سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري

باب: --

صفحو :21

هن سڄي صورتحال مان واضع آهي ته معنيٰ جو نظام ارتقائي آهي. ردِ عمل مان پيدا ٿيڻ واري معنيٰ ساديءَ ۾ سادي معنيٰ آهي ان سادي معنيٰ مان هڪ علامتي معنيٰ ٺهي ٿي.علامتي معنيٰ جي حالت ۾ هڪ اها شيءِ کپي، جا معلومات ڏئي ۽ ٻي اها شيءِ کپي جا معلومات حاصل ڪري. اها معلومات يا معنيٰ انسان جي  ماحول وارين شين جي ”معنيٰ“ يا حقيقت آهي. اهڙيءَ ريت ٻوليءَ جو نظام هڪ ڪائناتي نظام به آهي، ان ڪري ٻوليءَ کي انهن علمن جي وسيلي به پڙهي سگهجي ٿو، جيڪي ڪائناتي نظام کي سمجهڻ ۾ مدد ڪن ٿا. حقيقت ۾ اهو ئي ڪائناتي نظام آهي، جيڪو انساني سماجن ۽ علامتي نطامن جي صورت وٺي ٿو.

سو چئبو ته ٻولي ڪائناتي نظام جي هڪ علامتي نظام کي ٿو چئجي، يا ٻولي نالو آهي ڪائناتي نظام جي هڪ علامتي نظام جو.

ٻوليءَ جا علامتي نظام وڌندا رهندا آهن. مثال طور خلائي سائنس جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ اسان کي ٻوليءَ جو هڪ وڌيڪ علامتي نظام حاصل ٿيو آهي ۽ اهڙيءَ ريت سامونڊي علم جي ترقيءَ سان هڪ وڌيڪ علامتي نظام مليو آهي.

علامتي نظام ۾ معنيٰ پنهنجي جاءِ مٽائيندي ٿي رهي ۽ جيئن پوءِ تيئن سڌرندي ٿي رهي. ان ڪري پڪ آهي ته معنيٰ به انسان جيان ارتقائي آهي. اهڃاڻ به معنيٰ جي ارتقا جي هڪ منزل آهي. پر ٿي سگهي ٿو ته اها شيءِ، جنهن کي اسان اهڃاڻ چوندا هجون، سا شاهه سائينءَ جي شعر ۾ اهڃاڻ  جي به ڪا سڌريل صورت هجي. سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڃاڻ جو موضوع هڪ جدا تحقيق جو موضوع آهي.

هن پڄاڻان آءُ علامت ۽ اهڃاڻ جي وچ ۾ فرق واضع ڪرڻ ٿو گهران.

علامت لاءِ رڳو ٻه شيون گهرجن، يعني خبر چار ڏيڻ واري ۽ خبر چار حاصل ڪرڻ يا ماڻڻ واري. پر اهڃاڻ ۾ انفرادي طور تي ٻن ماڻهن کان مٿي ٻه علامتي نظام گهرجن.

اهڃاڻ ۾ پهريون علامتي نظام اهو آهي، جنهن ۾ علامت ٻوليءَ جو علامتي ڪم ڪري ٿي ۽ ٻيو علامتي نظام اهو آهي، جنهن ۾ علامت ڦري اهڃاڻ جي صورت وٺي ٿي.

علامت جي حالت ۾ ٻه نظام ٻن فردن جي وچ ۾ ڪم ڪن ٿا، پر اهڃاڻ جي حالت ۾ ٻه نظام سماج جي ٻن سطحن تي ڪم ڪن ٿا. پهرينءَ سطح تي ڪا علامت ڦري اهڃاڻ بڻجي ٿي، پر ٻيءَ سطح تي اهو اهڃاڻ سماج جي سطح تي هڪ مڃيل اصول جي صورت اختيار ڪري ٿو.

اهڃاڻ جي حالت ۾ معنيٰ وڌيڪ بدليل ۽ وڌيڪ ڳتيل ٿئي ٿي، اها اٿل پٿل جي اصول تحت واقعيت (Stimulus) ۽ علامت (Sign) جي معنيٰ کان مٿي ٿئي ٿي، ۽ پنهنجي ان حالت ۾ اهڃاڻ هڪ جدا علامتي نظام ٺاهي ٿو، جنهن ۾ بنيادي علامتي نظام سان لاڳاپي ۾ رهڻ ضروري نه آهي.

اهڙيءَ ريت توڙي جو اهڃاڻ جو نظام علامتي نظام جي سڌريل شڪل هوندي آهي. پر ته به اهو هڪ جدا نظام جون خصوصيتون رکندو آهي.

اڃا وڌيڪ تحقيق گهرجي، پر گمان اهو آهي ته اهڃاڻ واري نظام جي صورت ۽ حيثيت منفرد آهي، اهو نظام رواجي ٻوليءَ سان گڏوگڏ پر جدا جدا اڀري ٿو ۽ پنهنجي ليکي هڪ جدا نظام جيان ڪم ڪري ٿو.

شاعريءَ ۾ اهڃاڻ ڪلچر ۽ سماج جي ڪلي ۽ مقبول  صورت جي نمائندگي ڪري ٿو، پر ان حالت ۾ علامت رڳو ٻوليءَ جي مقبول ۽ عام صورت جي سطح تي ڪم ڪري ٿي.

اهڃاڻ جي فني حيثيت تي اڃا تحقيق ڪا نه ٿي آهي. پر جا ڳالهه پڪي آهي، سا اها آهي ته اهڃاڻ علامتن جي هڪ گڏيل ماحول مان اڀري ٿو ۽ پاڻ هڪ کان وڌيڪ علامتن جي نمائندگي ڪري ٿو.

علامت ته فقط هڪ لفظ جي صورت وٺي ٿي، پر اهڃاڻ هڪ لفظ کان وڌيڪ لفظ به گهري ٿو. مثال طور:

 

”وڊيو، هوءِ ته ويهه، نه ته وٺيو واٽ ونءُ تون،

هي تنين جو ڏيهه، ”ڪاتي جنڍين هٿ ۾.“


هن هنڌ تي ٻه اهڃاڻ آيا آهن، هي آهي ”وڊيو“ ۽ ٻيو آهي ”ڪاتي جنين هٿ ۾“. پهرين حالت ۾ اهڃاڻ هڪ لفظ جي بنياد تي ٺهيو آهي، پر ٻيءَ حالت ۾ اهڃاڻ ۾ هڪ کان وڌيڪ لفظ آيا آهن.

پر ”گهوڙن هنيون“ گهڻيريون ”اٺن هنئڍين آءُ“

۾ اهڃاڻ ٻن لفظن جي بنياد تي ٺهيا آهن.

اهڙيءَ ريت اهو معلوم ڪري سگهجي ٿو ته اهڃاڻ وارو نظام به عڪسي مشاهدي جيان مختلف اهڃاڻ جي صورت ۾ موجود رهي ٿو.

اهڃاڻ ڪيترن قسمن جا ٿين ٿا، شاهه سائين ڪهڙا اهڃاڻ ڪم آڻي ٿو- اهي ۽ ٻيا اهڙا سوال اڃا سوڌو رهيا پيا آهن.

 

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو فن

’اهڃاڻ‘ (Symbol)

هن کان اڳ مون شروعات ۾ اهڃاڻ جي باري ۾ اشاري طور چيو آهي ته جڏهن ڪا معنيٰ پنهنجي معنون (Referent) جي لاءِ مخصوص ٿي ويندي آهي، تڏهن اُهو معنون (جيڪو معنيٰ جو مرڪز هوندو آهي) سو ڦري (Sign) ’نشان‘ ٿي پوندو آهي، ۽ پوءِ جڏهن اُهو نشان ٻوليءَ ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي ويندو آهي. تڏهن ان جي حيثيت ’اهڃاڻ‘ جهڙي ٿي پوندي آهي.

هرڪو لفظ ڪنهن نه ڪنهن ملفوظ جو اهڃاڻ آهي يا نشان آهي. لفظ ”ميز“ ۽ ڪاٺ جي ٺهيل ميز هن خيال کان ٻه ڳالهيون آهن. هڪ ٻوليءَجو مامرو آهي ۽ ٻيو ڊکاڻڪي هنر جو. پر هڪ جو ٻئي سان ويجهو لاڳاپو آهي. ٻوليءَ جي خيال کان لفظ ”ميز“ (Reference) يا حوالو  آهي ۽ ڪاٺ واري ميز محول (اُها شيءِ جنهن جو حوالو ڏنو وڃي يا جنهن ڏانهن اشارو ڪيو وڃي/ (Referent) آهي. هن حال ۾ لفظ ”ميز، (Sign) نشان آهي ڪاٺ واريءَ ميز جو.هن حالت ۾ لفظ ڪنهن شيءِ جو نشان آهي. هاڻي جڏهن لفظ ڪنهن شيءِ جو نشان آهي، ته پوءِ لفظ اُنهيءَ جو ’اهڃاڻ‘ به ٿي ٿو سگهي، جيڪو خود شيءِ جو مقصود آهي.

رواجي حالتن ۾ ته بڻيادي معنيٰ ئي ڪافي آهي، پر جڏهن اسان تجزياتي بحث ۾ ٿا پئون ۽معنيٰ جي جدا جدا معيارن تي ٿا سوچيون، تڏهن معلوم ٿو ٿئي ته ٻوليءَجي اوچي معيار ۾ رواجي معنيٰ جو ڪو به هٿ ڪو نه آهي. هن حالت ۾ ثانوي معنيٰ (Second reference) کان سواءِ ڪم هلي نٿو سگهي.

اسان سڀني کي معلوم آهي ته جڏهن اسين چئون ٿا ته ’هٿ ۾ ”ڪاتي“ کڻ “ يا ’خيال ڪر مٿان ”گهڙي“  ڀڄي نه پوي‘، تڏهن ”گهڙي“ ۽ ”ڪاتيءَ“ وارن لفظن مان اسان ڪهڙي معنيٰ ڪڍي ٿا سگهون. ڇو ته هيءَ معنيٰ بڻيادي معنيٰ آهي. پر ساڳين ئي لفظن کي جڏهن سيدنا ڀٽائي ٿو استعمال ڪري ته هيءُ تنين جو ڏيهه ’ڪاتي‘ جنين هٿ ۾“، يا ”گهڙو ڀڳو تان گهوريو ڀڄي تان نه ’گهڙي‘“، تڏهن هنن لفظن جون بڻيادي معنائون اسان جو مقصد پورو ڪو نه ٿيون ڪن. هنن حالتن ۾ لفظن کي معنائون بخشيون ويون آهن، ۽ اُهي معنائون فقط شعر ۾ ادا ڪري ٿيون سگهجن. ڇو ته شعر ئي آهي، جتي ڪنهن آرٽ کي بهتر جاءِ ڏيئي ٿي سگهجي.

هيءَ ڳالهه به هتي ئي ڏسي ٿي سگهجي ته لفظ ’ڪاتي‘ ۽ لفظ ’گهڙي‘ جون هي مٿيون سان واسطو رکن ٿيون.پڻ هيءَ ڳالهه به معلوم ڪري ٿي سگهجي ته هڪ لفظ کي اهڃاڻ بڻجڻ لاءِ ڇا ڇا نه ڪرڻو ٿو پوي. هن باري ۾ ڏسبو ته ڪو به لفظ تيستائين ’اهڃاڻ‘ بڻجي نٿو سگهي، جيستائين لفظ جي اصل يا بڻيادي معنيٰ ۽ سندس مٿانهين يا ثانوي معنيٰ جي وچ ۾ ڪا هڪجهڙائي  (likeness) نه آهي. هڪ جهڙائيءَ جو مطلب هرو ڀرو ظاهري هڪجهڙائي نه آهي. ظاهري هڪجهڙائيءَ اُها آهي جا رڳو ڏسڻ ۾ اچي. ٻوليءَ جي ههڙي استعمال جو مامرو آرٽ جو مامرو آهي ۽ آرٽ هر ڪو نقاليءَ جو پابند آهي. ان ڪري هن طرح جي معنيٰ جي حالت ۾ ڏسبو ته ’اهڃاڻ‘ ڪنهن اهڙي شيءِ جو نقل ڪري رهيو آهي، جا ڏسي نٿي سگهجي ۽ جا خيالي يا نظري ئي آهي، عام رواجي حالت ۾ ’ڪاتيءِ‘ ۾ ’گهڙيءَ‘ وارا لفظ، جي زندگيءَ جي ڪن جنسي شين جا لفظ آهن، پر نظرياتي زندگيءَ ۾ اُهي جنسي شين جا لفظ نه پر ڪيفيتن، نظرين يا لفظ آهن. اهو ئي سبب آهي، جو’اهڃاڻ‘ واري دنيائي شاعريءَ جي حقيقي دنيا آهي ۽ لفظن جي پهرينءَ معنيٰ کي اُتم درجي جي شعر ۾ جڳهه ملي نٿي سگهي.

هن معنيٰ جون خصوصيتون هي آهن:

هن قسم جي معنيٰ لفظن جي پهرين معنيٰ يا روايات جي عام معنيٰ Universal Ianguage of traditions کان گهڻي مختلف آهي.

هن قسم جي معنيٰ آرٽ جو مامرو آهي ۽ فقط آرٽ جي اصولن هيٺ سمجهي ۽ سمجهائي ٿي سگهجي.

هن قسم جي معنيٰ جو مدار شيءِ جي ظاهر ۽ شيءِ جي باطن جي وچ ۾ لاڳاپي Co-relation تي آهي.

هن قسم جي معنيٰ لفظن جي اها معنيٰ آهي، جا شين کي بخشي ٿي وڃي، ۽ اهو ئي سبب آهي جو شاعر ٻوليءَ جو خالق به ٿي ٿو سگهي.

هن قسم جي معنيٰ جو واسطو مادي شين سان نه پر شين جي ڪيفيتن يا روحاني حالتن سان آهي.

اها ئي معنيٰ آهي، جنهن کي شعر پنهنجي ذاتي معنيٰ کي سماج جي تاريخ يا قوم جي ورثي سان ملائي ٿو ڇڏي. اُهو ئي سبب آهي جو اهڙو شعر جنهن ۾ هن ڪيفيتن ۽ نظرين واريءَ معنيٰ جو استعمال ٿئي ٿو، سو قوم جي جمالياتي ۽ ادبي، تاريخي ۽ تهذيبي ورثي جو معاملو بڻجي ٿو پوي.

سنڌ جا اُهي ڪهڙا شاعر آهن، جن جي شعر کي جمالياتي، ادبي، تاريخي ۽ تهذيبي ورثو سمجهو ويندو؟ هن سوال جو جواب هاڻي آسانيءَ سان ڏيئي سگهبو.

اُهڃاڻ جو واسطو معنيٰ (meaning) سان گهٽ ۽ رمز (myth) سان وڌيڪ آهي. معنيٰ ٻوليءَ مان وٺبي آهي ۽ ’اهڃاڻ‘ سماج جي رمز جي ساگر ۾ ٽٻي هڻي هٿ ڪيا آهن. سچو پچو شاعر هن مهاساگر جو ٽوٻو آهي ۽ اُهو ئي سچو آرٽسٽ آهي ۽ سچو شاعر آهي.

 

اهڃاڻائڻ (Symbolisation)

اهڃاڻائڻ هڪ ادبي طريقو آهي، جيڪو شعر ۾ ڪم اچي ٿو. هن طريقي جو بنياد انهيءَ ڳالهه تي آهي ته ٻوليءَ ۾ اهڙي لچڪ موجود آهي جو ان جا لفظ هڪ کان وڌيڪ معنائن ۾ استعمال ڪري ٿا سگهجن.

مانائتي شپلي (J.T.Shipley) جي چوڻ مطابق اهڃاڻائڻ جي طريقي جا چار ڏاڪا آهن:

الف-   اُهو ڏاڪو جنهن جي بيجان شين کي جاندار شين جون خصوصيتون ڏنيون وڃن، مثال طور:

(الف)- ”ڏونگرمون سي روءُ، ڪڍي پار پنهونءَ جا.“ اتي ”ڏونگر“ جيڪو بيجان جبل اُهي تنهن کي ائين ڏيکاريو ويو آهي ڄڻ هو انسانن وانگر ۽ پڻ دکي انسانن وانگر روئي به سگهي ٿو ۽ دک ۽ سور جو اثر قبول به ڪري ٿو.

هت لطيف سائينءَ جا ٻه ٽي مثال پيش ڪجن ٿا:

”دڙڪو منجهه درياهه.“

”دهشت دَمُ درياههَ ۾.“

”جت ڪڙڪا ڪن ڪرين.“

”لهرون لوڏا ڏين.“

”سهي ڪين سمونڊجا ماندي دل دڙڪا“ وغيره.

ب-     استعارو (Metaphor): استعماري ۾ لفظ جو فارم نه پر لفظ جو اندر (Belief) اهڃاڻايو ويندو آهي ۽ فارم پنهنجي حالت ۾ ئي رکيو ويندو آهي.

(استعاري تي وڌيڪ بحث جدا مضمون ۾ ايندو.)

ت-     تشبيهه: هن ۾ ’اهڃاڻ‘ کي کولي عام رواجي معنيٰ تائين آڻي سگهبو آهي. جڏهن ٻڌائجي ٿو ته ”سمنڊ ائين آهي ڄڻ ڪو ديو هجي.“ تڏهن اسان کي ، جو اڳ ۾ پاڻ ’اهڃاڻ‘ هو، سمنڊ جي عام رواجي مطلب تائين وٺي ٿا وڃون. رهن تي وڌيڪ بحث جي ضرورت نه آهي.)

ج-     حقيقي عڪس (Concrete image): هن ۾ اصطلاحي معنيٰ کي ڪنهن حقيقي واقعي يا سچي عڪس تي قربان ڪيو آهي. مثال طور اسان ”دهشت دم درياه ۾“ جيڪو ٻوليءَ جو اصطلاحي طريقو آهي ان جي بجاءِ چئون ”درياهه تو تي دانهن ڏينديس ڏينهن قيام جي ، ته پوءِ ڏسبو ته اسان اصطلاحي (Eigurative) طريقو ڇڏي، عڪسيت وارو طريقو ورتو آهي، جنهن ۾ درياهه جو تصور ظالم ۽ جابر بادشاهه جهڙو آهي. ڏٺو ويندو ته دهشت ۽ دم ٻه اهڙيون شيون هيون جي درياهه ۾ سهڻي ڏسي به رهي هئي پر ظالم ۽ جابر ماڻهوءَ وارو تصور توڙي حقيقي نه آهي، پر ته به ان جو اظهار حقيقي آهي، ڇو ته اها حقيقت آهي ته درياهه جو رويو سهڻيءَ سان ظالم ۽ جابر ماڻهوءَ جهڙو هو.

 

اهڃاڻ جا قسم:

پال ايلمرمو (Paul Elmermore) اهڃاڻن جا چار قسم ٿو بيان ڪري:

اُهو جنهن ۾ اهڃاڻ يا اهڃاڻ محض هجي. هن ۾ شاعريءَ جي ڪنهن مامري جو هٿ ڪو نه هوندو آهي. هن جا مثال آهن: HO2 پاڻيءَ جو اهڃاڻ، وغيره.

هن ۾ ڪنهن به شيءِ جون ٻه خصوصيتون ڏيکاريون وينديون آهن. هڪ پهرين بڻيادي ۽ ٻي اُها جنهن سان اُن شيءِ جو سڀاويڪ لاڳاپو آهي ۽ ان کي هميشه محسوس ڪري ٿو سگهجي. هن ۾ استعارا اچي ٿا وڃن. استعارا جا مثال لطيف سائينءَ جي ڪلام مان هيٺ ڏجن ٿا:

”راجا رساڻو گهڻو، سٽاڻو سردار.“
”ٺاڪر اکئين ٺار، مڻئي تي ٿي مٽئين.“
چنيسر  چوءُ رنگ، ”ٻه رنگو لوڪ ٻيو.“
”تو جو ڀانيو هارُ، سو سورن جو سڱرو.“

 

هن ۾ ڪنهن نه ڪنهن سادي لفظي واقعي کي شامل ڪيو ويندو آهي. مثال طور

”جا نينهن ڳهندي نانءُ، سا مون جئن پوندي مامري!“

”هي تنين جو ڏيهه، ڪاتي جنين هٿ ۾ !“

”ڌريائي ڌاريا مٽِ مئي جا نه ٿيا.“ وغيره

هن ۾ ڪنهن عمل کي ان سان لاڳو شيءِ سان ڏيکاريو ويندو آهي. جيئن شاهه سائين کاڌي کي ”کيڻ“ يا ”کائڻ“ جي معنائن ۾ ڏيکاري ٿو. اِهو ’کيڻ‘ يا ’کائڻ‘ وارن لفظن جو استعمال ’اهڃاڻ‘ جهڙو آهي. ٻيا مثال هي آهن:

 

”’سڏ مَ ڪر‘ سڏن ريءَ، هلڻ ريءَ ’مَ هل‘،
جلڻ ريءَ ’مَ جل‘، رئڻ ريءَ ’متان رئين‘.
”اونچو اُتاهون گهڻو ’جَيڻ‘ کي جبل،
’مرڻ‘ مون سين هل ته پٺيءَ تو پنڌ ڪريان.“

 

اديب ۽  اهڃاڻ

اوڻيهين صديءَ جي آخر ۾ يعني 1889ع ۾ ’اهڃاڻ‘ واري طريقي کي باقاعدي ادب ۾ هڪ صف وانگر جاءِ ملي ويئي. ان دور ۾ ڪي شاعر يا ليکڪ اهڙا هئا، جو انهن جي ادبي تحريرن ۾ لفظن جو استعمال ڪجهه اهڙيءَ ريت ٿيندو هو، جو انهن مان بڻيادي شين جي مطلب جي بجاءِ ماڻهوءَ جي من جي ڪيفيت جو اظهار ٿيندو هو. هنن ليکڪن کي (Decadent) چيو ويندو هو. ليکڪن جي هن گروه جي نظريي مطابق ’اهڃاڻ‘ وارو شعر اهو شعر آهي، جنهن ۾ ’خيال‘ (Idea) کي حواسياتي ڪارب (Sensry from) ڏنو ويندو آهي، توڙي جو اهوڪارب ان جو مقصد نه هوندو آهي. هن خيال کان هي نظريو فلسفي جي حساب سان افلاطون جي مشهور نظريي (Theory of ideas) سان وڃي ٿو ملي.

ادبي حيثيت سان ’اهڃاڻ‘واري تحريڪ فرانس ۾ ڏاڍو زور ورتو، ۽ ان مان ادبين جا ٻه ٽولا ٺهي پيا. هن تحريڪ جو اثر پوءِ فرانس کان ٻاهر به محسوس ڪيو ويو.

 جيئن مون مٿي ڏيکاريو آهي، ته ’اهڃاڻ‘ اسان جي ادبي لکڻين ۾ تمام آڳاٽو استعمال ٿيو آهي، پر ان کي قاعدي سان ۽ ڪنهن مڃيل اصول هيٺ استعمال ڪرڻ لاءِ هميشه سيدنا ڀٽائيءَ جا ٿورائتا رهنداسون. ’اهڃاڻ‘ کي ڀٽائيءَ جي شعر ۾ اهڙي حيثيت حاصل آهي، جهڙي پاڙن کي ٻوٽي ۾ سندس شاعريءَ جو سڄو تاڃي پيٽو ’اهڃاڻ‘ تي رکيل آهي. هن قسم جي شاعري، جيئن اڳ ۾ عرض ڪيو اٿم، اهو ئي شاعر ڪندو جيڪو شين جي حقيقتن تائين يا ڪيفيتن تائين به نظر ڊوڙائي سگهندو. هن شاعريءَ جو وڏو تعلق مشاهدي جي اونهائيءَ سان آهي، جنهن کي شاهه سائينءَ ”پسڻ“ سڏيو آهي. ”ڏسڻ“ شين جي انهيءَ روپ سان واسطو رکي ٿو، جيڪو فارم جي حيثيت ۾ ظاهري آهي، ۽ جنهن کي ٻولي پنهنجي رواجي يا عام معنيٰ جي وسيلي ظاهر ڪري ٿي. پر جيڪا ڪيفيت ”پسڻ، شين جي انهيءَ روپ  سان واسطو رکي ٿو، جيڪو فارم جي حيثيت ۾ ظاهري آهي، ۽ جنهن کي ٻولي پنهنجي رواجي يا عام معنيٰ جي وسيلي ظاهر ڪري ٿي. پر جيڪا ڪيفيت ”پسڻ“ مان پيدا ٿي ٿئي، اُها پنهنجي اظهار جي لاءِ مٿانهين معنيٰ يا (Higher Meaning) جي ضرورت محسوس ٿي ڪري. ڇاڪاڻ ته شاهه جو مشاهدو ”ڏسڻ“ کان مٿي ”پسڻ“ جو نتيجو هو، ان ڪري شاهه سائين انهيءَ لاءِ مجبور هو ته هو ’اهڃاڻ‘ واري ٻوليءَ ۾ شعر چوي.نفسياتي طور تي پسڻ وارو مشاهدو شين جي مادي صورتن جي اندر انهن جي اصليت کي ڏسي ٿو. شاهه سائينءَ به ائين ڪيو آهي. هن لاءِ هيٺان مثال رڳو نموني طور ڏيئي ٿا سگهجن.

 

”بر مڙيوئي بوءِ، ڇاٽو ڇٽون مڪيون.“
”اديون آريچن جا،  وڻن مڪا-واس.“
”پنهون ٿياس پاڻ، سسئي تان سور هئا!“

 

مٿانهين معنيٰ واري شهر ۾ اصل ڳالهه حقيقتن جي هوندي آهي. هي حقيقتون مادي دنيا جي حقيقتن کان هرو ڀرو مختلف به ڪو نه هونديون آهن، پر انهن جي علم حاصل ڪرڻ لاءِ مادي وسيلن کان وڌيڪ ٻيا وسيلا به اختيار ڪرڻا پوندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو اتم درجي واريءَ شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جو نئين سر ٺهڻ ۽ جڙڻ بنيادي مسئلو آهي. هر انهيءَ دور ۾ جنهن ۾ ڪو ”جهاتي پائڻ وارو“ پيدا ٿئي ٿو، تڏهن ٻوليءَ جون حدون وڌن ٿيون، ۽ ’اهڃاڻ‘ به هڪ وسيلو ٿو بڻجي ٻوليءَ جي وڌائڻ جو. ان ڪري سنڌي ٻوليءَ جو شاهه سائين وارو دؤر ٻوليءَ جي واڌ وارو دور هو.

’اهڃاڻ‘ واري شاعريءَ جي باب ۾ هت مٿي ڏيکاريل ’اهڃاڻ‘ کان سواءِ، شاهه سائين ڪي ٻيا اهڙا اهڃاڻ به ڪم آندا آهن، جيڪي پنهنجي ليکي، هن وقت سنڌي ٻولي ڳالهائڻ وارن وٽ هڪ مستقل جڳهه حاصل ڪري چڪا آهن. هي سڀ ’مستقل اهڃاڻ‘ (Concrete Symbols)  آهن، ۽ هنن کي هاڻي سنڌي شاعريءَ ۾ فقط انهيءَ نموني سان ئي ڪم آڻي سگهبو، جنهن نموني شاهه سائينءَ هنن کي  ڪم آندو آهي. مثلاً جاکوڙ، جا ’اهڃاڻ ‘هيٺيان آهن: ڏونگر، پٻ، جبل، بُر، وڻڪار ۽ هاڙهو.

”دشمنيءَ “ جا ’اهڃاڻ‘ هيٺيان آهن: اُٺ، اوٺار،  ڏير، غفلت، ننڊ ۽ اڻاسائي.

”ظاهري وجود“ جا اهڃاڻ هي آهن:گهڙو، هڏ، ماس ۽ چم.

اهڙيءَ ريت ”قرباني“ جا  ’اهڃاڻ ‘ هي آهن: ڪاتي، ڪلاڙڪو هٽ ۽ اڏي. ”ڪٺور پائيءَ ڏاڍ“ جا ’اهڃاڻ‘ آهن: ڏير ۽ مڇ. ۽”ظلم“ جو ’اهڃاڻ‘ آهي ”ڪن“.

اهڙِيءَ ريت ٻيا به ڪيئي اهڃاڻ آهن، جيڪي جدا جدا ڪيفيتن جي پيدائش آهن.

شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جو هن قسم جو اڀياس خود ٻوليءَ جي علم جي ترقيءَ جي ڪري ممڪن ٿي پيو آهي. ٻوليءَ جي علم جي هڪ شاخ آهي Semantics.هي اُهو علم آهي جنهن مطابق لفظ ۽ شيءِ جي پاڻ ۾ لاڳاپي جو اڀياس ڪري ٿو سهگجي. اڄڪلهه سيمنٽڪس جي مدد سان ٻوليءَ مان انسان جي عملي زندگيءَ جي طريقي ۽ خيال جو اڀياس ڪيو ٿو وڃي. هن علم مان پتو پوندو آهي ته لفظن جو انسان جي عملن تي ڪهڙو اثر پوي ٿو. ٻوليءَ جو هن طرح جو مطالعو ڏاڍو دلچسپ آهي. هن باري ۾ بڻيادي ڪم رچرڊسن ۽ اوچن پنهنجي ڪتاب (”معنيٰ جي معنيٰ“) ۾ ڪيو هو. هي ڪتاب 1923ع ۾ ڇپيو هو. نفسيات جي ميدان تي هي ڪم پياجي (Piag)  ۽ ڪوفڪا (Koffka) ڪيو هو.

هن سڄي موضوع جو مڪمل بحث جن ڪتابن ۾ ملي ٿو، سي هي آهن:

H. Walpole, Semantics, 1941-

Welby, What is Meaning, 1903.

Hayakawa, Language in Action, 1941.

I.A. Richards and C.K. Ogden, Meaning Of the Meaning, 1923.

آخري ڪتاب ڄڻ ته موضوع تي هڪ ڪلاسيڪل ڪتاب آهي. فني طرح سان، ڏاڍو مشڪل ڪتاب آهي، ڇو ته هن ڪتاب کي پڙهڻ لاءِ اڳ ۾ ئي ٻوليءَ جي وڏي ڄاڻ گهرجي.

جڏهن به شاعريءَ ۾ ’اهڃاڻ‘ جو ذڪر ايندو، تڏهن اها ڳالهه ضرور اڳيان ايندي ته جدا جدا ’اهڃاڻ‘ جي وچ ۾ فرق ڪهڙيءَ ڳالهه جي ڪري آهي. هن سوال جو سڌو سنئون واسطو انهيءَ سوال سان آهي ته ’اهڃاڻن جا قسم ڪهڙا ڪهڙا آهن؟‘ ’اهڃاڻن‘ جي قسمن جي باري ۾ مشهور ليکڪن ويرن ۽ ويليڪ (Warren and Wellek) پنهنجا ڪي خيال ڏنا آهن. هنن صاحبن جي چوڻ مطابق اهڃاڻ ٽن قسمن جا ٿي ٿا سگهن:

ذاتي (Private)

روايتي (Conventional)

سڀاويڪ (Natural)

ذاتي اهڃاڻ اُهو آهي، جنهن ۾ آرٽسٽ يا شاعر ڪنهن مشاهدي يا تجربي کي پنهنجي ذاتي صلاحيت يا اهڃاڻ بنائڻ واريءَ صلاحيت جي آڌار تي،  سواءِ ڪنهن ٻئي آرٽسٽ جي مدد جي، اهڃاڻ جي صورت ڏيئي ٿو ڇڏي. سنڌي شاعريءَ جي پرک ۾ هن ڳالهه جو ڌيان ضرور رکيو ويندو. آءُ ڀايان ٿو ته هن باري ۾ به حضرت شاهه سائين اسان جي پهرين اعليٰ  آرٽسٽن مان هوندو، جن ’ذاتي اهڃاڻ‘ استعمال ڪيو هوندو. منهنجي هن راءِ جو بنياد انهيءَ ڳالهه تي آهي ته ٻولي ٺاهڻ يا اهڃاڻ واري شاعراڻي قابليت جي باري ۾ اسان کي شاهه سائينءَ جو ڪو ثاني مشڪل ٿو ملي. رسالي ۾ ’جانار‘، ’جبات‘، ’ٻالاپڻ‘، ’جسناڪ‘ جات، ’هاگاما‘،  ’ويندڙؤ ۽ ٻيا اهڙا لفظ ٻڌائن ٿا ته ٻوليءَ جي استعمال جي باري ۾ شاهه سائين ڪنهن به روايت جو محتاج ۽  پوئلڳ ناهي. هو پنهنجي ٻولي سادي (Artless) سماج مان هٿ ڪري ٿو ۽ پوءِ ان کي پنهنجي نرالي رنگ ۽ اُتم قابليت جي آڌار تي ’اهڃاڻن‘ ۾ تبديل  ٿو ڪري.

اهو ٻڌائڻ ته هڪدم ڏکيو آهي ته شاهه سائينءَ جي اهڃاڻن مان ڪهڙا اهڙا آهن. جيڪي هن جا ذاتي آهن ۽ ڪهڙا اهڙا آهن جيڪي هن کان اڳ ۾ به استعمال ڪيا ويا هئا، ڇو ته هن باري ۾ اسان جي تحقيق اڃا  شروعات جي  منزل تي آهي. پر اها ته پڪ آهي ته سواءِ انهن اهڃاڻن جي، جن جو واسطو عوامي ڪهاڻين يا ان وقت جي لوڪ رس (Folklore) سان آهي. باقي سڀ اهڃاڻ شاهه سائينءَ جا ذاتي اهڃاڻ آهن. جيڪي اهڃاڻ عوامي ڪهاڻين سان تعلق رکن ٿا، تن جو به وڏو تعداد شاهه سائينءَ جو پنهنجو شامل ڪيل هوندو، ڇو ته صلاحيت ۽ ذاتي هنر ۽ قابليت جي خيال کان به شاهه سائين سنڌي ادب جو وڏي ۾ وڏو ڪرشمو آهي.

(2)    ’روايتي اهڃاڻ‘ جي باري ۾  رڳو ايترو چئي سگهبو ته شاهه سائينءَ جي پنهنجي معيار ۽ قابليت جي خيال کان ائين چوڻ آئڙي ئي نٿو، جو چئجي ته شاهه سائينءَ انهن اهڃاڻن کي به استعمال ڪيو آهي، جيڪي روايتي طور تي يا ادب جي روايت جي حيثيت ۾، هن کان اڳ ۾ ئي ٺهي ويا هئا. (هڪ ڏکيائي اها آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ هن باري ۾ رڳو اشارو به موجود ڪونهي.) پر تاريخي طور تي اها ڳالهه پڪي آهي ته سنڌي شعر جون جيڪي صفتون شاهه سائينءَ کان اڳ ۾ موجود هيون، انهن ۾’سمبل‘ يا ’اهڃاڻ‘ ضرور هوندو، ڇو ته انهن صنفن جي نوعيت ئي اهڙي آهي ۽ اُهو ’اهڃاڻ‘ ضرور شاهه سائين کان اڳ وارن شاعرن بڻايو هوندو.

پر جيستائين شاهه سائينءَ کان پوءِ وارن شاعرن جو تعلق آهي، اهڙا ’اهڃاڻ‘ ڪيئي آهن. جيڪي هنن شاهه سائينءَ جي فن ۽ روايت مان ورتا آهن، ۽ هن خيال کان اڄ تائين به اهڃاڻ جو استعمال اسان وٽ، گهڻي قدر، روايت جي آڌار تي ئي ٿيندو ٿو اچي. هنن روايتن مان گهڻين جو باني ۽ پايو وجهندڙ شاهه سائين ئي آهي.

ذاتي ۽ روايتي اهڃاڻن جو مامرو به روايت ۽ صلاحيت (Tradition and talent) جهڙو آهي. ٻنهي کي هڪ ٻئي کان جدا ڪرڻ ادبي لحاظ کان ممڪن ئي ناهي.

مان نٿو سمجهان ته ڪو اهڙو ’اهڃاڻ‘ به هئڻ گهرجي جيڪو پنهنجو پاڻ ئي ٺهي پيو هجي ۽ ان ڪري کيس ’سڀاويڪ اهڃاڻ‘ سڏي سگهجي. مان ٻوليءَ جي انهيءَ  خودسريءَ يا پاڻ هوتڙائپ جو قائل نه آهيان، جنهن ۾ ٻولي پنهنجو پاڻ بگڙي يا ٺهي سگهي ٿي. ٻولي جادو آهي ۽ نه معجزو! ان ڪري ٻوليءَ جو ڪو به عمل آساني ناهي. ٻولي ته سماج جي هٿن ۾ هڪ ڪارگر هٿيار يا وسيلي وانگر رهندي آئي آهي، جنهن کي سماج پنهنجي ضرورتن مطابق استعمال ڪري ٿو. ان ڪري اهو ’سمبل‘ يا ’اهڃاڻ‘ جيڪو فرد عمل سان نه پر سماج جي عمل سان ٺهيو هوندو، اُهو ”سماجي اهڃاڻ“ ته هوندو، پر مان ان کي ’سڀاويڪ اهڃاڻ ‘ (Natural) چئي ڪو نه سگهندس.

هن حالت ۾ ’سماجي اهڃاڻ‘ ۽ ’روايتي اهڃاڻ‘ جي وچ ۾ فرق ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. ان ڪري هن خيال کان اهڃاڻن جا قسم فقط ٻه مڃي سگهبا- هڪ ذاتي ۽ ٻيو روايتي.

 

شاعري ۽ تاريخ

تاريخ ڇا آهي؟

هي سوال، جيئن مون لکيو آهي، خاصو وڏو سوال آهي، پر ان سوال جو اسان سان رڳو ايترو واسطو آهي، جيترو تاريخ جو شاعريءَ سان. ان ڪري آءُ چاهيان ٿو ته اسان اديبن کي به هن سوال جو ڪو نه ڪو جواب فراهم ڪرڻ گهرجي، پر پوءِ به اسان لاءِ هي ڪو ٿورو يا ڪو معمولي ڪم نه آهي. اسان مان تمام ٿورا ماڻهو تاريخدان آهن ۽ اڃا به تمام ٿورا علم تاريخ کان واقف آهن. اسان جو نئون ادبي نسل، مون کي خوف آهي ته تاريخ سان ڪا دلچسپي نه ٿو رکي ۽ تمام گهڻا اديب، لکڻ وقت هم عصر تاريخ يا تاريخ کان واقفيت رکڻ کي ضروري نه ٿا سمجهن. اهي ماڻهو اڪثر پڇن ٿا، ته تاريخ ادب تي ڪي فيصلا صادر ڪري ٿي ڇا! ٻيو ٽولو، جيڪو تاريخ کان بي نياز ٽولو آهي، ائين ٿو چوي ته ادب، تاريخ تي فيصلا صادر ڪري ٿو ۽ تاريخ انهن فيصلن کي محفوظ رکي ٿي ۽ تمام وڏا  تاريخي ڪارناما، جهڙوڪ:  فرانس ۽ روس جو انقلاب، ادب جي ڪن اهم فيصلن جي نتيجي ۾ ظاهر ٿيا هئا.

 اها صورتحال ڪجهه مونجهار ۾ وجهڻ جهڙي آهي، پر آءُ ڀايان ٿو، آءُ ان صورتحال مان جند، ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪرڻ سان، ڪنهن نه ڪنهن واضع نڪتي تائين پهچي ٿو سگهان. ڳالهه اصل ۾ اها آهي، ته اُهي ماڻهو، جن کي شڪ آهي ته تاريخ ادب تي ڪي فيصلا صادر ڪري به ٿي يا نٿي ڪري! سي ٻن مونجهارن ۾ آهن:

انهن جو تصور تاريخ جي مفهوم جي باري ۾ واضع ڪو نه آهي.

اُهي تاريخ ۽ همعصر تاريخ جي وچ ۾ فرق کي محسوس ڪو نه ٿا ڪن.

ٻيا اهي صاحب آهن، جيڪي چون ٿا ته: تاريخ کي ادب جي پويان هلڻو آهي ۽ اسان جو ڪم آهي ادب پيدا ڪرڻ. اهو تاريخ جو ڪم آهي، ته اها ادب جي فيصلن تي عمل ڪري. تاريخ کي پنهنجو ڪردار پاڻ ادا ڪرڻو آهي ۽ اديب کي پنهنجو. اديب ۽ تاريخ نويس، پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، ٻئي ڪنهن کي وچ ۾ ٽنگ اڙائڻ جي ضرورت نه آهي. هي وري انهيءَ اثر هيٺ آهن ته:

تاريخ ڪا خارجي شيءِ آهي. اها سندن طفليءَ جيان، سندن پاڇي ۾، سندن ئي مهربانيءَ جي نظر هيٺ پلجي رهي آهي ۽ سندن دسترخوان تي ڪئي تاريخون موجود آهن ۽ هو سڀني تي هڪ جهڙا مهربان آهن ۽ سڀني کي هڪ ئي نظر سان ڏسن ٿا. دنيا جي وڏي ۾ وڏي اهميت واري ’شيءِ‘ هو پاڻ آهن ۽ باقي جهان  سندن مرڪز جي چوگرد ڦري رهيو آهي.

تاريخ  جو سرچشمو رڳو ادب آهي، رڳو ادب. اُها سڄي دنيا، جنهن تي تاريخ محيط ۽ مسلط آهي، رڳو ادب جي اصولن جي تابع آهي.

هيءَ صورت حال ڪيتريءَ حد تائين سچي ۽ حقيقتن تي ٻڌل آهي، انهيءَ ڳالهه جي فيصلي جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ايترو ته ضرور ڪرڻو پوندو، ته اسان ادب ۽ تاريخ کي جدا جدا جاين تي سمجهون ۽ انهن ٻنهي جو اڀياس ائين سمجهي ڪريون، ته اهي ٻه جدا غلمي سوال آهن ۽ جدا جدا معيارن تي ٻڌل ٻه وڏا معيار آهن ۽ ٻنهي کي پنهنجو پنهنجو ڪو نه ڪو ڪردار جدارو به آهي ۽ اهو کين ادا ڪرڻو آهي، توڙي جو انسان جي سڀني مامرن جا باهمي تعلق ۽ ربط، ڪنهن به دليل کان سواءِ ئي قائم آهي ۽ انهيءَ طرح ادب ۽ تاريخ جو به باهمي ربطه ۽ ڳانڍاپو موجود آهي، جيڪو عام قسم جو ۽ رواجي آهي توڙي جو اهم نوعيت جو آهي.

ان طرح اهو لازمي آهي ته اسان اڳ ۾ انهيءَ سوال جي باري ۾ ڪو فڪر ۽ خيال آڏو رکون ته تاريخ آخر آهي ڪهڙي شيءِ؟ جيئن مون عرض ڪيو آهي، تاريخ جي باري  ۾، انهيءَ سوال تي به وڏا ويچار ۽ خيال موجود آهن. ڪن عالمن (جهڙوڪ Raleish) تاريخ جي سوال تي انجيل مقدس مان خاصو فڪر پيش ڪيو آهي. اسلامي طرز فڪر ۾ به تاريخ جي نفس، مضمون ۽ مفهوم تي ويچار موجود آهن. عالمن تاريخ کي ’عمر‘ ۽ ’سنہ الله ‘ جي مفهوم ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. تاريخ جي باري ۾ تاريخي مذهبيت (Historical Religiosity) جو خيال هيگل کان شروع ٿيو ۽ اهو اڄ سوڌو ٿوري گهڻي ردوبدل سان اسلامي فڪر ۾ به اختيار ڪيو ويو آهي (1) تاريخ جي مادي نظريي کي مارڪس پيدا ڪيو هو ۽ هُن اهو نظريو، پنهنجي فلسفي جدلياتي ماديت جي اصولن تي پرکيو ۽ مقرر ڪيو. وائيڪو (Vico) جو نظريو ٽئائن بي (Toynbee) جهڙن عالمن اختيار ڪيو ۽ تاريخ کي‏، هنن تاريخي مذهبيت جي تصور ۾ موجود سمجهيو، ان ڪري ٽئائن بيءَ کي مذهب جي حمايت ۾ پيش ڪيو ويو (2). تاريخ جو سماجياتي (Soiciological) نظريو ابن خلدون جي فڪر جو نتيجو آهي، جنهن تاريخ کي قومن، ڪلچرن، جماعتن، قوميتن ۽ ٻين ڪيترن ئي ڳالهين سان لاڳاپي ۾ آندو. ابن خلدون جي عمراني فلسفي ۾ رنگن، نسلن، آبهوائن ۽ زمين جي مٿاڇري کان وٺي، برساتن جي اڀياس تائين، سڀ ڪجهه تاريخ جي نفس مضمون ۾ موجود آهي. ابن خلدون تاريخ کي عمرانيات ڏني ۽ عمرانيات کي تاريخ، مارڪس تاريخ کي ماديت ڏني ۽ ماديت کي تاريخ. هيگل ۽ ٽئائن بيءَ تاريخ کي مذهبيت ڏني ۽ مذهبيت کي تاريخ. اهڙيءَ ريت گيبن ۽ هيروڊوٽس تاريخ کي فڪر ڏنو، ويچار ڏنو، ۽ ٽئائن بيءَ ۽ گيبن تاريخ کي آرٽ به عطا ڪيو.

سو سمجهه ۾ اچي ٿو، ڪيئن نه انسان جي ئي ڪوشش سان علم تاريخ کي فڪر، فلسفي، عمرانيت، ماديت، سائنس ۽ مذهبيت سان لاڳاپي ۾ اچڻو پيو، ڪيئن ته تاريخ کي هڪ پختي وجوديت (Permanance) حاصل ٿي. تاريخ جي ان ’استقلال‘ کي ’عطا ڪيل‘ يا ’ڏنل استقلال‘ (Built up permanance) چئجي ته وڌيڪ موزون ٿيندو، پر تاريخي مذهبيت وارا، ان لفظ تي ناراض به ٿي ٿا سگهن، جو هو تاريخ  کي ’قادر‘ ٿا سمجهن. هنن ماڻهن جي فڪر مطابق ”خدا جيڪڏهن آسمانن ۽ زمينن تي نه لڀي،  ته سمجهو ته خدا تاريخ ۾ ضرور موجود آهي.“  (History and Individual) ان فڪر ۾ خدا ۽ تاريخ جي وچ ۾ جا شيءِ هڪ جهڙي آهي، تنهن کي ’دوام‘ (Permanance) يا (Absoluteness) ٿو چئجي. دوام يا استقلال يا قرار جي مقابلي ۾، سائنسي فڪر ’تغير‘ (Dynamics) جو هڪ فڪر ڏنو. تغير (Dynamism) انهيءَ فڪر جو انڪاري آهي، جنهن کي فلسفي ۾ Determinism ٿو چئجي، پر سائنس انهيءَ تسلسل ۽ وڌندڙ تبديل جي فڪر جو انڪار نٿي ڪري، جنهن کي ’ارتقا‘ چيو ٿو وڃي ۽ جنهن کي هڪ تسلسل ۽ هڪ  ’يڪ وجوديت‘ انهيءَ حالت ۾ حاصل آهي، جو اُها هڪ مادي قوت آهي ۽ پاڻ  ۾ ايندڙ تبديل جو وسيلو پاڻ ۽ اندروني طورتي، يا داخلي طور تي، رڳو پاڻ آهي. ان طرح سان ’دوام‘ (Permanance) ٻن قسمن جو ثابت ٿئي ٿو: (1) خارجي دوام (2) داخلي دوام. تاريخي مذهبيت (Histoirical Religiosity) خارجي دوام جي نماينده تحريڪ آهي ۽ حياتياتي ارتقا (Biological evolution) اندروني دوام جي. مارڪس هڪڙي اندروني دوام جو مبلغ آهي، جنهن جي باري ۾ هن جو استدلال اهو ٿو ٻڌائي، ته اهو هڪ لامتناهي تبديل جو يڪو سلسلو آهي. مذهب ۽ ماديت کان سواءِ، تاريخ جي فڪر سان لاڳاپو رکندڙ علم يعني سماجيات، حياتيات، معاشيات، اقتصاديات، انسانيات کان وٺيو ويندي شماريات، طبعي حالات جي علم يعني جاگرافي، جنگلات جو علم، بحريات (Oceanology)‎ ۽ ڪي ٻيا علم سڀ ڪنهن نه ڪنهن طرح سان، تاريخ جي  اڀياس ۾ مدد ڪن ٿا ۽ ان طريقي کي عمرانيات وارو طريقو ٿو چئجي ۽ اهو ئي طريقو آهي، جيڪو تاريخ جي مفهوم سان گڏ، ’همعصر تاريخ‘ جو فڪر به پيش ڪري ٿو.

ان ريت مذهبيت، ماديت ۽ همعصريت جا ٽي فڪر تاريخ جي ٽن خيالن کي پيش ڪن ٿا ۽ انهن مان هڪ جو تعلق حالات سان آهي، ٻئي جو تعلق واقعات جي جدليات سان آهي ۽ ٽئين جو تعلق خيالات سان يا احساسات سان. همعصريت (Contemporarism) جو تعلق هر دور سان آهي، جو هرڪو دؤر پنهنجي ليکي همعصر دور ٿئي ٿو ۽ ماديت جو تعلق ڪنهن به هڪ دور سان ٻڌل ڪونهي، جو ماديت جو فلسفو هڪ فلسفو آهي، جيڪو جدا قدرن جو پرچارڪ آهي، جيڪي رڳو اندروني طور تي متحرڪ ۽ متغير آهن پر مذهب (Religion) ۽ مذهبيت (Religiosity) ۾ فرق آهي. مذهب احڪام الاهي جو نمونو آهي ۽ مذهبيت مذهب سان گڏ، انهن خيالن ideas)) ۽ فڪر (Thought) سان به تعلق رکي ٿي، جيڪي مذهبي قدرن جي پابندي ڪن ٿا. ان طرح مذهبيت انهيءَ استقلال جي نظرئي جي پابند به آهي، جنهن کي نه آهي ابتدا نه انتها ۽ جيڪو پنهنجي ليکي ئي قدرت ۽ طاقت جو سرچشمو آهي.


(1)   جيڪو ابن رشد (Averoes) وٽان ابن خلدون پرايو هو ۽ پاڻ پکيڙيو هئائين.

(2)  ان باري ۾ ٽئائن بيءَ جي ڪتاب “Civilization on trial” جو اڀياس مفيد ثابت ٿيندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com