سيڪشن؛ تنقيد

ڪتاب: ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري

باب: --

صفحو :4

 

پنهنجي عزيز وطن جي نجات ۽ ناموس جي بحاليءَ جي جدوجهد جا هي ڊرامائيءَ واقعا شاهه عبداللطيف پنهنجي اکئين ڏٺا ۽ ڪنين ٻڌا. هو هنن واقعن جي عمل ۾ اچڻ وقت پنهنجي ڦوهه جوانيءَ ۾ هو، ان وقت هن جي عمر 19  کان 22 سالن جي هئي. ملتان جي مغل حاڪم، اورنگزيب جي پٽ معز الدين، هٿان، ڌوڪي سان جهلجي، سنڌ  تنا سر ڏيڻ وارن ميان دين  محمد ۽ سندس ٻن بهادر ساٿين جي شهادت وقت شاهه 11 ورهين جو هو. ان کان پوءِ ٻيا پورا 11 ورهيه هو سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن جي نجات ۽ تحفظ جي هن تحريڪ جو مشاهدو- جنهن جي عمل جو دائرو اتر سنڌ هو ۽ جنهن جي تحريڪ ۽ توانائيءَ جو مرڪز ۽ روح ڪلهوڙا قبيلي جا بزرگ هئا. سڌيءَ طرح ۽ ويجهي کان ويجهو بيهي، ڪندو رهيو. ايڏي ان اتهاسڪ ۽ جاندار قومي جدوجهد هلندي، سڄيءَ سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي وطن دوست بزرگن جي ڪارنامن جا داستان سندن پهرئين نيڪ مرد ڄام چنوءَ کان وٺي، مظلوم شهيد ميان آدم شاهه،ميان  شاهل محمد شهيد، ميان نصير محمد جي طويل قيد و بند، ميان دين محمد ۽ سندس ٻن ساٿي شيهد ۽ ميان يار محمد جي ڪامياب جنگي ڪارروائين تائين، زالن، مردن، ٻارن، ٻڍن ۽ جوانن سڀ ڪنهن جي زبان تي عام هوندا. ان سان گڏ پنهنجن قومي راڄ سردارن ۽ حاڪمن سومرن ۽ سمن جي عظيم وطني رياست جي ڏينهن جون ڳالهيون، قصا ۽ داستان به هر ڪنهن جي زبان تي هوندا. وچ ۾ ارغونن، ترخانن ۽ دهليءَ جي ڌارين مغل حڪمرانن ۽ انهن جي وحشي ۽ سفاڪ نوابن جي خونخوار حڪومت جي ٻن سون سالن جي دل ڏاريندڙ ڪارستانين جون ڳالهيون به هر هنڌ عام هونديون.

سنڌ جي تاريخ جو هيءُ هڪ بحراني دور هو، بلڪ سڄي سنڌ، سڄو سنڌي سماج ان منزل تي پنهنجي ان بحران جي سڀ کان وڌيڪ تيز ۽ شديد ڪيفيت سان دوچار هو. جڏهن سنڌي سماج جي قسمت جو بنيادي سوال اٿيو هو ۽ ان جي حل ٿيڻ جي زمين هموار ٿي رهي هئي، ۽ جنهن ۾ سنڌ جا ماڻهو پنهنجي هڪ نئين اجتماعي شعور  سان واقف ٿي رهيا هئا، ۽ سندن ذهن ۾ پنهنجي وجود جو خيال، پنهنجي اهميت جي شعور جو احساس ائين اڀري رهيو هو، جيئن سانوڻ ۾ ڀريل ڪڪَر اتر کان اوڀڙ کائي اٿندا آهن ۽ وڌندا وڌندا سڄي وايو منڊل تي ڇائنجي ويندا آهن. شاهه جو شعر اسان وٽ اسان جي ان اڀريل قومي شعور جي احساس جو اظهار اَسان جي سماجي وجود جي اهميت جو ۽ ان جي قسمت جي بنيادي سوال جي حل جو نشان آهي. شاهه جي حساس ذهن ۽ سنڌ ۽ سنڌي سماج جي غلاميءَ جي جهنم جي خلاف ڪنهن پر بهار ۽ روج پرور مسرت جي بهشت جو خواب جلوه گر ٿيو هو. سنڌ جي رياست، سنڌ جي مذهبَ ۽ سنڌ جي تهذيب کي پنهنجو سڏڻ ۽ انهن ۾ پنهنجائپ جي ڏسڻ جو خواب. شاهه جو سڄو شعر ان خواب جو عڪس  ۽ بيان آهي. ڇو ته اها ئي ڳالهه، اهو ئي امنگ ۽ اُها ئي ان جي معنيٰ، شاهه جي دور ۾ سنڌ ۽ سنڌي سماج جي اصلي، سچي ۽ اهم ڳالهه هئي.

1707ع ۾ مغلن جو شهنشاهه اورنگزيب ’عالمگير‘ فوت  ٿيو، ۽ سندس موت سان سندس ’عالم گيريت‘ به واءُ ٿي ويئي. ان وقت شاهه عبداللطيف جي عمر 18 سال هئي. مغلن جي ”سنڌ ولايت“ جا ٽي ’ملڪ‘ – ”ملڪ سيوي“، ”ملڪ بکر“ ۽ ”ملڪ سهوان“ اڳي ئي يا ان کان ڪجهه سال پوءِ (1711ع تائين) مغل تسلط کان عملي طور آزاد ٿي چڪا هئا. باقي ان جو فقط ”ملڪ ٺٽو“ هو، جو اڃا ان اڌ رنگ ۾ ورتل مغل  تسلط جي هٿ ۾ رهيل هو. سنڌ جي نجات ۽ بحاليءَ جي تحريڪ جو ٻيو دائرو ڏکڻ سنڌ (لاڙُ) هو، جنهن جو مرڪز ۽ روح بٺوري ’پرڳڻي‘ جي جهوڪ (نصريه، ميران پور) جي لانگاهه قبيلي جا بزرگ هئا. هن درويش خاندان جي پهرئين بزرگ جو ذڪر، جيڪو ميان آدم شاهه ڪلهوڙي جو همعصر هو، سنڌ جي تاريخ ۾ مخدوم صدو لانگاهه جي نالي سان ملي ٿو، جنهن لاءِ چيل آهي ته ايتري قدر دنيوي پدارٿن جو تارڪ هو، جو رات جو پاڻيءَ جا مٽ به هارائي ڇڏيندو هو، چي ”نئون ڏينهن نئون رزق“‘ هن جي ارادتمندن جي وسيع  حلقي ۾ مختلف قبيلن سان گڏ ڏکڻ سنڌ جا مٽياري سادات به شامل هئا. مخدوم صدو لانگاهه جي پنجين پيڙهيءَ ۾ سنڌ جي شاهه شهيد، شاهه عنايت، بلڪ اهڙين ئي حالتن هيٺ ۽ عين انهيءَ طريقي سان ٺٽي جي مغل نواب هٿان شهادت جو پيالو پيتو، جن حالتن هيٺ ۽ جنهن طريقي سان ڪلهوڙن جو سرفروش بزرگ ميان آدم شاهه ملتان جي مغل نواب هٿان تقريباً هڪ سئو سال اڳ شهيد ٿيو هو. هن حالت ۾ فرق رڳو هيءَ هو (۽ ڪيترو نه اُهو دکدائڪ ۽ سنڌ لاءِ هاڃيڪار فرق هو!) ته ميان صاحب شهيد جي پنجينءَ پيڙهيءَ جو ميان يار محمد ڪلهوڙو، جنهن ساڳين انهن مغلن کان سيوهڻ، بکر ۽ سيوي آزاد ڪرايا. اُهو ئي ميان يار محمد پنهنجي اُن مطلوم شهيد تڙڏاڏي جي عظيم شهادت کي وساري ۽ خود پنهنجي مقصد عظيم يعني سنڌ جي قومي اتحاد ۽ قومي رياست جي قيام کي وساري، پاڻ سنڌ جي معصوم شهيد شاهه عنايت جي شهادت ۾ انهن ساڳين سنڌ جي خون پياڪ مغل دشمنن جو خامي ٿي بيٺو! ائين ڇو ٿيو؟

جواب هي آهي ته قومي اتحاد جي اصولن جي ناڪاميءَ ڪري. قومي اتحاد جا اصول ڇا آهن، ۽ انهن جي ناڪامي ڇا آهي، ان جو ذڪر اڳتي ڪنداسين. پر سنڌ جي تاريخ جي ان اهم بحراني دور ۾، جڏهن سنڌي قوم جي قسمت جو بنيادي سوال اٿيو هو ۽ ان جي حل ٿيڻ جي زمين هموار ٿي رهي هئي، ان جي نجات ۽ بحاليءَ لاءِ وڙهندڙ ٻن ڌرين (جن مان هڪ ڌر اڳي ئي پنهنجي دائري ۾ ڪامياب به ٿي چڪي هئي) جي هن نفاق جي نتيجي ۾ سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن ڇا سٺَو ۽ سندن تاريخ ڪٿي پهچي ڪهڙيءَ تاريڪيءَ ۾ بطال ۽ هيڪر ڪهڙي دردانگز اوڙاهه ۾ مبتلا  ٿي ويئي، ان جو صحيح اندازو ڪرڻ محال آهي. اورنگزيب جي مُئي (1707ع)کانپوءِ سندس پٽن ۽ پوٽن جي پاڻ ۾ ويڙهه (ڇهن سالن ۾ چار شهزاد تخت تي ويٺا ۽ لٿا)، مغل اقتدار جو زوال (جنهن لاءِ پهاڪو مشهور ٿيو ته ”شاهه عالم از دلي تا پالم“، يعني ’شاهه عالم- 1712ع جو حڪم فقط دهليءَ  کان پالم تائين‘)، مغل  نظام جي پستي( جنهن جو بيان مشهور مزاحيه شاعر جعفر زٽليءَ هيئن ڪيو ته ”سڪ زد بر گندم وموٺ مٽر، بادشاهه پشه ڪُش فُرخ سير، يعني ’فرخ سير 1713ع کان 1719ع مڇر  ماريندڙ بادشاهه، ڪڻڪ تي، موٺ ۽ مٽرن جي محصول پيو مڙهي‘)، خود ٺٽي ۾ مغل نوابن جي هڪ ٻئي پٺيان مقرري ۽ معزولي (1707ع کان 1717ع) تائين اٺ نواب آيا ۽ ويا) ۽ انهن جون محلاتي سازشون ۽ خانه جنگيون، سڄي ملڪ ۾ ڏڪار ۽ بدامني، * ۽ ان سان گڏ سڄيءَ سنڌ (سيوي)، بکر ۽ سيوهڻ جي علائقن) جو مغل  قبضي مان اڳي ئي نڪري وڃڻ. اهڙين حالتن ۾ باقي سنڌ کي مغلن جي چنبي مان ڇڏائڻ ڪيڏو نه آسان معاملو ٿي سگهيو ٿي. پر ائين نه ٿيو. سنڌ ۾ مغل تسلط جي ڪرندڙ عمارت ڪرندي ڪرندي، به، سنڌ جي ٻن آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ مرڪزن کي پاڻ ۾ ٽڪرائي، پنهنجو پاڻ بچائي ويئي ۽ سڄا سارا ويهه سال کان پوءِ اُها جيئن جو تيئن سنڌ جي ماڻهن جي ساهه تي چڙهي بيٺي رهي.

جهوڪ جي قومي سانحي وقت (1718ع) شاهه جي عمر ۾ 28 ورهيه هئي. جڏهن ويهه ورهيه پوءِ، 1737ع ۾ مغلن ”ولايت سنڌ“ جو ”ملڪ ٺٽو“ به ڪلهوڙن جي ميان نور محمد جي حوالي ڪري، سنڌ مان پنهنجا ٽپڙ ٻڌا، تڏهن هو پنهنجي زوال جي اهڙيءَ کڏ ۾ ڪري چڪا هئا، جو”شامت اعمال مان صورت نادر گرفت، وارو ساهه قبض ڪندڙ عذاب سندن مٿي تي چڙهي اچي بيٺو هو. رڳو ڪلهوڙا جيڪڏهن ويهه سال اڳ اُها سياسي غلطي نه ڪن ها، ۽ ٺٽي جي ’نوابيءَ‘ لاءِ مغلن تي نه پر اتر سنڌ وانگر ”ملڪ ٺٽي“ (ڏکڻ سنڌ) جي نجات لاءِ پاڻ  ئي جهڙي درويش مجاهد، صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ هن جي ’فقيرن‘ تي ڀروسو رکن ها، ته سنڌ جي اتحاد ۽ آزاديءَ جو سندن خواب ويهه سال اڳ عمل ۾ اچي ها، ۽ انهن ويهن سالن جي عرصي ۾ کين پنهنجي وطن کي خوشحال ۽ مضبوط ڪرڻ جو سونهري موقعو به ملي وڃي ها. نه شڪست کاڌل محمد شاهه رنگيلي کي سنڌ نادر شاهه جي حوالي ڪرڻ جو سبب رهي ها ۽ نه خود نادر شاهه کي ئي موٽ کائي، سنڌ تي حملي ڪرڻ جو ايترو سولو منهن ۽ ايتري جهٽ پٽ ڪا همٿ ٿئي ها. ڪلهوڙن جي ان سياسي غلطيءَ ڪري، جنهن سان هڪ طرف سنڌ جي ماڻهن ۾ تفرقو قائم رهيو ۽ ٻئي طرف کين پنهنجي متحد قومي رياست کي مضبوط ڪرڻ جي ڪا فرصت ملي ڪا نه سگهي، جڏهن  ٻه سال پوءِ، 1740ع ۾، نادر شاهه دهليءَ جي آسان سوڀ جي گهمنڊ ۾ اُتان جي بي انداز مال غنيمت سان گڏ سنڌ کي به اُن جو حصو سمجهي سنڌ تي ڪاهي آيو، تڏهن ڪلهوڙن جي حڪومت سنڌ جو بچاءُ نه ڪري سگهي ۽ سنڌ هيڪر وري به ڀاڱا ڀاڱا ٿي ويئي. ورنه تاريخ شاهد آهي ته اُهو ساڳيو نادر هو ۽ اُها ساڳي سندن فوج هئي، جو هڪ سال اڳ، 1739ع ۾، هو ”قنڌار جي فتح کان پوءِ بولان دري جي رستي هندستان تي حملي ڪرڻ جو سوچي رهيو هو، پر ان رستي سان سيوي ۽ گنجابي جي حاڪم ميان نور محمد کي مقابلي لاءِ تيار بيٺل ڏسي هن بولان  دري جو رستو ڇڏي، غزنيءَ ڪابل ۽ خيبر دري جو رستو اختيار ڪيو.“

حقيقت ۾ سنڌ تي نادر جي ان تباهه ڪن حملي ۽ ان ۾ هن جي ڪاميابيءَ لاءِ پڻ سنڌي سماج جو پنهنجو اندروني نفاق جوابدار هو. 1739ع جي آخر ۾، سنڌ تي حملي ڪرڻ لاءِ جڏهن نادر پنهنجي فوج سان ديري اسماعيل خان وٽ پهتو، تڏهن دائود پوٽن (ڪلهوڙا خاندان جي ئي هڪ مک) مان رئيس امير صادق محمد خان وڌي وٽس اُتي آيو، ۽ ميان نور محمد خان جي خلاف کيس هر قسم جي مدد ڪرڻ جي پيش ڪش ڪيائين ۽ سڄي واٽ ساڻس گڏ رهيو. ”تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور“ جو مصنف مولانا ”مهر“، 1737ع ۾  مغلن جي هٿان ”ملڪ ٺٽو“ ميان نور محمد جي حوالي ٿيڻ، ۽ ائين هن جي ماتحت سنڌ جي متحد ٿيڻَ ۽ ان جي هڪ مرڪزي قومي رياست جي قائم ٿيڻ جو ذڪر ڪندي، لکي ٿو ته ”صدين کان پوءِ هي موقعو آيو هو، جو متحده سنڌ جي جوڙجڪ ۽ انتظام جون ذميواريون اُن جي وطني حاڪمن جي هٿان پوريون ٿي رهيون هيون. * اُهي سنڌ جي ماڻهن جي ضرورتن کان پوريءَ طرح واقف هئا ۽ دلي چاهه سان اُنهن کي پورو ڪرڻ هنن پنهنجو پهريون فرض سمجهيو ٿي.

هيءُ موقعو هو، جو سنڌ جا ماڻهو پنهنجن وطني حڪمرانن جي خدمتن کان پوريءَ طرح مالا مال ٿين ها، ۽ صدين کان هو جن مصيبتن جي چڪر ۾ ورتل هئا، انهن جي تباهه ڪندڙ اثرِن کان نجات حاصل ڪن ها.... پر اوچتو هڪ نئين وحشت ناڪ آفت سنڌ جي افق تي نمودار ٿي، جنهن هن معصوم سرزمين جي نئين جياپي جون سب اميدون هڪ ڀيرو وري  به خاڪ ۾ ملائي ڇڏيون. اُها اوچتي آفت اُن تي نادر شاهه ايرانيءَ جي صورت ۾ نازل ٿي هئي... ميان يار محمد ۽ ميان نور محمد لڳ ڀڳ چاليهن ورهين جي جانفشانين سان سنڌ جي سڀني ڀاڱن کي ملائي هڪ ڪري عوام جي فلاحي حڪومت جو انتظام ڪيو هو، پر نادر جي حملي انهن چاليهن  ورهين جي سڄيءَ تڪليف ۽ تعمير محنت جي مٿان هڪدم پاڻي ڦيري ڇڏيو. ٻنهي ميان صاحبن آهستي آهستي هن سرزمين جي وسيلن کي سڌرايو ۽ بهتر بڻايو هو:  هنن جو اصل مقصد خزانو گڏ ڪرڻ نه هو، پر هيءُ هو ته عوام لاءِ امن ۽ خوشحاليءَ جا گهڻي ۾ گهڻا وسيلا پيدا ڪيا وڃن.

پر چاليهن سالن ۾ جيڪي ڪجهه ڪٺو ٿيو هو، نادر ٻهارو ڏيئي سڀ ميڙي چونڊي کڻي ويو..... پر سنڌ لاءِ اُن کان وڌيڪ هاڃيڪار ڳالهه هيءَ هئي، جو ملڪ جي وحدت ٻيهر ڀاڱا ڀاڱا ٿي ويئي.“ هڪڙو اُن جو ڀاڱو (ڪڇي، ڍاڍر ۽ ڪراچي) قلات سان ويو، شڪارپور ۽ اُن جي آسپاس جا علائقا دائود پوٽن کنيا، ۽ ملڪ جو رهيل حصو (ٺٽي جو علائقو وغيره) ميان نور محمد وٽ رهيا. ميان صاحب جو وڏو پٽ محمد مراد ياب ٻن هزار سوارن سان، ۽ ساڻس گڏ سندس ٻه ڀائر غلام شاهه  ۽ عطر خان نادر وٽ، 1747ع ۾ سندس قتل ٿيڻ تائين، يرغمال طور ايران ۾ رهيا، اُن کان علاوه ”ملڪ سنڌ جو ڪتبخانو ۽ رسالا به اُهو سفاڪ ناپاڪ پاڻ سان کڻي ويو.“ مطلب  ته سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو پنهنجي تاريخ جي عين اُن منزل تي جڏهن سندن اڳيان سندن قومي يڪ وجوديءَ جو سوال ئي واحد اهميت جو سوال هو، اقتدار جي سلسلي ۾ هڪ ٻئي جي شڪ جو شڪار ٿي ويا، ۽ اندروني نفاق ۽ ڏڦيڙ ۾ وٺجي، هڪ ٻئي لاءِ طاقت بدران ڪمزوريءَ جا سبب بنيا ۽ ”صدين کان پوءِ قومي اتحاد ۽ بحاليءَ جي مليل موقعي“ کي هٿان وڃائي ڇڏيائون، ۽ ايتري جدوجهد ۽ ايترين قربانين کان پوءِ آزادي جي کٽيل بازي هڪ ڀيرو ٻيهر هارائي ويهي رهيا.

نادر جي حملي وقت شاهه جي عمر 50 ورهيه هئي، ۽ سچل 11 ورهين جو ۽ سامي ڏهين ورهين جو هو. نادرجي قتل ٿيڻ کان پوءِ، سنڌ جي ٽن ’قيدي‘ شهزادن مان غلام شاهه ۽ عطر خان ايران مان ’آزاد‘ ٿي، 1749ع ۾ جڏهن پنهنجي وطن موٽيا، تڏهن سچل ۽ سامي ويهن ۽ اوڻيهن ورهين جي ڦوهه بلوغت کي رسيل هئا. ٻن سالن کان پوءِ سنڌ جو ولي عهد شهزادو محمد مراد ياب به واپس پنهنجي وطن پهتو. حضرت شاهه عبداللطيف کي ان کان پوءِ هن خاڪي جسم ۾ فقط هڪ سال باقي رهڻو هو. هن جي عمر جا 63 سال ئي سنڌ جي اتحاد ۽ آزاديءَ جي جدوجهد جا سال هئا. يارهين ورهين جي صغير عمر ۾ هن اُنهن ساڳين شهزادن جي پڙڏاڏي ميان دين محمد ۽ اُن جي ٻن ساٿين کي وطن جي آزاديءَ لاءِ وڙهڻ جي ڏوهه ۾ سنڌ کان ٻاهر ملتان ۾ ڀاڱا ڀاڱا ٿي ڪسجندي ٻڌو، ٻاويهن ورهين جي عمر ۾ هُن ساڳئي ميان داد محمد شهيد جي پٽ ميان يار محمد  جي ڪمان هيٺ اتر سنڌ (سيوهڻ ۽ بکر) کي ڌارين جي قبضي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪندي ڏٺو، 28 ورهين جي عمر ۾ هن آزاديءَ جي مجاهد صوفي شاهه عنايت ۽ سندس فقيرن کي ڏکڻ سنڌ جي آزاديءَ لاءِ پتنگن وانگر وڙهندي ۽ قربان ٿيندي ڏٺو،  48 سالن جي عمر ۾ هن متحد سنڌ جي آزاد وطني رياست جو ٻن صدين جو پراڻو خواب عمل ۾ ايندي ڏٺو جڏهن سڄي سنڌ پنهنجي لاڙ ۽ مري سميت ميان يار محمد ڪلهوڙي جي حڪمرانيءَ هيٺ آئي ۽ تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اُن جي هڪ متحد ۽ آزاد رياست وجود ۾ آئي: ۽ ٻه سال پوءِ اُن خواب کي هن وري ٽٽندي به ڏٺو. ”جڏهن نادر شڪارپور، لاڙڪاڻي ۽ نوشهري کان ٿيندو، شهدادپور وٽ پهتو، تڏهن ساڻس ڪي اهڙا ماڻهو اچي مليا، جيڪي ميان صاحب جا مخالف هئا. انهن کيس عمر ڪوٽ جي رستي جو ڏس ڏنو [جُتي ميان نورمحمد، فوجي حڪمت عمليءَ کان ڪم وٺندي، محفوظ ٿي وڃي ويٺو هو]...

ايتري ۾ ماڇي قبيلي جي فوج جو هڪ دستو نادري لشڪر جي سامهون رستو روڪي بيهي رهيو، ۽ وڏيءَ بهادريءَ سان وڙهيو. اُها جنگ اڃا جاري هئي ته رڻ پٽ جي پاسي کان ٻي هڪ فوج نمودار ٿي. اها مهيري قبيلي وارن جي فوج هئي، جنهن ۾ فقط 900 سوار هئا. انهن اهڙيءَ ته تيزيءَ سان حملو ڪيو، جو ايرانين جا ذري گهٽ پير اکڙي ويا.... [سنڌ جي لشڪر جا] هي ننڍا جانباز دستانادري سيلاب کي بهر حال روڪي نه سگهيا....“ شاهه پنهنجيءَ ڀٽ جي آستاني تي شهدادپورکان فقط چوڏهن ميل پري ويٺي، قومي عظمت ۽ قومي ذلت جا اهي سڀ رنگ ڏ‎‎ٺا ۽ اهي ڳالهيون ٻڌيون، جئين ئي نادري پٺ عتيم ڏني، تيئن سنڌ جي واليءَ ميان نور محمد پنهنجي طات وڌائڻ ۽ مضبوط ڪرڻ شروع ڪئي. ان لاءِ هن (1748ع) ۾ بمبئيءَ مان انگريزن کان 29 توبون ۽ ٻئي سال ڏهه وڏيون توبون به خريد ڪيون.

پر سنڌ جو اتحاد ۽ آزادي ميان نور محمد ۽ شاهه صاحب سڳورو ٻيهر پنهنجي اکئين ڏسي نه سگهيا. شاهه صاحب 1752ع ۾ سنڌ کي دعائون ڏيندي ۽ کانئس ٽي سال پوءِ ميان نور محمد پنهنجن ”نورچشمن“ ۽ ”اميدن جي مرڪزن“ لاءِ عمل  ۽ اخلاق جو وصيت نامو *پويان ڇڏي، ٻيئي هن دنيا مان سفر جو ڪوچ ڪري ويا. سنڌ جي هنن ٻن اعليٰ هستين جي وفات کانپوءِ 1760ع ۾ ٻنهي جي دعائن ۽ اميدن جي مرڪز ** ميان غلام شاهه جي هٿان سنڌ جي اتحاد ۽ آزاديءَ ۽ سنڌ جي وطني رياست جي قيام جو مقصد هڪ ڀيرو وري به پورو ٿي سگهيو. جيتوڻيڪ ان جي استحڪام ۽ مضبوطيءَ جي هن کي فرصت ڪا نه ملي سگهي. اُن کانپوءِ سنڌ جي ڪلهوڙا رياست وري به جائنشينيءَ جي تفرقي ۾ اهڙي غلطان ٿي ويئي، جو 1803ع تائين ڪلهوڙا حڪمران هڪٻئي جي رت سان پنهنجا هٿ رڱيندا، هڪڙن جي پويان ٻيا ايندا ۽ ويندا رهيا، تان جو ٽالپرن سندن جاءِ ورتي، ۽ اُهي به سنڌي رياست کي فقط چاليهه سال قائم رکي سگهيا، ۽ ساڳئي قسم جي پنهنجن ئي اندروني نفاقن ۽ اقتدار جي ڪشمڪش جي تباهڪارين جا شڪار ٿي ويا ۽ سنڌ ۽ سنڌي سماجُ وري به ست سمنڊ پار کان آيل هڪ ڌارينءَ قوم جا غلام ٿي ويا. شاهه جو روحاني وارث سچل سرمست اُن تاريخ کان رڳو ڪي 14 سال اڳ فوت ٿيو ۽ ساميءَ ته ان کانپوءِ 1850ع  ۾ هيءُ جهان ڇڏيو.

شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي دور جا سال (1689ع- 1850ع) سنڌ ۽ سنڌي سماج جي تاريخ جا انتهائي اهم ۽ بنيادي طور بحراني سال هئا. انهيءَ دور ۾ سنڌي سماج پنهنجي اجتماعي وجود جي بحاليءَ ۽ بقا جي جدوجهد ۾ مصروف هو. پر افسوس، اُن جدوجهد جي ڪاميابيءَ جو لازمي شرط، يعني قومي اتحاد، سنڌي سماج کي نصيب ٿي نه سگهيو. اُن جو وڏو سبب سنڌي سماج ۾ اقتدار لاءِ اندروني ڪشمڪش ۽ گروهي تصادم ته هو ئي، پر اُن جو اوترو ئي وڏو ڪارڻ مذهب پڻ هو. سنڌي سماج جي هنن ٻن اندروني آزارن اُن کي جيئن اڳي تيئن اُن دور ۾ به، نه رياست بنجڻ ڏنو ۽ نه قوم.

اڪثريت جي مذهب جي ڪثير تعبيرن نه رڳو اُن اڪثريت جي اعتقادي يڪسوئيءَ کي تباهه ڪيو، پر اُنهن ۾ وطن دشمنيءَ  ۽ قومي غداريءَ جي حد تائين به فرقا پيدا ڪيا. اقليت سان مذهبي رويي جو حال هيءُ هو، جو ”لا اڪراه في الدين“ ۽ ”لڪم دينڪم واليدين“ جهڙن عظيم مصالحتي اصولن جي سامهون هوندي به رڳو ”رسو“ چوڻ وارن کي به ’رسيءَ ۾ ٻڌي ڇڏڻ‘ لاءِ خلق تيار ٿيو بيٺي هئي. حڪمران اڪثريتي مذهب وارن وٽ لفظ ”واڻيو“ تڏهن به حقارت ۽ خواريءَ طور ’هندوءَ‘ لاءِ ڪم ايندو هو. شاهه جي زندگيءَ واري دور جو هيءُ واقعو (”بياض هاشميءَ“ ۾ ڏنل) آهي ته 1157هه (مطابق 1744ع ۾ هڪ هندو ٻالچند نالي مسلمانن سان ڳالهائيندي، جواب ۾ چئي ويٺو ته ”آءٌ واڻيو نه آهيان.“ بس پوءِ ته هن لاءِ نسوري قيام قائم ٿي ويئي، چي، ’ان طرح هن هندو هجڻ کان انڪار ڪيو آهي، ۽ ان ڪري مسلمان ٿي پيو.‘ هُن  ويچاري گهڻيون دانهون ڪوڪون ڪيون، پر سڀ بي سود، مٿس شاهد تيار ٿي ويا، ۽ مسئلي جو فيصلو قاضين ۽ مفتين آڏو  پيش ٿيو. ٺٽي جي مخدوم ضياءُ الدين، مخدوم حاجي محمد هاشم، شيخ عطاءُ الله مفتي، شيخ عنايت الله مفتي ۽ شيخ محمد عارف مفتي، نصرپور جي شيخ عزت الله مفتي ۽ مخدوم عبدالخالق، نوشهري جي مخدوم ابوالمعالي، گهاري جي مخدوم عبدالرحيم، ڪوٽڙيءَ جي مخدوم محمد عاقل، ۽ کاهي راهوءَ جي مولوي محمد ڪامل يڪراءِ فتوا ڏني ته ٻالچند مڃي يا  نه مڃي، پر هو اُنهن اکرن چوڻ ڪري مسلمان ٿي پيو ۽ هن تي اسلام جا احڪام جاري ڪيا ويندا. انڪار جي صورت  ۾ هن کي مرتد شمار ڪيو ويندو، جنهن جي سزا قتل آهي.“ ٻيو هڪڙو اهڙو ئي واقعو شاهه جي زندگيءَ واري دور جو ئي (ساڳئي اُنهيءَ  بياض ۾ آيل) آهي ته 1159هه (مطابق 1746ع ۾ ٻن ماڻهن ٺٽي جي عالمن ۽ قاضين آڏو هڪ هندو عورت بابت اها شاهدي ڏني ته اُن احمد نالي هڪ مسلمان سان تکو ڳالهائيندي، هن کي بي ايمان سڏيو، جنهن تي احمد کانئس پڇيو ته ’ڇا، تون ايمان رکين ٿي؟‘جواب ۾ مائيءَ سنڌيءَ ۾ چيو ته ’ها، اسين ايمان ٿا رکون‘ هاڻي سوال اِهو اُٿيو ته ’اُها هندو مائي اُن جملي ڪري مسلمان ٿي ويئي يا نه؟‘ عالمن جواب ڏنو ته ’اُها هندواڻي (ذميه) اُن جملي چوڻ سان مسلمان ٿي پيئي. حاڪمن تي لازم آهي ته هنن شاهدن جي شاهديءَ تي اُن عورت مٿان اسلام جا احڪام جاري ڪيا وڃن.‘ مذهبي ڦيٽاڙي ۽ ڌڪار جا هي به ڪي خاص مثال نه آهن. ”بياض هاشمي“ ۽ ٻيا اهڙا اُن دور جي فتوائن جا بياض اهڙن ڪيترن ئي مثالن سان ڀريل آهن ۽ اها صورتحال رڳو سنڌ جي يا رڳو اُن دور جي به نه هئي. اُن کان به اڍائي سئو سال کن اڳي، سنڌ جي سمي حاڪم ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي (دور حڪومت: 1460ع- 1507ع) جي همعصر شمالي هندستان جي حاڪم سڪندر لوڌيءَ جي دور متعلق ”طبقات اڪبريءَ“ ۾ آيل آهي ته ”هڪڙو برهمڻ ٻوڌن نالي ڪانير شهر ۾ رهندو هو. هڪ ڏينهن ڪن مسلمانن جي اڳيان اقرار ڪيائين ته ’اسلام سچو آهي ۽ منهنجو ڌرم پڻ صحيح آهي.‘(’اسلام حق است و دين من نيز درست است‘). هن جو اهو گفتو ڪنهن طرح عالمن جي ڪنن تائين پهتو، جن مان لکنوتيءَ جي رهندڙ ٻن مولوين قاضي پياري ۽ شيخ ٻڌي وٺي کڻي ڳالهه کي کنيو، ۽ هو سڌو اُتان جي نواب اعظم همايون وٽ ويا، جنهن اُن ’جڻئي پائيندڙ‘ (ٻوڌن) کي ساڻن گڏي، سلطان (سڪندر لوڌيءَ) ڏانهن (سندس گاديءَ جي شهر) سنڀل ڏانهن روانو ڪيو.

ڇاڪاڻ ته سلطان مذڪوره کي علمي مذاڪرن سان ڏاڍي رغبت هوندي هئي. انهيءَ ڪري. هن ناميارن علمائن کي هر طرف کان گهرائي ورتو، جن ۾ ميان قادن بن شيخ خوجو، ميان عبدالله بن الله تلنبي، سيد محمد سعيد خان دهليءَ وارو ۽ سيد ميران بن سيد احسن قنوج وارو مکيه هئا ۽ ٻيا جملي علماءَ جيڪي سدائين سلطان سان گڏ هوندا هئا، مثلاً سيد صدر الدين قنوجي، ميان عبدالرحمان سيڪريءَ وارو ۽ سنڀل جو ميان عزيز الله- اهي سڀ پڻ اُن معرڪي ۾ شامل ٿيا. گهڻي تحقيق کان پوءِ علمائن جو اتفاق ان تي ٿيو ته ’هن (ٻوڌن) کي ٻڌي (جس ڪرده) اسلام جي آڇ ڪئي وڃي.‘ ۽ جيڪڏهن (قبولڻ کان) انڪار ڪري ته هن کي قتل ڪيو وڃي.‘ قصو ڪوتاهه، ٻوڌن اسلام قبولڻ کان انڪار ڪيو ۽ قتل ٿي ويو. سلطان پوءِ مذڪوره علمائن کي انعام اڪرام ڏيئي، پنهنجي پنهنجي شهر ڏانهن وڃڻ جي موڪل ڏني....“ سنڌ ۾ ڪلهوڙن کان پوءِ ميرن جي دور  حڪومت بابت، سچل ۽ ساميءَ جي وقت جي انگريز مصنف ڊاڪٽر جيمس بزنس جا تاثرات پڻ اهڙيءَ ساڳيءَ صورتحال جي نشاندهي ڪن ٿا. ميرن جو ذڪر ڪندي. اُهو انگريز ڊاڪٽر لکي ٿو ته ”هو فطرتاً نيڪ. بامروت ۽ خوش خلق هئا. پر مشرڪن جي باري ۾ سختيءَ کان ڪم وٺندا هئا. لاڙ ۾ جيڪڏهن ڪنهن بد نصيب هندوءَ کان ڪا معمولي خطا ٿيندي هئي، ته اُن کي جهلي، ڪلمو پڙهائي، طهرائي ڇڏيندا هئا.....

ميرن جو ڏاڍ سڀ کان وڌيڪ سندن تبليغي سرگرمين مان ظاهر ٿئي ٿو. عقل اِن ڳالهه سمجهڻ کان قاصر آهي ته هندو هن ملڪ ۾ ڇو رهيا پيا آهن.“ ان لاءِ فقط هڪ سبب ٿي سگهي ٿو. جنم ڀوميءَ لاءِ سندن محبت..... ڪٿي به ٻه مومن جيڪڏهن شاهدي ڏين ته هڪ هندوءَ قرآن جون ڪي آيتون يا ڪلمو پڙهيو آهي، ته اُها شاهدي هن کي هڪدم سنت تي ويهڻ لاءِ ڪافي آهي.....“ سنڌ جي تاريخ جي اها هڪ ثابت ٿيل حقيت آهي ته اهڙيءَ ئي هڪ مذهبي ڪدورت واريءَ روش سنڌ کي سيٺ نائون مل جهڙوڪ ’غدار‘ پيدا ڪري ڏنو. ان سيٺ نائون مل کان ٽي صديون اڳ سنڌ جي آزاد قومي رياست خلاف عقائدي اختلاف جي نتيجي ۾ ئي سنڌ کي قاضي قاضن به بدنصيب ٿيو، جيڪو هڪ ڌارئين حمله آور، سنڌ جي قاتل دشمن شاهه  بيگ ارغون سفاڪ سان همنواعي ۽ سهڪار ڪرڻ تي آماده ٿيو. اُهو ئي مذهب جو عقائدي اختلاف هو، جنهن تي ڀروسو رکندي، اڪبر جي خون خوار سپهه سالار عبدالرحيم کي سنڌ جي ڪن سجادن ۽ خانقاه نشينن کان سنڌ کي غلام در غلام رکڻ ۽ سنڌ جي عام مخلوق کي ڦرڻ لٽڻ ۽ ڪهڻ ۽ ڪچلڻ لاءِ دعائن گهرڻ جي ضرورت محسوس ٿي، ۽ هُن کي اُنهن ڪمن لاءِ اُهي دعائون ۽ دعائن سان گڏ مددون به مليون!

شاهه، سچل ۽ سامي پنهنجي سماج جا حساس ۽ سڄاڻ شاعر هئا. هنن کي اُن جي دک ۽ اُن جي امنگ جي خبر هئي. هنن اُن جي امنگ جي ترجماني ڪئي ۽ اُن جي دک جو علاج تجويز ڪيو. سنڌي سماج کي هڪ آزاد ۽ باعزت سماج ٿي رهڻو هو. اُن مان نفاق ۽ ٻيائيءَ کي ختم ٿيڻو  هو. اُن کي دوئيءَ جي بدران وحدت جي ضرورت هئي. اُن ۾ پنهنجي اجتماعي وجود جو شعور پيدا ٿيڻو هو. اُن ۾، فرد ۽ گروهه جي مفاد کي جماعت جي مفاد تي قربان ٿيڻ سکڻو هو، يعني اُن جي سڀني انفرادي غرضن کي گهٽجي هڪ گڏيل ۽ جامع غرض جي صورت وٺڻي  هئي، ته جيئن گهڻي ۾ گهڻا مفاد ۽ گهڻي ۾ گهڻيون خودپسنديون اُن ۾ سمائجي وڃن ۽ راضي ٿين ۽ نيٺ پنهنجو وجود اُن ۾ گم ڪري ڇڏين. اُن جي بهتر شهرين ۾ فرض جو احساس جاڳڻو هو، جنهن کي وطن دوستي يا قوم لاءِ قربانيءَ جو جذبو چئبو آهي، ۽ جيڪو هر باشعور قوم ۾ هڪ نسلي خوبيءَ طور موجود هوندو آهي. اهو رواجي طرح ته ٻين سڀني کان علحدگيءَ جو جذبو هوندو آهي. جيڪي پنهنجا نه هوندا آهن.پر تربيت پاتل ذهنن ۾ اُهو ڪنهن جامع مقصد سان وفاداريءَ يا وابستگيءَ جي صورت ۾ نمودار ٿيندو آهي. سنڌي سماج کي تاريخ  ۾ پنهنجي اعليٰ مقصد جي حاصلات جو فرض قبولڻو هو. انساني تهذيب جي هڪ خاص نموني طور پنهنجي مخصوص تهذيب جي حفاظت ۽ ترقيءَ جي مقصد. جيڪا اُن جي پر عزم دفاع ۽ اجتماعي حمايت کان سواءِ ڊهي سگهي ٿي ۽ ڳري ڳري خسيس درجي کي پهچي سگهي ٿي. اُن کي پنهنجي بقا جي حق ثابت ڪرڻ لاءِ پنهنجي سگهه ۽ صلاحيت قائم رکڻي هئي. ڇاڪاڻ ته ٺلهيءَ صلح جوئيءَ سان قومون ڪنهن به مقصد ڏانهن وڌي نٿي سگهيون، بلڪ  اڪثر رڳو ڏاڍن ۽  بدمعاشن جو لقمو ٿي سگهيون ٿي ۽ ٿي ويون ٿي. اُن کي اندروني امن ۽ اتحاد لاءِ قانون ۽ انصاف جي بالادستيءَ قائم رکڻي هئي ۽ مختلف نظرين ۽ خيالن کي تصادم ۾ اچڻ کان روڪڻ لاءِ سهپ ۽ رواداريءَ جي فضا اڀارڻي ۽ سدا موجود رکڻي هئي. سنڌي سماج ۾ نئين انسان جي تعمير ٿيڻي هئي. اوچي پد واري انسان جي، جنهن جا آدرش اوچا هجن، ويچار اوچا هجن ۽ عمل به اهڙا اوچا هجن، جيڪو محبت، مروت، رواداريءَ، صبر، حوصلي، همت، ايثار ۽ اورچائيءَ جو مالڪ هجي، جيڪو پر اُپڪاري، امن پسند، خير ڪندڙ ۽ خير گهرندڙ هجي، جيڪو محب وطن هجي، فرض شناس هجي ۽ پنهنجي آزاد، ڪشاده دل۽ باعزت سماج ۾ آزاد، پر خلوص ۽ باعزت زندگي گذارڻ جو لائق هجي. شاهه، سچل ۽ ساميءَ پنهنجي وطن عزيز ۾ اهڙو هڪ سماج ٺاهڻ گهريو  ٿي ۽ اُن ۾ اهڙي هڪ اعليٰ انسان جي تربيت ڪرڻ گهري ٿي.

سنڌ جا هي عظيم شاعر مذهبي ماڻهو هئا. خاص طرح انهيءَ معنيٰ ۾  ته هُنن پنهنجي  پيغام لاءِ مذهبي اصطلاح کي پڻ ڪم ۾ آندو آهي، پر هُنن اُهو پيغام سنڌي ٻوليءَ  ۾ ۽ سنڌ جي ماڻهن کي ڏنو آهي، جن کي اُن جي ضرورت هئي. شاهه ۽ سچل کي ڪافي ڪجهه اسلام سمجهائڻو هو ۽  ساميءَ کي ڪافي ڪجهه هندو ڌرم، ۽ ٽنهي کي خالص مذهب جي (اڻ ڏٺي ۾) ايمان واري اصل الاصول کي به سمجهڻو ۽ سمجهائڻو هو. مقصد سندن اُنهيءَ خاص ڪم ۽ ڪاوش جو هيءُ هو ته سنڌ جا ماڻهو محسوس ڪن ته ٻيئي مذهب هرو ڀرو  مجهن ڪو ويڇو وجهي نٿي سگهيا. خاص طرح تڏهن جڌهن اُنهن کي عقل جي اک سان ڏٺو ٿي ويو. يعني تهذيب سان جيتري قدر اُنهن جو واسطو يا اشتراڪ هو اوتري قدر هو کين پاڻ ۾ ڳنڍي به سگهيا ٿي ۽ ڳنڍيو به بيٺا هئا، ۽ اهو اُنهن جو ڳانڍاپو سندن سماج لاءِ وڏي نعمت هو بلڪ اُهو اُن جي وجود جي بقا جي هڪ ضمانت ٿي سگهيو ٿي. پر رياست يعني سرڪاري اقتدار جي معاملي ۾، يعني اُن جي شراڪت سان اُنهن مان هڪڙي جي فوقيت ۽ ڏاڍائي منجهن نفاق جو سبب بنجي رهي هئي، جنهن  نفاق مان کين يعني سندن سماجي وجود کي ڪڏهن به ڪو  فائدو رسيو ڪو نه هو، بلڪ اُن جي نتيجي ۾ آخرڪار اُهو ڊهي، واوکر ٿي، اچي پٽ پوڻو هو ۽ اُن صورت ۾ باقي سندن وجود انساني دنيا ۾ بيڪار، بي معنيٰ ۽ بي وقار ٿي وڃڻو هو. تاريخ سنڌي ماڻهن کي شاهه جي زندگيءَ ۾ ئي ثابت ڪري ڏيکاريو ته ڪيئن جهوڪ جي صوفي مجاهدن ۽ حڪمران ڪلهوڙا فقيرن جي مذهبي نفاق سنڌ جي آزاديءَ ۽ قومي بحاليءَ کي ويهه سال پوئتي هٽائي ڇڏيو، ۽ ان ويهن سالن جي محروميءَ سندن سڄيءَ قسمت کي اهڙي ڏجهري ۾ وجهي ڇڏيو، جنهن جو ڪو اندازو نٿو ٿي سگهي. سچل ۽ ساميءَ جي ئي زندگيءَ ۾ سنڌ جي ماڻهن ڏٺو ته ڪيئن مذهبي ڪٽرپڻي منجهن ’نائون مل‘ پيدا ڪيو ۽ سندن سئو سالن جي غلامي لاءِ سرزمين هموار ٿي، جنهن جي ابتدا ساميءَ ته  پنهنجي اکئين به ڏٺي. پنهنجي جديد تاريخ ۾ سنڌ جي ماڻهن هي به ڏٺو ته ڪيئن مذهبي دوئيءَ جي تفرقي ۽ نفرت کين ڀڃي ٻه اڌ ڪري ڇڏيو ۽ ٻنهي ’ڌرين‘ کي موٽ ۾ سواءِ هولناڪ خوف ۽ بيوسيءَ جي ٻيو  ڪجهه به نصيب ڪو نه ٿيو. سنڌ جي ماڻهن اڳيان سندن گڏيل ڀلائيءَ جي اها راهه، جيڪا سندن عظيم هادي شاعرن کين ڏيکاري، ۽ جيڪا سندن رواداريءَ، محبت ۽ اتحاد جي راهه آهي، سا اڄ به سندن اڳيان موجود آهي، ۽ هو اڄ به اُن تي هلي، پنهنجو هڪ سگهارو، خوددار ۽ باعزت  ڪري سگهن ٿا ۽ وسيع انساني برادريءَ  ۾ پنهنجي مخصوص تهذيب جي حفاظت ۽ بهتريءَ جي اعليٰ فرض جي پوئواري به ڪري سگهن ٿا.

فن ۽ شعر جي مطالعي ۾ عام طرح، ۽ خاص اسان وٽ، شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي مطالعي ۾، اُنهن جي فن ۽ شعر تي مذهب جو اثر گهڻو ڳوليو ويو آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي. مذهب جو فن ۽ شعر تي اثر، اها ڳالهه ته برابر، پر فن ۽ شعر جو مذهب تي اثر به گهاٽو ۽ گهڻو ٿئي ٿو، بلڪ سڄيءَ تهذيب، يعني ڪنهن خاص سماج جي مادي ۽ ذهني (روحاني) اپت يا تخليق، جو اثر مذهب، ۽ پڻ رياست، ٻنهي تي لازمي طرح پوي ٿو، ۽ اُنهن تي، ڪن حالتن ۾ ٿوري يا گهڻي قدر ۽ ڪن حالتن ۾ ته پوريءَ طرح، پنهنجي قومي تهذيب جو رنگ غالب هوندو آهي. قومي تهذيب  ۽ قومي رياست وانگر مذهب به قومي ٿين ٿا، توڙي جو اُهي ڪنهن ’عالمي مذهب‘ جا ملحدانا، يا ’ بدعتي‘ تفسير يا تعبير ئي ڇو نه هجن. اِهو ئي سبب آهي. جو راسخ (جامد، بيٺل) عقيدي وارن، مذهب جي تهذيبي، يعني ’افاده عام‘ واري (متحرڪ، ذي روح) هر تفسير کي ڪفر ۽ الحاد سڏيو آهي، ۽ اهڙي هر تفسير ڪندڙ شاعر، مفڪر يا  سماج سڌارڪ کي ڪافر ۽ ملحد چيو آهي. سنڌ دشمن شاهه بيگ ارغون، سنڌ جي فدائيءَ، شهيد اعظم، مخدوم بلاول کي ڪافر چوارائي، گهاڻي ۾ پيڙايو. شاهه عنايت شهيد تي اگهاڙيءَ ترار سان جلاد کي بيهاري، نواب اعظم خان پڇيو ته ”’اول الامر‘ جي حڪم کان تو ڇو منهن موڙ ڪئي؟“ ته شاهه شهيد جواب ۾ چيو ته ”اسين مريد ڪعبي ڏانهن ڪيئن ٿا منهن ڪري سگهون، جڏهن اسان جي هاديءَ جو منهن ميخاني ڏانهن هجي!“ سنڌ جي هن امر شهيد جو  ستن کان جدا ڪرائڻ بعد،  نواب اعظم خان شهر ۾ پڙهو گهمارايو ته ڪو به ماڻهو ”يا الله!“ جو نعرو نه هڻي. جيڪو حڪم عدولي ڪندو، اُن جو سر ترار سان قلم ڪيو ويندو. ڇاڪاڻ ته ”ياالله!“ شاهه شهيد ۽ سندن وطن دوست مجاهدن جو نعرو هو. شاهه شهيد جي شهادت وقت، عمر جي ڦوهه جوانيءَ ۾ بيٺل شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي دل مان جيڪا آهه نڪتي هئي. اسان کي معلوم آهي: ”جهڄان پنسيو جهوڪ، آيل سنگهارن جي!“ شاهه سائينءَ جو ٻيو همعصر محب وطن درويش حضرت خواجه محمد زمان لنواريءَ  وارو هو، جنهن کي ملاقات جي ياد  جو سندن بيت مشهور آهي:

مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرينءَ کي
تنين سندي ڪاءِ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي.

حضرت خواجه صاحب جن جي ڳالهه آهي ته ”هڪ ڀيري هڪ هندو وٽن لنگهي آيو ۽ وينتي ڪيائين ته  ’قبلا، هن بندي کي اسم اعظم جي هدايت ڪريو!‘ حضرت جن هن کي هدايت ڪئي. جڏهن هو موڪلائڻ لڳو، تڏهن فرمايائونس ته ’ظاهر ظهور تون بيشڪ هندو ڌرم جي ڪريا ڪرم تي قائم رهندو اچ پر باطن ۾ اسان جيڪا تو کي امانت عطا ڪئي آهي، سا حفاظت سان سانڍيندو اچج!‘ هي حرف ٻڌي، حافظ پنوهر نالي هڪڙي هم نشين اعتراض وٺي عرض ڪيو ته ’قبلا، هيءَ وري ڪهڙي قسم جي مسلماني آهي؟‘ حضرت جن ٻاجهه ڀريون اکيون مٿي کڻي فرمايو ته ’ميان، مسلامنيءَ جي تو کي ڪهڙي خبر؟‘“ حضرت خواجه  جن ڏانهن هيءُ به قول منسوب آهي ته ”دين قائم آهي حق جي ماڻهن سان ۽ نه لٺ ۽ لڙائيءَ سان.“ ظاهر آهي ته سنڌ جي محب وطن سمي سلطان ڄام نظام الدين ۽ سنڌ جي دشمن شقي القلب ۽ سنڌي ماڻهن جي قاتل سفاڪ شاهه بيگ ارغون جو مذهب ساڳيو نٿو ٿي سگهي، نه ئي مخدوم بلال ۽ قاضي قاضن جو، يا نواب اعظم خان ۽ شاهه شهيد صوفيءَ جو مذهب ساڳيو ٿي سگهي ٿو. جن ملن ۽ مفتين ’ايمان واريءَ‘ هندو مائيءَ ۽ ’واڻئي‘ ٻالچند کي زوريءَ ’مسلمان‘ ڪري ڇڏيو،  تن جو ۽ سلطان الاوليا خواجه  محمد زمان لنواريءَ واري جو مذهب به ساڳيو نٿو ٿي سگهي. جنهن پنهنجي هندو معتقد کي، اسم اعظم جي امانت ڏيئي. چيو ته ’ڀلي هندو ڌرم جي ڪريا ڪرم تي قائم رهندو اچ.‘ ”تحفہ الڪرام“ ۾ ٺٽي جي هڪڙي. ”اهل حال“ بزرگ شاهه اسماعيل صوفيءَ جو ذڪر آيل آهي. ته اُهو شاهه شهيد صوفيءَ جي مخلصن مان هو، ۽ شاهه لطيف ڀٽائيءَجي ساڻس دوستي هئي: هو ”مثنويءَ جو درس ڏاڍيءَ محويت سان ڏيندو هو.... هڪ ڏينهن درس ڏيندي، اوچتو سندس طبيعت پريشان ٿي ويئي، ۽ سڄي بدن تي ڏنا ٿي پيس، جن کي لڪائڻ لاءِ رلهي گهرائي ڍڪي ويهي رهيو. نيٺ معلوم ٿيو ته اُن وقت شهر جو قاضي ٺٽي جي ڪوٽواريءَ ۾ چبوتري تي هڪ ماڻهوءَ کي سرڪاري ملازمن هٿان سواءِ ڏوهه جي رڳو سياسي ضد سبب ڪوڙا هڻائي رهيو هو. ۽ اُهي ڪؤڙا اُن بزرگ جي بت تي ظاهر ٿي رهيا هئا.“ سچ پچ به ته اُن  ”اهل حال“، بزرگ، شاهه اسماعيل صوفيءَ، جو مذهب ٻيو هو ۽ اُن شهر جي قاضيءَ جو مذهب ٻيو هو، جنهن سان سرڪاري ملازم صلاحي ۽ سهمت هئا. يا هو انهن سان سهمت ۽ صلاحي هو، جيڪو بيهي هڪڙي بيگناهه کي ڪؤڙا هڻائي رهيو هو. شاهه بيگ ارغون، قاضي قاضن، نواب اعظم خان، ٺٽي جي قاضيءَ ۽ ٻين فتواباز ملن مولوين جو مذهب اُهو ئي هو، جيڪو غاصب، کائو ۽ قابض گروهي مفاد ۽ اُن جي رياستي اقتدار کي هٿيار طور ڪم ٿي آيو: ۽  جام نظام الدين، مخدوم بلال، شاهه شهيد، خواجه محمد زمان، شاهه اسماعيل صوفيءَ ۽ ٻين ”اهل حال“ بزرگن جو مذهب اُهو هو، جيڪو ”افاده عام“ جي رنگ ۾ رڱيل هو، جنهن ۾ وقت جي حالتنن جو اثر ڏسجي رهيو هو، جيڪو سنڌي ماڻهن جي تهذيب سان هم آهنگ ٿي رهيو هو، جيڪو اُنهن جي قومي مذهب جو روپ وٺي رهو هو.

شاهه شهيد صوفي جنهن لاءِ چيو ويو آهي ته پاڻ به وڏو شاعر هو ۽ راڳ جو متوالو هو، شاهه اسماعيل صوفي جيڪو مثنوي ڏاڍيءَ محويت سان پاڙهيندو هو، خواجه محمد زمان جيڪو پاڻ به شاعر هو، اُن سونهاري سٿ جا ٻيا بزرگ، جهڙوڪ ٺٽي جو مخدوم محمد معين، سيوهڻ جو مخدوم ميان دين محمد، اگهم ڪوٽ جو مخدوم ميان پير محمد، ڪوٽڙي ڪبير جو مخدوم ميان محمد، روهڙيءَ جو مير جان الله رضوي، گهوٽڪيءَ جو ميان موسيٰ شاهه جيلاني ۽ ٻيا اهڙا ڪيئي اهل دل ۽ اهل حال بزرگ، صوفي باصفا ۽ عالم باعمل سڄيءَ سنڌ ۾ شاهه سائينءَ جا نه رڳو ساٿاري پر دوست ۽ ساٿي هئا، جن سڀني سنڌ ۽ سنڌي سماج جي قومي بحاليءَ ۽ قومي بقا لاءِ سنڌي ماڻهن جو قومي اتحاد ڪرڻ گهريو ٿي. اُهو اتحاد هُنن سنڌي ماڻهن جي قومي تهذيب جي بنياد تي قائم ڪرڻ ٿي چاهيو، ۽ دعوا ۽ دستور واري مذهب جي ڪا به ڳالهه جيڪا سندن نظر ۾ اُن اتحاد جي راهه ۾ رڪاوٽ بنجي ٿي بيٺي، اُن کي هنن رد ڪرڻ ٿي گهريو. بلڪ رياست ۽ مذهب ٻنهي کي هنن چاهيو ٿي ته اُهي تهذيب جي ضابطي ۽ تاديب هيٺ رهن ۽ اُن جي اوسر ۽ واڌاري لاءِ ڪم اچن. هنن سنڌي ماڻهن جي اجتماعي قوت کي قومي رياست جو ۽ سندن ڪثير الاعتقاديءَ کي قومي مذهب جو روپ ڏيڻ ٿي چاهيو، ته جيئن سندن قومي اتحاد آڏو ڪو خطرو  باقي نه رهي ۽ هو پنهنجي مادي ۽ روحاني فلاح ۽ ترقيءَ جي راهه ۾ پوري ڀروسي ۽ بيخوفيءَ سان اڳتي وڌن ۽ بني نوع انسان جي آفاقي مسرت ۽ ڪمال ۾ پنهنجي وس آهر پنهنجي حصي جو فرض ادا ڪري سگهن. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي دور جي سنڌ ۽ سنڌي سماج  جي انهيءَ سڄي امنگ جو عظيم ترجمان يعني اُن جو  عظيم شاعر، عظيم فنڪار ۽ عظيم مفڪر هو. سچل ۽ سامي به سنڌ ۽ سنڌي سماج جي اُنهيءَ اجتماعي امنگ جا عظيم ترجمان ۽ شاعر هئا.

سنڌ جي محب، ايڇ. ٽي. سورلي، پنهنجي عاليشان ڪتاب Shah Abdul Latif of bhit جي تاريخ واري ڀاڱي جي مهڙ ۾ انگريزيءَ جا ٻه ننڍا شعر ڏنا آهن،

هڪڙو ’آئزڪ واٽس‘ (Issak Watts) جو:

”وقتُ، هڪ سدا وهندڙ درياءَ وانگر،

پنهنجي سڄي وياءَ کي پاڻ سان لوڙهيندو نيندو ٿو وڃي.

هڪ خواب وانگر اُهي اُڏامندا ۽ وسرندا وڃن ٿا.

جيڪو صبح ٿيڻ سان گم ٿي ويندو آهي.“

۽ ٻيو ٽينيسن (Tennyson) جو:

”ڏينهن پنهنجي سڄي رنگ ترنگ سان اڏامندا، گم ٿيندا ٿا وڃن، پر، شايد، اهڙي ڪا ’پاڇي وجهندڙ سُرت‘ آهي،

سا ڪڏهن ڪڏهن آڻي ڏئي ٿي (کيس به خبر نه آهي ته ڪٿان!)

هڪڙو ڪو ننڍڙو مڌ ڀريل پيالو، هڪڙي ڪا پر ڪيف غيبي سُرڪ!“

وقت برابر ويندو رهي ٿو ۽ ڏينهن برابر گذرندا ويندا ٿا رهن، پر ماضيءَ جي، اُڇلايل پاسيرن ڍيرن ۾ به ڳولڻ سان اهڙا ڪي هيرا ڪڏهن ڪڏهن ملي وڃن ٿا، جن جي روشنيءَ جا شعاع، پنهنجي پنهنجي جاءِ تي، اسان جي آئيندي جي قدمن جا رهبر ثابت ٿي سگهن ٿا. ڪنهن گمنام کان گمنام ماڻهوءَ جو هڪ ٻول، ڪنهن معموليءَ کان معمولي مصنف جيڪا هڪ سٽ به اسان لاءِ اهڙي شعاع وارو ڪو انمول هيرو ثابت ٿي سگهي ٿو. عظيم ماڻهن جي هٿن جو ته جو ڪجهه اسان جي ورثي ۾ ڇڏيل آهي، اُن جي افاديت کُٽڻ جي ئي ڪانهي. توڙي جو سوين هزارين ڀيرا اُن جو مطالعو ڪيو ويو هجي. ڪهڙي خبر ته اُن ۾ اهڙي ڪا اهم ڳالهه هجي، جيڪا سئو سال پوءِ ڪنهن کي اُن ۾ نظر ايندي. اعليٰ تخليقن جو انهيءَ ڪري وري وري مطالعو ڪرڻو پوي ٿو. اُهي  نه رڳو هر ماڻهوءَ کي يا هر دور کي ڪا نئين روشني. ڪا نئين ڳالهه ڏين ٿيون. پر هر ماڻهوءَ کي هر وقت اُنهن مان ڪجهه نه ڪجهه نئون سبق. ڪو نه ڪو نئون ڏسُ ملي ٿو. شاهه جي شعر. ۽ سچل ۽ ساميءَ جي شعر. جيڪو اثر سندن پنهنجن ڏينهن جي ماڻهن تي ڪيو هوندو. عين ممڪن آهي ته اُن کان علحدي قسم جو اثر اسان جي دلين تي اُن جو ٿيندو هجي. اڄ کان هڪ صديءَ پوءِ به جيڪي اسان جا نسل موجود هوندا. اُنهن تي اُن کان ئي ڪو نئون ۽ علحدو اثر ٿي سگهي ٿو. اهو ئي انساني ذهنن جو دائمي ۽ اٽوٽ ۽ لاڳيتو ڳانڍاپو آهي. اها ئي انساني زندگيءَ جي ازلي ۽ ابدي روحاني ڏي وٺ آهي.

سنڌي سماج جي اِها ازلي ۽ ابدي روحاني ڏي وٺ تمام گهڻي قدر ۽ پوريءَ عملي صورت ۾ اُن جي پنهنجي سنڌي ٻوليءَ وسيلي ٿيندي آئي آهي، ۽ عين ممڪن به ائين آهي، ۽ اها ڳالهه رهڻي به وقت جي اکٽ سفر ۾ ائين ئي آهي. بلڪ ماڻهن جي هر تهذيب جي ابتدا به ذهن جي انهيءَ ئي معجزي سان ٿئي ٿي، جنهن کي ٻولي ٿو چئجي. ٻوليون ئي قومن جي روح جا، اُنهن جي آدرشي عڪس جا، اُنهن جي ’هئڻ جي احساس‘ جا، سڀ کان سڌا ۽ چٽا اظهار آهن. ٻولي ئي سڀ کان وڌيڪ بقادار مواد آهي. جنهن ۾ ڪنهن فوم جي ”پاڇي وجهندڙ ڪا سُرت“ پنهنجي روحاني زندگيءَ جي موڙي محفوظ ڪري ٿي. خاص طرح پنهنجن عظيم شاعرن، فنڪارن ۽ مفڪرن جي قولن، گفتن، ۽ ادبي ۽ فني شهڪارن جي صورت ۾. ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي. بلڪ اڪثر ائين ٿيندو آهي ته خسنيس، واهيات ۽ سستي قسم جي شاعري (يا ڪنهن ٻئي فن جي کوٽي پيداوار) جيڪا هلڪن ۽ گدلن جذبن کي اڀاريندي ۽ ذهنن کي ڪيرائيندي ۽ گندو بنائيندي آهي، سا به پيش ٿيندي رهندي آهي.پر قوم جي ”پاڇي وجهندڙسُرت، اهڙي ڪنهن ڪوڙي سڪي، کي اُن جي ٻوليءَ جي محفوظ گهر ۾ دائميت واري جاءِ ڪا نه ڏيندي آهي. ڪنهن دور ۾ ڪنهن قوم ڪهڙو شعر پيدا ڪيو، پڙهيو، ياد ڪيو ۽ ڳايو، اُن جي اخلاق ۽ ڪردار جي سڀ کان وڌيڪ اهم شاهدي اها آهي. اهڙيءَ طرح شاعري جيڪا ڪنهن قوم جي روحاني حافظي (اُن جي ٻولي جنهن جو ٿانءُ آهي) ۾ موجود آهي، اُها اُن جي تهذيبي ارتقا جو ڪتاب آهي، اُن جي اصلي تاريخ آهي، جنهن  جو اُن قوم جي بنجڻ ۽ ڪاميابيءَ سان زنده رهڻ ۽ زنده رهي اڳتي وڌڻ ۽ اوچي ٿيڻ ۾ وڏو هٿ رهي ٿو.

شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي اعليٰ شاعري پنهنجي سچ، نيڪيءَ ۽ ڪمال حسن سان سنڌي ٻوليءَ ۾ محفوظ آهي، ۽ سنڌي ٻولي سندن انهيءَ فڪر ۽ فن جي وقت سان اڄ سنڌي ماڻهن جي اجتماعي وجود ۽ اُن جي اتحاد ۽ بقا جو نشان ۽ اُن جي پيڙهه ۽ ضمانت آهي. سندن اهو احسان، جو هُنن سنڌ ۽ سنڌي سماج جي اُنهيءَ پنهنجيءَ ٻوليءَ کي پنهنجي روح جي آزاد امنگ جي اظهار جو وسيلو بنايو، ۽ ائين اُن کي ايتري توانائي ڪشش ۽ وسعت ڏني، جو اها سنڌي ماڻهن جي قوم بنجڻ ۾ پنهنجو تهذيبي ڪردار ادا ڪري سگهي.

شاهه، سچل ۽ سامي سنڌي قوم جا استاد، هادي ۽ رهبر آهن.خاص طرح شاهه سائينءَ سنڌي قوم کي پنهنجو رسالو عطا ڪري، اُن کي ’اهل ڪتاب‘ هجڻ جو شرف بخشيو آهي. هيءَ پنهنجيءَ ڪنهن شيءِ کي عظمت يا تقدس ڏيڻ جي ڳالهه ڪانهي، پر هيءَ هڪ حقيقت آهي. شاهه جو رسالو دنيا جي جملي مذهبي تعليم جو نچوڙ ۽ سنگم ۽ سنڌي تهذيب جي سموريءَ حاصلات جو روح آهي، اُن ۾ زند اوستا، گيتا، ٻڌ ڌرم، جين مت، مسيحيت ۽ اسلامي تعليم جا اهم ۽ اعليٰ اصول ۽ قدر سڀ موجود آهن. جيڪي هونئن به بنيادي طور سڀ ساڳيا آهن. اُن جا ڪيترائي سُر، الڳ الڳ ۽ سڄي جا سڄا يا ڀاڱن ۾، اُنهن ’مذهبن‘ جي پنهنجي پنهنجي تربيتي ماحول ۽ تعليمي اصطلاح تي مبني ڏسجن ٿا. اُن ۾ سنڌي تهذيب جي هزارن سالن جي روحاني تجربي ۽ روايت جي نبار ڄاڻ ۽ ساڃاهه  موجود آهي.

سنڌي تهذيب پنهنجي جڳن جي سفر جي ياد کي املهه ملڪيت طور پاڻ وٽ پنهنجي لوڪ ڪتو، لوڪ ڪٿا ۽ لوڪ چوڻين جي صورت ۾ محفوظ رکيو آهي. اُنهن ئي مثالن، ڳالهين ۽ واقعن جي مطالعي مان اخذ ڪيل عام نتيجا ۽ عام اصول شاهه سائينءَ پنهنجي رسالي ۾ سنڌي لوڪن کي سيکاريا آهن. عام سکيا جي عمل جو اهو ئي ڏاهپ ڀريو ۽ دلپذير طريقو آهي. ڪامل سکيا يا آخري ۽ مطلق علم ته ڪڏهن ممڪن ڪونهي. انهيءَ ڪري علم جي حاصلات جو تهذيبي يعني تجرباتي ۽ آزمائشي طريقو مذهبي طريقي يعني اعتقادي يا ايماني طريقي کان وڌيڪ اعتبار جوڳو ۽ وڌيڪ ڦلدائڪ سمجهيو ويو آهي ۽ ثابت ٿيل آهي. تعليم ۽ تربيت جي تهذيبي طريقي ۾ شڪ ۽ تنقيد علم جي حاصلات لاءِپهريان قدم شمار ٿين ٿا. شڪ يا تنقيد مان سچ، نيڪيءَ ۽ سونهن کي ڪو نقصان ڪو نه ٿو رسي. ڇو ته سچ ۽ نيڪيءَ جو هو نئن به وقت تي ئي مدار ٿئي ٿو. خود ضمير يا وويڪ تي به وقت جو اثر ٿئي ٿو. پر جا ڳالهه تهذيبي ارتقا لاءِ ضروري آهي ۽ هر طرح عظيم آهي. اُها آهي سچ، نيڪيءَ ۽ سونهن سان محبت جو جذبو، خاص طرح تڏهن جڏهن اُن لاءِ خطري کي منهن ڏيڻو پوي. شاهه سائينءَ پنهنجي رسالي ۾ سنڌي ماڻهن کي سندن اصطلاح ۾، سندن  ئي پنهنجن مثالن ڳالهين ۽ واقعن جي وسيلي اها ئي سچ، نيڪيءَ ۽ سونهن سان محبت جي جذبي جي سکيا ڏني آهي.

نڪو سنڌو سور جو  نڪو سڌو سڪ.
عدد ناهه عشق پڄاڻي پاڻ لهي.- شاهه

سچُ، نيڪي ۽ سونهن، حقُ، خير ۽ حسنُ، ’انساني روح جا هي ٽي امنگ يا لاڙا بنيادي ۽ اُنهن جو بنياد اصل ۾ انسان جي پنهنجي ذاتي مفاد تي رکيل آهي. جو ڪجهه منهنجي پنهنجي فائدي لاءِ آهي. اهو مون لاءِ حق به آهي، خير به آهي. ۽ اُن ۾ مون کي حسن به نظر اچي ٿو ڇو ته اُهو مون کي وڻي ٿو! پر انسان يعني فرد دنيا ۾ اڪيلونه آهي، ۽ هڪڙو ذاتي مفاد ٻين ذاتي مفادن جي تعلق ۽ نسبت سان عملي صورت وٺي ٿو. انهيءَ ڪري جيڪڏهن محض زور (انفرادي يا گروهيءَ) تي فيصلو ڇڏڻو نه آهي، ته پوءِ گهڻن (انفرادي ۽ گروهي) مفادن جي ”گڏجي گذاري“ لاءِ ڏي وٺ ۽ ڇڏ ڇوٽ جي طريقي سان ”جيئو ۽ جيئڻ ڏيو.“ جي اصول تي عمل لازمي بڻجي پوي ٿو. ساڳيءَ طرح منهنجي، تنهنجي ۽ هن جي (انفرادي يا گورهي نوع جي) گهڻن ’سچن‘ جي وچ ۾ به باهمي سهپ ۽ رواداريءَ جي اصول کان سواءِ ٻي ڪا واهه ڪانهي، ۽ اُنهن جي پنهنجي پنهنجي بقا ۽ فروغ لاءِ به اهو ئي واحد معقول ۽ مفيد رستو ٿي سگهي ٿو، ’سهپ‘ ۽ ’جيئو ۽ جيئڻ ڏيو‘ جي اصولن تي عمل ڪرڻ سان باهمي محبت ۽ باهمي تعاون وڌي ٿو ۽ انسانن ۾ هر سطح جي گروهي اتحاد، امن ۽ ترقيءَ جي راهن گهرجي ٿي، ۽ کين نفاق، جنگ ۽ برباديءَءَ جي هولناڪ عقوبتن کان تحفظ ۽ پناهه ملي ٿي،. ۽ اهڙيءَ طرح تهذيب جي مذهب ۽ رياست تي فوقيت جي صورت قائم ٿئي ٿي، ۽ سماجُ ڪنهن غالب مذهب جي تعصب ۽ هٺ ڌرميءَ کان هڪ طرف ۽ ڪنهن غالب رياست جي ظلم ۽ تشدد کان ٻئي طرف ۽ ٻنهي جي گڏيل موت جهڙي، عذاب کان پوريءَ طرح نه، ته به) گهڻي قدرت نجات حاصل ڪري ٿو، ۽ ائين هتي هن  ڌرتيءَ تي هو ڪامل انساني مسرت ۽ ڀلائيءَ جي جنت جي تعمير ۾ پنهنجي حصي جو فرض ادا ڪري سگهندو ۽ اهو ئي هر انساني سماج جي هر فرد جو هن ڌرتيءَ تي اعليٰ کان اعليٰ مقصد ٿي سگهي ٿو.

سنڌ جي ماڻهن ۽ سنڌي سماج کي، شاهه، سچل ۽ ساميءَ هن ڌرتيءَ جي انهيءَ اعليٰ مقصد سان روشناس ۽ اُن لاءِ تيار ڪرڻ ٿي گهريو. هو سنڌ جا عظيم استاد، هادي ۽ رهبر هئا. هو تمام وڏا انسان ۽ تمام وڏا شاعر هئا. هنن اسان کي جيڪا تعليم ڏني آهي، سا ڪا معمولي تعليم ڪانهي. هُنن سنڌي سماج جي آڏو نئين انسان جو تصور پيش ڪيو، هنن سنڌي سماج کي نئين اجتماعي وحدت جي شعور کان واقف ڪيو ۽ اُن لاءِ کين عملي راهه ڏيکاري- قومي تهذيب، قومي مذهب ۽ قومي سياست جي راهه، مشترڪ مفاد ۽ باهمي تعاون جي راهه، محبت، رواداريءَ ۽ اتحاد جي راهه، عمل ۽ قربانيءَ جي راهه. هنن جي سامهون سنڌ ۽ سنڌي سماج جي آزاد، باوقار، بامقصد ۽ خوشحال وجود جو خواب هو، ۽ هنن وٽ اُن خواب جي تڪميل جو رستو به هو- ٻيائيءَ ۽ ويڇي کي هٽائڻ جو، پنهنجن کي پنهنجو ڪرڻ جو، ٻڌيءَ ۽ ايڪتا جو، سچ، نيڪيءَ ۽ سونهن کي پاڻ ارپڻ ۽ اُنهن تان پاڻ نڇاور ڪرڻ جو، سچي ماڻهپي جو، ماڻهوءَ جي مريادا ۽ مانَ ۽ ماڻهوءَ جي شيوا ۽ پيار جو، انساني تهذيب جي عروج ۾ پنهنجي حصي جي فرض ادا ڪرڻ جو، عالمي امن، اتحاد ۽ ترقيءَ جي جدوجهد ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ جو. هاڻي، اهو اسان تي ڇڏيل آهي ته ڪيتري قدر اسين پنهنجي فرض کي سڃاڻون ٿا ۽ اُن تي عمل پيرا ٿا  ٿيون، ۽ ڪيتري قدر پاڻ کي پنهنجن عظيم استادن ۽ رهبرن جي لائق ثابت ڪري سگهون.

سڄيءَ ڳالهه جو دارومدار هن تي آهي ته اسان جو پاڻ تي ڪيترو فخر آهي. اسان جو پاڻ ۾ ڪيترو اعتماد آهي. اسين هڪ ٻئي سان ڪيترا سچا آهيون، ۽ پنهنجي روح کي زنده رکڻ لاءِ ڪيترو ڪجهه سهڻ ۽ قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، شال اسان جو جيئڻ جي منطق اسان کان وسري نه وڃي- ۽ پنهنجي مڻيا ۽ مانَ سان جيئڻ جو امنگ اسان جي ساهه ۾ سدا موجود رهي!

 

پسي جهاجههَ جمالَ جي، جِنهين پيتي پڪَ،
آپر آڳانجهو ٿيو، سُورُ اُنهين کي سِڪَ،

هَڏ نه ڀڳَين هِڪَ سدا سائر سير ۾.- شاهه

حيدرآباد سنڌ

14- 12- 1977ع

 

مددي ڪتاب

1-      ”تاريخ معصومي (سنڌي ترجمو: مخدوم امير احمد)، سنڌي ادبي بورڊ.

2-     تحفہ الڪرام“ (سنڌي ترجمو: مخدوم امير احمد)، سنڌي ادبي بورڊ.

3-     ”مظهر شاهجهاني“، ميرڪ يوسف، بتصحيح و مقدمه و حواشي پير حسام الدين شاهه راشدي، سنڌي ادبي بورڊ.

4-     ”منشور الوصيت و دستورالحڪومت“، ميان نور محمد ڪلهوڙو، بتخقيق پير حسان الدين شاهه راشدي، سنڌي ادبي بورڊ.

5-      ”تاريخ سنڌ، عهد ڪلهوڙا“ (ٻه جلد)، غلاسم رسول ”مهر“.

6-     ”شاهه عنايت شهيد جي سوانح جا ماخذ“، پير حسام الدين شاهه راشدي، ”نئين زندگي“ ماهه نامو، شاهه شهيد نمبر – 1970ع.

7-     ”شاهه عنايت الله شهيد ۽ سندن سهيوڳي ۽ همعصر“، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، ايضاً.

8-     ”شاهه شهيد عنايت الله صوفي“، ڊاڪٽر دائود پوٽو، ايضاً.

9-     ”شاهه شهيد صوفي“، محبوب علي چنو، ايضاً.

10-    ”بياض هاشمي“ (قلمي)، مخدوم هاشم ٺٽوي.

11-    ”پيغام لطيف“، جي. ايم. سيد.

12-    (1) ”شاهه“، (2) ”سچل“، (3) ”سامي“، ڪلياڻ آڏواڻي.

13-    ”ساميءَ جا سلوڪ“ (ٽن جلدن ۾)، پي. ايڇ. ناگراڻي.

14-    ”شاهه جو رسالو“، ڪلياڻ آڏواڻي.

15-    ”رسالو سچل سرمست “، عثمان علي انصاري.

16-    رود ڪوثر (اردو)، محمد اڪرام.

 

17- ”Shah Abdul latif of Bhit“ , H. T.Sorley.

18- ”Sind and its Sufis“, J. P. Gulraj.

19- “Sind Before the Muslim Conquest”, H.T Lambrick.

20- “Reflections on History”, Jacob Burckhardt.

21- “Poeties and Rhetoric”, Aristotle.

22-“To the Nations”, Paul Richard.

23- “Partiotism in Literature”, John Drinkwater.

24- “Crops in Sind”, A. W. Khoso.


* سال 1605ع ۾ هڪ يورپي مسافر، سيلبئنڪ، اتفاق سان سنڌ جي روهڙي شهر ۾ وڃي نڪتو، ۽ اُتي جون دکي حالتون ڏسي، دانهن نڪري ويس، ۽ چيائين ته ”هيءَ شهر ڪيڏو نه ڏکويل ماڻهن سان ڀريل آهي!“

چاليهه سال پوءِ ، 1645ع ۾، ٻئي هڪ يورپي مسافر، اسپِلَر، اتر سنڌ جو سيرڪندي، اتان جي آبادگارن ۽ هارين جي حالت ڏسي، لکيو ته اهي ”بيحد مجبور ۽ مظلوم“ هئا.

52 جنوري 1659ع تي هڪ انگريز واپاريءَ پنهنجن انگلينڊ جي سيٺين ڏانهن هڪ خط لکيو، جنهن ۾ هن  کين ٻڌايو ته ”هتي سنڌ ۾ ڏڪار ۽ پليگ جي بيماري ايتري ته گهڻي پيل آهي، جو اُنهن ۾ ماڻهن جو گهڻو حصو ختم ٿي ويو آهي ۽ باقي ڪي ٿورا وڃي بچيا آهن.“

1699ع ۾ (جڏهن ساهه عبداللطيف ڏهن سالن جو هو)، هڪ انگريز سياح، اليگزينڊر هئملٽن، جڏهن ٺٽي ۾ پهتو، تڏهن ڏٺائين ته اُتي هن جي پهچڻ کان اڳ اسي هزار ڪوري پليگ وگهي مري چڪا هئا.“ سنڌ جي حالتن جو ذڪر ڪندي، وڌيڪ هو ٻڌائي ٿو ته اُتي ”عام رستي جي مسافر بنهه خطري واري“ هئي، ۽ ان جو عام طريقو  هيءُ هو ته ”اٺن جا قافلا هلندا هئا، ۽ اُنهن سان هڪ سئو کان ٻه سئو کن گهوڙي سوار حفاظت لاءِ ساڻ هوندا هئا.“ هُن اهڙي هڪڙي قافلي جو ذڪر به ڪيو آهي، جنهن تي رستي ۾ چئن کان پنجن هزارن ڦورن حملو ڪري، اُن جا 250 گهوڙي سوار محافظ ۽ 500 کن سوداگر ۽ ٻيا ماڻهو ماري ڇڏيا هئا.

مغلن جي پوئين دور جي هڪڙي نواب، ”نواب اعظم خان جو اٽڪل چئن سالن (1715ع- 1718ع) جو عرصو اهل سنڌ وارن لاءِ نحوست جو زمانو هو. هڪ ته ملڪ ۾ سخت ڏڪار پيو، ۽ ٻيو ته اُن ۾ حضرت حق شناس شاهه عنايت الله جي شهادت جي واقعو پيش آيو.“

(ڊاڪٽر دائود پوٽو: ”شاهه شهيد“، ”نئين زندگي“، مئي، 1970).

بر خلاف هن ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي دور ۾ عام بک، ڏک ۽ بدامنيءَ جي انهن کان اڳ سنڌ جي آزاد ۽ خودمختيار قومي رياست جي ڏينهن ۾ حالتون ڪيئن هيون؟..... ۽ (روايت ڪن ٿا ته) هن (ڄام نظام الدين) سنڌ جو  اندروني ۽ اُن جي سرحدن جو اهڙيءَ طرح انتظام رکيو، جو ماڻهو ڏاڍي اطمينان سان رستن جو سفر ڪندا هئا.... هن جي دور حڪومت ۾ عالمن، صالحن ۽ درويشن ڏاڍي آرام سان وقت گذاريو، ۽ رعيت ۽ سپاهي به آسودا ۽ خوشحال رهيا.....

(”تاريخ معصومي“، ص 1030).

 

*” ڪلهوڙا حڪمرانن زرعي ڪم ۾ جيڪا گهري دلچسپي ۽ اورچائي ڏيکاري، ان جي بنياد تي هو سنڌ ۾ سڀني کان وڌ واهه کوٽائيندڙءِ شمار ٿين ٿا. خاص طور، ميان نور محمد اتر سنڌ ۾، جتي پهرين هن جي حڪومت قائم ٿي. واهن رستي پوک جو نمونو شروع ڪيو.

”هن سنڌ ۾ گهاڙ،  واهن جو سرشتو قائم ڪيو، جنهن ۾ نور واهه (ڏهه ميل)، شاهه جي ڪڙ (ويهه ميل) ۽ ڏاتيجي ڪڙ (ويهه ميل) شامل هئا، جن مان اڳتي هلي پهريون واهه بئريج واهن جي جديد سرشتي ۾ وارهه جي شاخ طور استعمال ٿيو ۽ ٻيا واهه ان سرشتي ۾ ٻين شاخن طور ڪم آيا. (ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾) ڏاتيجي ڪڙ تي لاڙڪاڻي کان شهدادڪوٽ تائين مسافريءَ ۽ باربرداريءَ لاءِ ٻيڙيون پڻ هلنديون هيون.

”سنڌونديءَ جي کاٻي ڪاپ ڪپ سان  پڻ ڪلهوڙن نوان واهه کوٽايا مثلاً (نوشهري ڊويزن ۾) نصرت واهه، مراد واهه، باغ واهه ۽ فيروز واهه، جيڪي سڀ نو لکي واهن جي سرشتي جو حصو هئا: اِهي سڀ واهه پوءِ اڄوڪي روهڙي ڪئنال سان ڳنڍيا ويا.

ائين ڪلهوڙن جيتوڻيڪ وسيع غير آباد زمين کي آباد ڪيو. پر هو آبپاشيءَ جي جديد علم جي معيار تي وڏا انجنير ڪو نه هئا. انهيءَ ڪري هنن جي واهن ۾ ايتري سوڌ پاڻي ۽ ترتيب ڪا نه هئي: هنن پنهنجن واهن جا پيٽ فقط درياءَ جي ڇڏيل پيٽن يعني ان جي ڍورن ۽ مٺي پاڻيءَ جي موجود ڍنڍن جي رخ تي رکيا ٿي، جنهن ڪري سندن واهن جي مجموعي ڊيگهه هزارن ميلن تائين وڌيل هوندي هئي، پر ڇاڪاڻ ته هو پورا  بااختيار ۽ مڪاني حڪمران هئا، انهيءَ ڪري هو پنهنجي آبپاشيءَ جي سرشتن جو انتظام خبرداريءَ ۾ پوريءَ ڪاميابي سان هلائي سگهيا. سندن جائنشين ٽالپر، جيڪي شڪار جا وڌيڪ شوقين هئا، سو هيءُ سڄو عاليشان آبپاشيءَ جو سرشتون ايتريءَ ڪاميابيءَ سان قائم رکي نه سگهيا....“

هيءَ شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي دور جو سنڌ جي تهذيب جي ميدان ۾، محب وطن قومي رياست جي پناهه هيٺ، بلڪ اُن جي ذريعي، اجتماعي معاشي بهبود لاءِ ورتل هڪ عظيم ڪوشش جو مثال آهي

*”ترڪ سياست ضعف رياست است..... و رياست يا سياست واجبي...... و در مقدم عدالت خود را و غير رابيڪ نظر بايد ديد..... در خير فڪر شر و در شر فڪر خير....... نفع شمايان سراسر در اخلاص ۽ محبت است.... اول حق غربا و مسڪين و يتيمان و مطلوبان عائد بگردن ميشود و روز  و شب فڪر ملڪداري.... و هر آفريده را بهتر بدانند، و هر مرد را مرد يدانند....“

[”سنڌي ترجمو: سياست کي ڇڏڻ معنيٰ رياست جي ڪمزوري.... ڇو ته رياست (جي ڪاميابيءَ) لاءِ سياست ضروري آهي.... عدل ۽ انصاف جي هر ڳالهه ۾ پاڻ کي ۽ ٻئي کي هڪ نظر سان ڏسڻ کپي... خير وقت شر جو اونو ۽ بديءَ وقت خير جي اون رکجي.... اوهان جي ڀلائي، سڄي جي سڄي، اخلاص ۽ محبت ۾ آهي..... پهريائين اوهان جي گردن تي غريبن، مسڪينن، يتيمن ۽ گهرج رکندڙ ماڻهن جي حق جو بار آهي، ۽ اوهان کي ڏينهن رات ملڪ جي انتظام ۽ بهبود جو خيال رکڻ کپي.... ۽ اوهان کي گهرجي ته هر خلقيل شيءِ کي مفيد ۽ بهتر ڄاڻو ۽ هر انسان  کي انسان ڪري سمجهو....“]

 

*   * مشهور روايت آهي ته شاهه ان دور جي مشهور ڳائڻيءَ، مائي گلان، کي دعا ڪئي هه ته ”گلان مان گل ٿيندو“ اُن کانپوءِ ان مائيءَ جو ميان نور محمد سان نڪاح ٿيو، جنهن مان کيس غلام شاهه ڄائو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com