ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو
نئون رويو
شاهه سائينءَ جي شاعريءَ کي وڌيڪ سمجهڻ ڏانهن هڪ قدم
جناب سي- پي سنو (Snow)
هڪ دفعي چيو ته نظر ٿو اچي ته اسان ڄڻ ته مستقبل
جي حالتن کان ڊڄڻ شروع ڪيو آهي، ان حالت ۾ ڄڻ ته
اسان وقت مستقبل جو ڪو به واضع تصور يا ماڊل موجود
نه آهي.
سنو صاحب هن حالت ۾ صرف مغرب جي طرف ئي نه ٿو ڏسي، پر هن حالت ۾
اهو سوال مغرب توڙي مشرق ٻنهي جي اڳيان آهي ۽ هن
صاحب جو مطلب اهو ئي آهي. پر غور سان ڏسبو ته هي
سوال مشرق سان وڌيڪ تعلق رکي ٿو. جو مشرق جي سماجي
روين ۾ اڄ به وڌيڪ زور ماضيءَ تي ۽ ماضيءَ جي سڀني
حالتن ۽ صورتن تي ڏنو ٿو وڃي.
مشرق ۾ هر ڪو هيرو. هرڪو ماڊل (Model)
۽ هر ڪو بزرگ، ماضيءَ جي ڪنهن نه ڪنهن روايت سان
وابسته آهي. هيءَ ڳالهه سماجي علوم جا ماهر بهتر
ٿا ڄاڻن ته، (2) هن سبب جي ڪري اسان حال ۾ موجود
هوندي به ماضيءَ جي زندگي گذاريون ٿا ۽ (3) ڄڻ ته
ماضيءَ کي حال کان به وڌيڪ پسند ڪريون ٿا. ان ڪري
بهتر کان بهتر (Excellent)
جو مثال به اسان ماضيءَ ۾ تلاش ڪريون ٿا ۽ (4)
قابل تقليد ڪنهن به انسان کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان
ماضيءَ ڏانهن واجهايون ٿا ۽ ڪنهن نه ڪنهن مثال کي
قبول ڪري ويهڻ ۾ دير نه ٿا لڳايون. جو اهو ماضيءَ
مان ورتو ويو آهي. توڙي جو حال اسان جي اڳيان آهي
۽ اسان مادي طور تي ان ۾ رهون ٿا ۽ ماضي دفن ٿي
چڪو آهي، پر ته به اسان ان کي اڳيان رکي ويٺا
آهيون.
هن طرح اسان جي سامهون اڄ هڪڙو مسئلو هي آهي ته، اسان ڪلاسيڪل
شاعري کي انهيءَ شاعريءَ جي حوالي سان سمجهون ۽
پڙهون يا پنهنجي موجوده دؤر جي حوالي سان؟ شاعريءَ
جي پنهنجي دؤر جي حوالي سان شاعريءَ جي مطالعي جو
مقصد ٿيندو. ان دؤر جي حالتن ۽ سماجي معاملن کي
سمجهڻ جو ۽ اهو دؤر ان جو ماضي به آهي ۽ تاريخ به،
موجود دؤر جي حوالي سان پڙهڻ جو مطلب ٿيندو. (1)
عمراني علوم جي اصطلاحن جي مدد وٺڻ، (2) همعصر
تاريخ جو پورو ڌيان رکڻ ۽ (3) سياسي، سماجي حالتن
۾ ادب جي قدر و قيمت ۽ ضرورت جو پورو لحاظ رکڻ. هن
طرح هن حالت ۾ به اسان جي تاريخ سان گڏ، اسان جي
دؤر جي سياست ۽ سماجيات جو لحاظ رکيو ويندو ۽
اقتصادي زور ۽ دٻاءُ به محسوس ڪيو ويندو.
هو پوئين يا ٻئي خيال تي بزرگ عالمن جي طرفان هڪ وڏيءَ شخصيت جو
هڪ اعتراض به اسان جي اڳيان رکيو آهي، انهيءَ
اعتراض جي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. ڀٽ شاهه
تي هڪ گذريل ادبي نشست ۾ مقالن تي جائزو پيش ڪندي
چيو ويو ته، ڪڏهن شاهه سائين اسان جي اڳ ۾ رهيو ته
ڪڏهن اسان شاهه سائينءَ جي اڳ ۾ رهياسون، ۽ هو
اسان جي پويان هلندو آيو، هي لفظ ادب جي اسان واري
دؤر ۾ خاص اهميت رکن ٿا ۽ انهن لفظن سان ئي اهو
سوال ٿو اُڀري، جيڪو مون هميشه بيان ڪيو آهي.
اڄوڪي نشبت جي لاءِ لکيل پنهنجي هن مضمون ۾ مون مطالعي دوران
ڏٺو ته ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ انساني معاملن جو جيڪو
تمام وڏو ذخيرو آيو آهي. ان ۾ به وڏو حصو ڏکن،
سُورن جو آيو آهي ۽ انهن ڏانهن اسان جي شاعرن جو
رويو، ڪيترن ئي قسمن جو رهيو آهي، پر غالب رويو
آهي ته، سو ڀيرا سکن کان آهي، ڏکن کي شاباس، ڏک
سکن جي سونهن يا جيئن ٻين ڪيترن ئي مثالن ۾ اها
ڳالهه رکي وئي آهي.
سچل وٽ به هڪ سور ۾ ڏکن کان نفرت جو ڪو به اظهار ڪو نه ٿو ملي.
پر جنهن صنف يوني ’جهولڻي‘ جو مون ذڪر ڪيو آهي.
(1) ان ۾ ته هزارن ڏکن کي نهات ئي وضاحت سان بيان
ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ اسان جو سوال وڌيڪ صاف
ٿي اڳيان اچي ٿو. هاڻي اهو سوال ائين ٿو بيهي. ته
ڏکن ڏانهن يا سچل جي حوالي سان گوندر ڏانهن ادب جو
رويو ڪهڙو هئڻ گهرجي. اسان واري دؤر ۾ به رويا
مختلف ڏيکاريا ويا آهن. اُهي هي آهن.
* هڪڙو رويو هي آهي ته، ڏکن کي ڪنهن نه ڪنهن ڪردار جي
حوالي سان. جيئن آهي بيان ڪيو وڃي.
* ٻيو رويو هي آهي ته، ڪردار رڳو علامت آهي، پر ڏک ته
حقيقت آهن، ان ڪري انهن جو بيان ڪردار جي حوالي
کان سواءِ ڪرڻ گهرجي.
* ٽيون رويو اهو آهي ته، ڪردار به حقيقت آهي جو اهو ڪو نه
ڪو انسان آهي ۽ ڏک ۽ مسئلا به حقيقتون آهن، ان
ڪري انهن ٻنهي کي صرف هڪ دؤر يا حالتن جي صورتحال
۾ بيان ڪرڻ گهرجي.
انهن روين جي باري ۾ اسان صرف ايترو چئي ٿا سگهون ته وقت ۽
حالتون هر دؤر جي دائري ۾ مختلف حيثيت رکن ٿيون.
انسان هميشه بي وس به نه آهي ۽ انسان هميشه طاقتور
به نه آهي. وري سوال فرد جو به نه آهي. سوال ته
معاشرن جو آهي. جنهن ۾ علوم ۽ فنون جي ڪري نيون
’قوتون‘ شامل ٿينديون ٿيون رهن.
هاڻي جيڪڏهن شاعري سماج جي لاءِ ڪئي ٿي وڃي. يا ڪئي وئي هئي ته
پوءِ سڄو سوال سماجي حالتن ۾ ۽ عمراني عملن جي مدد
سان ئي سمجهي سگهجي ٿو. پر جيڪڏهن ڪا شاعري داخلي
صورتحال ۾ صرف هڪ فرد يعني ”سسئي واحد، ۽ ”نوري
واحد“ لاءِ ڪئي وئي هئي ته پوءِ اها بيشڪ ماضيءَ
تائين محدود رهي سگهي ٿي.
ٻيءَ حالت ۾ اها جيڪڏهن وڏي پس منظر ۾ علامتي طور تي يا حقيقي
حالتن کي سمجهائڻ لاءِ ڪئي وئي هئي ته پوءِ اها
شاعري، ڪنهن به ماضيءَ کان وڌيڪ حال سان ۽ حال جي
حوالي سان مستقبل سان تعلق رکي ٿي ۽ وڌيڪ بهتر ۽
مضبوط تعلق رکي ٿي.
هن طرح شاعريءَ، معاشرن سان گڏ هلي ٿي. معاشرن جي لاءِ ڪئي وڃي
ٿي ۽ ان جو واسطو ۽ لاڳاپو حال جي حالتن ۽ مستقبل
جي معاملن سان پاڻ وڌيڪ رهي ٿو. ڏٺو ويندو ته اسان
شاهه سائينءَ جو مستقبل آهيون ۽ پوءِ به اها شاعري
اڄ وڏي معنيٰ رکي ٿي. آخر ڇو؟ جواب اهو آهي ته اها
مستقبل جي لاءِ ڪئي وئي هئي. يعني اسان جي لاءِ به
۽ اسان جي ايندڙ نسلن جي لاءِ به، جيڪو انهيءَ
شاعريءَ جو مستقبل آهي. پر جيڪڏهن ائين نه آهي ته
پوءِ اسان جي لاءِ شاهه سائينءَ وٽ ڇا رکيو آهي يا
اڃا به وڌيڪ ائين چئجي ته، اهڙي شاعري اسان جا
ايندڙ نسل به پڙهندا؟ يا ڇا اسان چاهيون ٿا ته
اها شاعري مستقبل ۾ به پڙهي وڃي ۽ سمجهي وڃي يا
ائين نه آهي. آخر ڪجي ڇا؟
هاڻي جيڪو رويو اسان اڳ ۾ بيان ڪري آيا آهيون. جنهن مطابق اسان
شاهه سائينءَ جي شاعريءَ کي حال جي حالتن. بلڪ
مستقبل جي يقيني توڙي غير يقيني حالتن سان به لاڳو
رکون ٿا. تنهن ۾ جيڪڏهن اسان شاهه سائينءَ سان
گڏجي هلي نٿان سگهون يا ان جي فڪر سان فڪر ملائي
نٿا سگهون ته چئبو ته شاهه سائينءَ جي شاعري اسان
جي ماضي هو. ان جو تعلق نه ته اسان جي حال سان آهي
۽ نه مستقبل سان.
اهڙيءَ حالت ۾ آخر اسان لاءِ شاهه سائين جي افاديت آهي ڪهڙي!
اهڙي سوال جي جواب جي لاءِ صرف ايترو چئبو ته ڪو شاعر ٿي گذريو
آهي. جنهن گهڻو آڳاٽو شاعري ڪئي هئي. اها عظيم
شاعري هئي. هن طرح شاهه سائين اسان جو نه پر اسان
جي ماضيءَ جي ڪنهن نه ڪنهن نسل جو شاعر هو. بس، هي
هڪ رويو آهي ۽ اِهو ئي اهو رويو آهي، جنهن ۾ اسان
مستقبل جي لاءِ پاڻ کي تيار نه ڪيو آهي. اهو ته
فڪري ڪنگال پڻو آهي.
آخر ائين ڪيئن ٿيو آهي!
جواب اهو آهي ته اسان وٽ خلوص سان ڀرپور ۽ پنهنجي حال ۽ مستقبل
لاءِ فڪرمند اهڙو مطالعو موجود نه آهي، جو اسان
پنهنجي سماجي حالتن سان گذريل ٽن چئن سون سالن ۾
ڪيل شاعريءَ کي لاڳوڪري سگهون. اهو هڪڙو عملي ۽
فڪري نظريو آهي ته فڪر جي اهڙي تعمير ڪئي وڃي،جو
اهو اڳتي ايندڙ صدين جي لاءِ به ڪم آڻي سگهجي.
جيڪڏهن اسان ائين نه ڪري سگهيا آهيون ته، ان جو
مطلب اهو آهي ته اسان مستقبل توڙي حال ۾ به پنهنجي
سماج جي مدد، ادب جي وسيلي نٿا ڪري سگهون.
هن طرح ٻي دنيا جيئن به هجي، پر ادب پنهنجو ڪردار بهتر طور تي
ادا نه ٿو ڪري. انهيءَ حالت جو لازمي نتيجو اهو
نڪرندو ته سماجي طور تي ۽ فڪري طور تي به اسان
پٺتي پيل آهيون. اڳتي هلي هن طرح ڀروسي سان چئي
سگهجي ٿو ته ادبي طور تي اسان پٺتي پيل ماڻهو
آهيون. اهو نتيجو ڪيڏو ته افسوس ناڪ آهي!
ڇا اسان اها ڳالهه تسليم ڪريون؟ ٿوري وقت لاءِ اچو ته هن خطرناڪ
صورتحال کان بچاءَ جو وسيلو ڳوليون. من ڪو رستو
ملي وڃي! ڇو ته قومن جو فڪري ڪنگالپڻو ته سندس موت
جي برابر ٿئي ٿو.
جيئن اسان عرض به ڪيو آهي ته عملي جدوجهد لاءِ ٻه نڪتا ته خاص
اهميت رکن ٿا، پوءِ اهي ڪهڙيءَ به ڳالهه لاءِ هجن،
مثال طور:
* خلوص
* عقل ۽ استدلال جي مضبوطي
ادب جي هي مطالعي جي لاءِ اهي ٻه ڳالهيون تمام اهم ۽ ضروري
ڳالهيون آهن. ان ڪري جتي به ۽ جنهن به معاشري ۾
ادب جي مطالعي جي لاءِ خلوص ۽ استدلال جي کوٽ رهي
آهي، اُتي ادب جي حالتن ۾ محض خواهش، اجاين ڪلچري
روين، سکڻين ڊاڙن، بي معنيٰ دعوائن کانسواءِ ڪجهه
به نظر نٿو اچي.
وري ادب جا سڀ سوال، سماجي سوال آهن ۽ ادب کان بي رخي ۽ ان جي
ڪارج ۽ اهيمت کان بي پرواهي جو مطلب آهي. سماج جي
اهم سوالن کان بي پرواهي ۽ بي رخي. اهو ئي سبب آهي
جو جنهن ادب کي ذهين. گهڻ ڄاڻ ۽ مخلص عالم نٿا
ملن. اهو تمام جلد ئي مري ٿو وڃي. ’هومر‘ اڄ سوڌو
اهم ترين انسان ۽ شاعر آهي ته ان جو مطلب اهو آهي
ته ’هومر‘ کي پڙهڻ ۽ پاڙهڻ وارا ڏهين، مخلص ۽
محنتي انسان. ان جي تخليقات کي هر دور ۾ زنده رکڻ
لاءِ جاکوڙ ڪندا رهيا آهن.
ادب جي مطالعي جي سوال تي ادب جي تاريخ جو اهم سبق اهو آهي ته
ادب کي ٽن رخن واريءَ هڪ مخالفت جو مقابلو هر دؤر
۾ ڪرڻو پيو آهي. اهو مقابلو بلڪ چئلينج گهڻو ڪري،
(i)
وڌيڪ مٿانهين ڪلاس، (ii)
تمام هيٺاهين ڪلاس ۽ چرچ جي طرفان وڌي اڳيان پئي
آيو آهي.
چرچ جي ئي هڪ اهم ساٿي آهي- سرداراڻو نظام، جيڪو قبائلي طور
طريقي جو ئي ٿئي ٿو. شاهه سائينءَ جي شاعريءَ کي
ڪڏهن به خطرو ٿيو آهي ته انهن طرفن کان ئي ٿيو
آهي. توڙي جو شاهه لطيف، چرچ کي ماٺي رکڻ لاءِ ۽
وڏ ماڻهپ يا سرداريءَ کي مهربان رکڻ لاءِ پاڻ به
وڏي جدوجهد ڪئي آهي. پر ته به تماچيءَ جي مقابلي ۾
عمر سومري ۽ ميهار جي مقابلي ۾ پنهل آرياڻيءَ کي
جيڪا اهميت ڏني اٿس، اُها هن جي شاعريءَ جي لاءِ
چئلينج بڻجي رهي آهي، جو اهڙو تدبر سماج ۾ توازن
پيدا ڪري نٿو سگهي.
اهڙي قسم جو خطرو رڳو امير ۽ مفلس طبقن جي ٽڪراوَ جو نتيجو به
نه آهي. اهو خطرو ته سنڌي سماج ۾ تاريخ جي اهم ۽
طاقتور هڪ وهڪري جي صورت ۾ ڪم ڪندو رهيو آهي، ان
ڪري سنڌي سماج جي تاريخ لکڻ جو ڪم به صرف سماجيات
جو ڪو ماهر ئي ڪري ها ته چڱو هو، پر ائين به نه ٿي
سگهيو آهي. اهڙي تاريخ جي عالم لاءِ سماجي معاملن
جو مطلب هو: ”سماجي چئلينج ۽ سماجي جواب“ (Social
challenges and social responses)
شاهه پاڻ به ڪنهن حد تائين سماجي چئلينج جي جواب ۾
سوشل حل ڏنا آهن.
مثال طور، تماچيءَ جي فوجي قوت جو جواب هُن اسان جيئن عرض ڪيو،
جنهن حڪمت عمليءَ سان ڏنو، ان جي مطالعي مان معلوم
ٿئي ٿو ته، شاهه سائين ڏاڍو محتاط هو. پاڻ، امير ۽
هڪ مهاڻيءَ جي جوڙي جي حالت ۾ عشق جو تصور اڀارڻ
ڪو آسان ڪم نه هو. اهو وڏو معاملو هو ۽ هن باري ۾
سماجي حڪمت عمليءَ جي ضرورت هئي. ان ڪري شاهه
سائينءَ عورت جي طرفان محبت جو نه، پر انڪساريءَ ۽
نوڙت جو وسيلو ورتو. هن طرح نه رڳو نوريءَ کي گهٽ
معيار جي عورت هئڻ کان بچايائين، پر ڄام کي هڪ
ذهين ۽ وقت شناس حاڪم به بڻائي وڌائين.
ذاتي طور تي اسان نه ٿا سمجهون ته هن طرح جي حڪمت عملي مڪمل طور
تي هڪ ڪامياب پاليسيءَ جهڙي ثابت ٿي سگهي ٿي، پر
شاعريءَ جي حد تائين اها ڳالهه مڃي به وٺجي ته به
ڪيترائي بيت چڙهائي ڪئي، جيڪڏهن فوجي قوت کي اهڙو
حق حاصل هو ته پورهيت قوت محڪوم جي تذليل جي لاءِ
چيا ويا آهن. اهو الزام غلط نه آهي. مهاڻين ۽
مهاڻن لاءِ ڪم آيل لفظ ئي ڪافي آهن، جن مان هڪ
طبقي جي استحصال جي بوءِ به اچي ٿي سگهي.
بهرحال امير ۽ غريب جي تضاد جي حالت ۾ شاهه سائينءَ فساد کي
ٽارڻ جي نيت سان جيڪڏهن ڪجهه لکيو آهي ته ان لاءِ
جيئن اسان جو ڀروسو آهي، هن وٽ بهتر لغت ۽ بهتر
دماغ موجود هو، جيڪو ڪم نه آندو ويو آهي. پر ان جي
جاءِ تي ڪلچر جي آڌار تي هڪ ڪمزور نظريو اڳتي آندو
ويو آهي. داستان جو بنياد اهو آهي ته هڪ ننڍڙي
رياست، جنهن جا شهري مزدور ۽ پورهيت هئا، تن تي هڪ
فوجي قوت کي به بچاءُ جو حق حاصل هو، جيڪو هو
’ڪيڏاري‘ جي بنيادن تي ادا ڪن ها ته وڌيڪ بهتر هو.
ايڏي ۽ اهڙي اهم معاملي ۾ هڪ مهاڻي ڇوڪريءَ، هڪ
امير جي اڳيان پاڻ حاضر ڪري ۽ پنهنجي وطن کي جاگير
طور حاصل ڪري ته اها جڳ جي پورهيت جي تذليل جهڙي
ڳالهه آهي. توڙي جو ان دؤر جو ڪلچر انهيءَ کي جائز
سمجهي ٿو.
اصول هن جاءِ تي صرف اهو اختيار ڪيو ويو آهي ته امن حاصل ڪرڻ کي
مصلحت سمجهيو وڃي. دليل جي ڪمزوري اها آهي ته وطن
۽ ديس جي آزادي هر مصلحت کان مٿي آهي. شاهه سائين
هن تضاد ۾ پهريون طريقو اختيار ڪيو آهي. هاڻي اصل
سوال اهو آهي ته اهڙي ’مصلحت‘ جنهن ۾ قومي وقار ۽
جوانمرديءَ کي قربان ڪري پوءِ به غلامي حاصل ڪجي.
اها ڪا مصلحت آهي يا تدبر جو ڪنگال پڻو؟
هن مشڪل صورت حال ۾ شاهه سائينءَ لاءِ
Apology
اِها آهي ته هن پنهنجي سماجي حڪمت عمليءَ ۾ ٻن
قسمن جا سرشتا (Systems)
ڪم آندا آهن. اُهي هي آهن:
(i)
فڪر جا سرشتا (Systems
of thought)
(ii)
تحرڪ جا سرشتا (Systems
of movement)
انهن ٻنهي نظامن کي گڏبو ته جيڪا شيءِ جڙي پوندي. ان کي تاريخ
چئبو. تاريخ جو اهو پهلو سچ پچ ته ڏاڍو دلچسپ آهي.
البت اهو ضروري آهي ته ان جو مطالعو علوم عمرانيءَ
جي مدد سان ڪيو وڃي، جنهن ۾ ادب به شامل آهي.
هن طرح ادب ۽ تاريخ جو هڪ اتحاد قائم ٿئي ٿو، جنهن جي مدد سان
ادب کي به تاريخ جيان هر دؤر ۾ نت نون لاڙن ۽
ضرورتن جي گهرج آهر ڪم آڻي سگهبو. اهو صرف تڏهن
ممڪن ٿيندو. جڏهن اسان ادب کي مستقبل جي لاءِ
پڙهنداسون ۽ پاڙهينداسون. هن طرح شاعريءَ جي حالت
۾ به ان جو ڪارج تاريخي رڳو تڏهن مڃي سگهبو. جڏهن
اسان شاعريءَ کي ’تحريڪن‘ ۽ ’فڪري وهڪرن‘ جي حوالي
سان پڙهنداسون. بس، اهو ئي جواب آهي، انهيءَ
مونجهاري جو ته، شاهه جي شاعريءَ کي مستقبل ۾ ڪيئن
ڪم آڻبو ۽ هاڻي ڪيئن ڪم آڻجي.
اسان جي لاءِ اهو تمام ضروري آهي ته اسان مستقبل ڏانهن وڃڻ لاءِ
سڀ دروازا کليل رکون. نه رڳو ايترو پر اسان کي
مستقبل جي باري ۾ پنهنجو رويو به سڌارڻ گهرجي ۽
پنهنجو تصور به صاف رکڻ گهرجي. اها ڳالهه اسان
پنهنجي سنڌي هئن جي نسبت سان ئي نه، پر پنهنجي
انسان هئن جي ناتي سان ڪريون ته اسان جي لاءِ
ماضيءَ جي شاعري وڌيڪ اهم ۽ ڪارائتي ٿي سگهي ٿي.
هاڻي اسان جي لاءِ اهو ضروري ٿي پيو آهي ته اسان اِهو واضع
ڪريون ته رسالي ۾ ڪن ڪمزور داستانن ۾ فڪر ۽ تحرڪ
جي سرشتي کي ڪيئن ۽ ڇو ملايو ويو آهي. هي سوال
تمام وڏو سوال آهي ۽ اسان هن سوال کي ڪنهن ٻئي
موقعي جي لاءِ پاسيرو ڪري ٿا سگهون ته جيئن سڄي
سوال کي قاعدي سان مطالعي ۾ آڻي سگهون. هن نڪتي جي
اهميت تڏهن واضع ٿيندي، جڏهن اسان انهيءَ ڳالهه تي
غور ڪنداسون ته دنيا جا عظيم اديب. اهڙن سماجي
معاملن تي ڪم ڪندا آهن. جيڪي عام ۽ مڃيل فڪري
طريقن کان به گهڻو مٿانهان هوندا آهن.
هاڻي جيڪڏهن اها ڳالهه درست آهي ته پوءِ اسان جي لاءِ اهو به
ضروري آهي ته اسان معلوم ڪريون ته شاهه سائينءَ جي
اڳيان تمام مٿانهان سماجي معاملا ڪهڙا هئا، جن مان
نڪرڻ جي لاءِ هُن عام مڃيل فڪري طريقا يا فلسفا به
قربان ڪيا آهن. جيئن ’سر ڪاموڏ‘ ۾ ڪيو اٿس.
حقيقت اها آهي ته، ”سماجي معاملات“ جو سڄو ميدان ئي اڃا اسان
کان پري کان رکيو آهي، اسان وٽ اهڙو علمي ۽ فڪري
وسيلو ئي ڪو نه پيدا ٿيو آهي. جو اسان شاهه جي
باري ۾ ”سماجي سوالات“ اٿاري هُن جي شاعريءَ مان
رهبري حاصل ڪريون.
جڏهن صورت حال اها آهي. تڏهن ڀلا شاعري ڪهڙي شيءِ آهي؟ ان جي
قيمت ڪهڙي ۽ ڪيتري آهي ۽ آخر ادب جي نالي ۾ وجود
وٺي ايندڙ شيءِ ڇا ٿي ڪري؟ انهن سوالن جو
ذميواريءَ سان جواب، جيڪو به ممڪن آهي. اهو اِهو
آهي ته ادب جا لائق ۽ قابل عالم اڳتي وڌي اچن ۽
اچي انهن سماجياتي معاملن جو اڀياس ڪن، جن سان هنن
جو تعلق اديب هئڻ جي ناتي سان قائم ٿئي ٿو.
تمام ٿورن ڪن عظيم عالمن ۽ اديبن کي ڪي لائق اديب ۽ عالم اهڙا
مليا آهن. جن جي خدمت جي خاطر ادبي طريقا ۽ رستا
اختيار ڪيا آهن. ’ٽئگور‘ کي وائي- پي-بيٽس جهڙو
دوست مليو. هن کي خود پنهنجي ديس هندستان جا وڏا
عالم به هٿ آيا. ’اقبال‘ کي ڊاڪٽر خليفو عبدالحڪيم
ته مليو پر پاڻ ’نڪلس‘ جهڙن عالمن هن جي مطالعي کي
پنهنجي لاءِ هڪ موضوع بڻايو. جيئن اسان کي معلوم
آهي ته هي سڀ عالم، عربي ۽ پارسي ادب جا به ماهر
هئا ۽ پاڻ پارسي شاعريءَ ۾ دلچسپي رکڻ سان گڏ
’اقبال‘ جا مخلص دوست به هئا. نه رڳو ايترو پر هي
صاحب (’نڪلس‘ کان سواءِ) فلسفي جا باقاعده عالم ۽
سند يافته ماڻهو هئا.
انهن سڀني ڳالهين سان گڏ هو ادب جي عظمت جا قائل ۽ ادب جا مخلص
دوست به هئا، جيئن ’شبلي نعماني‘هو. اهڙيءَ حالت ۾
هنن جڏهن اقبال جي طرفداريءَ کان سواءِ اقبال جي
شاعريءَ تي لکيو ته معلوم ٿيو ته اقبال نه رڳو
شاعر مشرق هو، پر هو ته ’حڪيم الامت‘ به هو. برابر
هي لفظ اقبال لاءِ ڪنهن به تنقيد نگار جي قلم مان
ڪو نه نڪتا، پر جن سياسي، بسن جيڪري اقبال کي اهڙو
رتبو مليو. تن جو بنياد هن جي فڪري ۽ ادبي حيثيت
کان سواءِ ٻنيو ڪو به ڪو نه هو.
شاهه سائينءَ جي لاءِ به ڪن اهم ماڻهن (گهٽ ۾ گهٽ ٻن ماڻهن)
پنهنجو بهترين ذهن ڪم آندو. هڪ هو ’ڊاڪٽر سورلي‘ ۽
ٻيو هو ’علامه-آءِ-آءِ- قاضي (مرحوم)‘. ٻنهي مان
ڪنهن به شاهه جي ڪلام جي مسقبل جي باري ۾ غور ڪو
نه ڪيو. توڙي جو ٻنهي وس ڪيو. اهو سوال اصل ۾ هو
به نئون ۽ نرالو سوال ۽ ان جي اڳيان اچڻ جو وقت
به اهو نه هو. پر هاڻوڪو آهي. ان ڪري اهو فرض هاڻي
اسان جو ثقافتي ۽ علمي فرض آهي ته اسان اهو فيصلو
ڪريون ته شاهه جي شاعريءَ کي مستقبل تائين وٺي
هلون يا ان کي خدا حافظ چئي ڪا نئين راهه هٿ
ڪريون.
عام طور تي ۽ ادب جي مطالعي جي لاءِ اختيار ڪرڻ جهڙن اصولن جي
بنياد تي اسان هن ڳالهه جو جواب اهو ئي ڏئي سگهون
ٿا ته شاهه وٽ جيترو ۽ جيڪو به ’فڪر‘ آهي. ان جي
عمر ان ٻئي مواد جي عمر کان وڏي ٿيندي (’نڪلس‘ کان
سواءِ) جيڪو ثقافتي ۽ ڪلچري آهي. هن جو مطلب اهو
ٿيندو ته سڄي ڪلام کي ٻن حصن ۾ ورهائبو ۽ پوءِ اهو
معلوم ڪيو ته فڪري ڪيترو آهي ۽ ڪهڙي معيار جو آهي،
جو پاڻ فڪر به پنهنجي حيثيت ۾ ڪنهن به طرح آخري ۽
اٽل ڪو نه ٿو ٿئي.
مثال طور شاهه جو ’داستان ڪاموڏ‘ فڪري طور تي انتهائي ڪمزور آهي
(نڪلس‘ کان سواءِ) البت ثقافتي طور تي ان ۾ هڪ
طرح جي شاعري موجود آهي. پر اها به ايتري ڪمزور
آهي جو پاڻ هن دور جو عام ماڻهو به غور ڪري ته ان
کي قبول ڪرڻ ۾ ڏکيائي لڳي. اهڙيءَ حالت ۾ هي
داستان ايڪيهين صديءَ ۾ ڪيئن قبول ڪيو ويندو، اهو
چوڻ مشڪل آهي.
ڪيڏارو هڪ ايپڪ (بهادراڻو نظم) آهي پر ان جي مطالعي ۾ ڏٺو ويندو
ته جيڪي قدر وڌيڪ ڪم جا آهن. انهن جو تعداد گهٽ
آهي. اڳتي نه ته ’کڙڳ‘ڪم ايندي ۽ نه ئي ڪا ’کل
ول‘ٿيندي. بهادري پنهنجي ليکي به پنهنجي ثقافتي
مطلب کان محروم ٿي چڪي آهي. باقي رهي ٿو قربان ٿيڻ
جو جذبو ۽ وطن دوستيءَ جي وَٿُ. قربانيءَ جي جذبي
۾ به انهيءَ زال جو قدر ۽ مقام بيشڪ مٿانهون آهي،
جيڪا پنهنجي مڙس کي وطن پرستيءَ جي وَٿُ ڏانهن
راغب ڪرڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. جيئن اڄ
انهيءَ وَٿُ جو مقام عورت جي حالت ۾ مٿانهون آهي،
تيئن مستقبل ۾ به رهڻ گهرجي. جيستائين داستان
ڪربلا جو سوال آهي، اسان ان تي ڪو به تبصور ڪو نه
ٿا ڪريون.
مطلب اهو آهي ته هن طرح هر داستان يا ’سُرَ‘ جو هڪ اڀياس ڪري
اهو چئي سگهجي ٿو ته ڪيتر شعر اڃا وڏي ڄمار
ماڻيندو ۽ ڪيترو نه جي سگهندو. پر اهڙا سوال تاريخ
جي انهيءَ پهلوءَ سان تعلق رکن ٿا، جنهن کي ’تحرڪ‘
ٿو چئجي. هن حالت ۾ تحرڪ (Movement) سماجي طور تي عورت کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ ڪم اچي ٿو، جنهن
جي ضرورت پٺتي پيل معاشرن کي هر حال ۾ اڄ به آهي ۽
اڳتي به رهندي. جيستائين ٻئي حصي يعني فڪر جو تعلق
آهي، ڪيڏارو به تمام گهٽ ٿو ڏئي.
اهڙين ڪمزورين کان بچڻ لاءِ يا پاڻ بچائڻ لاءِ اسان ’سماجي
سرشتن‘ (Social
Systems)
جي اڀياس جي ڳالهه ڪرڻ کان رهي نٿا سگهون. بيشڪ
اهو سوال ’سورلي‘ توڙي ’مرحوم قاضي صاحب‘جهڙي مفڪر
جي اڳيان نه آيو هو، پر ادب جو اڀياس اسان کي ’دور
۽ حالت‘ جي حساب سان ئي ڪرڻو پوندو.
هن جاءِ تي خطرو اهو آهي ته سماجيات جو ڪو به شاگرد. جيڪو
خبردار رهي ٿو، اُهو اِهو سوال اٿاريندو ته، ”شاهه
جي شاعريءَ ۾ آخر سماجي سرشتا آهن ڪهڙا؟“
اهڙو سوال ڏاڍو اهم آهي جو هن سوال جي جواب ڏيڻ سان. اسان
’سورلي‘ توڙي ’علامه صاحب‘کان هڪ قدم اڳتي وڌي
وينداسون.
اصل ۾ اها ئي ڳالهه آهي، جنهن کان اسان جو اُهو عالم. جيڪو هڪ
طرف ’لطيف چيئر‘ جو وارث آهي ته ٻئي طرف حال جي
معاشري جو رهبر. سو ڊڄي ٿو. ’سورلي‘ ۽ ’علام
مرحوم‘ تائين ته هو صاحب پهچي ۽ گهر ڪري ويٺو آهي.
پر هينئر هڪڙا پکڙا پٽي ٻيا اڏاڻا پيا آهن ته هن
لاءِ هڪ ڊپ جهڙو ماحول پيدا ٿي رهيو آهي. اهو ڊپ
فطري آهي ۽ نئين ڳالهه ته وري اسان لاءِ هڪ نئين
بلا آهي. ان ڪري فيصلو اهو ئي ڪيوويٺا آهيون ته ،
”جيڪي آهي اُهو سون آهي.“ مصلحت ۽ عافيت پر انهيءَ
ڳالهه ۾ آهن ته ”جيئن آهي تيئن“ (Stutus quo)
رهي ۽ نه ڊهي.
بهرحال اسان پاڻ کان سوال ڪرڻ واري لاءِ ڪجهه عرض ڪريون ته ان ۾
حرج ڪونهي، سماجي سرشتا، جيڪي شاهه جي ڪلام مان
اسان لڌا آهن، اُهي ڪجهه هيٺ ڏئي رهيا آهيون.
پرتيڻو: جذبات جو سوال آهي،
ڏڪاريو: اقتصاديات جو سوال آهي
ڏونگر: ظلم جو سوال آهي.
ڏکي: مظلوم جو سوال آهي.
سارنگ: پورهيت معاشري جي آسودگيءَ جو سوال آهي.
ڪلياڻ: امن ڀرئي جڳ جهان جو سوال آهي.
سسئي: ستل کي جاڳائڻ يا اٿل پٿل آڻڻ جو سوال آهي.
هنج: گهٽ ڄاڻ پر سادي انسان جو سوال آهي.
ڪي ٻيا سرشتا به ملن ٿا.
اهڙيءَ طرح اسان سوال ڪرڻ واري پنهنجي دوست جي لاءِ هڪ لسٽ ڏيئي
سگهون ٿا ته، جيئن هو انهن جي فهم ۽ تصور کي علم
سماجيات ۾ ڳولي ۽ سمجهي پوءِ سمجهائي.
اهڙو قدم مستقبل ۾ داخل ٿيڻ لاءِ بنيادي، قدرائتو ۽ سياڻپ ڀريو
ٿيندو. پر هن حالت ۾ لغت جي باري ۾ ڪي مشڪل حالتون
اڳيان اينديون جو شاهه جي لغت، مقامي ۽ بنيادي آهي
(It is local and original).
اهڙي لغت بون برلن. آڪسفورڊ ۽ ڪيمبرج ۾ سمجهه ۾ نه
ايندي. ان ڪري سڄو ڪم وري به سنڌ ۾ ويهي ڪرڻو
پوندو ۽ اهو ڪم انهيءَ ادب جي عالم کي ئي ڪرڻو
پوندو. جيڪو علم سماجيات کان به چڱيءَ طرح واقف
هجي ۽ ’چيئر‘تي به آهي.
هن طرح به شاهه جو معاملو ’ڊاڪٽر اقبال‘ جهڙو نه آهي. ڊاڪٽر
اقبال جي شعر کي پڙهڻ وارن لاءِ اهو رستو کليل هو
ته هو ’بعد الطبعيات‘ فڪر کي ’هيگل‘ کان شروع ڪن ۽
ان کان ’برگسان‘ تائين پڙهي پورو ڪن. يا هو ان کي
اسلامي نشاة ثانيه وٽان شروع ڪري، هندستان تائين
وٺي اچن. پر شاهه لاءِ اهڙو ڪو به رستو اڳواٽ تيار
ڪو نه ڪيو ويو آهي. اسان کي اهڙا رستا پاڻ تعمير
ڪرڻا پوندا ۽ اهو ئي وڏو سوال، جيڪو وقت گهرندو.
هن وڏي سوال ۾ صرف هڪڙي ڳالهه اشاري طور واضع آهي. اُها آهي
’سنڌ‘جي. سنڌ کي شاهه پنهنجي شاعريءَ ۾ فڪر توڙي
تحرڪ طور ڪم آندو آهي. شاهه ديس صرف سنڌ کي سمجهي
ٿو، هن طرح نه رڳو ديس پر شاهه جو ته سڄو فڪر ئي
سنڌ آهي. ان ڪري اسان ڪٿي سنڌ کي ’روح القدوس‘
سڏيو هو. اسان وٽ ان ڳالهه جاڪي سبب هئا. اسان
جاگرافيءَ يا تاريخ کي مڪمل فڪر مڃي نه ٿي
سگهياسون. فڪر کي اهڙين ڳالهين کان مٿي رکيو ويندو
آهي. اسان جي اڳيان ان وقت سوال اهو هو ته ’سنڌ‘
کي فڪري طور اختيار ڪجي ته ڪيئن ڪجي! شاعرن وٽ ان
دؤر ۾ سنڌ هڪ ’رومانوي‘ ڳالهه هئي. اسان ان سان به
صرف محدود حد تائين اتفاق ڪري سگهياسون. اُها
محدود حد هئي شاعريءَ لاءِ نئين روماننس جي تصور
جي، جيڪو اسان لاءِ ان وقت ضروري هو. هن ڳالهه کي
اسان ’تنوير عباسي ۽ ورڊس ورٿ‘ جي عنوان سان لکيل
پنهنجي مضمون ۾ لکي ڇڏيو هو. (تنوير جي حوالي
سان).
’سنڌ‘ کي مڪمل فڪر ۽ فلسفو ڪيئن بڻائجي، اُهو هڪ جدا سوال آهي.
اسان ان ڪري سنڌ کي رومانس جو معاملو سمجهي مطمئن
ٿي نه ٿي سگهياسون. اسان لاءِ وڏو سوال هو ئي تحرڪ
۽ فڪر جو. ان ڪري ڪٿي نظرياتي اختلاف به پيدا ٿيا.
بهرحال بدقسمتيءَ جي ڳالهه اها ٿي جو ادبي وڏيرپ اسان جي انهيءَ
اداري جي خلاف اسان تي اهو سوال مڙهيو ته اسان
سنڌ جي يا سنڌ جي ادب جي هڪ تاريخ لکون. ڏاڍو ڏک
ٿيو ۽ اهو ڏک اڄ سوڌو آهي، ته جڏهن عالم جاهلن جي
ورَ چڙهي ٿا وڃن. تڏهن نتيجو انسان ذات جي خلاف ٿو
نڪري. (عمومي ڳالهه آهي).
اسان ڪا به تاريخ لکي نه سگهياسون. ڇو لکون؟ انهيءَ جو جواب
اسان جي دل وٽ ڪو نه هو. اسان اهو ضرور چيو ته
سنڌي ادب جي تاريخ ڪيئن لکجي؟ ”ادبي تاريخ ۽ ان
سان لاڳو مسئلا“ اسان جو ئي مضمون آهي. پر تاريخ
اڄ سوڌو ڪو نه لکيائون. چون، ”تون لک، تو کي ئي
لکڻو آهي.“
اسان ڪو به جواب ڪونه ڏنو. اسان پوءِ ’روح القدس‘ جي عنوان سان
هڪ افسانو لکيو، جيڪو افسانو ئي هو، ان کي ڪهاڻي
چئي نٿو سگهجي. اسان ان افساني ۾ سنڌ جي فڪر کي
’سنڌيت‘ سڏيو ۽ اسان ان جا اصول بيان ڪري ڳالهه
کان منهن موڙي ڇڏيو.
اسان پاڻ کي’ قوم پرست سنڌي‘ به ڪو نه سڏايو. جو اڃا سنڌ مڪمل
طور تي هڪ منطقي يوٽوپيا بڻجي ڪا نه سگهي هئي.
روح القدس لاءِ اسان کي ڇا چوڻو هو، ادبي وڏيرپ ان
جي پرواهه نه ڪئي. کين اها خبر ڪير ڏئي ته هن لفظ
۾ تاريخ، جاگرافيءَ سان گڏ روم ۽ يونان جو اهو فڪر
موجود هو، جنهن مطابق فرد کي جيئڻ جو حق ان جي وطن
وٽان ئي ملي ٿي سگهيو. اهو ئي جمهوريت جو بنياد هو
۽ شايد ’وڏيري‘ کي اها ڳالهه ئي ڏئي لڳي. ظاهر آهي
ته، ’رياست‘ ئي آهي، جيڪا جيترا اختيار حاصل ڪري
ٿي اوترائي واپس به ڪري ٿي. ائين نه ٿي ڪري ته اها
جمهوري رياست نه آهي. افسوس اِهو آهي جو اهڙي روح
کي سمجهي يا سمجهائي نه سگهياسون.
جڏهن ڳالهه اچي انهيءَ جاءِ تي نڪتي ته پوءِ اِهو ضروري هو ته:
(i)
سنڌ جو اتهاسڪ اڀياس ڪري نه سگهجي.
(ii)
سنڌ ۾ جمهوريت کي بنيادي فڪر جي حيثيت ۾ قائم ڪري
نه سگهجي.
(iii)
سنڌ کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي دنيا ۾ داخل ڪري نه
سگهجي.
(iv)
سنڌ کي هڪ مضبوط ۽ دولتمند علائقو بڻائي نه سگهجي.
اُهي ئي هيون، اِهي ڳالهيون، جنهن ۾ ادبي وڏيرپ جو وڏو مفاد به
شامل هو. سنڌ تمام جلد ئي هڪ جمهوريت ٿئي ها، ته
ٻيون سڀ ڳالهيون به ۽ اسان جون اميدون به پوريون
ٿين ها. جو ان حالت ۾ سنڌ جي اڪثريت کي اوترو ئي
واپس ملي ها، جيترو اُها ’پورهيت اڪثريت‘ سنڌ کي
پاڻ ڏئي ها.
ٻه ڌرئي ٺاهه جو سوال هڪ اهڙي روح جو سوال هو، جيڪو پاڪ، صاف ۽
حضرت عيسيٰ جهڙو ئي پاڻ ارپڻ وارو هڪ تصور هو.
اُهو ئي ٺاهه فرد ۽ رياست جي وچ ۾ ٿي سگهي ها.
توهان مان ڪنهن کي به حيرت نه لڳي، اها هڪ ڪڙي حقيقت آهي ته
اسان هميشه پنهنجا ’ننهن‘ ئي تکا ڪندا رهيا
آهيون.‘ جو انهن جو تعلق اسان جي ڦٽن سان تمام
گهرو ۽ گهاٽو آهي. پر اهو سوال نه ذاتي آهي نه
شخصي. سڄو معاشرو هڪ ڊگهي ماضيءَ ۾، جنهن سماجياتي
صورت حال سان جڙيو پيو آهي، اها جاهلييت، ڏاڍ
مڙسيءَ ۽ بي حسيءَ جي صورت حال آهي. ان ڪري ان جي
حال جا ماڻهو ڪجهه نه ڪجهه پاڻ سان وٺيو ڏاڍي تاءَ
۾ گهمندا نظر اچي رهيا آهن. ان ڪري ڪنهن به هڪ جو
ذڪر ڪجي ته ان جو مطلب ٿيندو ’وحشي جيوت‘ (Primate)
جو اهو هڪڙو نسان، جيڪو اسان جي تمام ويجهڙو آيو
آهي. ان جو مطلب اِهو نه آهي ته اُها جيوت، انهيءَ
’صاحب‘ تائين محدود آهي.
بس هي آهن، اهي حالتون، جن ۾ اسان شاهه جي شاعريءَ کي مستقبل ۾
داخل ڪرڻ جي ڪم کان ڊڄون ٿا. توڙي جو اسان بلڪل ئي
نااميد نه آهيون. ڪي وايون ۽ ڪي اهڙا بيت، جيڪي
داستان سان سڌو سنئون تعلق ڪو نه ٿا رکن، پر
داستانن ۾ آيا آهن، اُهي فڪري ادب بڻائين ٿا ۽ ٿي
سگهي ٿو ته اُهو ادب اسان جو ساٿ ڏئي.
هاڻي اسان اُتي پهتا آهيون، جتي عرض ڪريون ته ڪا به هڪ مڪمل
فلاسافي شاعرن جي لاءِ اهم ترين سوال نه آهي البت
هن جاءِ تي اسان پوريءَ ذميواريءَ سان چوڻ گهرون
ٿا ته پوءِ به ادب جي باري ۾ ڪجهه به لکڻ لاءِ اهو
ضروري آهي ته لکڻ وارو پاڻ فڪر جي ڪنهن نه ڪنهن
سرشتي کان واقف هئڻ گهرجي ۽ هُن کي اِهو معلوم هئڻ
گهرجي ته ادب جي ڪنهن به صنف تي لکڻ لاءِ هو موزون
ذهن ۽ مطالعي جو مالڪ آهي به يا نه! خاص طور تي
علوم سماجيءَ کان غير واقف اديب پنهنجي اهڙيءَ ڪا
به حيثيت مڃائي نه ٿو سگهي، جنهن ۾ هو ادب تي ڪجهه
چئي يا لکي سگهي.
ادب ته پاڻ هڪ علم آهي ۽ اسان وٽ ’علم ادب‘ جو اصطلاح تمام
گهڻي زماني کان رائج آهي به. پوءِ ڪو به بي علم ۽
بي هنر ليکڪ اها دعويٰ ڪري ته هو ادب جي باري ۾
لکي سگهي ٿو، ته اها ڳالهه کلڻ جهڙي ٿيندي. (خدا
نه خواسته)
گهٽ ۾ گهٽ به سوچ جو هڪ مستقل طريقو، جيڪو دليلن سان مضبوط ڪري
سگهجي، اهو هڪ تنقيد جي عالم لاءِ ائين آهي، جيئن
انڌي جي لاءِ لٺ.
’علم ادب‘ جي باري ۾ سوچڻ، لکڻ، پڙهڻ ۽ پاڙهڻ لاءِ اهو تمام
ضروري آهي ته ورڪر پاڻ عالم هجي ۽ هن باري ۾ عالم
جو مطلب آهي ته ان وٽ چار ڳالهيون موجود هجن:
صاف ۽ تيز ذهن.
مطالعي جي سگهه ۽ قوت.
علمي وسيلن جو ذخيرو.
فڪر ۽ تحرڪ جي ڪم ڪار کان واقفيت.
شاهه سائينءَ جي شاعريءَ تي لکڻ وارن مان ’سورلي‘ هڪ خاص مقام
رکي ٿو، اهو انهيءَ ڳالهه جي ڪري به جو هو هڪ طرح
سان ادب لاءِ ۽ ادب کي لکڻ لاءِ هڪ ’يا رسوخ‘ شخص
هو. پر انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته ’سورلي‘ جي
اڳيان سنڌ جا ’سماجي معاملا‘ نه هئا. ان ڪري
’سورلي‘ انهن جوابن جو خيال نه رکيو، جيڪي شاهه جي
دؤر جي سماج جي چئلينجن لاءِ ڏئي سگهجن ٿا.
’سورلي‘ ته شاهه جو هڪ اسڪالر هو. هو ’شاهه‘ ته
بهرحال نه هو. انهيءَ ڪري ’سورلي‘ کي ميار نه ڏئي
سگهي. ’سورلي‘ لاءِ ته اهو به چئي سگهبو ته هن جو
اصل مقصد اهو هو ته شاهه، برطانيا جي رعيت جي هڪ
عظمت کان دنيا کي واقف ڪري. خدمت اصل ۾ هن کي
”تاج“ جي ڪرڻي هئي، جنهن ۾ هن پنهنجي وطن برطانيا
جي خدمت به ڪئي، جو پاڻ برطانيا جا اديب ۽ ادب جا
عالم، سنڌ جي شاعريءَ کان واقف ٿيا. هن وڏي ڪم ۾
’سورلي‘ جي وڏائي هن طرح به بيان ڪري ٿي سگهجي ته
هن مغربي مطالعي جي وسيلن ۽ طريقن مان ڪنهن کان به
منهن نه موڙيو ۽ سندس ملڪ ۾ جيڪو ادب جو مطالعو
موجود هو، ان جو به پورو پورو فائدو حاصل ڪندو
رهيو.
’سورلي‘ ’لئمبرڪ‘ ۽ ’ويلر‘ (وهيلر) جهڙن عالمن لاءِ هڪ بنياد
اهڙو فراهم ڪيو، جو ٻنهي عالمن جي دلچسپي سنڌ سان
پيدا ٿي، جنهن ڪري هو اڳتي هلي سنڌ لاءِ ڏاڍا
ڪارائتا ثابت ٿيا. البت اسان ٻنهي سان پنهنجو حساب
ڪتاب صاف رکيو، اسان چيو ته ٻئي صاحب سنڌ جي سڄي
اؤسر ۽ تاريخي حيثيت کي رڳو هڪ معجزو سمجهي، اسان
جي عقل ۽ پورهئي کان انڪار ڪري رهيا آهن. هو ته
ايترو به ڏسي نه ٿا سگهن ته اها ترقي جيڪا ’منهين
جو دڙو‘ هئي، تنهن کي انهيءَ حالت تائين اچڻ ۾ به
صديون لڳي ويون هونديون.
(نوٽ: اسان دڙي جي نالي جي باري ۾ اسٽار لاءِ هڪ جدا نوٽ لکيو
هو، جنهن ۾ اسان واضع ڪيو هو ته هاڻي جيڪو دڙو
آهي، ان جو اصل نالو ’منهون يا مونهو‘ هو. اسان هن
لفظ لاءِ سنڌي لسانيات کي بنياد بڻايو هو.)
بهرحال ’لئمبرڪ‘ توڙي ’وهيلر صاحب‘ انهيءَ خيال جا آهن ته سنڌ
جي پراڻ لاءِ ڪو به عقلي جواز پيش نه ٿو ڪري
سگهجي. (عجب آهي)
هنن عالمن کي اهو معلوم نه هو ته سماجيات جا ماهر به نه هئا.
وري هنن مان ڪو به علم تاريخ کان واقف ڪو نه هو.
’لئمبرڪ‘ اسان تي تجربا ڪندو رهيو. اسان ته صاف
سڌا ۽ مٽيءَ جا ماڻهو هئاسون، جو اسان جي جاگرافي
اهڙي هئي. اسان جي سماج جي باري ۾ ڪي اهم علمي
حقيقتون هنن عالمن جي علمي نظر کان پري رهيون،
مثال طور:
(i)
اسان اهڙي ڪلچر جي پيداوار آهيون، جنهن جو
مطالعو وڌيڪ سڌاريل ۽ سڌريل وسيلن کان سواءِ ڪري
نٿو سگهجي.
(ii)
اسان جي تاريخ تمام پراڻي آهي، پر آهي اڃا سوڌي
ٺيڪ ٺاڪ حالت ۾. البت ان جي مطالعي جا مقصد واضع
ڪجن ته اهو ضروري آهي.
(iii)
اسان جي شاعري ۾ ڪو ’حادثاتي عمل‘ نه آهي. اُها
روايتي طور تي مشرقي آهي ۽ ان جو بنياد برصغير جي
موسيقي آهي ۽ ان جو بنياد برصغير جي موسيقيءَ جي
روايتن تي رکيل آهي، جيڪي شاهه سائينءَ جي دؤر کان
به گهڻو آڳاٽيون آهن.
(iv)
فڪري طور تي به اسان مشرقي آهيون ۽ نه مغربي،
ان ڪري مغربي عالمن جيان اسان جو اڀياس مغربي
وسيلن سان ڪري نٿو سگهجي.
(v)
’سورلي صاحب‘ سان اسان جو اختلاف انهيءَ
ڳالهه تي به آهي ته اسان، ڪلچر ۽ تهذيب کي هڪ
سلسلي وار اؤسر سمجهون ٿا، پر هو صاحب اسان کي
هتان هُتان هٿ ڪري معجزاتي طور سمجهي رهيو آهي،
خاص طور تي شاهه جي صلاحيت لاءِ خيال ٿو رکي ته
اهو اسان جي سماج ۾ ڄڻ ته ڪو ’حادثو‘ آهي. بيشڪ ڪي
ماڻهو ’حادثاتي‘ طور تي پيدا ٿين ٿا، پر انهيءَ
ڳالهه جو مطلب رڳو ايترو آهي ته اُهي ماڻهو عام
ماڻهوءَ جي سطح کان گهڻو مٿي هوندا آهن، خاص طور
تي فڪري قوت جي ڪري.
اسان هاڻي اڳتي انهيءَ پس منظر کي، جيڪو لکي آيا آهيون، خيال ۾
رکي شاهه سائينءَ جي انهيءَ حيثيت ۽ عظمت جي باري
۾ عرض ڪنداسون، جيڪا اڄ يا حال ۾ موجود آهي.
جديد سماجن ۾ ائين ٿيو آهي، جو اهي ڪن خاص حالتن جي پيدوار آهن.
مثال طور:
* عالمي جنگيون.
* وڏين رياستن جو ٽٽي پوڻ
* امن عالم جو فڪري تصور.
* جمهوريت جو رياستي نظريو.
* اقوام متحده جو مانيٽر وارو ڪردار.
* سائنس جي ترقي ۽ نيون نيون ايجادون.
* انساني ۽ بنيادي حقن جا تصور.
* روس ۽ آمريڪا جو نظرياتي ٽڪراءُ.
* اطلاعات جا نوان وسيلا.
* پورهيت ڪلچر جي عام رواجي ترقي.
*آرٽس ۽ شاعريءَ جي بدلجندڙ صورت حال، جنهن ۾ سنڌ جي صورت حال
پنهنجي ذاتي وسيلن کان ئي ڪم ورتو.
هن طرح ڏٺو ويندو ته مشرق جي ڪيترن ئي سماجن اڃا سوڌو پاڻ کي
سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي تڪڙي ترقيءَ سان روشناس ئي
نه ڪرايو آهي. سنڌ جو سماج به اهو ئي آهي. اسان وٽ
صنعتي ترقي به ناڪافي ٿي پئي آهي.
هن طرح بين الاقوامي طور تي سنڌ جي ماڻهن جي صورت حال پٺتي پيل
آهي ۽ اهو سماج انساني تهذيب جي تڪڙي اؤسر ۾ ڪو به
نمايان ڪردار ادا ڪري نٿو سگهي.
ته آخر مسئلو ڪهڙو آهي؟
مسئلو هي آهي ته مفادات تمام گهڻا آهن ۽ تعداد وڌندو ٿو رهي. پر
اسان ترجيحات جو تعين ڪري ڪو نه ٿا سگهون. اسان جا
ٽي وڏا شعبا غير مناسبت سان هلي رهيا آهن. اُهي
آهن:
(i)
قبائلي
(ii)
جمالياتي ۽
(iii)
ڪاروباري شعبا.
حل اهو آهي ته اسان هنن ٽن شعبن کي انهيءَ توازن سان هلايون، جو
اسان هر عمل ۾ اسلوب ۽ قوت ڀري سگهون.
عرض ڪريون هوند ته توازن جي انهيءَ غير پختگيءَ جو نتيجو اهو
نڪتو آهي، جو اسان جي اؤسر (Growth)
هڪ طرفي ٿي پئي آهي. هن ڳالهه جو سڄو اثر اسان جي
ثقافتي ۽ جمالياتي نفاست تي پيو آهي. انهيءَ حد
تائين جو خود شاعر، اديب، نقاد، عالم ۽ فنڪار ڪجهه
دٻاءُ ۾ رهڻ لڳا آهن ۽ سودي بازي ڪندا ٿا وتن،
عمومي صورت حال جي اميد افزا هڻڻ مان هنن جو
ويساهه کڄي ويو آهي. اهو ڪو معمولي مسئلو نه آهي.
اهو تمام وڏو مسئلو آهي جو ان حالت ۾ اسان مستقبل
جي صورت حال کي قبول ڪرڻ لائق نه آهيون.
عرض ڪريون هوند ته اهو سوال ’متوازن تهذيب‘ کي پيدا ڪرڻ جو سوال
آهي،
ته ڀلا متوازن تهذيب ڇا آهي؟
’مفاد ۽ قدر‘- مفاد ۽ قدر سڀ اقتصادي مفادات سان گڏجي هلي سگهن
ته اها ئي تهذيب توازن واري، جيڪا انهيءَ ترقي
لاءِ ذميوار هوندي ته اسان جا سماجي زندگيءَ جا سڀ
شعبا توازن سان هلي رهيا آهن.
سڄي ساري سماجي زندگيءَ کي ڇڏي صرف شاعريءَ تائين ڳالهائبو ته
چئبو ته متوازن تهذيب ۾ شاعري نه رڳو حال پر
مستقبل جي لاءِ به ڪم آڻي سگهبي. اهو ڪيئن ٿيندو؟
چڱو اهو به واضع ڪنداسون.
اسان جڏهن به اقتصادي ترقي جي ڳالهه ڪئي، اسان چيو ته اقتصاديات
کي قدرن، معيارن ۽ دليلن کان سواءِ قبول نه ڪبو.
جڏهن قدرن، معيارن ۽ دليلن جو متوازن سماج بڻبو،
تڏهن نه رڳو اقتصاديات پر آرٽس ۽ فنن جي ترقي به
ٿيندي. ڇو ته تهذيب ۾ سڀ قدر، فڪر ۽ معيار، توازن
سان تعلق رکن ٿا. انهيءَ حالت ۾ هڪ نئون رويو جنم
وٺندو ته اهو فڪر ۽ تحريڪ سان ڀرپور تهذيب جو
بنياد ئي بڻبو. بس اها ئي تهذيب اسان جي ادب يا
شاعريءَ جي زندگيءَ جي ضمانت به ڏيندي.
هن صورت حال جي خلاف هڪ ٻي صورت حال به آهي. ترسو، هن وقت تائين
ته اسان هڪ صحت مند رويو رکيو پئي هلياسون، پر هڪ
غير صحتمند رويو به ممڪن بلڪ اکين اڳيان رکيو آهي.
اُهو رويو اجهو اهو آهي:
(i)
اسين رڳو پيا ٿا تجربا ڪريون.
(ii)
اسان زندگيءَ مان آسرو ئي لاهي ڇڏيو.
(iii)
اسان بي پرواهيءَ ۽ بي فڪري کان ڪم ورتو.
(iv) اسان ادارن جي استقلال جو اونو ئي نه ڪريون.
(v)
اسان زندگيءَ ۾ معنيٰ يا مفهوم جي تلاش ئي نه
ڪريون.
(vi)
اسان فراريت جو رستو اختيار ڪندا رهون.
ته پوءِ نه ته ڪو فڪر پيدا ٿيندو ۽ نه تحرڪ. ٿيندو ائين جو اسان
اقتصادي طور تي بدحال ٿي، آخر انسانيت جي قيمت کان
به غير واقف رهجي وينداسون.
هاڻي اسان ڏٺو ته جڏهن به اقتصاديات جي ڳالهه ٿا ڪريون ته اسان
وٽ ان جو سڄو پس منظر ۽ مستقبل موجود آهي. اسان
ماڻهن کي دولت گڏ ڪرڻ جي دعوت ڪو نه ٿا ڏيون، جو
اسان جو وڏو مقصد دولت نه پر هڪ متوازن تهذيب ئي
آهي، جنهن ۾ ادب جو تمام وڏو مقام آهي. ان ڪري
جيڪڏهن ’اسان تي الزام آندا جڳ جيئڻ جا‘ ته اسان
به زندگيءَ کي بي معنيٰ۽ اجائي بڪواس نه سمجهون.
نتيجو جيڪو اسان ڪڍيو، سو اهو ته اسان کي سڄيءَ تهذيب جو وري هڪ
اونهو جائزو وٺڻو پوندو. جنهن ۾ قدرن، تحرڪن، فڪرن
۽ روايتن مان هر هڪ جو اڀياس ڪرڻو پوندو ۽ پوءِ ان
۾ اهو مقام هٿ ڪرڻو پوندو، جتي، اسان جو ادب موجود
آهي ۽ ڪم ڪري رهيو آهي.
اهو ئي مقام آهي، جتي اسان کي اهو ڏسڻو آهي ته شاهه جي شاعري،
ڪهڙو اثرائتو ڪم ڪري رهي آهي ۽ ان جو اسان جي
قومي ۽ سماجي زندگيءَ ۾ ڪهڙو مقام آهي.
پر ياد رکڻ گهرجي ته صرف مقصد جي تلاشي ئي مقصد نه آهي. ’مقصد
ماڻڻ‘ اصل مقصد آهي ۽ جي اهو هٿ نه آيو ته پوءِ؟
پوءِ اسان کي پنهنجا نوان مقصد ٺاهڻا پوندا.
شاعريءَ ۾ اهڙو مقصد ٿيندو. اُهو مقصد، جنهن ۾ اسان، پنهنجي ادب
۽ شاعريءَ تي زنده رهي سگهون.
اسان کي ڊپ آهي ته هن ڪم ۾ مٿاڪُٽ ۾ اسان کي گهڻو ئي ڇڏي ڏيڻو
پوندو، ڦٽي ڪرڻو پوندو يا قربان ڪرڻو پوندو. ۽ اهو
ممڪن آهي ته اهو جيڪو اسان ڦٽي ڪري ڇڏيو، سو
ماضيءَ ۾ بنيادي ۽ اهم هجي ۽ اسان جي دفن ٿيل
زندگيءَ جو سر چشمو هجي.
اسان ته چوندا سون ته ڀلي هجي. پرواهه ناهي جو اسان جو عمل
دليلن تي ٻڌل آهي ۽ تاريخ جون تقاضائون پوريون ڪري
ٿو. پر نئين شاعريءَ لاءِ اهو وڏي جوکم جو ڪم
ٿيندو.
شاهه، اسان کي هيروز (Heroes)
ڪو نه ڏنا آهن، شاهه اسان کي ڪو به مڪمل افسانو ڪو
نه ڏنو آهي ۽ وڏي ڳالهه ته شاهه جا ڪردار گهڻو ڪري
دليل جا محتاج آهن. البت مارئيءَ جي داستان ۾ شايد
ڪا يوٽوپيا ملي!
هن حالت ۾ اسان لاچار آهيون ته مشرق کي فن، فڪر ۽ لغت جي نعمتن
کان محروم رکڻ ۽ رهڻ کان بچايون. ٻيءَ حالت ۾ مشرق
پنهنجي عزت ۽ وقار کي بچائي نه سگهندو ۽ اهو وڏو
هاڃو ٿيندو.
مون کي ڊپ آهي ته جيئن مون ’عبرت‘ (عبرت مئگزين جي هڪ انٽرويو
۾) کي چيو به آهي: ”هڪ ڏينهن اسان کي شاهه کان
نيازمنديءَ سان موڪلاڻو پوندو.“ پر ڇا انهيءَ جي
ڪري شاهه جي عظمت کي ڪو ڇيهو رسندو.؟
هڪڙي ڳالهه شاهه جي بچاءَ (Apology)
لاءِ ڪافي آهي. شاهه، مشرق کي وڌيڪ صحت مند ڏسڻ ٿو
گهري. مشرق معنيٰ معاشرا ۽ انهن جا قدر، جيڪي
مشرقي هوندا. هاڻي جڏهن شاهه جو مطالعو، انهيءَ
لحاظ کان ڪيو نه ويو ته ان ۾ ڏوهه شاهه جو نه آهي.
سنڌ به دنيا جي مشرق ۾ آهي ۽ ان سان گڏ ٻيا عالم
به سڀ مشرف ۾ آهن. شاهه پاڻ مشرق ۾ اقتصادي خوش
حاليءَ جو دعاگو آهي. ٻيو ڇا گهرجي!
ناحق رڳو ٿيو جو شاهه جي شاعريءَ جو مطالعو سماجي مسئلن ۽ انهن
جي حلن جي خيال کان مطالعي هيٺ نه آيو.
ڇا ٿا فرمائين علماءِ علوم و فنون!
(1) شاهه ته روميءَ کان ڏاڍو متاثر هو.
(ii)
شاهه ته تارڪ هو. (هن جو مسئلن سان ڪو تعلق نه
هو.)
(iii)
شاهه هڪ سهڻي ڇوڪريءَ تي عاشق ٿي پيو هو، ان ڪري
هيئن ٿيو، هونئن ٿيو ۽ شاهه جي ڪردار ۾ به هڪ عورت
جو هٿ نظر آيو.
انهيءَ ڪري انهيءَ شاعريءَ کي ايڏيءَ سنجيدگيءَ مان ڏسڻ جي
ضرورت ئي نه آهي. اهي تهمتون اسان ڪو نه لڳايون.
اِهي الزام انهن لڳايا، جيڪي:
(i)
علم ادب جي اصولن کان غير واقف هئا.
(ii)
جيڪي تاريخ جي ڪنهن به ڪردار کان واقف نه هئا.
(iii)
جيڪي سماجيات جي اصولن کان ناواقف هئا.
(iv)
جيڪي ادب جي سماجي ڪارج کان به ناواقف هئا.
شاهه جي شاعريءَ جو مطالعو ٿيندو رهيو، جئين به ٿيو.’تنوير
عباسيءَ‘ ۽ ’موتي جوتواڻيءَ‘ خاصو وقت مطالعي کي
ڏنو. مڃيوسون ’ڪلياڻ آڏواڻيءَ‘ ڪم ڪيو. گربخشاڻي
پاڻ مڃائي ويو، ٻين به گهڻو ڪم ڪيو، جيئن ’ڀيرو مل
مهرچند‘. انهن وٽ صلاحيت جي کوٽ ڪا نه هئي. پر اها
به حقيقت آهي ته جڏهن تنوير، شاهه جو مطالعو،
مطالعاتي طور تي صرف مطالعي خاطر ڪري رهيو هو،
موتي جوتواڻي، سورلي کي ان جي پنهنجي ميدان تي آڻي
۽ پوءِ ڳالهائي رهيو هو.
مسئلا ۽ مونجهارا ڪي ٻيا هئا:
(i)
شهري زندگيءَ جي ترقيءَ جي ڪري شاعريءَ جو
جذباتي حسن مجروح ٿي رهيو هو.
(ii)
دل جو ٺار ۽ اطمينان، جيڪو شاعريءَ مان ملي ٿي
سگهيو. سو گهٽجي ويو هو.
(iii)
عورتن توڙي مردن ۾ اهو غرور اڀري آيو هو. جنهن
جي ڪري اها شاعري.جيڪا انهن ڏانهن ’ڪتاب‘ طور
موڪلي وئي هئي. تنهن کي حاصل نه ڪيو ويو يا ان تي
غور ئي نه ڪيو ويو هو.
(iv)
تنقيد جي نام نهاد عالمن، ادب جا مسئلا حل ته
نه ڪيا. پر پاڻ انهن جو تعداد وڌائي ڇڏيائون. مطلب
ته:
ڪٺيس ڪويڄن جو، تن طيب نه گڏيا،
ڏيئي ڏنڀ، ڏڏن، پاڻان ڏيل ڏکوئيو.
اهو ئي سبب آهي جو اسان ادب جي ڪارج ۽ ڪردار کي ضروري اهميت ڏئي
نه سگهيا آهيون انهيءَ طرح شاهه سائينءَ جي
شاعريءَ به گذريل انهيءَ دؤر ۾ رڳو انهيءَ حد
تائين ڪم آئي آهي ته ان کي ڪلچر سمجهي، ڳايو وڃي ۽
رسالي، جي لغت کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.رسالي
پڙهڻ وارن ۾ ’لغات‘ (Lexicographers)
جيڪي مليا سي عالم ته تمام وڏا هئا، پر خاص علم
لغت جي مهارت ڪنهن وٽ به ڪا نه هئي. اهو ئي سبب هو
جو هڪ صديءَ جي مٿي مارڻ کان پوءِ به اسان شاهه جي
رسالي جي سڄي لغت مڪمل ڪري ڪو نه سگهيا آهيون.
شاهه جي رسالي ۾ سنڌي زبان ڄڻ ته سڄي موجود آهي. ان ڪري ان جي
لغت جو مڪمل ڪرڻ هڪ وڏي ’مهارت‘ جو ڪم آهي. ماهر
اسان وٽ پيدا ٿيندا آهن ته هن طرح جو يا ته هر ڪو
ماهر هوندو آهي يا اسان جو هڪ ٽولو هر ڪم جو ماهر
هوندو آهي.
مطالعو ڪنداسون، هڪ مضمون جو، پر مهارت رکنداسون، هڪ درجن کن
ٻين معاملن جي. مثال طور، اهڙيءَ حالت ۾، جڏهن
ڊاڪٽريٽ ڪنداسون، مطالعه پاڪستان جي، ته ڪم
ڪنداسون، سنڌي زبان جي لسانيت جو، تعلم جو، ادب
جو، لغت جو، لوڪ ادب جو، شاهه جي رسالي جي مطالعي
جو، موسيقيءَ جو سنڌي زبان جي ترقيءَ جو ۽ ڪن ٻين
چند شعبن جو پڻ. ظاهر آهي ته اهڙيءَ حالت ۾ ضرورت
صرف علم لغت (Lexicography)
جي ڄاڻ جي هئي، پر اهڙيءَ ڄاڻ جي نه هئن جي باوجود
اسان لغت به جوڙي تيار ڪري ورتي. (مهارت سان لکڻ
ائين آهي، جئين ڊاڪٽر سنديلي ’تحقيق‘ لغات سنڌي‘
لکي.)
هاڻي جڏهن رويو اهو هوندو ته پوءِ اسان جي ڪمن مان هر هڪ جو
معيار ڪهڙو هوندو؟ سو ظاهر آهي. ڪن عالمن لاءِ اهو
ضرور چئبو ته انهن جو ڪم اهڙو هو جو اهو يا ته ڪو
ٻيو ڪو به ڪري نه رهيو هو يا اهو ڪم هو پاڻ ڪري
رهيا هئا ته ان ۾ انهن جو خلوص ئي شامل هو. پر اها
ڳالهه انهيءَ سوال جو جواب نه آهي ته اسان جي هن
دؤر ۾ ڪو به ڪم ’مهارت‘ کان سواءِ جيئن وڻي تيئن
کڻي شروع ڪجي ۽ اهو به نه ڏسجي ته، ان ۾ وقت ڪيترو
لڳو ۽ خرچ ڪيترو آيو. رڳو رسالي جي هڪ آفيشل
ايڊيشن تيار ڪرڻ جي خرچ جو اندازو لڳائبو ته معلوم
ٿيندو، ايترو خرچ انسائيڪلوپيڊيا آف برٽانيڪا جي
آفيشل ايڊيشن تيار ڪرڻ تي به شايد ڪيو ويو هجي.
جڏهن ٻڌو، تڏهن اهو ته يڪو نسخو، پڪو نسخو، آخري
نسخو، سچو نسخو، سارو نسخو، سرڪاري نسخو، هي نسخو،
هُو نسخو ۽ ٻيو اسان وارو نسخو تيار ٿي رهيو آهي.
خبر تڏهن پئي جو معلوم ٿيو ته 8 فيبروري 1994ع تي
الهداد خان جنجهي آيو، هٿ ۾ هڪ وڏو هٿ سان لکيل
ڪتاب هوس. ٻڌايائين ته، ”مبارڪ هجيو نئون گنج لڌو
آهي، اجهو هي آهي.“ طاق لڳي ويا.
خبر نه آهي ته اهو ڪهڙي خبر وارو نسخو هوندو. چوي ٿو ڇپيل رسالي
۾ جيڪي بيت آهن، انهن مان ٽي پتيون ته اهڙيون آهن،
جيڪي هن گنج ۾ آهن ئي ڪو نه. هن ۾ بيت ئي ٻيا آهن.
”ڏاچي هڻي ڏهه قدم، ته توڏي هڻي تيرهن.“ هن طرح
شاهه جو رسالو اسان جي لاءِ قومي حيثيت جو سوال
بڻجي پيو آهي. نظر ائين ٿو اچي ته اهڙي شاعري،
جهڙي ڀٽائيءَ ڪئي آهي. ڪنهن دؤر ۾ اسان جي سماج جي
هر شخص جي مزاج ۾ موجود هئي ۽ تمام گهڻن ماڻهن
پڙهيل هئڻ جو فائدو وٺي. ان کي تحرير هيٺ به آڻي
ڇڏيو. ڄڻ ته هڪ دؤر ۾ اسان جو سڄو سماج ئي شاعر
سماج هو. شايد انهيءَ سبب جي ڪري اڄ به شاعرن جو
تعداد اسان وٽ ٻين سماجن جي ڀيٽ ۾ ڪيئي دفعا وڌيڪ
آهي ۽ وري ڀٽائيءَ کي سمجهون به اڻ پڙهيل ئي ٿا.
رهيو سوال ته شاهه جو رسالو مڪمل ڪڏهن ٿيندو؛ اسان ته ائين
چونداسون ته جيترو ۽ جهڙو به اڄ موجود آهي، ان مان
ڀلا اسان ڪهڙو فائدو ورتو آهي جو ’مڪمل‘ مان
وٺنداسون. ڇا اِها حقيقت نه آهي ته رسالي جو رڳو
پڙهي وڃڻ به اڄ صرف هڪ اڌ سيڪڙي عالمن جو ڪم آهي.
اسان جو جوان نسل نه پڙهي سگهندو ۽ نه پڙهندو. پر
جيڪڏهن مستقبل ۾ ڪو نسل اهڙو ڪتاب پڙهي سگهڻ جي
لائق بڻجي ويو ته ان وقت وري اهڙيءَ شاعريءَ جي
ضرورت گهٽ هوندي.
سو هن طرح رسالو نه رڳو اقتصادي پر تعليمي علمي مسئلو به آهي.
هي سڄو ’سوال‘ رڳو انهيءَ ڪري پيدا ٿيو آهي، جو
اسان وٽ ’مهارت‘ جي پرواهه نه ڪئي ويندي آهي.
ضروري رڳو ايترو هو ته اسان وٽ چند ماڻهو تمام
ٿورا ’علم ادب‘ جا ماهر هجن ها ۽ اهي پنهنجي دؤر ۾
صرف هڪڙو ڪم ڪن ها. يعني شاهه جو رسالو پڙهڻ،
سمجهڻ ۽ جڳ کي سمجهائڻ جو ڪم.
هڪڙو دؤر هو، جڏهن شاهه سان عشق هڪڙو فئشن بڻجي ويو هو. اُهو
دؤر شاهه جي شاعريءَ جي سياسي تشريح جو دور هو ۽
اسان سڀ قوم پرست هئاسون ۽ شاهه رڳو سنڌ جو قومي
اڳواڻ هو. مان نه ٿو ڀانيان ته دنيا جي ڪنهن به
وڏي شاعر(سواءِ اقبال جي جيڪو پڻ پاڪستان جو شاعر
هو) کي ڪو اهڙو سياسي رتبو مليو هجي.
اسان جو خيال آهي ته، اياز کي لک مبارڪ، جو هن رسالي جو اردو
ترجمو ڪري، هن ملڪ جي جان ڇڏائي، نه ته اسان جي
دعويٰ ته اها هئي ته، رسالي کي اسان سمجهون يا نه،
پر آهي آسماني ڪتاب ۽ ان جو رسول رڳو ’سائين
سدائين جيئي‘ آهي. اياز انهيءَ نظريي کي وڏو ڌڪ
هنيو. هن طرح رسالي جي نئين تصور جي باري ۾ پهريون
قدم ئي ’ڀٽائي ثانيءَ‘ کنيو.
هينئر اياز لاءِ اها ڳالهه تمام آسان آهي ته، هو ڪلاسيڪل اردو
شاعريءَ ۽ اردوءَ جي لساني برتريءَکي وڏي فخر سان
بيان ڪري. گهٽ ۾ گهٽ به ايترو ڪم ته اياز هڪدم ڪري
سگهي ٿو. اياز پڻ جيڪو اخبار ’برسات‘ جو چيف
ايڊيٽر به آهي، سو پنهنجي هڪ ادارئي ۾ اردوءَ جي
اپالجي
“An apology For”
لکي ٿو ته نظر ائين ٿو اچي ته اسان ته ڪي ڏاڍو
گمراهه ماڻهو هئاسون. اسان ۾ اياز ائين پيدا ٿيو،
ڄڻ اسان ۾ ڪو ’رسول‘. هن اچي اسان گمراهن کي
اونداهيءَ مان روشنيءَ ۾ داخل ڪيو. اياز ئي درود ۽
سلام پڙهڻ جائز آهي. يا نه! اهو سوال به اميد ته
تمام جلد ئي حل ٿي ويندو. ان وقت تائين اسان اِهو
انتظار ڪنداسون ته شاعرن ۽ اديبن مان پهريون اهو
ڪهڙو مؤمن آهي، جيڪو اياز تي ايمان آڻي ٿو. (اسان
کي اميد آهي ته سابقون لاولون ۾ اسان به
هونداسون).
بهر حال اياز انهيءَ ڪم جي ابتدا ڪئي آهي، جنهن ۾ اسان ناحق
سالن جا سال شاهه جي لغت پڙهڻ ۾ وڃائي ويٺا آهيون.
فڪر جو سوال اسان جي اڳيان هو ئي ڪو نه سماجي تحرڪ
جو ڪم به اسان جي وس کان ٻاهر هو.
هن طرح اسان ادب جي اصل افاديت کي سمجهي نه سگهياسون. اسان کي
اها خبر ڪا نه هئي ته فنون لطيفه ۽ علوم طَبعي جي
ترقيءَ جو پاڻ ۾ ڪهڙو تعلق آهي ۽ آخر انسان ذات جو
ادب، شاعريءَ ۽ ثقافت سان ايترو تعلق ۽ اهڙو پيار
آهي ڇا لاءِ؟
هاڻي جيستائين ڪو صاحب لغت جو اهو جواب ڏئي، اياز ٻاهر نڪري
آيو.’جيءُ بسم الله‘ اسان جون اکيون ٿڌيون! هاڻي
اسان لاءِ اهو ڇو ضروري آهي ته اسان معلوم ڪريون
ته اسان کي اسان جي پنهنجي شاعريءَ ۾ دلچسپي وٺڻ
جي به ڪا ضرورت آهي ڇا؟
سو جيئن اسان مٿي عرض ڪيو آهي، اڃا اسان شاهه کي سمجهڻ جي لائق
ئي نه ٿيا هئاسون ته مٿان اياز اچي ڪڙڪو ڪيو، ’ڀڄ
چريا مست ٿا اچن.‘
اياز پنهنجي تبليغ جي ڪم ۾ مصروف آهي، ان ڪري ’بيت‘لاءِ اسان جو
ان سان ملڻ ڪجهه مشڪل آهي، پر جنهن ڳالهه جي اهميت
آهي، اها هن پهچائڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي آهي. اياز
پاڪستان جي ۽ قومي زبان جي وڏي خدمت ڪئي آهي.
ڳالهه هيئن آهي ته هر سماج وٽ پنهنجي زبان، پنهنجو قلم ۽ پنهنجي
شاعري ضرور هئڻ گهرجي. اياز به مڃي ٿو ته اردو
ٻولي اسان جو گڏيل اثاثو آهي، سو ڪافي ڪم ته ٿي
ويو. رهيو سوال اِهو جيڪو اسان هت هيٺ ڏيون ٿا:
(i)
هڪڙي شاعريءَ کي سماج جي ذاتي زندگيءَ جو طور
طريقو (Way
of Social life)
سڏبو آهي.
(ii)
هڪڙي شاعري کي سماج جي ذاتي تاريخ سڏبو آهي.
(iii)
هڪڙي شاعري کي سماج جي شخصيت سڏبو آهي.
(iv)
هڪڙي شاعريءَ کي قوم جي تهذيب سڏبو آهي.
سو هن طرح سنڌي زبان ۾ ڪيل شاعريءَ مان گهٽ ۾ گهٽ لطيف جي
شاعريءَ کي منڌيئڙو (x)
پائي، رد ڪري ڇڏڻ لاءِ اياز کي به محنت ڪرڻي پئي
آهي، جو اهو ڪم آهي مشڪل!
پر پوءِ به اياز جي ذهني قوت ۾ وڏيون اميدون آهن، خاص ڪري
انهيءَ بنياد تي ته ’اياز ڪافي آهي.‘پر ٻيا بنياد
به ٿي سگهن ٿا.
مثال طور، ائين چوڻ ته:
شاهه جي شاعريءَ کي سمجهائڻ ۽ ان تي محنت ڪرڻ رڳو سنڌ يا
پاڪستان جي ماڻهن جو ئي ڪم نه آهي، اهو ڪم ’گڏيل
انسان دوستيءَ‘
“Joint human fraternity”
جو ڪم آهي. جو هر ڪا شاعري (۽
اياز جي شاعري پڻ) رڳو سنڌ جي نه پر انسان ذات جو
ورثو آهي ۽ ان لاءِ اسان کي عالمن جو بهترين ذهن
به گهرجي.
اياز، سنڌ جي لغانيات جي ماهرن تان گهڻو بار لاهي ٿو ڇڏي. هن
کان پوءِ سوال سنڌي شاعريءَ. شاهه جي شاعريءَ ۽
ڪنهن حد تائين اياز جي لافاني شاعريءَ جو نه آهي.
سوال اصل ۾ اڃا ڪي ٻيا آهن. مثال طور:
* جن تضادن جو نتيجو شاهه جي شاعري هئي، اُهي اڃا پنهنجو فطري
عمل
* پورو ڪري نه سگهيا آهن.
* هٿياربند ڪوس ۽ قتل ختم نه ٿيا آهن.
* اڳرايون ختم نه ٿيون آهن.
* دشمنيون قائم آهن.
* حَسدُ برادريءَ ۾ تبديل نه ٿيو آهي.
* اجائي هوڏ جو هڪ ’دَمُ‘موجود آهي.
* سماجي قوت گهٽجي رهي آهي.
* اها دشمني ختم نه ٿي آهي، جنهن ۾ انسان، نيڪيءَ، چڱائيءَ ۽
عقلي برترتيءَکان نفرت ڪرڻ لڳو هو.
انسان ڪهل، قياس ۽ عقلي برتريءَ کان نفرت ڪرڻ لڳو هو.
انسان ڪهل، قياس ۽ رحم جي نعمتن کان محروم ٿي ويو آهي.
هاڻي اها شاعري، جنهن کي هنن ڳالهين جنم ڏنو هو، سا ته چئبو ته
اڃا سوڌو آهي ۽ ڪم ڪرڻ جهڙي آهي، جو هُن جا محرڪ
موجود آهن. تنهن ڪري اهڙيءَ شاعري اڄ به جديد آهي
۽ تازي آهي يا صحت مند آهي.
توڙي جو ’اياز ڪافي آهي‘. اسان لاءِ اهو ڪم آسان نه آهي، جو
اسان انسان ذات جي گڏيل راءِ هڪ ڌڪ سان ختم ڪريون
يا اياز جي طرفداري ڪري سگهون. اياز شاعر آهي ۽ هو
شاعريءَ سان گڏ زنده رهڻو آهي. ان ڪري هو شاهه جي
رسالي کي ته هيئن يا هونئن ڪري سگهي ٿو، پر
شاعريءَ جي بنيادي ڪردار جي باري ۾ هن کي تڪڙ کان
ڪم وٺڻ نه گهرجي.
پر ’افسوس جو ڪو به ڪافي نه آهي.‘
ائين چوڻ ڪو آسان ڪم نه آهي، جيئن اسان شاهه جي شاعريءَ جي امر
قوت جي باري ۾ اڳ ۾ عرض ڪري رهيا آهيون. اها ڳالهه
تمام وڏو مطالعو ٿي گهري ته شاهه جي داستانن ۾
خصوصيت سان اهي ڪهڙيون قوتون موجود هيون، جيڪي
هاڻي موجود نه آهن يا اهي ڪهڙيون قوتون نه هيون،
جن جي باري ۾ اسان کي ڪا به خبر نه آهي.
هن طرح شاهه جي نئين مطالعي جي باري ۾، هنن ڳالهين جو خاص خيال
رکيو ويندو؛ سي اڳ ۾ اشاري هيٺ ڏيون ٿا:
* جڏهن اڄ سوڌو شاهه جي لغت جو سوال موجود آهي، تڏهن ان ڪم کي
ڪيترو وقت هلائي سگهندو.
* ڇا لغت جو ڪم شاعريءَ جي ڪم سان گڏوگڏ هٿ ۾ کڻڻ گهرجي؟ ڪٿي
ائين ته نه آهي ته لغت ۽ شاعريءَ جا ڪم جدا جدا
هٿن ۾ کڻڻ گهرجن؟
* ڇا اهو درست آهي ته شاهه جي داستانن جا پلاٽ ۽ انهن ۾ آيل
بيت، هڪ باضابطي مطالعي ۾ مدد ڪو نه ٿا ڪن!
* ڇا اسان جي مطالعي ۾ ’وائي،‘ ’ڪافي‘ ۽ ٻيون صفتون، جن سان
شاعريءَ جو تعلق آهي، پوريءَ ريت نه آيون آهن.
(خاص ڪري شاهه جي شاعريءَ جي حوالي سان)
* آخر انهيءَ ڳالهه جو حل ڪهڙو آهي ته ڪلام جا ڪيئي نسخا موجود
آهن ۽ پوءِ به نوان نسخا هٿ اچي رهيا آهن.
* هي بيت، جن جو تعلق سڌو سنئون انهيءَ داستان سان نه آهي، جنهن
۾ اُهي موجود آهن، سي داستانن ۾ ڪيئن آيا آهن ۽
هاڻي انهن جي مطالعي جي باري ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي؟
* جڏهن حالت اها آهي، جو اسان داستانن جي مدد سان به شاهه جو هڪ
معياري مطالعو ڪري نه سگهيا آهيون، تڏهن اسان کي
لطيفيات جي باري ۾ آخر ڪهڙي پاليسيءَ تي عمل ڪرڻ
گهرجي.
* جڏهن شاهه سائينءَ جي شاعريءَ ۾ فڪري ادب ۽ سڄي داستان جو هڪ
حصو آهي، تڏهن داستان کي فڪري ادب جي خيال مان
ترتيت ڏجي يا فڪري ادب کي داستان جي سياق ۽ سباق ۾
پڙهجي.
* جدا جدا هڪ سُر جو مطالعو آسان ٿيندو يا رسالي کي هڪ مڪمل ۽
مضبوط شاعريءَ جو واحد ڪتاب سمجهي، پوءِ ان جو
مطالعو ڪجي.
* داستانن جي تاريخي حيثيت جي باري ۾، اسان کي ڪهڙي رٿابنديءَ
کان ڪم وٺڻ گهرجي. ڇا داستانن کي تاريخي طور تي
مڪمل ڪجي؟ يا ائين ئي رهڻ ڏجي، جئين شاهه سائينءَ
انهن کي بيان ڪيو آهي. ڳالهه ائين آهي ته شاهه
سائينءَ سڀني داستانن مان هر هڪ مان صرف اُهي حصا
ڪم آندا آهن، جيڪي هن جي پنهنجي شاعريءَ جي گهرج
پوري ڪري رهيا هئا.
هن طرح ڏٺو ويندو ته اڄ سنڌو ڪيترائي سوال اهڙا موجود آهن، جن
کي حل ڪرڻ جو ڪم هڪ بهتر رٿابنديءَ طور ڪيو ڪو نه
ٿو وڃي. هن حالت ۾ انهيءَ ڳالهه جو وڏو خطرو موجود
آهي ته مستقبل قريب ۾ جڏهن اسان جو معاشرو، جيڪو
اٿل پٿل ۾ آهي، سو گهڻو مختلف ٿي ويندو، تڏهن شاهه
جي شاعريءَ جي مطالعي جي لاءِ وسيلا به گهٽجي
ويندا ۽ ان جي بهتر مطالعي جا امڪان به گهٽ ٿي
ويندا ۽ سوال ڪو به حل ڪو نه ٿيندو. اهو وڏو هاڃو
ٿيندو، جو اسان ان وقت هڪ عظيم ورثي جي هوندي به
خالي هٿين ۽ ڪنگال هونداسون. ان ڪري اسبان چيو ته
اهڙيءَ هڪ منجهائيندڙ صورت حال ۾ اسان شاهه
سائينءَ سان آخر ڪهڙيءَ ريت گذاري سگهنداسون. سو
سمجهه ۾ نه ٿو اچي.
جناب ٽرمپ کان وٺي اڄ تائين سمجهه ۾ آيو آهي ته ڪل ايترو ته
شاهه هڪ صوفي هو. نه رڳو اهو به سمجهه ۾ نه آيو ته
صوفي هو ته به هو تصوف جي ڪهڙي فڪر سان ٻڌل هو. ٻي
ڳالهه جيڪا اسان کي گهڻو مطمئن ڪري ويٺي آهي، سا
اها ته ’شاهه امن جو شاعر هو، هن امن ۽ سلامتيءَ
جو سبق ڏنو آهي ۽ هن طرح هُن طرح بس.......هلو
ميلي تي.‘
اسان نه ٿا سمجهون ته ايتري ڊگهي عرصي ۾، ايتري ٿوري ڪم جي
بنياد تي، اسان شاهه جي شاعريءَ کي اهڙيءَ طرح
سمجهائي رهيا آهيون، جو شاعريءَ جو شائق دنيا شاهه
کي وڌيڪ سمجهڻ لاءِ اسان ڏانهن واجهائي رهي آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي لغت، دنيا جو نه، پر اسان جو اندروني معاملو
آهي، اهو حل ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن ان ميدان تي ڪو
ماهر موجود آهي ته مهارت سان حل ٿيڻ گهرجي، نه ته
ڪو نه ٿيندو. پر اهو سوال پوءِ به هلڪو آهي.
نوان بيت ۽ نوان نسخا لڀن ٿا. ڀلي لڀن، وڏو فائدو ٿي رهيو آهي،
جو شاعري وڌيڪ ملي رهي آهي. اهو به ڪو وڏو سوال نه
آهي.
بنيادي ۽ تمام وڏو سوال انهيءَ فڪر جو آهي، جنهن جي باري ۾ شاهه
جيترو وڌيڪ محتاط هو، اسان اوتروئي وڌيڪ ’محتاط‘
آهيون. اسان شاهه جي فڪري طريقن ۽ معيارن تي ڪو به
ڪم ڪو نه ڪيو آهي. انهيءَ طرح اسان جو شاعريءَ جو
اصل سوال اسان جي نظر کان هٽي ويو آهي ۽ اهي سوال
اسان جو وقت وڌيڪ وٺندا رهيا آهن، جن کي بنيادي ۽
ابدي حيثيت حاصل نه رهي آهي. هن طرح اسان جو جيڪو
به نقصان ٿيو آهي، سو فڪر جي بنياد تي آهي.
وري مستقبل جي صورت حال وڌيڪ خطرناڪ هوندي جو معاشرو تبديل ٿي
چڪو هوندو ۽ اسان اڃا ان وقت به ماضيءَ ۾ زنده رهڻ
لاءِ هٿ پير هڻي رهيا هونداسون.
ڇا اسان ماضيءَ ۾ زنده رهي سگهون ٿا؟
ماضي دفن ٿي چڪو آهي، ان کي نه جاڳايو، اُهو نه جاڳندو، فڪر جا
نوان طريقا ڳولڻا پوندا ۽ انهن جي پرک ماضيءَ جي
معيارن تي نه پر مستقبل جي معيارن تي ئي ڪرڻي
پوندي. ان وقت اسان پاڻ تڳائڻ لاءِ هڪ نئين ثقافت،
هڪ نئين شاعريءَ ۽ هڪ وڌيڪ سڌريل فڪر جي ضرورت
محسوس ڪندي، اٻاڻڪا ٿي وينداسون، جو اسان جو شمار
انهن ماڻهن ۾ ٿيندو، جن وٽ نين وڻڙن جي کوٽ جي ڪري
اٻاڻڪبائي اچي منهن ڪڍندي آهي.
اهو وقت اسان جي ويچارائپ جو هوندو.
ته ڇا اسان کي ڪو نئون شاعر گهرجي؟
اسان ته ائين چونداسون ته انهيءَ سوال کي پنهنجي هڪ وڏي اهميت
آهي ضرور. اسان چيو آهي ته، ’اياز ڪافي آهي،‘ پر
ڇا ڪو به علم ادب جو ماڻهو، ڪنهن به شاعر لاءِ اها
راءِ قبول ڪندو؟ شاعر ڪافي ٿين ٿا، پر هڪ مخصوص
دؤر جي تقاضا جي ڪري، انهيءَ ڪري شاعرن جي پيدا
ٿيڻ جو سلسلو منقطع ڪو نه ٿو ٿئي، جيئن پيغمبرن جو
ٿيو آهي. پر جيڪا شاعري انهن خصوصيتن سان ڀرپور
رهي ٿي، جن جو ذڪر اسان مٿي ڪيو آهي. اها شاعري
صدين کان پوءِ ۽ سا به ڪنهن هڪ شاعر مان پيدا ٿئي
ٿي. ان ڪري اسان شايد هڪ ’ثقافتي حادثي‘ ڏانهن وڌي
رهيا آهيون، جنهن ۾ اسان جي بي خبريءَ ۽ فڪر جو هڪ
وڏو خال پيدا ٿيندو ۽ اسان دنيا جا ڪنگال انسان
بڻجي اٿنداسون، ڇا اسان کي ان وقت کان ڊڄڻ نه
گهرجي؟
ان وقت ڊاڪٽر دائود پوٽو مرحوم يا ڊاڪٽر گربخشاڻي (سَورڳ باشي)
اسان جي ڪهڙي مدد ڪندا! اهو معلوم نه آهي، پر ٽرمپ
صاحب کان وٺي هاڻوڪن ليکڪن تائين (يا انهيءَ سڄي
لڏي تائين، جيڪو لطيفي لات ۾ شامل آهي،) آخر اسان
ڪم ڪهڙو ڪيو آهي، جنهن کي دنيا وڏي قدر جي نظر سان
ڏسي ٿي ۽ دنيا جا ڪهڙا ذهن ۽ ادبن جا عالم اسان جي
هنن محققن سان ملاقات لاءِ پاڪستان جو سفر اختيار
ڪن ٿا.
حالت ته اها آهي جو هڪ صديءَ جي مٿاڪٽ کانپوءِ رڳو اسان اسلام
آباد تائين به (بقول جمال رند) سفر پورو ڪري نه
سگهيا آهيون.
اسان جي دوستن کي خبر آهي ته سنڌ جا ڪيترائي اديب، اسلام آباد
جا انعام يافته ماڻهو آهن. انهن کي صدارتي ايوارڊ
به مليا آهن ۽ انهن کي تمغن کان سواءِ روڪ رقم،
ٻلا خدمت جا تمغا به مليا آهن. (شايد انهيءَ ڪري
جو هو وڌيڪ جمهوريت پسند ۽ محبت وطن هئا.)
اُهي صاحب اڄ به وڏي آب ۽ تاب سان موجود آهن، ان ڪري انهيءَ
دعويٰ کي ته ضرور چئلينج ڪيو ويندو ته اسان وٽ
ادب، ثقافت ۽ شاعريءَ تي ڪو نمايان ڪو ڪو نه ٿيو
آهي. اهو چئلينج ڪيو ويندو ۽ اسان ان جي جواب ڏيڻ
جي همت به ڪري نه سگهنداسون. ان ڪري اهو ڏسي ٿو
سگهجي ته اسان ڪنهن به انعام يافته دوست جي باري ۾
ڪجهه به نه لکيو آهي. اسان لکيو ڊاڪٽر ٽرمپ،
سورلي، لئمبرڪ ۽ ڪنهن ٻئي هڪ اڌ شخصيت جي باري ۾،
جيڪي اهڙو چئلينج ڪو نه ڪندا.
البت اهو ضرور ڏٺو ويندو ته انهن معيارن جي حساب سان، جن کي ادب
عالم قبول ڪري ٿو، اسان جي ’انعام يافته‘ عالمن ۽
دانشورن جو وزن ڪيترو آهي.
پر آخر ايترو ۽ اهو به ڇو ڏٺو وڃي. اهو اسان جو ڪم هو ته اسان
ڪجهه ڪريون. اسان پنهنجو ڪم ڪيو ۽ اسان ئي ان کي
قبول ڪيو، پرکيو ۽ اسان ئي ان جا معيار به پاڻ
مقرر ڪيا. اهڙيءَ حالت ۾ ڪو به ائين چوي ته اسان
ڪو نمايان ڪم نه ڪيو ته اسان کي ان جي پرواهه آخر
ڇو ڪرڻ گهرجي!
مان انهيءَ جواب مان هڪ رتي به گهٽ ڪرڻ ڪو نه ٿو گهران.
مان ڳالهه ئي ٻي ٿو ڪريان. مان چوان ٿو ته مٽرن جي دال رڌڻي هئي
ته اهو اسان جو ئي ڪم هو، اسان جيئن پسند ڪيو،
تيئن ڪيو.
مان چوان ٿو ته شادي ڪرڻي هئي. اسان شاديون ڪيون، اسان کي جيئن
وڻيو، تيئن ڪيوسون، انهيءَ حالت ۾ مصر جي توفيق
الحڪيم کان پڇڻ جي ضرورت هئي ڇا؟
مان چوان ٿو ته اسان کي پٽڪو ٻڌڻو هو، ڇاڪاڻ ته مٿي تي پڳ اسان
کي ڀلي لڳندي هئي. اسان پٽڪو ٻڌو، اسان بوسڪيءَ جو
پٽڪو ٻڌو، اسان طُرو به وڏو ڇڏيو ۽ اسان ڪڏهن ڪڏهن
ٻُٽَ به ٻڌي. بس اهو ڪم اسان جو ڪم هو، سو اسان
ڪيو. آخر انهيءَ ڳالهه ۾ به اسان کي ڪنهن به ادب
جي نوبل انعام يافته صاحب سان منشورو ڪرڻو هو ڇا؟
نه نه اسان کي جيئن وڻيو، اسان جيئن پسند ڪيو، تيئن اسان ڪيو ۽
قوم به گهٽ ۾ گهٽ ادب جي حد تائين اسان کي قدر جي
نگاه سان ڏٺو. هاڻي توهان ڏسو ته اسان ڪيترو نه
اهم ڪم ڪيو هو، جو ڪري ورتو. يعني اسان چيو ته
جيڪو ڪم اسان جو، پاڪستان جو، يا پاڪ قوم جو هو،
اُهو اسان کي ئي ڪرڻو هو، سو اسان ئي ڪيو. |