سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: دل جي دنيا

 

صفحو :10

پتلون جي کيسي مان ايڊوانس بڪنگ جو ڪوپن ڪڍي، کولي پڙھيم. تاريخ، ٺيڪ. فرسٽ شو. ڊريس سرڪل جي اي قطار ۾ پويون ٻھ سيٽون. سوچيم، تمنا کي ڀت واري پاسي ويھاريندس ۽ پاڻ ٻئي پاسي ويھندس. جڏھن ھال ۾ اوندھھ ٿيندي ۽ فلم شروع ٿيندي، تڏھن پنھنجو ھٿ تمنا جي ھٿ تي رکندس- ھوءَ مون ڏانھن کسڪي ايندي ۽ پنھنجو منھن منھنجي ڪلھي تي رکندي- مان پاڻ کي ۽ تمنا کي پرچائڻ لاءِ چوندس، ”تمنا، ھڪ نھ ھڪ ڏينھن انعامي بانڊ جو لڪي نمبر اسان جو ئي نڪرندو- تڏھن اسان جا ٻارڙا پبلڪ اسڪولن ۾ پڙھندا- ڪو مشھور ڊاڪٽر اسان جو علاج ڪندو- پڦين کي عينڪون ۽ وڏي آواز جا اوزار وٺي ڏينداسين- شورليٽ امپالا يا مرسڊيز بينز وٺنداسين- ۽- ۽.“ سوچيم، جڏھن مستقبل جي سپنن کي ٺاھي، سينگاري، سجائي، دل جي دنيا کي وندرائي وٺنداسين، ۽ جڏھن حسرتون خوشفھميءَ جي ڌٻڻ ۾ لھي وينديون، تڏھن، مان سرگوشيءَ ۾ تمنا کي چوندس، ”تمنا، ھيءَ دنيا جيڪر سئنيما ھال جيتري محمدود ٿي وڃي ۽ ھيءَ زندگي ھن فلم جيتري مخصر- اسان ٻئي ڪلھو ڪلھي سان ملائي سرگوشين ۾ ڳالھائيندا رھون- حسرتن ۽ خواھشن جي رڃ کان دور- محبت جون ڳالھيون ۽  ڳالھين جا اکٽ، مسلسل سلسلا- اسان جي غمن وانگر طويل ۽ زخمن جيان بي انداز.“

”پورا پنج ٿيا آھن مسٽر مجنون،“ راجا منھنجي خيالن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو.

مان اٿي کڙو ٿيس. ھيڊ ڪلارڪ گھور ڪري، اول مون ڏانھن ڏٺو ۽ پوءِ پنھنجي ٻانھن ۾ ٻڌل ناس جي دٻليءَ جھڙي واچ ۾ ڏسندي پڇيائين، ڪيڏانھن ٿو وڃين مسٽر.“

”سائين پنج ٿيا آھن.“

”منھنجي واچ ۾ ٽي ٿيا آھن.“

”پر آفيس جي گھڙيال ۾ پنج ٿيا آھن.“

ھيڊ ڪلارڪ پنھنجو سنھڙو ڪنڌ شتر مرغ وانگر ڦيرائي ڀت تي ٽنگيل گھڙيال ڏانھن ڏٺو.

مان ذري گھٽ ڊوڙندي ڪمري مان نڪري ويس. ھيٺان ڏاند جو آواز ٻڌم، ”گڊ لڪ، مجنون.“

جيئن اسڪولي ٻار موڪل ملڻ تي ڪلاسن مان نڪرندا آھن، تيئن آفيس جي ڪمرن مان ڪلارڪ، ٽائيپسٽ، دفتري ۽ چپڙاسي نڪرندا، ھڪ ٻئي کي ٿيلھا ڏيندا، ڏاڪڻ لھندا ويا.

جڏھن ورانڊو واندو ٿيو، تڏھن سامھون ڊپٽيءَ جي ڊرائيور کي تمنا سان ڳالھائيندي ڏٺم. تمنا جي نگاھھ مون تي پئي تھ مون ڏانھن ھلي آئي. سندس ڇوڏن لڳل چپ وڌيڪ خشڪ ٿي ويا ھئا. لپ اسٽڪ ڪيترن ھنڌن تان ڦٽي پئي ھيس. ھوءَ وياڪل ھئي. اکين ۾ الڪو ھيس. خشڪ چپن تي زبان ڦيريندي چيائين، ”مون کي ڊپٽي سڏايو آھي شامو.“

منھنجي رڳ رڳ مان ٿوھر ڦٽي نڪتو. گھڙي ساعت لاءِ تمنا کي زندگيءَ جي پاتار ۾ غرق ٿيندو ڏٺم. چوڻ چاھيم، تمنا، محتاجي، مفلسي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي لعنت آھي. پر جيڪي ڪجھھ چوڻ چاھيم، چئي نھ سگھيس. لفظ سيني جي قبرستان ۾ دفن ٿي ويا.

تمنا ڊائيور کي موٽر وٽ ترسڻ لاءِ چيو.

اسان ٻئي ڪنڌ جھڪائي ڏاڪڻ لھڻ لڳاسين. نھ ھن ڳالھايو ۽ نھ مون، پر تنھن ھوندي بھ اسان ٻنھي ھڪ ٻئي جي گھائل روح ۾ جھاتي پائي ورتي.

مون آھستي چيو، ”ھڪ نھ ھڪ ڏينھن اسان ھيءَ واھيات نوڪري ڇڏي ڏينداسين.“

ھن جواب نھ ڏنو، سندس ڪنڌ وڌيڪ جھڪي ويو.

منھنجي اندر ۾ آنڌ مانڌ ھئي. ازلي جنگ سيني جي

ڌرتي پٽيندي رھي. محبت ۽ گھر وارن جي بک بيماريءَ جا تصور، متضاد قوتن وانگر پاڻ وڙھندا رھيا.

مون پنھنجين ڪنبندڙ آڱرين سان تمنا جي سنگ مر مر جھڙي ٻانھن کي ڇھيو، ”تمنا.“

”تمنا،“ مون ڳيت ڏيئي ڳالھايو، ”ڊپٽيءَ جي ڪھڙي ڪار آھي؟“

”اوپل.“

”اسان شورليٽ امپالا، يا مرسڊيز بينز وٺنداسين. ھا نھ تمنا؟“ مون گھٽيل آواز ۾ ڳالھايو.

تمنا جواب نھ ڏنو. پنھنجون آڱريون منھنجين آڱرين ۾ جڪڙي ڇڏيائين. لفظ گھائل روح جي ڪنھن ڪنڊ مان لڇندا پڇندا تڙڦندا، درد جي ٻٻر سان وچڙندا، ٻاھر ايندا رھيا، ”اسان جو پنھنجو گھر ھوندو، تمنا اسان جي بيمار ماءُ ڪنھن مشھور ڊاڪٽر کان علاج ڪرائيندي- اسان روز روز دال نھ کائينداسين- مان انگريزيءَ ۾ ايم. اي ڪندس ۽ تون سينٽ جوزف ڪاليج-“

پوئين ڏاڪي وٽ تمنا پنھنجون آڱريون منھنجي آڱرين مان ڇڏائي، ڊوڙندي موٽر جي پوئين سيٽ تي وڃي ويٺي. رئي جي ڪنڊ وات ۾ وجھي، چپ ڀڪوڙي اکيون بند ڪري ڇڏيائين. ڪار ھڪ سٽ سان، اک ڇنڀ ۾ دز اڏائيندي، آفيس جي حدن مان نڪري وئي.

پريان ڏاند رڙ ڪندي چيو، ”بئڊ لڪ مجنون.“

منھنجي منھن تي ويران مرڪ تري آئي ۽ ٽٽل تاري وانگر روشنيءَ جي ليڪ ٺاھي، مايوسيءَ جي ٻاٽ اونداھين ۾ گم ٿي ويئي.

چرٻٽ ۽ ھڪ نرس

اسڪول کان موٽندي دير ٿي وئي.

پويون پيرڊ ڊرل جو ھو، ڊرل ماستر کي عرض بھ ڪيم: سائين، مان قد ۾ بندوق کان بندرو آھيان، ڊينڊو آھيان، پريڊ ڪندي ڪندي اجايو گسي ويندس، مونکي وڃڻ ڏيو. پر ڊرل ماستر نھ مڙيو. چيائين: اصل نھ ڇڏيندومانءِ چرٻٽ. ھٿ ٻڌي ليلايومانس: سائين، اڄ فٽ بال ميچ بھ کيڏڻي آھي، مونکي وڃڻ ڏيو. ڊرل ماستر- بندوق جھڙو سخت، نرم نھ ٿيو. چيائين: اسانکي جنگ لاءِ تيار رھڻو آھي، چرٻٽ. اول جنگ، پوءِ فٽ بال ميچ.

اسان کي موڪل نھ ملي. سڄي اسڪول کي موڪل ملي ويئي. ڇوڪرا ڪلاسن مان نڪرندا، ڊوڙندا، مٽي اڏائيندا ھليا ويا. ڊرل ماستر اسان جي ڪلاس کي موڪل نھ ڏني، ۽ ڪاٺ جون ڪوڙيون بندوقون ڪلھي تي رکائي، اسان کي اسڪول جي ميدان ۾ پريڊ ڪرائيندو رھيو.

پريڊ ڪندي مون ڦندڻ کي چيو: يار موڪل کان وڌيڪ سٺي شيءِ دنيا ۾ ٻي ڪابھ ڪونھي. پڇيائين: ۽ قلفي؟. قلفي بھ سٺي آھي، پر موڪل سڀني کان سٺي آھي، مون وراڻيو. ان وقت اسان مارچ ٽائيم ڪري رھيا ھئاسين. مارچ ٽائيم ۾ ھيئن ٿيندو آھي، جو ماڻھو ھڪ ئي جاءِ تي بيٺو ھوندو آھي ۽ زور زور سان ڌرتيءَ تي لتون ھڻندو آھي. اسان زور سان ڌرتيءَ کي لتون ھڻي رھيا ھئاسين ۽ مارچ ٽائيم ڪري رھيا ھئاسين. ڦندڻ  چيو: يار چرٻٽ، منھنجي بوٽ جو ترو ڇڳل آھي، مون کي تھ وري ٻيو بوٽ بھ ڪونھي ني، منھنجي ماءُ گريب آھي. مارچ ٽائيم ڪندي وراڻيم. پرواھھ نھ ڪري ڦندڻ، اسان کي جنگ لاءِ تيار رھڻو آھي؛ اول جنگ، پوءِ بوٽ جو ڇڳل ترو.

ان ڏينھن ڊرل ماستر ڏاڍي جوش ۾ ھو. سانجھيءَ تائين اسان کي پريڊ ڪرائيندو رھيو. پوءِ جڏھن پاڻ ٿڪجي پيو، تڏھن چيائين: ٻارو ھاڻي توھان ٿڪجي پيا ھوندا، تنھن ڪري توھان کي موڪل ڏجي ٿي. اسان سڀني کي ڏاڍي خوشي ٿي. بندوقون ڀت سان رکي، ڌرتيءَ تان ڪتاب کڻي، ڇنڊي، ڪڇ ۾ ڪياسين. ڦندڻ چيو: يار چرٻٽ، تون تھ بندوق کان بھ بندرو آھين.

مونکي ان جو افسوس آھي، ڦندڻ، کيس جواب ڏنم. ۽ پوءِ سڌو وڃي ڊرل ماستر جي سامھون بيٺس. جيڪو سھڪي رھيو ھو، ۽ رومال سان پنھنجي ڪاري ٿلھي ڪنڌ تان پگھر اگھي رھيو ھو. چيومانس: سائين، مان قد ۾ بندوق کان بندرو آھيان، مھرباني ڪري مون کي پستول سان پريڊ ڪرائيندا ڪريو. سائينءَ وراڻيو: تون نھ فقط بندرو آھين چرٻٽ، پر ڪجھھ ڪجھھ بيوقوف بھ آھين، ھاڻي گھر وڃ ۽ منھنجو مٿو نھ کاءُ.

مون ماستر صاحب جو مٿو نھ کاڌو ۽ ٻاھر نڪري، آنڪ جا ڇولا کاڌم. ڇولا کائي، ڦندڻ سان ھٿ ملائي گھر آيس. ٿڪل ھوس، سوچيم تھ ڪنھن سان بھ نھ ڳالھائيندس. سمھي پوندس.

انور سڏ ڪيو، ”چرٻٽ.“

”نھ يار! اڄ مان ٿڪل آھيان.“

”ھڪڙي ڳالھھ تھ ٻڌ.“

”نھ ادا نھ. اڄ مان تنھنجي تقرير نھ ٻڌندس. الا، ڏاڍو ٿڪجي پيو آھيان.“

منھنجو ڀاءُ انور اسٽوڊنٽ ليڊر آھي. ڪڏھن بک ھڙتال ڪندو آھي ۽ ڪڏھن تقرير. پر جڏھن کان سندس ڪاليج کي وئڪيشن ملي آھي، تڏھن کان روز مون کي تقرير ٻڌائيندو آھي. تقرير ٻڌڻ جي عيوض مان کانئس قلفي کائڻ لاءِ ٻھ آنا وٺندو آھيان. ٻھ آنا منھنجي تريءَ تي رکي انور ھڪدم تقرير شروع ڪندو آھي. ھڪڙو ڪو ملڪ آھي ويٽنام. اتي جنگ لڳي آھي. بس، پنھنجي تقرير ۾ ويٽنام ويٽنام ڪندو آھي ۽ آمريڪا کي گاريون ڏيندو آھي. ھڪ ڏينھن پڇيو ھيومانس: يار ھو ويٽنام وري ڪٿي آھي؟ انور ساھھ منجھائي، تقرير روڪي، اڌ ۾ ڳالھايو ھو: ويٽنام اتر ڏکڻ ايشيا ۽ جنوب مشرق آفريڪا جي وچ ۾ آھي، پر ياد رک چرٻٽ، وري وچ ۾ ڳالھائيندين تھ ٻھ آنا نھ ڏيندومانءِ. چريا، تقريرون ٻڌبيون آھن، تقريرن جي وچ ۾ ڳالھائبو ناھي. پوءِ انور ڏاڍي جوش ۾ تقرير ڪئي. آمريڪا کي گاريون بھ ڏيندو رھيو ۽ ھوا ۾ مڪون ۽ ٺونشا بھ ڦيرائيندو رھو. اوچتو ھڪ مڪ مون کي بھ ٺڪاءُ ڪري ڏنائين. مون کي سخت ڪاوڙ آئي؛ چيومانس: اڙي مان آمريڪا ٿوروئي آھيان، جو مون کي مڪ ٿو ھڻين. ساري چرٻٽ انور منھنجي ٽڪڻ تي ھٿ گھمائيندي چيو ھو. مون بھ ضد ٻڌو: ٻھ آنا تقرير ٻڌڻ جا ۽ ٻھ آنا ٺونشو کائڻ لاءِبھ ڏي. ان ڏينھن انور مون کي چار آنا ڏنا ھئا ۽ مون اسپيشل قلفي کاڌي ھئي.

اسڪول کان موٽيو ھوس دير سان. ٿڪل ھوس انور کي انڪار ڪري ڇڏيم.

انور ڏاڍي رازداريءَ ۾ چيو، ”تقرير ناھي چرٻٽ، ٻيو ڪم آھي.“

”رڌڻي مان ماني چورائڻي تھ ناھي؟“

”نھ نھ. ٻيو ڪم آھي.“

”ڪھڙو؟“

”پرائيويٽ ڪم آھي.“

مون انور کي جاچي ڏٺو. پڇيومانس، ”ڇا کارائيندين؟“

”قلفي.“

”خوش رھھ، ڪڍ ٻھ آنا.“

انور مون کي ٻھ آنا ڏنا. پوءِ ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسندي، پتلون جي کيسي مان گلابي لفافو ڪڍي مون کي ڏنائين. چيائين، ”ليڊي ڊفرن اسپتال ۾ جيڪا ڪرستان نرس آھي نھ-“

”ھا ھا، ڪاري بيني.“

”اڙي اھا نھ.“

”تھ پوءِ ڪھڙي؟“

”جنھن تنھنجي ڪن ۾ دوا وڌي ھئي، سوزي، سوزي.“

”بس بس. سمجھي ويس.“

”شاباس، ھي خط سوزيءَ کي ڏيئي اچ.“

مون خط وٺي کيسي ۾ وڌو. وڃڻ کان اڳ انور کان پڇيم، ”پنھنجي ڪاليج جي مئگزين بھ پڙھڻ لاءِ ڏيندين نھ؟“

”تون اڃا ٻار آھين. تون ڪاليج مئگزين ڪيئن پڙھي سگھندين!“

”مان مئگزين جو سنڌي حصو پڙھندس.“

”نھ چرٻٽ نھ، ڪاليج مئگزين ۾ ٻارن لاءِ ڪابھ شيءِ نھ ھوندي آھي.“

”يار ھڪ دفعو پڙھڻ لاءِ ڏجانءِ نھ.“

”ادا احمد کان مار کارائيندين ڇا.“

”مان لڪي لڪي پڙھندس. ڪاڪوس ۾ وڃي پڙھندس.“

”نھ چرٻٽ، نھ.“

”تھ پوءِ مان بھ تنھنجو خط نٿو کڻي وڃان.“

”ائين تھ نھ ڪر.“

”تون منھنجي ڳالھھ ڇو نٿو مڃين.“

”چڱو چڱو، پڙھجانءِ. ھاڻي وڃ ۽ سوزي کي خط ڏيئي جلدي موٽي اچ.“

مون ٻھ آنا کيسي ۾ وڌا ۽ ٺينگ ٽپا ڏيندو، ليڊي ڊفرن اسپتال پھتس. سوزي ھڪ مريض کي سئي ھڻي رھي ھئي. مون کيس ’شي شي‘ ڪري سڏ ڪيو ۽ اچڻ جو اشارو ڏنو. ھوءَ سئي ھڻي، ورانڊي مان ٻاھر ھلي آئي. مون کيس انور وارو گلابي لفافو ڏنو. ھوءَ اتي ئي لفافي مان خط ڪڍي پڙھڻ لڳي. مان پاسيرو ٿي اک ٽيٽ ڪري کيس ڏسڻ لڳس. ھوءَ مون کي ڏاڍي وڻندي ھئي. ھڪ دفعي، گھڻو اڳ، جڏھن منھنجي ڪن ۾ مونگھڻ گھڙي ويو ھو ۽ مون کي ڪن ۾ ھوائي جھاز ھلڻ جا آواز ايندا ھئا، مان روز سوزيءَ کان ڪن ۾ دوا وجھرائڻ لاءِ ليڊي ڊفرن اسپتال ايندو ويندو ھوس. سوچيندو ھوس، منھنجي ڪن ۾ سدائين ھوائي جھاز ھلندا رھن ۽ مان روز سوزيءَ کان ڪن ۾ دوا وجھائڻ لاءِ اسپتال ويندو رھان. پر افسوس ھڪڙي ڏينھن منھنجي ڪن مان مئل مونگھڻ نڪري آيو. ھوائي جھاز ھلڻ بند ٿي ويا. تڏھن کان مون کي سوزي ڏاڍي وڻندي ھئي.

سوزي جڏھن خط پڙھي چڪي، تڏھن منھنجي پٺي ٺپيندي پڇيائين، ”تم انور کا دوست ڻـڍ؟“

”اڙي نو نو، ھم تو وڙي ٽارزن اور قلفي والڍ کا دوست ڻڍ،“

ھن پنھنجو نرم نرم، اڇو اڇو لسو لسو ھٿ اڳتي ڪري، پنھنجين ڪونئرين، ڊگھين آڱرين سان منھنجي ڳٽي تي پيار منجھان ٿڦڪي ڏيندي چيو، ”ٽم بھوت اڇا لارڪا ڻڍ.“

”تم ڀي وڙي بوت اڇا ڻڍ،“ مون گد گد ٿيندي چيو، ”ھم تم ڪو قلفي کلائينگا.“

ھوءَ کلڻ لڳي. مان کيس ڏسڻ لڳس. ھوءَ مون کي ڏاڍي وڻي. دل چاھيو تھ سندس اگھاڙين پنين تي چھنڊڙي پائي ڀڄي وڃان. پر ائين نھ ڪيم. اجايو ناراض ٿي وڃي ھا ۽ منھنجي قلفي بھ نھ کائي ھا.

مون کيس سلام ڪيو ۽ ٻھ قدم پوئتي ٿي وري کيس سلام ڪيم. ٻھ قدم وري بھ پوئتي ھٽيس ۽ پوئتي ٿيندو، ڪاريءَ ٿلھيءَ، بينيءَ نرس وٽ وڃي بيٺس. پوءِ مون خوشيءَ مان ٽارزن جھڙي رڙ ڪئي. بيني نرس کان ڇرڪ نڪري ويو. ڪرندي ڪرندي پاڻ سنڀالي ورتائين.

اسپتال مان ٻاھر آيس. ڏاڍي خوشي ۽ بدن ۾ ڪتڪڪتائي پئي محسوس ڪيم. دل چاھيو تھ سڄي واٽ ٽارزن وانگر ڪوڪڙاٽ ڪندو وڃان. پر خيال آيو تھ اجايو ڪتا ۽ شريف ماڻھو ناراض ٿيندا. پوءِ سوچيم تھ کلان، کلي کلي اونڌو ٿي ڪري پوان. اوچتو خيال آيو تھ ماڻھو چريو سمجھي پٿر ھڻندا. مان وڏو ٿوروئي آھيان، جو ماڻھو مون کي مست سمجھن.

نيٺ ڳائڻ جو فيصلو ڪيم. وات تي ھٿ رکي، گوين وانگر واڇ چٻي ڪري ڳائڻ شروع ڪيم: ’اڃا تھ ايٽ مان ننڍڙو آھيان، اڃا تھ ايٽ مان ننڍڙو آھيان.‘ گانو ڳائيندي، جھومندو وڻن جا پن پٽيندو، سڌو قلفيءَ واري وٽ اچي بيٺس.

”اڄ تھ ڪا اسپيشل قلفي کاراءِ يار.“ مون چيو ۽ ڳائڻ لڳس، ”اڃا تھ قلفيءَ وارا مان ننڍڙو آھيان، اڃا تھ ايٽ مان ننڍڙو آھيان- نيٺ وڏو بھ ٿيندس، نيٺ ٽارزن بھ تھ ٿيندس.“

”ڇو! اڄ ڏاڍو خوش ٿو ڏسجين؟“

”ڳالھھ نھ پڇ يار.“

”اسڪول جي ڪا ڇوڪري تھ نھ وڻي ويئي اٿئي؟“

”ڪھڙيون ٿو ڳالھيون ڪرين مولائي،“ مون وراڻيو ۽ قلفيءَ واري کي حيران پريشان ڇڏي، قلفي چوسيندو اڳتي ھليو ويس. قلفيءَ وارو بھ عجيب انسان آھي. ڀلا اسڪول جون ڇوڪريون بھ ڪي وڻڻ جھڙيون ھونديون آھن! مون کي پاڻ جيتريون ننڍڙيون اسڪولي ڇوڪريون اصل ڪونھ وڻن. ڪنيون جڏھن ڏسون نڪ ۾ آڱريون پيون گھمائينديون، اکين مان چپيون پيون ڪڍنديون، رئي جي ڪنڊ جي وٽ ٺاھي، ڪن مان مر پيون ڪڍنديون، گدليون ھٿ مس ۾ نيرا. اجايو سجايو ھڪ ٻئي سان کج کج ڪنديون. منٽ ۾ رسنديون، منٽ ۾ پرچنديون سڄو ڏينھن چٽڻي ۽ گدامڙي کائينديون رھنديون آھن. اھي ننڍڙيون بندريون، متيرن جيتريون ڇوڪريون مون کي بنھھ ڪونھ وڻن. چٻيون، جھڙيون جنڙيون.

مون کي تھ بس سوزي نرس وڻندي آھي، ۽ ان ڏينھن مون کي ڪجھھ ڪجھھ ڏک بھ ٿيو ھو تھ مان سوزيءَ کان ڪيترو نھ ننڍڙو ھوس، بندرو. مشڪل سان سوزيءَ جي ٽنگ جيترو مس ھوس. پر تڏھن بھ مان خوش ھوس، بيحد، گھڻو، ڏاڍو.

پرنسيس اسٽريٽ کان رام سواميءَ تائين ماڻھن کي ڌڪيندو، پري ڪندو، ڳائيندو ويس تھ: ’اڃا تھ ايٽ مان ننڍڙو آھيان، اڃان تھ ايٽ مان ننڍڙو آھيان- نيٺ وڏو بھ تھ ٿيندس.‘ بوھرا پير وٽ منھنجي پوئتان ڪنھن ٿلھي آواز ۾ ڪنو ٽھڪ ڏنو. بلڪل اھڙو ٽھڪ، جھڙو پاڪستاني فلمن ۾ بدمعاش ھيرو کي ٺونشو ھڻڻ کان اڳ ڏيندو آھي. ڪاوڙ مان منھن ورائي پوئتي ڏٺم. ھڪ گوڏر پنھنجين واھيات، جھينگن جھڙين مڇن تي ھٿ ڦيرائي کلي رھيو ھو.

پڇيومانس، ”ڇو ٿو ڙي کلين؟“

مڇوءَ جواب نھ ڏنو. کلندو رھيو.

”اڙي وري کلين ٿو!“ مون خارن مان چيو، ”خبر اٿئي، مان ليڊي ڊفرن اسپتال مان پيو اچان.“

گھگي آواز ۾ چيائين، ”ڀيٽو وري الله وٽان تھ نھ آيو آن ني.“

”الله وٽان بھ آيو آھيان. امان چوندي آھي، تھ مان الله وٽان آيو آھيان.“

”جي ماڻھين چوندي آھي تھ پوءِ ٺيڪ آھي. پر جي پڻھين کان اھا خبر ٻڌي اٿئي تھ پوءِ ڀيٽو غلط اٿئي.“

”منھنجو پيءُ مري ويو آھي.“

”تھ پٽ، پوءِ تون بھ وڏو ٿي ڦاڙھا ماريندين.“

”ڦاڙھا تھ منھنجو دوست ٽارزن ماريندو آھي،“ ٽارزن جي ڳالھھ ڪندي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي، ”ٽارزن شينھن، چيتي ۽ واڳوءَ کي بھ ماريندو آھي.“

ھو ٽھھ ٽھھ ڪري کلڻ لڳو. چيائين، ”چئھ، اڃا تھ ايٽ مان ننڍڙي آھيان. ننڍڙي، ننڍڙو نھ.“

”ٽارزن تو جھڙي درياھي گھوڙي کي بھ ماريندو آھي،“ مون کانئس پري ٿيندي چيو، ”خچر، مڇو، جھينگا.“

مون مڇوءَ کي آڱوٺو ۽ ڄڀ ڏيکاري، ۽ ڊوڙندو ڀڄي ويس. اجايو ور چڙھي وڃانس ھا تھ ماستر صاحب وانگر ماري ماري لاھھ ڪڍي ڇڏي ھا.

رستو ٽپندي ڳائڻ شروع ڪيم. اڃا تھ ايٽ مان ننڍڙو آھيان، اڃا تھ ايٽ مان ننڍڙو آھيان. نيٺ وڏو-. الاءِ ڪٿان اوچتو ئي اوچتو، موٽر رڪشا منھنجي سر تي اچي ڪڙڪي. ڊرائيور زور سان بريڪ ڏنو ۽ رڪشا ڏامر جي رستي تي ليڪا ڪڍندي منھنجي ڀرسان اچي بيھي رھي.

پٺاڻ ڊرائيور خارن مان ڳاڙھو ٿي ويو. ان وقت مون کي آلو بخارا ياد آيا. ھو رڪشا مان لھي آيو. مان ٽپ ڏيئي فٽ پاٿ تي چڙھي بيٺس. لال پٺاڻ، ٻانھن وڌائي، ڀر ڪري مون کي ٿڦڙ وھائي ڪڍي ۽ چيائين، ”خوچھ خنزير ڪا بچھ.“

ٿڦڙ کائڻ کان اڳئي مان فٽ پاٿ تي ويھي رھيس. ڊرائيور جو وار گسي ويو ۽ چماٽ منھنجي پويان ايندڙ ٻئي ماڻھوءَ کي ٻوٿ ۾ وڃي لڳي. پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي ٻئي ڄڻا پاڻ ۾ ٻکجي ويا. مان اتان ڀڄي ويس.

ڀلا ھي ڪراچي بھ ڪو شھر آھي! رستن تي ھر وقت موٽريون، لاريون، ٽرامون، رڪشا ڊوڙندا رھندا آھن. ٻيو ڪو ڪم ڪونھين، چرين وانگر ڊوڙندا رھندا آھن. ڪڏھن ڪڏھن بس يا لاري کي خار ايندا آھن تھ رستو ڇڏي، فٽ پاٿ تي چڙھي ڪنھن دڪان يا گھر ۾ گھڙي ويندي. ڪڏھن ڪڏھن بسون پاڻ ۾ وڙھي پونديون آھن. پر سڀني کان خوفناڪ آھن رڪشا، جن جا ڊرائيور بھ خوفناڪ ھوندا آھن.

مون سوچيو آھي تھ وڏو ٿي ٽارزن ٿيندس، گھر بدران وڻن تي رھندس. بسون ۽ لاريون گھرن ۾ گھڙي اينديون آھن، پر اڄ تائين ڪابھ بس يا موٽر لاري وڻ تي چڙھي نھ سگھي آھي. مان وڻ تي رھندس ۽ دوستي پکين سان رکندس، (افسوس جو اسان جي ملڪ ۾ ٽارزن جي ملڪ وانگر جانور وڻن تي نٿا رھن.) مان وڻ تان ھيٺ لھي ڪنھن بھ جانور سان دوستي نھ رکندس.

سيٽيون وڄائيندو، ڀتين تان پوسٽر ڦاڙيندو، راڳ ڳائيندو گھر آيس.

انور منھنجي انتظار ۾ ڏاڪڻ وٽ بيٺو ھو ۽ ڪو غمگين فلمي گانو ڳائي رھيو ھو. مون کي ڏسنديئي گانو ڳائڻ بند ڪري ڇڏيائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com