سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: دل جي دنيا

 

صفحو :2

مان زيبوءَ ۽ ڪموءَ کي دلاسا ڏيئي، ربوءَ کان پيسا اوڳاڙڻ لاءِ گھر کان ٻاھر آيس.

گھٽيءَ ۾ پاڙي جا سڪل ۽ سنھڙا، اڌ اگھاڙا ٻار، اِٽي ڏڪر راند ڪري رھيا ھئا. کين ڏسي، مون کي پنھنجو ننڍڙو جنيد ياد آيو، جيڪو جھڳيءَ ۾، ڇڳل واڻ جي کٽ تي، موت ۽ زندگيءَ جي ڪشمڪش ۾، ڪنھن ڊاڪٽر جو انتظار ڪري رھيو ھو. پر ڪٿي ھئا، اھي لٻاڙي ڊاڪٽر، جن جي دعويٰ آھي تھ ھو قوم ۽ انسانيت جا خادم آھن! ان ڏينھن اھي ڊاڪٽر ڪٿي ھئا، جڏھن انسانيت جو ننڍڙو روح مفلسيءَ ۾ سھڪي رھيو ھو! اھي دردمند حڪيم ۽ طبيب ڪٿي ھئا، جڏھن ھڪ انسان جي ھستي ڏھن رپين لاءِ ميسارجي رھي ھئي! تڏھن خيالن جي اپسرائن ڀڻڪو ڪيو، تھ انسان ازل کان دولت جو غلام آھي، ۽ دولت ديوتائن کان وڌيڪ طاقتور آھي.

مان تڪڙا قدم کڻندو، گھٽيءَ جي مھاڙيءَ وٽ پھتس. ربوءَ جو گھر پاسي واري گھٽيءَ ۾ ھو. جتي ٻئي گھٽيون ملنديون ھيون، اتي انھن ڏينھن ۾ ھڪ ڌڌڙيل درويش اچي ديرو ڄمايو ھو. سندس اکيون ٽانڊن وانگر ٻرنديون رھنديون ھيون. چارئي پھر بدن کي ڀڀوت ڪيو، دونھي دکائي، پنھنجي جھوپڙيءَ آڏو ويٺو ھوندو ھو. پاڙي جون عورتون کانئس من جون مرادون گھرنديون ھيون ۽ مرد کانئس سٽي جا نمبر پڇندا ھا، جڏھن کان اسان جي پاڙي ۾ بيروزگاريءَ پير ڄمايا ھئا، تڏھن کان درويش جي  ڄڻ عيد شروع ٿي ھئي. سندس سگھارو بدن، ڏينھون ڏينھن سگھارو ٿيندو ويو. پيٽ جي گولائيءَ تان گھنج گم ٿي ويس، ۽ دن جو ٽنگ گھٽ ٿي ويس. گھرن ۾ لنگھڻ ڪڍيا ويندا ھئا، پر درويش کي سيرا، مالپڙا ۽ قورما کارايا ويندا ھئا.

جڏھن مان گھٽيءَ جي مھڙ وٽ پھتس، تڏھن درويش دونھي دکايو، بدن کي ڀڀوت ڪيو، پنھنجي جھوپڙيءَ آڏو ويٺو ھو. ويڻين ۾ ڪڙا ھئس ۽ کاٻي ھٿ ۾ وڏو چمٽو ھوس، جنھن کي ساڄي ھٿ سان وڄائي رھيو ھو. مون کي ڳاڙھين اکين سان گھوريندي چيائين، ”گھر، جيڪي گھرجيئي.“ پوءِ آڱر سان آسمان ڏانھن اشارو ڪندي رڙ ڪيائين، ”اڄ اسان آسمان تان تاران بھ لاھي اينداسين،“ ان وقت شام جو وقت ھو ۽ آسمان تي تارا نھ ھئا.

جھڪي، ادب سان کيس سلام ڪيم. سڄي پاڙي اھا ڳالھھ مشھور ٿي ويئي ھئي، تھ درويش کي ناراض ڪرڻ، ٻئي جھان وڃائڻ برابر آھي. مون نوڙت سان وراڻيو، ”درويش تنھنجون دعائون گھرجن.“

”وڃ، ٻيڙو پار اٿئي.“ درويش پنھنجون ڳاڙھيون اکيون منھنجين اکين ۾ وجھي ڇڏيون.

ٽٽل اميدن کي ڄڻ آسرو مليو.

مان ربوءَ جي ڏيڍيءَ تي اچي بيٺس. دل پي چيو، ربو نھ رڳو ٻارھن روپيا موٽائيندو، پر ڪجھھ رپيا قرض بھ ڏيندو.

مون در جو ڪڙو اڃا مس کڙڪايو ھو، جو ربوءَ جي جواڻ جماڻ ڌيءَ، جنان، ريشمي ڪپڙن ۾، ۽ خوشبوءِ ڇڏيندي، موڙا ڏيندي، ھڪ طرف ھلي ويئي. مون ٻيھر ڪڙو کڙڪايو. ٿوري دير کانپوءِ ربو ٻاھر آيو. کيس اڇا اجرا ڪپڙا اوڍيل ھئا ۽ ڏاڙھي پڻ تازي ڪوڙيل ھئس. پڇيائين، ”چئھ، ڪيئن آيو آھين.“

مون کيس سڄي ماجرا ٻڌائي. منھنجي ڳالھھ ٻڌڻ کان پوءِ چيائين، ”ھينئر، ھن وقت تھ مون وٽ ڪجھھ بھ ڪونھي.“

”ڪجھھ تھ ڏي ربو،“ کيس ايلاز ڪيم، ”ڪجھھ تھ ڏي ربو. منھنجو جنيد –“ آواز نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو.

”ھيئن ڪر،“ ربوءَ ڪجھھ سوچيندي چيو، ”سڀاڻي صبح جو مون کان سؤ، سوا سؤ کن وٺي وڃجانءِ.“

”سڀاڻي مان روپين کي ڇا ڪندس ربو،“ منھنجي اکين ۾ لڙڪ تري آيا، ”سوال تھ اڄوڪي رات جو آھي. ھيءَ ھڪ رات منھنجي جنيد لاءِ ڳوري آھي.“

”مان مجبور آھيان،“ ربوءَ چيو، ”صبح کان اڳ مان توکي پائي بھ ڏيئي نھ سگھندس.“

”ربو،“ مون ربوءَ کي ڏوري کان وٺندي چيو، ”ھينئر تھ تو وٽ ڪجھھ بھ ڪونھي نھ، ربو؟“

”نھ،“ ھن حيرت وچان مون ڏانھن ڏسندي وراڻيو.

”تھ ڇا، صبح تائين تنھنجي ڪڪڙ سونا آنا لاھيندي.“ مان تلخ لھجي ۾ ڳالھايو.

ربو سٽ ساڻ ٻانھن ڇڏائي، ڏيڍي ٽپي، اندر ھليو ويو. ان وقت پنھنجي پوئتان ھڪ مڪار ٽھڪ ٻڌم. ڄڻ ڪو مون تي چٿرون ڪري رھيو ھو. منھن ورائي ڏٺم. بنڊل دادا منھنجي ويجھو بيٺو ھو. ڳاڙھو رومال ڪنڌ تي ويڙھيل ھوس ۽ واڇ ۾ اڌ سڙيل ٻيڙي. بنڊل دادا اسان جي علائقي جو پيداگير ھوندو ھو. ھن ٽھڪ ڏيندي چيو، ”ربوءَ وٽ سونا آنا ڏيندڙ ھڪ ڪڪڙ آھي.“

”منھنجي ڪھڙي ڪم جي،“ مون ٻڏندڙ دل سان وراڻيو.

”توکي پئسن جي ضرورت آھي نھ؟“

”ھا، فقط ويھن روپين جي.“

ھن ٽھڪ ڏنو، ”بيوقوف، تو وٽ بھ تھ ٻھ ڪڪڙيون آھن، جيڪي سونا آنا ڏيئي سگھن ٿيون.“

مون گھور ڪري سندس چنجھين اکين ۾ نھاريو.

”چاھين تھ مان چوٿين پتيءَ تي ٻنھيءَ جو بندوبست ڪريان.“

”تون چوڻ ڇا ٿو چاھين.“

“ھيءُ دولت ۽ جوانيءَ جو دور آھي.“

”سڌيءَ طرح ڇو نٿو ڳالھائين.“

”ٻڌي سگھندين.“

”مان جنيد لاءِ سڀ ڪجھھ ٻڌندس. سڀ ڪجھھ.“

”تھ ٻڌ،“ بنڊل دادا چيلھھ تي ھٿ رکندي چيو، ”ڪمو ۽ زيبو ھڪ رات لاءِ -“

”بدمعاش،“ مون کيس جملو پورو ڪرڻ نھ ڏنو. مٿس الر ڪري ويس، پر ورندو پاڻ گند جي ڊھھ تي وڃي ڪريس.

بنڊل دادا ٽھڪ ڏيندو ھليو ويو. ويندي ويندي چئي ويو، ”بُک مري ويندين، غريب جا ٻچا.“

مان اٿي بيٺس. ھزارين طوفان جاڳي اٿيا. مون فيصلو ڪيو تھ ڀل جنيد مري وڃي. ڀل تھ منھنجيون حسرتون ۽ اميدون خاڪ ۾ ملي وڃن. ان خاڪ مان نوان جيند پيدا ٿيندا. مضبوط ارادن ۽ عزم وارا جنيد پيدا ٿيندا. ھزارين، لکين ۽ ڪروڙين جنيد ان خاڪ مان جنم وٺندا. جنھن خاڪ ۾ منھنجو جنيد ماڪ وانگر گم ٿي ويندو. ڀل تھ جنيد مري وڃي. ڀل تھ منھجو جنيد قربان ٿي وڃي.

ڀانت ڀانت جا خيال، سمنڊ جي لھرن وانگر منھنجي ذھن ۾ چڙھندا ۽ لھندا رھيا. سوچيم، منھنجي جنيد جي قرباني، دنيا جي سڀ کان وڏي قرباني ھوندي. منھنجي جنيد جي قربانيءَ جا تاريخن ۾ حوالا ڏنا ويندا. جڏھن بھ عظيم قربانين جو ذڪر ڪيو ويندو، تڏھن جنيد جو نالو پٿر جي ليڪ وانگر اڀري ايندو.

مان خيالن جي ڪاري جھنگ ۾ ڀٽڪندو، دل ئي دل ۾ ھنجون ھاريندو، جڏھن گھٽيءَ جي مھڙ وٽ پھتس، تڏھن جمن پخاليءَ جي زال درويش جي جھوپڙيءَ مان نڪري گھٽيءَ جي ھڪ ڪچي گھر ۾ گم ٿي ويئي. ٿوري دير ۾ درويش چمٽو وڄائيندو ٻاھر آيو. مون تي نظر پيس تھ ھڪدم چيائين، ”گھر، جيڪي گھرجيئي.“

دل جھلي چيم، ”ويھھ رپيا ڏيندين.“

”نادان، مايا ڇا ڪندين.“ ھن چمٽو وڄائيندي چيو، ”وڃ تنھنجي ٻئي جھان جوڙي ڇڏياسين.“

دل  چاھيو تھ چوانس، جڏھن ھڪ جھان جو ھيءُ حال آھي، تھ اڻڏٺي جھان جو الاءِ ڪھڙو برو حال ھوندو.

مان ٿڪل قدمن سان پنھنجيءَ گھٽيءَ ۾ موٽي آيس. مجروح روح ڏکي رھيو ھو ۽ دل جا زخم سمي رھيا ھئا. رکي رکي عذاب جھڙو ھڪ خيال روح ۾ بڙڇيءَ وانگر چڀي ٿي ويو، تھ اڄوڪي شام، منھنجي جنيد جي آخري شام، ۽ اڄوڪي رات، منھنجي جنيد جي آخري رات آھي. سڀاڻي، جڏھن نئون صبح ايندو، سج اڀرندو، تڏھن جنيد نھ ھوندو، جنيد جي فقط ياد رھجي ويندي.

”ڪھڙن پورن ۾ پئجي ويو آھين؟“

ھلندي ھلندي بيھي رھيس. ڏٺم تھ چاچا واحد ھو. چاچا واحد ڪارخاني ۾ سڀني کان جھونو ھو، ۽ جڏھن بيروزگاريءَ جو منحوس پاڇو مزورن تي اچي  پيو ھو، تڏھن سڀني کان اول چاچا واحد کي نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو ھو. ھو عمر ۾ اسان سڀني کان وڏو ھو، تنھن ڪري کيس چاچا ڪري سڏيندا ھئاسين.

”وڃ، جلد وڃ،“ مون کي ڌونڌاڙيندي چيائين، ”زيبوءَ کي اجھو ھينئر ويھھ رپيا ڏيئي آيو آھيان.“

”ويھھ رپيا.“

”ھا، جلدي ڪر. ڊاڪٽر کي وٺي وڃ.“

”چاچا!“

”ھينئر ڳالھائڻ جو وقت ڪونھي.“

”چاچا،“ مون ڏانھنس شڪي نگاھن سان ڏسندي پڇيو، ”تو پيسا ڪٿان آندا، چاچا.“

”توکي پيسن جي گھرج آھي، يا –“

”ھا، پر –“

چاچا، مون ڏانھن غور سان نھاريو. چيائين، ”پٽ کان سڪايل آھيان تھ ڇا ٿيو! جوان ڌيءَ تھ اٿم نھ.“

”چاچا!“

”ڪڏھن ڪڏھن جوان ڌيءَ بھ ٻڍاپي ۾ وڏو سھارو ٿي پوندي آھي،“ چاچي آسمان ڏانھن ڏسندي چيو.

منھنجي اکين ۾ رت لھي آيو. مون چاچا کي ھميشه عزت جي نگاھھ سان ڏٺو ھو. منھنجي گمان ۾ بھ نھ ھو، تھ جيڪا وير غم جا ڪنارا لٽيندي ٿي ويئي، تنھن ۾ چاچو واحد بھ پسي ويو ھوندو.

ھن چيو، ”پر منھنجي گھر واري بھ پنھنجيءَ ڌيءَ کان ڪنھن حالت ۾ پٺتي ناھي.“

دل چاھيو تھ ڪراڙي، بدڪردار، خبيس جو مٿو مترڪن سان چٿي چور ڪري ڇڏيان. جھڙي نموني ڳالھايائين پئي، ڀانءِ تھ بنڊل دادا جو مقابلو ڪري رھيو ھو.

”پر تون وڃ. ڊاڪٽر کي وٺي جلد گھر پھچ.“

مان نفرت ۽ حقارت سان ڏانھنس نھارڻ لڳس.

منھنجي ڪلھي تي ھٿ رکندي چيائين، ”سڀاڻي کان تون بھ ڪموءَ ۽ زيبوءَ کي ڪم سان لڳائجانءِ.“

ڪراھت وچان منھنجيون مٺيون ڀيڪوڙجي ويون.

”منھنجي ڌيءَ ۽ گھر واري زيبوءَ ۽ ڪموءَ جي مدد ڪنديون. ھڪ ٻن ڏينھن جي تڪليف ٿيندن، ۽ پوءِ ھفتي کن ۾ ٺھي وينديون.

مون دل ئي دل ۾ ان اگھاڙري پوڙھي کي گھٽو ڏيئي ماري ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. جنھن وقت منھنجين ٻانھن جون مشڪون وٽجي سٽجي، ڪشيل نوڙ وانگر ٿي ويون ۽ جنھن گھڙيءَ منھنجا ھٿ آھستي آھستي چاچا جي ڳچيءَ ڏانھن اٿڻ لڳا، تنھن وقت چاچا چيو، ”ھڪ ڏينھن ۾ ٻن رون تي پني لڳائي وٺنديون آھن ۽ چئن سلوارن جا پاچا ڀري وٺنديون آھن.“

رڳن ۾ ٽھڪندڙ رت ڄڻ اوچتو ئي اوچتو ڄمي برف ٿي ويو. سنڌ سنڌ ۾ ڪنبڻيءَ جو احساس ٿيڻ لڳو.

چاچا چيو، ”مڙيئي گذر سفر جيترو پيسو روز ڪمائي وٺنديون آھن. ھيءُ سڄو سنسار ماني ڳڀي لاءِ حيران سرگردان آھي نھ! سو مانيءَ ڳڀو عزت سان ملي ويندو.“

مان چاچا واحد جي پيرن وٽ ويھي رھيس.

”اڙي! ھي ڇا، چاچي مون کي ٻانھن کان وٺي اٿاريندي چيو، ”جلد ڪر، ڊاڪٽر کي وٺي گھر وڃ. پوءِ اجايو اوندھھ ٿي ويندي. ڏس، اڃا بھ سوجھرو آھي. اڃا بھ سوجھرو آھي.“

مان اسپتال ڏانھن ڊوڙندو ويس. ڊوڙندي آسمان ڏانھن ڏٺم، جتي پري، مٿڀرو، افق وٽ اڃا بھ سوجھرو ھو.

اروڙ جو مست

الله بخش مست جي زيارت ڪرڻ لاءِ اروڙ کان اچي نڪتو ھوس.

زبون مسجد وٽ گھوڙي تان لٿس. روھڙيءَ کان اروڙ تائين يڪ ساھي سواري ڪئي ھيم. مفاصلو گھڻو نھ ھو، پر ڪپتان کي ھوا ۾ اڏائيندي آيو ھوس. گھوڙو سھڪي رھيو ھو. سنب پگھر ۽ مٽيءَ ۾ اٽجي ويا ھئس. کيس ٻٻر سان ٻڌي، ٿڦڪي ڏنم. منھنجو پراڻو ساٿي آھي. بيحد ڀائيندو آھيانس. مصيبت ۽ مشڪلات ۾ وفادار رھيو آھي. سڏيانس ڪپتان.

منھنجو پيرن فقيرن ۾ اعتقاد ڪونھي. مان رھزن آھيان، خوني آھيان، مون کي پنھنجي رائيفل ۽ يوناني خنجر تي اعتبار آھي. پنھنجي قوت ۾ اعتماد اٿم. جنھن کي وڻيم، جڏھن وڻيم قتل ڪندو آھيان. جان فقط انھن جي بخشيندو آھيان، جيڪي قرآن کڻي امان گھرڻ ايندا آھن. اھڙن کي فقط لٽيندو ڦريندو آھيان. ايتري قدر جو لڱن  جا لٽا بھ لاھرائي وٺندو آھيان. پر منھنجو جگري يار عارب ماڇي قرآن مان بھ نھ مڙندو ھو. ڪنھن کي بھ ٻاڏائيندو ڏسي، بنا دير ختم ڪري ڇڏيندو ھو. پر ھڪ رات عارب ماڇي گم ٿي ويو.

الله بخش مست جي معجزن جا قصا ٻڌي، فيصلو ڪري نڪتو ھوس، تھ جيڪڏھن مست کان عارب ماڇيءَ جو ڏس نھ مليو، تھ رائيفل جون سڀئي گوليون مست جي سيني ۾ داخل ڪندس.

ٻٽ کولي پگھر اگيھم. نھاريم. پري پري تائين آدم ذات ڏسڻ ۾ نھ آئي. رائيفل پختي ڪيم. پوءِ ڀڳل ڀتين، ڦٽل بنيادن ۽ ٽڙيل پکڙيل ڳاڙھين سرن کي لتاڙيندو، اروڙ جي کنڊرن ۾ وڃي پھتس. پويان قديم قبرستان جون قبرون ھيون ۽ اڳيان جبلن جون خوفناڪ لاھيون. اوچتو، خاموشيءَ ۾، پنھنجي پوئتان  ڪنھن جي قدمن جو آواز ٻڌم. ڪجھھ پٿر جبل جي لاھھ تان ٿڙندا، قلابازيون کائيندا، ھيٺ وڃي ڪريا. ور ۾ لڪايل خنجر جي ھٿئي تي ھٿ رکي، وڄ وانگر ڦيرو کائي، پوئتي ڏٺم.

”ڪير آھين؟“

ھو پوئتي ھٽي ويو. ڏٻرو ۽ ڪمزور ھو. ڪاري چادر ۽ اجرڪ جي ٻٽ ڏسي، ھٻڪندي ھٻڪندي پڇيائين، ”تون ڪير آھين؟“

”مسافر آھيان.“

”ڀلي آئين ادا،“ ھن پنھنجو ڪمزور ھٿ وڌايو. ساڻس ھٿ ملايم.

کيس ٻڌايم، ”مان الله بخش مست جي زيارت تي آيو آھيان.“

”جيءُ آئين ادا.“

”ڏس ڏيندين؟“

”مان پاڻ سائينءَ جو سلام ڀرڻ نڪتو آھيان. گڏجي ٿا ھلئون.“

”واھھ جي ڳالھھ ڪئي اٿئي.“

ھو ۽ مان گڏجي روانا ٿياسين. ھلندي ھلندي پڇيومانس، ”اصل اروڙ جو آھين ڇا؟“

”ھا. ڄايو نپيو ھت آھيان.“

ھن جا قدم کنڊرن ۾ پختا ھئا ۽ ٻرانگھون ڪٿيل ھئس. وک مون کان اڳڀرو ھلي رھيو ھو. ھلندي پڇيائين، پاڻ ڪير آھين؟“

”جي!“ مان ھٻڪيس.

ھن منھن ورائي پڇيو، ”پاڻ ڪير آھين؟“

”مان ميربحر آھيان،“ ڪوڙ ڳالھايم.

”اسان جي اکين تي ادا، ڀلي آئين.“

وڏيون وڏيون ٻرانگھون کڻندو، وڌندو رھيو. پڇيائين، ”پھريون ڀيرو آيو آھين؟“

”ھا.“

”مجاھد جي مسجد وٽ تنھنجو گھوڙو ٻڌل آھي.“

”مجاھد ڪھڙو مجاھد؟“

”محمد بن قاسم.“

”ھا، منھنجو گھوڙو آھي.“

ڳاڙھيون سرون لتاڙيندا، قلعي جي کنڊرن مان ٿيندا، ھڪ سالم مسجد وٽ پھتاسين.

ٻڌايائين، ”ھيءَ مسجد بھ مجاھد جي اڏايل آھي.“

”ھيءَ بھتر حالت ۾ آھي.“

”الله جي رحمت اٿس.“

”۽ ھن ڊٺل مسجد تي؟“ منھنجي سوال تي ھن مون ڏانھن ڏٺو.

کھري آواز ۾ چيائين، ”مسلمان آھين؟“

”پڪو.“

مسجد جي پوئتان پھاڙي پيچرو لھندي چيائين، ”ھن زمين تان مجاھد ڪفر جو خاتمو ڪيو.“

مان ھلندي ھلندي بيھي رھيس. نظر ڦيرائي چئني طرف ڏٺم. ھر طرف کنڊر ھئا. ويراني ھئي. چيم، ”ھينئر ھن زمين تي ڪجھھ بھ باقي نھ بچيو آھي.“

منھنجي ڳالھھ تي بڇان لڳس. باقي پيچرو ڊوڙندو لھي ويو.

جبل جي ترائيءَ ۾ پھچي، سٿڻ ڇنڊي، مون ڏانھن ڏسڻ لڳو. منھن تي مرڪ ھئس. ڄڻ ٺٽولي پي ڪيائين. مان جبل جي خوفناڪ پيچري تان ترڪندو، ٿاٻا کائيندو، وک وک تي بيھندو، ھيٺ لھي آيس. چنجھين اکين ۾ شرارت ھئس. ڪجھھ وکون کڻي، پنھنجيون سڪل ٻانھون سنھڙي چيلھھ تي رکي، ھڪ ھنڌ بيھي رھيو.

چيائين، ”ھن ميدان ۾ سلائج جي پٽ چچ دوکو ڏيئي راڻي مھيرت کي قتل ڪيو ھو.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com