ڪارل ڪئپڪ (زيڪو سلواڪيا)
قميصون
هن وڌيڪ اهم ۽ ضروري ڳالهين تي سوچڻ پئي چاهيو، پر ڪيتري به
ڪوشش جي باوجود، ساڳايا ئي اڻوندڙ ويچار هن جي
دماغ ۾ ايندا رهيا. سندس نوڪرياڻي کيس لُٽي رهي
هئي! هوءَ ڪيترن سالن کان وٽس ڪم ڪري رهي هئي، ان
ڪري هو به پنهنجين شخصي گهربل شين تي گهٽ ڌيان
ڏيندو هو. صبح سان اٿي هو پنهنجو ڪپڙن جو ڪٻٽ
کوليندو هو، ۽ قميصن جي ٿهي مان، مٿان ئي مٿان، هڪ
ڌوتل قميص ڪڍندو هو. ڪڏهن ڪڏهن مسز جوهنڪا هن
اڳيان ڪا ڦاٽل قميص اچي رکندي هئي. ۽ چوندي هئي ته
سڀ قميصون ان حالت ۾ آهن، ۽ مالڪ کي ضرور نيون
قميصون وٺڻ گهرجن. مالڪ پوءِ شهر ويندو هو، ۽ جو
دڪان پهريائين اڳيان ايندو هوس، اتان اڌ درجن
قميصون وٺندو هو. اهڙي وقت، سندس دماغ ۾ ڪڏهن ڀلجي
به اهو خيال نه ايندو هو ته گهڻو عرصو نه گذريو هو
ته هن ساڳيو ئي ڪم، قميصن وٺڻ جو ڪيو هو. ساڳي
حالت ڪالرن، ٽائين، ٻين ڪپڙن، بوٽن، صابڻ ۽ ٻين
اهڙين شين سان به هئي، جي هر ماڻهوءَ جي ضرورت
واريون هونديون آهن، توڙي اهو رنڙ ڇو نه هجي. نيٺ
هر شيءِ پراڻي ٿيندي آهي ۽ ان جي جاءِ نئين شيءِ
والاريندي آهي، پر هن ڪراڙي جون اهي شيون الائجي
ڪيئن يڪدم پراڻيون ٿي وينديون هيون، خبر نه آهي ته
انهن کي ڇا ٿي ويندو هو؟ هو مسلسل نيون شيون خريد
ڪري رهيو هو، رڳو ان ڳالهه کي منهن لاءِ، جا هو
ڪٻٽ کولڻ مهل انهن پراڻن ۽ کُسي ويل ڪپڙن کي ڏسي
محسوس ڪندو هو، جي هو ڪڏهن به سمجهي نه سگهندو هو
ته ڪڏهن ورتا ويا هئا. هن کي انهن ڳالهين ۾ پوڻ جي
ضرورت ئي ڪهڙي هئي؟ مسز جوهنڪا هر شيءِ جي سار
سنڀال پيئي لهندي هئي.
ايتري عرصي کان پوءِ، اڄ هن جي دماغ ۾ پهريون دفعو اهو خيال آيو
هو ته هو باقاعدي لُٽجي رهيو آهي. اهو هيئن ٿيو جو
ان صبح جو هن کي ڪنهن انجمن جي طرفان ڪوٺايل کاڌي
جي مجلس ۾، شرڪت ڪرڻ جي دعوت ملي هئي. ڪيترن سالن
کان هو ڪٿي آيو ويو ڪونه هو. سندس دوستيءَ جو
دائرو ايترو ته محدود هو. جو ان غير متوقع دعوت
کيس مونجهاري ۾ وجهي ڇڏيو. هو حد کان وڌيڪ مسرت
محسوس ڪري رهيو هو. پريشان ڪن مسرت، سڀ کان اول هن
اهو ڏسڻ شروع ڪيو ته هن وٽ ڪا سٺي قميص آهي يا نه.
هن سڀ قميصون ڪٻٽ مان ڪڍي ٻاهر ڪيون. پر اهڙي ڪابه
قميص ڪانه هئي، جا ڪفن وٽان يا ڪالر وٽان ڦاٽل يا
کُٿل نه هئي. هن جوهنڪا کي سڏيو ۽ کانئس پڇيو ته
هن وٽ ڪا سٺي قميص آهي يا نه؟
جوهنڪا جهٽ لاءِ هپو هڻي بيهي رهي، ۽ پوءِ ڀڙڪو ڏيئي چيائين ته
مالڪ کي ضرور نيون قميصون وٺڻ گهرجن! ڇو ته اها
ڳالهه هن جي وس کان ٻاهر هئي ته پراڻين ۽ کٿل
قميصن کي ويهي ٽوپا ٽڳا ڏئي. هن جي دماغ ۾ هڪ مبهم
خيال آيو ته گهڻو عرصو نه گذريو جو هن نيون قميصون
ورتيون هيون، پر يقين نه اچڻ سبب هو چپ رهيو. ۽
آخر ٻاهر وڃي نين قيمصن وٺڻ لاءِ ڪوٽ پائڻ لڳو.
ڪوٽ جي کيسي مان پراڻا ڪاغذ پٽ ڪڍي ٻاهر ڪيائين، ۽
انهن کي ڇانڊڻ لڳو. انهن ڪاغذن ۾ پوئين ڀيري ورتل
قيصن جو بل به هو، جنهن جي ادائگي ويجهو ئي ڪئي
وئي هئي، ست هفتا اڳ! ست هفتا اڳ، ڇهه نيون
قميصون! اها ئي هن جي سڄي کوجنا هئا.
هو قميصون وٺڻ نه ويو، پر خيالن ۾ ڪمري اندر هيڏانهن هوڏانهن اچ
وڃ ڪرڻ لڳو. هن ماضيءَ جي ڪيترن اڪيلائيءَ ۽
تنهائيءَ وارن ورهين ڏانهن نظر ڊوڙائي. سندس زال
جي وفات کان وٺي اڄ تائين، جوهنڪا سندس گهر جي سار
سنڀال لهي رهي هئي. ان دوران هن جي دل ۾ ڪڏهن به
ڪو شڪ شبهو پيدا نه ٿيو هو. پر هاڻي سندس دل ۽
دماغ ۾، هڪ پريشان ڪندڙ خيال پوريءَ شدت سان پيدا
ٿيو هو. مسلسل ۽ باقاعدي، اهو سمورو عرصو لٽجي
رهيو هو، هن پاڻ تي ۽ ڪمري تي هڪ سرسري نظر وڌي.
هو چئي نٿي سگهيو ته ڪهڙي شيءِ کُٽل هئي. هن
اندازو لڳايو ته جڳهه خالي ۽ ويران هئي، ۽ هن
حافظي تي زور ڏيئي سوچڻ شروع ڪيو ڇا، هن ڪمري ۾
گهڻو سامان نه هوندو هو؟ هڪ گهريءَ نظر کان پوءِ،
هن چيو واقعي گهڻو ڪجهه هو! هن عجب ۽ بيچينيءَ سان
اها صندوق کولي، جنهن ۾ سندس زال جون يادگار شيون
رکيل هيون. ڪپڙا، ڳهه ڳٺا ۽ ٻيو ڪجهه. صندوق ۾ رڳو
ڪي بيڪار شيون پيل هيون، باقي ماضيءَ جون سموريون
ياد ڏياريندڙ رنگين شيون غائب هيون. مار! سندس زال
جيڪي بيشمار بي بها شيون ڇڏيون هيون، انهن سڀني
سان ڪهڙو ويل وهي ويو!
هن صندوق بند ڪئي ۽ ڪوشش ڪري ٻين ڳالهين جو خيال ڪرڻ لڳو، مثلاً
شام واري دعوت وغيره. ڪيتري ڪوشش جي باوجود، گذريل
سال وري وري سندس ذهن ۾ موٽي پئي آيا. گهاريل
گهڙيون اڄ هن کي، اڳ کان وڌيڪ اداس، تلخ ۽ قابل
رحم لڳي رهيون هيون. اوچتو هن کي خيال آيو، ڄڻ ته
اهي گهڙيون ڪو کانئس کسي چڪو هو ۽ انهن جي پويان
هڪ ڏکوئيندڙ اداسي ٿڌا ساهه ڀري رهي هئي. انهن
وڇڙيل ورهين دوران، ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن وقفي تي، هن
پاڻ کي خوش به ڏٺو هو ۽ بيفڪريءَ جا گهيرٽ به کاڌا
هئائين. پر هاڻي هڪ اڪيلي ماڻهوءَ کي گهيرٽ ۾ ڏسيل
هو هيسجي ويو هو. ننڊ ۾ به هن کي ڪو لُٽي رهيو هو.
ڪو ناواقف، ايتري قدر جو مٿي هيٺان وهاڻو به ڪڍي
رهيو هوس! هو پڻ کي ويڳاڻو ۽ تنها سمجهڻ لڳو، هڪ
قسم جي سخت پيڙا ۾ مبتلا، اهڙي سخت، جا هن ڪڏهن به
محسوس نه ڪئي هئي. هن کي ائين لڳو، گويا هو تيزيءَ
سان ڪراڙو ٿي رهيو آهي، ٿڪ مٿس حاوي پوندو پيو وڃي
۽ زندگي ساڻس ڪٺور ٿي چڪي هئي.
هڪ ڳالهه هو اڃا تائين سوچي نه سگهيو هو. هوءَ منهنجا ڪپڙا ۽
شيون شگليون ڇو ٿي چورائي؟ هوءَ اهي ڪيڏانهن ٿي
ڪري....؟ ’ٺيڪ آهي، هاڻي سمجهيم!‘هن هڪ بناوٽي
دلجوئيءَ سان اوچتو ڪجهه ياد ڪيو. ’چئبو ته ڳالهه
ائين آهي!‘ جوهنڪا کي هڪ ڀائيٽو به هو، جو الائجي
ڪٿي رهندو هو. هن کي هوءَ والهانه ۽ بيوقوفانه حد
تائين پيار ڪندي هئي. ’هن هڪ دفعو مون کي ان جو
فوٽو به ڏيکاريو هو- گهنڊيدار وار، ڦينو نڪ ۽
بيهوده قسم جون مڇون. هاڻي سمجهيم ته منهنجون سڀ
شيون ڪيڏانهن ٿيون وڃن!‘ هن دل ۾ چيو. خيال ايندي
ئي، هو ڪاوڙ ۾ اٿي رڌڻي ڏانهن ڊوڙيو ۽ رڙ ڪري
جوهنڪا کي چيائين، ”او ڪمبخت، ڪراڙي ڀڀ!“ ۽ پوءِ
وري، هن کي ڀؤ ۾ پنهنجا رڍ جهڙا تارا، ڳوڙهن ڀريل
اکين ۾ ڦيرائيندي ڇڏي، پوئتي موٽيو.
ڏينهن جو باقي رهيل حصو هن جوهنڪا سان ڪونه ڳالهايو. هوءَ به
ائين سڏڪا ڀري ۽ ٿڌا ساهه کڻي رهي هئي، ڄڻ ته هن
جي ڪا وڏي بيعزتي ٿي هئي. جيڪو ٿانءَ ٿڦو پئي هٿ
آيس، سو زور سان کڻي ٿي فرش تي هنيائين. هن کي اهو
پتو بنهه ڪونه هو ته اهو ممڻ ڇا تي متو آهي؟
منجهند کان پوءِ، هن سڀني ڪٻٽن ۽ خانن جي سار
سنڀال لهڻ جي مهم شروع ڪئي، جا واقعي دکدائڪ ۽
خطرناڪ هئي. هن کي هڪ پٺيان ٻي شيءِ پئي ياد آئي.
اهي سڀ شيون اڳ هن وٽ هيون، ڪيتريون خانداني ورثي
۾ مليل شيون، جي اڻلڀ به هيون ته املهه به. انهن
مان هڪ وٽ هاڻ ڪجهه به ڪونه هو. ڪجهه به ڪونه.
نالي ماتر به ڪا شيءِ وٽس نه ڇڏي وئي هئي. ائين
ڀانئجي رهيو هو، ڄڻ ته ڪا وڏي باهه لڳي هجي ۽ هر
شيءِ کي ساڙي ڀسم ڪري وئي هجي. هن جي دل ۾ آيو ته
ههڙيءَ اڪيلائيءَ ۽ ويرانيءَ ۾، زور سان روئي ۽
هنجون هاري.
هو کليل ڪٻٽن ۽ خانن جي وچ ۾ ڌُڌڙ ٿيو ويٺو هو. اُڀساهي وٺي وئي
هيس. هن جي هٿ ۾ هڪ اڪيلو يادگار هو، اهو سندس
پيءُ جو ٻٽون هو، هڪ اهڙي ڳوٿري. جنهن کي هاڻي
ٻنهي پاسن کان منهن هو. ڪڏهن کان هوءَ هن کي ائين
لٽي رهي هئي جو هينئر وٽس ڪجهه به ڪونه رهيو هو!‘
هو انتهائي غصي جي حالت ۾ پهچي چڪو هو، جي ان وقت
هوءَ آڏو اچيس ها ته جيڪر ٿڦڙ وهائي ڪڍيس ها.
’هاڻي ڇا ڪريانس؟‘ هن ڪاوڙ ۾ اچي چيو، ’نوڪريءَ
مان نيڪالي ڏيانس؟ پوليس جي حوالي ڪريانس؟ پر
سڀاڻي مون لاءِ رڌ پچاءَ ڪير ڪندو....؟ هوٽل ۾ کڻي
کائنيدس، هن فيصلو ڪيو. ’پر مون لاءِ باهه ڪير
ٻاريندو؟ پاڻي ڪير ڪوسو ڪندو؟‘ سڀاڻي ان معاملي کي
منهن ڏبو.‘ هن پاڻ کي يقين ڏياريو، ’ڪجهه نه ڪجهه
ٿي پوندو.‘ اهو خيال ته هو هر ستل سورن جي سوجهه ۽
هن کي سيکت ڏيڻ جي ضرورت هن جي همٿ وڌائي رهيون
هيون.
منهن اونداهيءَ مهل هن پنهنجا حواس سنڀالي ورتا، ۽ اٿي رڌڻي
تائين ويو. بي توجهيءَ سان اتي بيهي، هن جوهنڪا کي
چيو، ”تون پنهجي لاءِ ڪنهن ٻئي هنڌ تي بندوبست
ڪر!‘ ۽ پوءِ کيس مختلف قسمن جا ڊگها ۽ منجهيل ڪم
ڪاريون جلد پوري ڪرڻ لاءِ چيائين. انهن ڪمن ڪارين
سوچڻ ۾ هن کي ڪا خاص تڪليف نه وٺڻي پئي. مسز
جوهنڪا. ڪي ڪين ڪُڇيو. هوءَ ڏک ۽ رنج سان ڪم کي
لڳي وئي.
هو بيٺو ئي هو ته جوهنڪا ڪم تان اٿي زور سان رڌڻي جو در بند
ڪري. ٻاهر نڪري وئي، هاڻي هو اڪيو رهجي ويو. دل جي
وڌندڙ ڌڙڪڻ سان هو رڌڻي ڏانهن وڌيو. تاڙيءَ تي هٿ
پهچائي، وري ڪجهه هَٻڪيو. اهو سوچي ته هن کي
جوهنڪا جي ڪٻٽ جي تلاشي وٺڻ گهرجي، جو گهڻيءَ دير
تائين هراسجي ويو. هن کي اهو ڪم چوريءَ جهڙو ئي
پئي لڳو. هو ان ٻُڏتر ۾ ئي هو. ته پنهنجي ليکي هن
۾ هڪ تحرڪ آيو- هن وڌي در کوليو ۽ اندر داخل ٿيو.
رڌڻو، صفائيءَ ڪري اندران ٻهڪي رهيو هو. هن جي اڳيان جوهنڪا جو
ڪٻٽ هو، پر ڪلف لڳل، ۽ ڪنجيءَ جو ڪٿي به پتو ڪونه
هو. ان ڳالهه هن جي شڪ کي وڌيڪ پڪو ڪيو. هن ڪلف کي
چاقوءَ سان کولڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان معاملي ۾
ڪامياب ٿيڻ بجاءِ، رڳو ڪٻٽ کي ڪجهه پوئتي ڪري
سگهيو. چاٻيءَ جي ڳولا ۾، هن هر ننڍو وڏو خانو ڪڍي
ٻاهر ڦٽو ڪيو، هن پنهنجي هر ڪنجي استعمال ڪئي، پر
آخرڪار، اڌ ڪلاڪ جي مٿا ڪٽ کان پوءِ، هن کي سڌ پئي
ته ڪلف اصل ۾ ڏنل ئي ڪونه هو ۽ ڪٻٽ رڳو بٽڻ دٻائڻ
سان ئي سولو کلي پئي سگهيو.
ڪٻٽ جي هر خاني تي، نهايت آراستگيءَ سان ڪپڙو تهه ٿيو رکيو هو.
مٿئين ئي مٿئين خاني تي ڇهه نيون قميصون رکيل
هيون، اصل جيئن جو تيئن دڪان جي نيريءَ پٽيءَ ۾
ٻڌل! هڪ گَتي جي پيتيءَ ۾، هن جي زال جو سونر بڪل
پيل هو، هن جي ڏاڏيءَ وارا گَگهه ۽ ماڻس جي عاج تي
اُڪريل تصوير به ان ۾ هئي. ڀلا، هيءَ تصوير هن جي
ڪهڙي ڪم ۾ اچي ها؟ هن ڪٻٽ مان هر شيءِ ٻاهر ڪڍي،
پنهنجا جوراب، ڪالر، صابڻ، ڏندن جا برش، پارڻو
واسڪوٽ، وهاڻي جون ڇئون، هڪ قديمي پستول ۽ هڪ
پراڻي دونهاٽيل ٽوپي. هي سڀ سندس ڪٻٽ جو حصو هئا،
جن جو ڳچ حصو اڳ ئي گهنڊيدار وارن واري ڀائٽي کي
پهچي چڪو هو. هن جي اندر ۾ آگ ڪجهه ماٺي ٿي،
پريشاني اڃا مٿس حاوي هئي. ”هاڻي
سمجهيم.....جوهنڪا، تو مون سان ڇو اهڙو ورتاءُ
ڪيو؟“
هڪ- هڪ ڪري هن اهو سامان کڻي پنهنجي ڪمري ۾ آندو ۽ هڪ ميز تي
کنڊيري ڇڏيو. ميز تي هڪ نمائش جو ڏيک پيدا ٿي ويو.
هن جوهنڪا جو سامان سندس ڪٻٽ ۾ ئي ڦٽو ڪيو. هن
چاهيو پئي ته سندس سامان به ڪنهن سليقي سان ڪٻٽ ۾
ٺاهي رکيو وڃي، پر ڪجهه محنت ڪرڻ بعد، هن پاڻ ۾
ائين ڪرڻ جي شڪتي نه ڏٺي ۽ ڪٻٽ کي ائين ڇڏي
ڏنائين، جيئن ڪو چور چوريءَ بعد ڇڏي ويندو آهي. هو
وري ٻئي مونجهاري ۾ پئجي ويو....’جهٽ کان پوءِ
جوهنڪا واپس ورندي ۽ هن کي ساڻس سنجيدگيءَ سان
ڳالهائڻو پوندو.‘ ان خيال هن کي ايترو ته پريشان
ڪيو، جو هو تڪڙو تڪڙو ڪپڙا مٽائي ٻاهر وڃڻ جو سوچڻ
لڳو. ’سڀاڻي ڏسي رهندو سانس.‘ هن دل ۾ سوچيو. ’اڄ
هن لاءِ اهو ئي ڪافي ٿيندو، هو محسوس ڪندي ته مون
ڳالهه جو انت ڳولي لڌو آهي.‘ هن هڪ نيئن قميص ڪڍي،
جا ڪاغذ وانگر ڪڙڪ هئي، تڙ تڪڙ ۾ ڪيتري به زور
لڳائڻ سان نئينءَ قميص جي سخت ڪالر جا ٻيڙا بند
ڪري نه سگهيو. جوهنڪا ڪنهن ويل به اچي پئي سگهي.
هن تڪڙو تڪڙو پراڻي قميص پائڻ شروع ڪئي، اهو سمجهندي به ته اها
ڦاٽل هئي. ڪپڙن پائڻ کان پوءِ، هو ستت ئي چورن
جيان گهر مان ٻاهر نڪتو ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيڪار،
پارڪ ۽ گهٽين ۾ چڪر ڪاٽيند رهيو، تيستائين
جيستائين دعوت جو وقت ڀرجي آيو. دعوت ۾ هن پاڻ کي
بلڪل اڪيلو محسوس ڪيو. هن پنهنجن پراڻن ۽ گُهرن
دوستن سان گُهري پوڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو سمجهي نه
سگهيو ته هن ۽ سندس دوستن جي وچ ۾ ورهين جي وِڇوٽي
ڪيئن پئجي ويئي. هو هڪ ٻئي کي سمجهي به نه پئي
سگهيا. پر هن کي ڪنهن سان به شڪايت ڪانه هئي. هو
سڀ کان الڳ بيٺو مشڪندو رهيو. هن جي آسپاس جو
ماحول تيز روشنيءَ، مختلف آوازن ۽ اچ وڃ سان ڀريو
پيو هو. هو، ايستائين ائين بيٺو رهيو، جيستائين
سندس ذهن ۾ اوچتو هڪ نئون خيال آيو- هن سوچيو ’مان
ڪيئن لڳندو هوندس؟ قميص مان ڌاڳا لڙڪي رهيا آهن.
ڪوٽ تي چٽا، ۽ بوٽ- خدا جي پناهه.‘ هن زمين ۾ غرق
ٿي وڃڻ ٿي چاهيو پئي، پر ٿي نه سگهيو. هن آسپاس
لڪڻ جي جاءِ لاءِ نظر ڊوڙائي، هر طرف هن کي نيون ۽
چمڪندڙ قميصون نظر اچي رهيون هيون. هو ڪٿي پاڻ
لڪائي؟ هو در طرف وِک وڌائڻ کان ڏڪي رهيو هو،
مبادا اوچتو ڪنهن جي نظر مٿس پئجي وڃي. هو
پريشانيءَ ۾ سڄو پگهرجي ويو. هو چپ چاپ بيهڻ جو
مڪر ڪري، پير پير ۾ وجهي، در ڏانهن سِرڪڻ لڳو ته
جيئن کيس ڪو تاڙي نه وٺي. اوچتو اسڪول واري زماني
جو هڪ دوست اچي منهن پيس، هن جا پير نڪري ويا ۽
منجهيل منجهيل ورنديون ڏيڻ لڳو. مشڪل سان هن مان
جان آجي ڪري، هڪ دفعو وري ڇوٽڪاري جو ٿڌو ساهه
ڀريائين، نموني سان در تائين وارو فاصلو ماپي، ٻه
وڏيون ٻرانگهون ڀري، هو ٻاهر نڪتو ۽ گهر ڏانهن
ڊوڙيو، ان وقت اڃا اڌ رات ڪانه ٿي هئي.
رستي ۾ هن کي وري جوهنڪا جو خيال آيو، تکو تکو هلڻ سبب، هن جي
دماغ ۾ ڪجهه چستي آئي، ۽ هن سوچي ورتو. ’جوهنڪا کي
ڇا چوڻ گهرجي.‘ هڪ نرالي ۽ انوکي ڌيرج سان، ڊگها،
پر زور ۽ رعبدار جملا هن جي ذهن ۾ هڪ ٻئي پٺيان
ايندا رهيا، جن ۾ ڌڪار به هئي ته ديا به. ديا ان
ڪري جو آخر هوءَ هن کي گهٽين ۾ ڌڪا ڌوما کائڻ لاءِ
نه ڇڏيندو. جوهنڪا روئندي هنجون هاريندي ۽ آخر ۾
پاڻ سنڀالڻ لاءِ وچن ڪندي، ۽ هي سڀ ڪجهه خاموشيءَ
سان ٻڌندو ۽ پڇاڙيءَ ۾ هن کي ساک سان چوندو.
”جوهنڪا، مان توکي هڪ دفعو وري پاڻ سڌارڻ جو موقعو
ڏيان ٿو، ايماندار ۽ نمڪ حلال ٿي ڪم ڪر، مان وڌيڪ
توکي ڪجهه نه چوندس. مان پوڙهو اهو نٿو چاهيان ته
توسان ڪا ڏاڍائي ڪريان.“
انهن ويچارن ۾ هو ايترو ته گم هو جو پاڻ سنڀالڻ کان اڳ ئي، هن
پاڻ کي پنهنجي گهر جي دروازي تي ڏٺو. هو ان وقت در
به کولي چڪو هو. جوهنڪا جي ڪمري ۾ بتي ٻاري رهي
هئي. هن اڳڀرو ٿي پردن مان رڌڻي ۾ اندر نهاريو ”او
خدا، هي ڇا آهي؟“ جوهنڪا جنهن جو منهن سُڄي دٻو ٿي
پيو هو، سا رڌڻي ۾ هيڏي هوڏي اچ وڃ ڪري رهي هئي.
هن وڏو ڇرڪ ڀريو. ”هي صندوق ڇا لاءِ.“ هو ان
مونجهاري ۾ پٻن تي پنهنجي ڪمري ڏانهن وڌيو. ڇا سچ
پچ جوهنڪا مون کي ڇڏي وڃي رهي آهي؟
هن جي اڳيان ميز تي اهي سڀ شيون پکڙيون پيون هيون، جي هن جوهنڪا
وٽان چورايون هيون. هن وڌي انهن کي آڱرين سان
ڇُهيو، پر هن کي رتيءَ ماتر به مسرت حاصل نه ٿي.
’هاڻي سمجهيم.‘ هن دل ۾ چيو، ’جوهنڪا شايد ڄاڻي
چڪي آهي، ته مون کي هن جي افعالن جي سُڌ پئجي چڪي
آهي. هوءَ سوچيندي هوندي ته مان هن کي ڪڍي ڇڏيندس.
ان ڪري ئي هوءَ سامان سڙو سهيڙي رهي آهي. ڀلي ته
سڀاڻ تائين انهن سورن ۾ رهي، اهائي ان لاءِ ڪافي
سيکت ٿيندي. صبح جو ٻه ڳالهيون ڪندوسانس. پر شايد-
هوءَ هاڻي ئي مون وٽ اچي معافي وٺي. هوءَ منهنجي
اڳيان اچي روئڻ ۾ پوندي ۽ گوڏن ڀر جهڪندي ۽ ٻي به
آزي نيزاري ڪندي...جوهنڪا، بس ٺيڪ آهي، مان توسان
وڌيڪ سختي ڪرڻ نٿو چاهيان، تون هاڻي هتي رهي ٿي
سگهين.
هو شام وارن ڪپڙن ۾ ويٺو رهيو. هن کي اچڻ وارين حالتن جو اونو
هو. سڄي گهر تي گهري خاموشي ڇانيل هئي. هن جوهنڪا
جي هلڻ جو آواز ٻڌو پپئي، ۽ وري زور سان صندوق جي
بند ٿيڻ جو آواز ٻڌائين ۽ پوءِ مڪمل سانت ٿي ويئي.
’الائجي ڇا ٿيو؟‘ هو ڊپ ۾ اٿيو ۽ ڪن کڙا ڪري، ٻڌڻ
جي ڪوشش ڪيائين- هڪ ڊگهي اوناڙ، جا ڪنهن انسان جي
نه پئي لڳي، ۽ پوءِ اها اوناڙ هڪ مسلسل سڏڪن جو
روپ اختيار ڪري وئي. ان بعد ڪنهن جي زور سان نستو
ٿي ڪرڻ جو آواز آيو ۽ ڪنجهڻ جو آواز وڌڻ لڳو.
جوهنڪا روئي رهي هئي. هو گهڻين ئي ڳالهين لاءِ
تيار هو، پر جو ڪجهه هن ٻڌو، ان جي هن ڪڏهن توقع
به ڪانه ڪئي هئي. دل جي تيز ڌڙڪڻ سان هو رڌڻي جي
ڀر ۾ اچي، ڪن ڏيئي بيٺو. رڌڻي مان سواءِ روئڻ جي
ٻيو ڪجهه ڪين پئي ٻڌڻ ۾ آيو. هن سمجهيو، جوهنڪا
اجهو، ڄاڻ معافي وٺڻ آئي.
هن پنهنجو حوصلو ۽ حواس سنڀالڻ لاءِ ڪمري ۾ اچ وڃ شروع ڪري ڏني،
’جوهنڪا اڃا نه آئي!‘ هو ٿوري لاءِ وري بيٺو ۽ هن
جي روئڻ جو آواز ٻڌڻ جي ڪوشش ڪيائين. هن جو ڪنجهڻ
اونائڻ ۾، تبديل ٿي چڪو هو. انهيءَ حالت هن کي وري
صدمو پهچايو. ‘مون کي هن وٽ وڃڻ گهرجي.‘ هن فيصلو
ڪيو، ’۽ چوڻ گهرجي، ’ڏس، هاڻي تولاءِ اها سيکت
ڪافي آهي. جوهنڪا، روئڻ ڇڏ. مان سڀ ڪجهه درگذر
ڪندس، پر آئيندي ايمانداريءَ سان هلجانءِ.‘
اوچتو زبردست ٺڪاءُ سان دروازو کليو ۽ چانئٺ تي جوهنڪا روڄ ڪري
رهي هئي. روئڻ ڪري سندس منهن ايترو ته سڄي ويو هو،
جو ڏٺي ئي ڀؤ پئي ٿيو.
”جوهنڪا!“ هن ڊگهو ساهه ڀريو.
”توهان کي ائين نه جڳائبو هو.“ جوهنڪا ڀڙڪي اٿي، ”واهه جو ٺهو
ٿا، ڄڻ ته مان چور هيس- شرم جي ڳالهه آهي!“
”پر، جوهنڪا-“ هن ڊڄندي رڙ ڪئي ”پر، تو ته منهنجون شيون کنيون
هيون نه، هي سڀ، ڏسين ٿي نه؟ تو اهي کنيون هيون
نه؟“
جوهنڪا اهو ٻُڌو اڻ بُڌو ڪندي چيو، ”منهنجو هاڻي هتي ڪهڙو ڪم!
ڪهڙي نه شرم جي ڳالهه آهي، توهان منهنجي ڪٻٽ تي
تلاشي ورتي آهي! ڄن ته- ڄڻ ته مان ڪا ڌُوتي يا
رولاڪ آهيان، مان حياءَ واري آهيان. توهان کي ائين
ڪرڻ نه جڳائبو هو. اهڙي بيعزتي، مون ڪڏهن تصور ئي
ڪانه ڪئي هئي.“ هن جوش ۽ پريشانيءَ ۾ رڙيون ڪيون،
”ڇا، مان سچ پچ چور آهيان؟ مون اهو ڪڏهن به نه
سوچيو هو.... ڪڏهن به توهان ۾ اهڙي توقع ڪانه
هيم.“
”پر، جوهنڪا“ هن ڪجهه جهڪو ٿي وراڻيو، ”ڪجهه ويچار ته ڪر. آخر
هي سڀ شيون تنهنجي ڪٻٽ ۾ ڪيئن آيون! هي تنهنجون
آهن يا منهنجون؟ چئو؟“
”مان ڪجهه به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهيان.“ هن سڏڪو ڀريو. ”سائين،
اها شرم جي ڳالهه نه آهي، ڄڻ مان ڪا آوارهه ۽ رولو
هيس، جو منهنجي ڪٻٽ جي تلاشي ورتو. پر مان-“ هن رڙ
ڪئي، ”مان هتي هاڻي هڪ گهڙي به نه رهنديس، صبح
تائين به نه ترسنديس، هرگز نه!“
”پر، ڏس نه.“ هن احتجاج ۽ چتاءَ سان چيو، ”مان توکي ڪڍڻ نٿو
چاهيان. تون هتي ئي رهندينءَ. جو ڪجهه ٿيو سو ٿيو،
ان جي پچر ڇڏي ڏي، مان توکي ان باري ۾ چيو به ته
ڪي ڪين آهي، ٺهيو، هاڻي ڳوڙها اُگهي ڇڏ.“
”ٻي ڪا نوڪرياڻي رکو.“ جوهنڪا ڳوڙها ڳاڙيندي چيو، ”مان هتي صبح
تائين به نه رهنديس، اصل نه. اڄ کان جيڪو هتي رهيو
سو ڪتو هوندو!“ هن ٿڪ ۽ پريشانيءَ مان چيو، ”هرگز
نه، کڻي هزار رپيا پگهار ڇو نه ڏينم. رات جو رستن
تي رهڻ وڌيڪ پسند ڪنديس.“
”ڇو ڀلا هن نااميد ٿي دليل بازي شروع ڪي، ”مون ڪو توکي ڏک
پهچايو آهي ڇا؟ پر ان ڳالهه کان ته تون انڪار ته
ڪندينءَ ته-“
”نه نه، تو ڪو مون کي ڏکويو آهي ڇا!“ جوهنڪا لٿل دل واري نوع ۾
چيو، ان کي ڪو ڏکوئڻ ٿوروئي چئبو، منهنجي ڪٻٽ جي
تلاشي وٺڻ، ڄڻڪ مان چور هيس؟ اهو ڪجهه ڪين
آهي-ائين نه، سائين! مون کي ڪجهه نه کپي. هن وقت
تائين مون سان ڪنهن اهڙو ورتاءُ نه ڪيو آهي. مان
ڪا ننڌڻڪي نه آهيان.“ هن جي اکين مان ڳوڙها سانوڻ
جي مينهن وانگر وسڻ لڳا. هوءَ زور سان دروازو بند
ڪري ٻاهر نڪري وئي هئي.
هو بلڪل منجهي پيو، پڇتاءَ بجاءِ هي منظر، هو ڪڏهن سوچي ئي نه
پئي سگهيو. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هوءَ چوري
ڪاريگريءَ سان ڪري ويئي هئي، پر ظاهر ٿيڻ تي
بيعزتي ڇو ٿي سمجهي؟ چور ٿيڻ تي ڪو شرم ته ڪونه ٿو
اچيس، اٽلو جذبا ڏکويل ٿي سمجهي! چري ته نه آهي؟
هوريان هوريان هن جي دل ۾ جوهنڪا لاءِ وڌيڪ رحم ۽ همدردي پيدا
ٿيڻ لڳي، ’ڏس نه،‘ هن پاڻ کي چيو، ’هر انسان ۾ ڪا
نه ڪا ڪمزوري هوندي آهي ۽ ان ڪمزوريءَ کان چتائڻ
هن تي وڏي ۾ وڏو حملو ٿيندو آهي. انسان ڏوهن ۽
براين ڀريل دل ۾ به، ڪيترو نه بي انت اخلاقي حِسَ
۽ جذبو رکي ٿو! پنهنجين براين مان هو ڪيترو نه،
دکدائڪ ۽ ماٺيڻو اثر وٺي ٿو! هن جي ڳُجهي عيب تي
رڳو آڱر رکو ۽ جواب ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ جي ڪراهت کان
سواءِ ڪجهه به نه ٻڌندؤ!‘ شايد اهو ئي سبب آهي جو
هر ظالم، مظلوم هوندو آهي؟
رڌڻي مان دٻيل ۽ گهٽيل آواز ۾ سڏڪا ٻڌجي رهيا هئا. هن رڌڻي اندر
وڃڻ چاهيو، پر دروازو اندران بند هو. هن ٻاهران
بيهي دليل بازي ڪرڻ چاهي، جوهنڪا کي ڏوراپا ڏيڻ جي
ڪوشش ڪئي، ۽ هن کي نرم ۽ ٿڌي ڪرڻ جي ڪوشش ورتي، پر
جواب ۾ هن کي سواءِ جوهنڪا جي ڊگهن سڏڪن جي ڪجهه
به پلئه نه پيو. هو واپس پنهنجي ڪمري ڏانهن وريو.
هن جي دل ۾ ديا جو درياءَ ڇوليون هڻي رهيو هو. هن
جي اڳيان چورايل شيون پکڙيل پيون هيون. نيون
قميصون، ڪورو ڪپڙو، ڳهه ۽ ٻيو سڀ ڪجهه هن وڌي انهن
کي ڇهيو، پر اڄ هن جي ڇهڻ ۾ دک ۽ ويڳاڻپ هئي! |