilty conscience of his time.”

)اهو شاعر لاءِ ڪافي آهي ته هو پنهنجي دور جي مجرم ضمير ٿئي.)

 دؤر جي جرم جو اعتراف ۽ سياسي بيداري، شاعريءَ لاءِ ڪافي آهي، جي شاعر جي سياست سان وابستگي آهي، پر اهو اسان کي سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته شاعر جي آغوش ۾ ساري ڪائنات آهي ۽ هن کي صرف سياست تائين جبرا محدوذ ڪرڻ هڪ بيڪار ڪوشش آهي. نه هن لاءِ اهو ضروري آهي ته هو ڪنهن سياستدان جو هم- رڪاب ٿئي يا پٺيان هن جي لشڪر لاءِ نقارو وڄائي. ها اها هُن جي پنهنجي مرضي ته هو سياست ۾ مستغرق ٿي وڃي ۽ ڪنهن سياستدان جو رفيق طبلچي ٿئي.

پنهنجي لاءِ اهو ڪافي آهي، جي حافظ وانگر سنڌي ادب جو نئون نسل چوي:

 

دوش در حلقئہ ماقصہ گيسوئلآ توبود

تا دلِ شب سُخن از سلسلئہ  روئلآ توبود-

(ڪالهه رات اسان جي گڏجاڻيءَ ۾ تنهنجن چڳن جي ڪهاڻي هئي.رات  جي دل تائين/ اڌ رات تائين تنهنجي چهري جي ڳالهه هلي پئي.)

1، ڊسمبر 1992ع

ڪراچي- سنڌ.

- شيخ اياز

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com