اناطول فرانس (فرانس)
يهودا جو حڪمران
لاليس لاميا، اٽليءَ جو هڪ معزز خاندان جو چشم و
چراغ، اڃا ٻار ئي هو ته اٿينس ۾ فلسفي جي سکيا وٺن
ويو هو. تعليم پوري ڪرڻ بعد، هو روم شهر ۾ پنهنجي
گهر، جو اسڪيئلن تي اڏيل هو، رهڻ لڳو. اتي هن ڪن
خراب نوجوانن جي صبحت ۾ اچي، عياشيءَ واري زندگي
اختيار ڪئي. هن تي حڪومت جي هڪ صلاحڪار سلپيشيس
ڪوئرينس جي زال ليپيدا سان لاڳاپن هئڻ جي تهمت
لڳائي وئي، جا جاچ بعد، سچي ثابت ٿي ۽ ان ڪري روم
جي قيصر، تبرياس، هن کي ملڪ نيڪاليءَ جي سزا ڏني.
ان وقت هن جي عمر چوويهه سال کن مس هئي.
هو ارڙنهن سال ملڪ بدر رهيو. ان عرصي ۾ هن شام، ڪاپاڊوشيا،
فلسطين ۽ آرمينا وغيره ۾، آوارهه گردي ڪئي ۽ قصرا،
ائنيٽوچ ۽ جيروسلم شهرن ۾ گهڻو وقت رهيو. جڏهن روم
جو قيصر قبرياس مري ويو ۽ سندس جاءِ تي ڪافيا نئون
قيصر مقرر ٿيو، ته لاليس لاميا کي روم ۾ داخل ٿيڻ
جي اجازت ملي ۽ مٿس رحم آڻي، کيس ضبط ٿيل ملڪيت
مان ڪجهه ڀاڱو موٽائي ڏنو ويو.
بدبختين هن کي ڪافي سمجهدار بڻائي ڇڏيو هو. هن عورتن سان تعلقات
ختم ڪري ڇڏيا، سياست ۽ عهدي جي لوڀ کان پاڻ کي
پاسي رکيو ۽ اسڪئيلين تي پنهنجي مخصوص ۽ گوشه نشين
حياتي گهارڻ لڳو. هو پنهنجو واندڪائيءَ وارو وقت،
پنهنجي سفرنامن جي ترتيب ۾ صرف ڪندو هو، ان لاءِ
هو چوندو هو ته هو ماضيءَ جي ڏکن سورن کي حال جي
مسرتن ۾ تبديل ڪندو. سندس زندگي ان شغل ۾ ۽ فيلسوف
ايپيڪيورس جي معطالي ۾ گذري رهي هئي، ته هڪ ڏينهن
اوچتو ئي اوچتو مهسوس ڪيائين. ”آءٌ ڪراڙو ٿي رهيو
آهيان!“
ٻاهٺ ورهين جي ڄمار ۾، هن جڏهن پاڻ کي گهڻو ٿڪل ۽ ڪراڙو محسوس
ڪيو، ته سندس دل ۾ اهو خيال پيدا ٿيو، ته هو چند
ڏهاڙا باٿيا ۾ گذاري اچي. هيءَ جاءِ تن ڏينهن ۾
عياش ۽ دولتمند رومين جو، بهترين تفريح گاهه هئي.
هو اوڏانهن ويو، ۽ ست ڏينهن نهايت آرام سان
اڪيلائيءَ ۽ تنهائيءَ ۾، ان پرشڪوه ۽ عيش طلب
رومين جي شهر ۾ گذاريائين. هڪ ڏينهن شام جو هو
گهمندو گهمندو باٿيا جي انهن سامونڊي ڪناري وارين
ٽڪرين ڏانهن نڪري ويو، جي سڄيون انگور جي ولين سان
ڇانيل هيون، ۽ جتان سمنڊ جو دلڪش ڏيک به نظر ايندو
هو. هڪ ٽڪريءَ تي چڙهي، هو ڊاک جي هڪ مَنهه هيٺان،
هڪ پيچري جي ڀر تي ويهي، هيٺ ڦهليل نظارو ڏسڻ لڳو.
سندس کاٻي پاسي فليجرائين جا سرسبز کيت پکڙيل هئا،
جي ڪيوما جي گنبذن سان ٿي وڃي مليا. سندس ساڄي
پاسي مسينم جي راس هئي، جا سمنڊ جي سيني ۾، ڀالي
وانگر پيوست هئي. سندس پيرن هيٺان باٿيا جو
خوبصورت شهر دامن ڦهلايو بيٺو هو، هي شهر اولهه
طرف وڌي وڇي سمنڊ سان ٿي مليو. شهر ۾ ڪيتريون ئي
سندر ۽ دلڪش عمارتون هيون. سڄي شهر ۾ خوبصورت باغن
جو چار پکڙِ هو. ۽ ڪناري تي سمنڊ جي بيٺل نيري
پاڻيءَ ۾ سهڻيون مڇيون تَري رهيون هيون. اپسمند جي
پٺيان ڪئمپانيا جو دلڪش ۽ هسين شهر هو، جنهن جي
ڪليسائن جا منارا ۽ گنبذ سج لهڻ جي شفق ۾ سونهري
پئي نظر آيا. لاميا پنهنجي چوغي مان ڪتاب ”فطرت جو
مطالعو“ ڪڍيو، ۽ ٺونٺ ڀر ليٽي، آرام سان پڙهڻ لڳو.
هن اڃا ٿورو ئي پڙهيو، ته ڪن غلامن جي آواز سندس مطالعي ۾ رخنو
وڌو. هو کيس رستي تان هٽي، پري يٿڻ لاءِ چئي رهيا
هئا، ڇو جو اتان هڪ ڏولي اچي رهي هئي. ڏوليءَ جا
پردا ڏنل نه هئا، ان ڪري، جيئن جيئن اها ويجهي پئي
پوندي ويئي، تيئن تيئن لاميا ان ۾ ويٺل شخص ڏانهن
چتائي ڏسڻ لڳو. هو هڪ ٿلهو متارو ڪَرڙوَڍ شخص هو.
جو نراسائيءَ ۽ ٿڪ وچان، ڍلو ٿيو اهليو پيو هو ۽
ٻاهر ڇئي نهاريائين. هن جا چپ، چهنڊار نڪ، چورس
کاڏيءَ ۽ مضبوط ڄاڙين ۾ بند هئا. اوچتو ئي، لاميا
کي اهو چهرو سڃاتل نظر آيو، پر سندس نالو هن جي
زبان تي اچي به وسري پئي ويو. پوءِ هو خوشي ۽ اچرج
جو اظهار سان ڏوليءَ ڏانهن وڌي ويو.
”پونٽيس پيلاطس! خدا جو شڪر آهي، جو وري پاڻ ۾ ملياسين!“ اڳلي
پنهنجن غلامن کي ترسڻ جو حڪم ڪيو ۽ ويجهو ٿي غور
سان لاميا کي تڪڻ لڳو.
”پونٽيس! منهنجا معزز ميزبان!“ هن رڙ ڪئي، ”ڇا، ويهن ورهين جي
وڇوڙي مون کي ايترا اڇا وجهي ڇڏيا آهن، ۽ ايترو
ڪراڙو ڪري ڇڏيو آهي، جو تون لاليس لاميا کي به نٿو
سڃاڻي سگهين؟“
اهو نالو ٻڌي، موٽي سرير وارو مڙس، پاڻ کي تڪليف ۾ وجهي، ڏوليءَ
کان ٻاهر نڪري آيو.
”اڙي يار!“ هن مسرت وچان لاميا کي سڪ ڀريو ڀاڪر پائين دي چيو
”يار لاميا، آءٌ ته ڏاڍو خوش نصيب آهيان، اڄ تو
مون کي موٽائي منهنجي ماضيءَ ڏانهن موڪليو آهي،
جڏهن مان شام ۾ هوس، يهودا جي حڪمرانن جي حيثيت ۾!
ان کي به ويهه سال ته واهه جا ٿيا هوندا. ائين نه؟
تون روم بدر ٿي قصرا آيو هئين. مون پاڻ کي تنهنجن
تڪليفن گهٽائڻ جي قابل بنايو هو، ۽ تون وري
دوستيءَ وچان مون سان جيروسلم ۾ به مليو هئين، جتي
يهودين منهنجي زندگي زهر ڪري ڇڏي هئي. ياد اٿئي
نه؟ ڪيئن نه هڪ ٻئي کي آٿت ڏيندا هئاسين! روم جون
ڳالهيون ڪري، مون کان پنهنجون مشڪلاتون وسري
وينديون هيون ۽ توکان پنهنجي ملڪ نيڪاليءَ جا سور
لهي ويندا هئا.“
لاميا گرمجوشيءَ سان هن جي هٿ کي زور ڏنو. ”تون اڃا ڪجهه وساري
رهيو آهين، پونٽيس! تو اهو نه ٻڌايو ته ڪيئن نه تو
هيروڊس اڳيان منهجي واکائڻ ڪئي هئي، ۽ مون کي وقت
بوقت قرض ڏيندو هئين؟“
”پئسن جون ڇو پيو ڳالهيون دُهرائين. اهي ته تو روم موٽڻ شرط ئي
پنهنجي ماڻهوءَ هٿان مون ڏانهن موٽائي موڪليا هئا.
پئسي کي دوستيءَ ۾ دخل نه ڏبو آهي.“
”پونٽيس! تنهنجا قرض ته مان وڏي ۾ وڏيءَ رقم سان به نه لاهي
سگهندس. ٺهيو، ڇڏ انهن ڳالهين کي. ڀلا ٻڌاءِ ته
آهين ڪيئن؟ دل جون مرادون پوريون ٿيئي يا نه؟ ٻار
ٻچا ڪيئن اٿئي؟ نوڪريءَ جو ڇا ٿيئي؟ ڪجهه پنهنجو
احُال به ته ڏينم يار!“
”لاميا، مون نوڪريءَ تان رٽائر ڪيو آهي، ۽ سسليءَ ۾، پنهنجي
آبادي ڪندو آهيان. سڄو ڏينهن ٻني ٻاري تي گذرندو
اٿم، ۽ گهر جي سنڀال وغيره منهنجي بيواهه ڌيءَ
پونٽيا ڪندي آهي. ديوتائن جي مهرباني آهي، جوهن
عمر ۾ به پيا دنيا کي منهن ڏيون. پر ڪراڙپ هڪ مرض
اسان کي به ڏئي چڪي آهي.
سنڌن جي سور اچي چانئٺ ورتي اٿم. ان مفرض ئي هت گهيلي آندو اٿم.
فليجرائين ڏانهن ان جي علاج لاءِ پيو وڃان. چون ٿا
ته رات جي وقت اتان جي زمين مان گندرفي ٻاف نڪرندي
آهي، جا سنڌن جي سور کي ڇُٽائي ٿي. ڊاڪٽرن ته مون
کي ائين چيو آهي.“
”خدا انهن جي وات ۾ کنڊ وجهي. پر سنڌن جي سور جي تڪليف کان
سواءِ، تون مون کان هڪ ڏينهن به وڏو نٿو ڏيکارجين،
حالانڪ مان عمر ۾ تو کان ڏه سال ننڍو آهيان. تون
اڃا به مون کان وڌيڪ سگهارو ۽ تندرست پيو
ڏيکارجين. واقعي، توکي خوش ۽ تندرست ڏسي مان ڏاڍو
سرهو ٿيو آهيان. تو يهودا جي گورنري ڇو ڇڏي؟
سسليءَ ۾ ڇو اچي پاڻ کي ڦاسايو اٿئي؟ منهنجي موٽڻ
کان پوءِ توسان ڇا وهيو واپريو؟ منهنجي خيال ۾ ته
جڏهن مان ڪاپاڊوسيا ڏانهن گهوڙن ۽ خچرن جي واپار
سان وڃي رهيو هوس، ان وقت تون سامرين جي هڪ بعاوت
کي دٻائڻ ۾ رڌل هئين. تنهنجي ان مهم جو ڇا ٿيو؟
مون کي اهو سڀ ڪجهه ٻڌاءِ. تنهنجي هر ڳالهه مون
لاءِ دلچسپي رکي ٿي.
پونٽيس پيلاطس پنهنجو ڪنڌ آهستگيءَ سان ڌونيو. ”منهنجي اها عادت
آهي.“ هن چيو، ”ته جنهن ڪم ۾ هٿ وجهندو آهيان، ان
کي ڪوشش ڪري پورو ڪندو آهيا. مان دل جان سان هر ڪم
پورو ڪندو رهيس، هر مهم سر ڪندو رهيس، پر سڀ
بيڪار... حسد ۽ سازشن منهنجا پير اکيڙي ڇڏيا، ۽
نفرت هر ان وڻ جون پاڙون زهر آلود ڪري ڇڏيون، جي
مون پوکيا هئا.
”تو مون کان سامرين جي بعاوت جو حال پڇيو آهي. ويهه ته توکي
ٿورن لفظن ۾ ان بابت سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيان. اهي
واقعا منهنجي دماغ ۾ اچ به ائين تازا بيٺا آهن، ڄڻ
اڃا ڪالهه ٿي گذريا آهن.“
”انهن سامرين مان، جي شام جا هئا، هڪ جوشيلو نوجوان هنن جي
اڳيان ٿي هليو. هن کين ڪٺو ڪري، زيتون جبل تي هلڻ
لاءِ چيو. جو هنن جو مقدس مڪان هو. هن انهن کي
ٻڌايو ته سندس مذهبي پيشوا موسيٰ جا ڪيترائي
تبرڪات ان جبل تي آهن، جي هو اتان حاصل ڪري سگهن
ٿا. اهي هن جي ڪڍ لڳي پيا ۽ مسلح ٿيڻ لڳا. مون کي
هنن جي ارادن جي خبر پئجي وئي ۽ مون روڪ لاءِ،
اڳواٽ ان جبل جي چوڌاري پنهنجي فوج بيهاري ڇڏي.
باغي به زيتون جبل جي دامن واري ڳوٺ تيرائبا تائين
پهچي چڪا هئا، ان ڪري مون اڳرائي ڪرڻ بهتر مه
سمجهيو.
”هرڪا ڳالهه منشا ۽ مراد موجب پوري ٿي. بنان ڪنهن رتو ڇاڻ جي
باغين موٽ کاڌي. پر انهن کي سبق ڏيڻ خاطر، مون
سندس هڪ – ٻه سردار ايذاءُ ڏيارائي مارائي ڇڏيا.“
”اها ته توکي خبر آهي ته پرو ڪائونسل وطيليس، شام تي ڪهڙي نموني
حڪومت ڪندو هو. هو شام تي روم پاران نه، پر ڄڻ روم
خلاف حاڪم هو. گويا اسان جي پرزور شهنشاهت کيس اهي
صوبا سوکڙيءَ طور جاگير ڪري ڏئي ڇڏيا هئا. سامرين جا اڳاوڻ روئندا وڃي هن جي حضور ۾
پهتا، جنهن کي غور سان ٻڌو. توکي ته اها خبر آهي
ته انهن سامرين جا خيال قيصر جي خلاف هئا ۽ ان ڪري
ئي هنن بعاوت پئي ڪئي. وطيليس هنن جي دانهن
اونائي، ۽ مون کان يهودا جي واڳ کسي، مارسيليس کي
سونپي ۽ مون کي روم ۾ قيصر جي اڳيان، جواب ڏيڻ
لاءِ اماڻي ڇڏيو. مان ان وقت ٽليءَ جي ڪناري تي
پهتس، جنهن مهل تبرياس حياتيءَ ۽ حڪومت مان ٿڪجي
مري چڪو هو. مان پاڻ کي ان جي جاءِ نشين ڪافيا جي
رحڪم ڪرم تي ڇڏي ڏنو. هو هوشيار ماڻهو هو ۽ کيس سڀ
خبر هئي، ته شام ۾ ڇا پئي وهيو واپريو. ان وقت
ڪافيا سان گڏ، سندس ننڍپڻ جو هڪ ساٿي اگريبا يهودي
به رهيل هو. منهنجي نڀاڳ ۾ ڏسندو وڃجانءِ! اگريبا
به وطيليس جي تائيد ڪئي، ڇاڪاڻ ته وطيليس هن جي
ڳري دشمن انطيپا جو مخالف هو. جيڪو اگريبا جو دوست
هوندو و، سو لازماً ڪافيا جو به گهڻگهرو ٿيندو.
ڪافيا مون سان ملڻ کان انڪار ڪيو. منهنجي بدبختيءَ
جو ستارو عروج تي پهچي چڪو هو. مون کي اميدون
لاهڻيون پيون ۽ نراس ۽ لاچار ٿي، سسليءَ ۾ پنهنجي
ڳوٺ هليو آيس، جتي مان دلشڪستو ٿي مري وڃان ها، جي
منهنجي ڌيءَ پونٽيا اچي آٿت ڏيئي گهر نه سنڀالي
ها. هاڻي مان هڪ آبادار آهيان، منهنجو فصل سچي
صوبي ۾ ڀلو ۽ گهڻو لهندو آهي. منهنجي زندگي ختم ٿي
چڪي آهي، باقي منهنجي ۽ وطيليس درميان انصاف ايندڙ
وقت پاڻهي ڪندو.“
”پونٽيس، مان اهو بخوبي ڄاڻان ٿو ته تنهنجو سامرين سان اهڙو
ورتاءَ روم جي مفادن خاطر هو. پر اهڙن موقعن تي
تون سختيءَ کان سواءِ، ڇا ڪو ٻيو چارو نه پئي وٺي
سگهيئن؟ جڏهن مان يهودا ۾ رهندو هوس ته توکان به
وڌيڪ جوشيلو ۽ جوان هئس. پر مان گهڻو ڪري خاموشيءَ
سان ڪم وٺندو هوس.“
”يهودي ۽ نرمي!“ بيلاطس اچرج مان چيو، ”تنهن جي معنيٰ ته تون
سالن جا سال يهودين ۾ رهي به هنن جي فطرت کان واقف
نه ٿيو آهين. هو انسان ذات جا بدترين دشمن آهن!
وڏائي ۽ وروڌ جا پتلا آهن، بيشرم ۽ بدمعاش آهن، ۽
اول درجي جا خچر آهن! اهي پيار ته ڇا، پر نفرت جي
لائق به نه آهن. منهنجو هنن سان سڄو ورتاءُ بزرگ
آگسٽس جي اصولن تي مبني هو. جڏهن مون کي يهودا جو
حاڪم مقرر ڪيو ويو هو، ته آءٌ پنهنجن فرضن کان
ڀليءَ پَت واقف هوس، مون هنن سان هميشه خبرداريءَ
۽ غيرجانبداريءَ سان ورتاءُ ڪيو. ان لاءِ ديوتائون
منهنجا شاهد آهن. پر منهنجي نرمائي4 جو ڇا نتيجو
نڪتو؟ منهنجي شروعاتي دؤر ۾ ته اُتي هُئين نه؟
قصرا جي قلعي جا محافظ سياري ۾، جيروسلم گهمڻ ويا
هئا. هر سپاهيءَ جي ڪلهي تي شهنشاهه قيصر جو
امتيازي فوجي نشان هو. يهودين اها ڳالهه پسند نه
پئي ڪئي، ته ڪو قصرا جو نشان هنن جي شهر ۾ آندو
وڃي. هو قيصر کي ديوتا ڪري نه مڃيندا هئا، حالانڪ
هنن کي ائين ڪرڻ نه گهربو هو.
هنن جي پادري مون وٽ آيو ۽ اچي چيائين، ته اهي نشان جيروسلم جي
ڀتين کان ٻاهر ڇڏيا وڃن. مون سندن ڳالهه مڃڻ کان
انڪار ڪيو. حڪومت جي وقار ۽ قيصر جي شان کي مد نظر
رکي، آءٌ ٻيو ڪجهه ڪري به نه ئي سگهيس. جڏهن
يهودين کي ان جي سُڌ پيئي ته هنن هٿ پير هلائڻ
شروع ڪيا. مون پنهنجن فوجين کي حڪم ڏنو ته هو
هٿيار مناري ۾ رکن ۽ رڳو سونٽن سان هجوم کي منتشر
ڪن. پر خبر اٿئي ته هنن ڇا ڪيو؟ هو ڇِڙ وڇڙ نه
ٿيا. بيوقوف گڏهن جيان سٽبا رهيا، پر هڪ وک به
پٺتي نه هٽيا. لاميا، تو پاڻ ڏٺو هو ته مان هنن
سان ڪيترو نه نرميءَ سان پئي هليس. وطيلس جي حڪم
سان فوجي موٽائي قصرا موڪليا ويا پر مان ائين نه
پئي ڪري سگهيس. مون کي ديوتائن جو قسم آهي ته مون
ڪڏهن به ڪو قدم انصاف ۽ قانون جي خلاف نه کنيو هو.
هاڻي مان ڪراڙو اچي ٿيو آهيان. منهنجا دشمن ۽
گلاخور سڀ مري چڪا اهن. مان بدلي وٺڻ کان سواءِ ئي
مري ويندس! منهنجي يادگيرين کي ڪير محفوظ رکندو؟
هن اونهو ٿڌو ساهه ڀريو ۽ خاموش ٿي ويو.
لاميا ڳالهايو ”اڳتي ڇا ٿيندو، ان جو فڪر نه ڪرڻ ۾ تون حق تي
آهين، ڇو جو اسين ان بابت ڪجهه به نٿا چئي سگهون.
اسان جي مرڻ پڃاڻا ماڻهو اسان لاءِ ڇا چوندا؟ اها
به ڪا خاص اهميت واري ڳالهه نه آهي. اسين پنهنجي
زندگيءَ جا بهترين شاهد آهيون ۽ اسين ئي ان متعلق
ڪا وزني ۽ اهم راءِ ڏئي ٿا سگهون. تون اهو يقين
رک، ته تون ۽ تنهنجا دسوت تنهنجي حياتيءَ جي اُچن
نظرين ۽ خيالن جا چڱيءَ پر ڄاڻو آهن. ائين سچ آهي
ته نرمائي، ماڻهن سان ورتاءُ ڪرڻ ۾، ڪارآمد حيلو
نه آهي. هڪ جهرن سان نرميءَ ۽ مهربانيءَ سان هلڻ
ذريعي، جيئن فلسفو سيکاري ٿو، عملي دنيا ۾ ڪو
ورلي ڪامياب وڃي ٿو.“
”لاميا، هاڻي انهن پَچارن کي کڻي ڇڏ، چوندا آهن ته لهندڙ سج جي
گرميءَ واري وقت، گندرفي ٻاڦ سنڌن جي سور تي يڪدم
اثر ڪري ٿي. ان ڪري مون کي جلد اوڏانهن وڃڻ گهرجي.
پر ٻيلي، قسمت سان مليا آهيون، سو ڇڏيندي دل به
ڪانه ٿي ٿئيم. ڇا، تون سڀاني مون سان گڏ ماني نه
کائيندين؟ مسينم راس ڏانهن ويندي، شهر جي ڇيڙِ ۾
هڪ ٽڪريءَ تي منهنجو گهر آهي. گهر جي ٻاهرئين
دروازي تي هڪ تصوير اُڪريل اٿئي، جنهن ۾ آرفيس،
رياب سان حيوانن کي ريجهائي رهيو آهي. مان تنهنجو
انتظار ڪندس، اچج، ته پوءِ وري وسريل ورهيه ۽
گهاريل گهڙيون ياد ڪريون، جي يهودا ۾ گڏ گذاريون
هيون سين. ضرور اچج! چڱو، موڪلاڻي.“
پونٽيس پيلاطس، ڏوليءَ ۾ وڃي ويٺو ۽ غلام هن کي کڻي اڳتي وڌي
ويا.
بئي ڏينهن لاميا رات جي مانيءَ وقت پونٽيس جي گهر پهچي ويو.
ٻيئي پٽ تي غاليچن تي ٿي ويٺا.ئ ماني وچولي پر سٺي
هئي. ماکي، هيڙها ۽ آڙيون خاص طعام هئا. سڀ کاڌو
چانديءَ جي ٿالهين ۾ هو. کاڌي وقت ٻيئي عمر کان
چڙهيل دوست، هڪ ٻئي جي جسماني ڪمزورين تي به
ڳالهائي رهيا هئا. ڪنهن کي ڪهڙي تڪيلف هئي ۽ ان جو
ڇا علاج هو. پوءِ هو وري مسرت جو اظهار ڪرڻ لڳا،
ته ڪيئن نه هو خوش نصيبيءَ سان اوچتو ئي اوچتو پاڻ
۾ مليا هئا. هو وري باٿيا جي بيهڪ ۽ خوبصورتيءَ تي
ڳالهائڻ لڳا، ان بعد هو انهن ملڪي منصوبن تي
ڳالهائڻ لڳا، جي ڪافيا ملڪ جي فلاح ۽ بهبوديءَ
لاءِ عمل ۾ آڻي رهيو هو. جهڙوڪ: پيوٽيولي ۽ باٿيا
درميان پُل ٺاهڻ، واهه کوٽائڻ ۽ آگسٽس سمنڊ مان
پاڻي ڪڍي ليوڪرائين ۽ ايورنس ڍنڍن ۾ آڻڻ، وغيره.
”پنهنجي وقت ۾ مان به اهڙن سڌارن جي ڪمن ۾ دلچسپي وٺندو هوس.
پونٽيس چيو، ”جڏهن مان يهودا ۾ مقرر هوس ته مون پاڻ جيروسلم ۾
تازي پاڻي آڻڻ لاءِ هڪ رٿا ٺاهي هئي. انجنيرن سان
صلاح مشوري بعد، هر قسم جي تياري مڪمل ڪئي وئي ۽
ڪم به شروع ڪرايو ويو. پر جڏهن يهودين کي سڌ پيئي
ته اسين سندس مقدس شهر ۾ ٻيو پاڻي آڻي رهيا آهيون،
ته هو بلوو ڪري اٿيا. مزدورن کي مار ڏيئي ڪيل ڪم
ڊاهي ڦٽائي ڇڏيائون. تون اهڙن بي شڪر ۽ وحشي
انسانن جو نمونو تصور ۾ به نه آڻي سگهندين. اها به
حقيقت اٿئي ته وطيلس انهن جو اعتراض قبول ڪيو ۽
مون کي بند ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.“
”ان ڳالهه تي ئي ته بحث ڪرڻ گهرجي.“ لاميا ڀڻيڪيو، ”ته آيا ڪو
ڪنهن سان سندن مرضيءَ جي خلاف ڀلائي به ڪري سگهي
ٿو يا نه؟“
پيلاطس هن کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. ”ميان، پاڻيءَ کان انڪار!“
هن چيو. ”ان کان وڌيڪ ڪهڙي حماقت چئبي؟ پر روم ۽
رومين جي هر ڳالهه يهودين لاءِ ڌڪار جوڳي آهي.
انهن جي نظرن ۾ اسين آڇوت آهيون، جيروسلم ۾ اسان
جو وجود هنن لاءِ هڪ پليتيءَ مثل آهي. هو منهنجي
درٻار ۾ به ان ڪري نه ايندا هئا ته متان پليت ٿي
پون....۽ ان ڪري مون کي مجبوراً رستن تي عدالتون
ڪرڻيون پونديون هيون.“
”هو اسان کي ڌڪارين ٿا، ۽ اسان کان ڊڄن ٿا. پر ڇو؟ ٻي هر قوم،
جنهن تي اسين فاتح ٿيا آهيون، اسان جي نظرداريءَ
هيٺ وڌي ويجهي آهي. امن ۽ آزاديءَ جو پيغام کڻي،
اسين دنيا جي ٻئي ڇيڙِ تي وڃي پهتا آهيون. جتي به
اسان جي حڪومت آهي، اتي ماڻهن کي اسان رومين جهڙا
حق ڏنا آهن، انهن جي رسم ۽ رواج جي حفاظت ڪئي آهي،
۽ سندن قانون جي عزت ڪئي اهي. ڇا، اها حقيقت نه
آهي، ته شام جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو صلح سانت تڏهن
آئي، جڏهن اسان جي سالار پامپي، ان کي فتح ڪيو؟
جڏهن اسان کي پنهنجن خزانن ڀرڻ لاءِ ڌارين قومن جا
سونا بُت ڀڃڻا هئا، تڏهن ڇا اسين ائين ڪيو؟ اسان
پننهجين مشڪلاتن هٽائڻ لاءِ، هنن جي ڪنهن به چيز
کي هٿ نه لاتو. انهن جا سڀ ديوتائون سلامت آهن.
ساڳيو ئي ورتاءُ اسان يهودين جي ديوتائن سان
جيروسلم ۾ به ڪيو. هنن جا سڀ ديوتائون سلامت آهن،
پاڻ جيڪو سو هاڻي عرب بدوين جي ڦرلٽ کان محفوظ نه
آهن. اسان جي ان فياضيءَ واري روش کان متاثر ٿي،
ڪيترين قومن جا بت ٺاهي، انهن جي پوڄا به شرو ڪئي
آهي. سڀ قومون اسان جون ٿورائتيون آهن. پر يهودي،
اهي اڃا به اسان کي نفرت جي نگاهه سان ڏسن ٿا. هو
فوج ۾ ڀرتي به ڪونه ٿا ٿين ۽ جزيو به گهڻي زور بار
بعد ٿا ادا ڪن.“
”يهودي“ لاميا چيو، ”پنهنجين ريتن ۽ رسمن کي چنبڙيا پيا آهن. هو
توهان کي بنان ڪنهن سبب جي، ڇو جو مون کي يقين
آهي، پنهنجي قانون ۽ قانون حيات جو مٽائيندڙ ۽
بدلائيندڙ ٿا سمجهن. مان ايترو چوندي به نه هٻڪندس
ته هنن تنهنجي سخت رويي کي ڪڏهن به پنهجي مفاد ۽
ضابطن لاءِ قبول نه ڪيو هو. مان ان خيال جو آهيان،
ته تو انهن ۾ ڪافي بي آرامي ڦهلائي هئي، تون
پننهجي بي صبريءَ تي قابو نه پائي سگهيو هئين. تو
هنن جي هڪ وڏي سنت جو چوغو ۽ ٻيا تبرڪات ائنٽوني
مناري ۾ فوج جي پهري هيٺ رکي، هنن کي وڌيڪ ڀڙڪايو
۽ بي صبر ڪيو. حالانڪ هو ڪنهن ازلي حقيقت کي سڃاڻڻ
۾، اسان جيترو تعليم يافته نه آهن، پر ان ڳالهه جو
اسان کي اعتراف ڪرڻو ئي پوندو، ته هو به هڪ ديوتا
جي عبادت ڪندا آهن، جنهن جو وجود پنهنجيءَ جاءِ تي
قابل احترام آهي.“
پيلاطس پنهنجا ڪلها آهستگيءَ سان لوڏيا. ”پر هنن کي ديوتائن جي
پوري واقفيت ۽ ڄاڻ ڪانه آهي.“ هن چيو، ”هو جپيٽر
جي پوڄا ڪندا آهن، پر سندس شڪل ٺاهي ۽ کيس اهڙي
نالي ڏيڻ کان سواءِ. هو ان ديوتا اڳيان، ان جي پٿر
جي سڪل ٺاهي به، ڪن ايشيا جي قومن وانگر نِوڙندا
آهن. هنن ڪڏهن به اپولو، نيپچون يا مريخ وغيره.
ديوتائن جو نالو نه ٻڌو آهي. پر منهنجو اهو ايمان
آهي، ته ڪڏهن نه ڪڏهن هنن کي ويتس ديوتا به مقدس
هستي هئي، ڇو، جو اڄ هن جون عورتون ڪليسائن ۽
قربانگاهن تي ڪبوتر کڻي وينديون آهن ۽ توکي اها به
سُڌ آهي ته هنن جي ڪليسائن اڳيان به ڪبوتر وڪامندا
آهن. هڪ ڀيري ڪي چريا هنن جي مندرن ۾ گهڙي ويا هئا
۽ ڪبوتر اُڏاري، انهن کي ٻاهر ڌڪي رهيا هئا.
پوڄارين ان فعل کي وڏو بد سوَڻ پئي سمجهيو. منهنجي
خيال ۾ ته ڪبوترن جي قرباني، وينس جي پوڄا جو مطلب
ٿي ٻڌائي. پر لاميا، تون کلين ڇا لاءِ پيو؟“
”مڙيوئي ڪو خيال اچي ويو. سوچيم پئي ته ڪو يهودين جو خدا اچي
وڃي ۽ بدلي وٺڻ لاءِ، روم تائين تنهنجو پيڇو ڪري،
ته جيڪر ڪهڙي نه جٺ ٿيئي! پر سچ پچ ته هنن جو
ديوتا ’يوحنا‘ هت ڇو نه اچن گهرجي؟ روم ۽ ايشيا ۾
آفريڪا جي ته گهڻين ئي قومن جا خدا آهن ۽ اچن ٿا.
شامين جو ديوتا ’بوناڊي‘ ته روم جي گهٽين ۾ عام
وڪامبو آحي. ان ڪري يار، تون خبردار رهندو ڪر! هڪ
ڏينهن يهودين جو خدا، استيا ۾ اچي نڪريئي ته سڪ نه
ڀانئجانءِ!“
گورنر جي منهن تي هلڪي مُرڪ ظاهر ٿي. هن ان خيال کي ئي بي بنياد
۽ مضحڪه خيز پئي سمجهيو، ته ڪو بني اسرائيل، روم
لاءِ به ڪو ديوتا پيدا ڪري سگهي ٿو.
”يهودي پنهنجو مذهب ٻين قومن تي مڙهي سگهندا؟“ هن پڇيو، ”هو پاڻ
۾ ڪنهن ننڍي ۾ ننڍي نڪتي تي به متفق نه آهن. تو
پاڻ ڏٺو آهي، ته کُليو کلايو هڪ ٻئي جي گلا غيبت
ڪندا وتندا آهن، ۽ ويهن فرقن ۾ ورهايل آهن. رستن
تي هڪ ٻئي کي ٿُڪ بجو ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي جون ڏاڙهيون
پٽڻ ته سندن عادت آهي. تو اهو به ڏٺو هوندو ته هو
ڪيئن نه مندرن جي ڏاڪڻن تي ئي هڪ ٻئي جا ڪپڙا
ڦاڙيندا آهن. انهن جي دماغ ۾ ايتري ڳالهه به نٿي
ويهي، ته مقدس معاملا جيئن ته مخفي ۽ پردي ۾ هوندا
آهن، ان ڪري اهي آرام سان ۽ هڪ جاءِ تي ويهي طي
ڪرڻ گهرجن. ان هوندي به، مون کي يقين آهي ته هو
اسان جا خير خواهه نه آهن. هو پنهنجن ديوتائن
متعلق راين ۾ ڪابه رک رکان يا هيٺانهين مٿانهين
برداشت نه ڪندا آهن. هو هر ان ماڻهوءَ کي عذاب
ڏيئي ماريندا آهن، جو سندن مقدس چوڻين تي آڱر
کڻندو آهي. جيئن ته هو رومي سلطنت جي ماتحت آهن،
ان ڪري سندن ٽربيونل جا سڀ ڳرا فيصلا اسان جي جج
جا توثيق هوندا آهن، نتيجو اهو آهي، جو اسان جا
جج، هر ڏينهن اهي رڙيون ٻڌندا ٿا رهن ۽ فلاڻي کي
ڦاسي ڏيو، فلاڻي کي ملڪ نيڪالي ڏيو. سوين ڀيرا مون
سان اهڙا اتفاق ٿي گذريا آهن. امير توڙي غريب،
پادري توڙِ اپاهج، سڀ منهنجي چوگرد اچي ڪٺا ٿيندا
هئا، ۽ اهڙي ماڻهوءَ جي موت جي گهر ڪندا هئا، جنهن
جو ڏوهه مان به نه سمجهي سگهندو هوس ۽ جنهن کي مان
تهمتيءَ کان به وڌيڪ پاڪ ۽ برتر سمجهندو هوس. ان
هوندي به هو منهنجو مٿو کائي ويندا هئا ۽ پيرن ۾
پيا ڪتر ٿيندا هئا، ته ان ماڻهوءَ کي دنيا مان اصل
گم ڪري ڇڏيان!سؤ دفعا به ڇو؟ اهڙا مثال ته روز نه،
پر ڪلاڪ ڪلاڪ ۾ پيا ٿيندا هئا. اهڙين حالتن ۾ مان
بيوس هوندو هوس. جيئن ته مان اسرائيل جو حڪمران
هوس، ان ڪري اهو منهنجو فرض هو ته مان انهن جي
قانون کي عزت بخشيان، نه زلت. مون کي انهن جي
حياتي ۽ موت مٿان اختيار هئا، پر مون کي ائين
هلائڻا پوندا هئا، جيئن سندن قانون اجازت پئي ڏني.
”جڏهن مون شروع ۾ يهودا جي واڳ ورتي، ته ٻن مظلومن کي بچائڻ
لاءِ مون هنن سان دليل بازي ڪئي. پر منهنجي ائين
ڪرڻ، هنن کي وڌيڪ ڀڙڪايو، ۽ مون کي ائين نهارڻ
لڳا، جيئن ڪا ڳجهه پنهنجي شڪار کي تڪيندي آهي. هنن
جي پادرين قيصر ڏانهن شڪايتون موڪليون، ته مان هنن
جي قانون سان هٿ چراند ڪري رهيو آهيان. انهن جي
اپيلن تي، جن جي وطيليس تائيد ڪندو هو، مون کي
ڪيئي دفعا روم مان ڇنڀيو ويو. ڪيترا ڀيرا ته مون
سوچيو هو ته مظلومن سان گڏ، تهمتين جا لاش به
ڪانون کي ڏيان!
”تون ائين نه سمجهجانءِ ته ڪو هڪ بي همٿ ٻڍو انهن ماڻهن خلاف
بڪواس ڪري رهيو آهي. جن هن جي زندگي برباد ڪري ڇڏي
۽ ذهني سڪون کيس ورتو. مان سڀ ڪجههه سوچي سمجهي
ڳالهائي رهيو آهيان. مان اهو به سمجهان ٿو ته جي
اها قوم تباهه نه ٿي ته اسان جو ڇا حشر ٿيندو؟
سُتت يا دير سان، پنهنجين نه ختم ٿيندڙ خواهشن ۽
بغاوتن سان يهودي اسان جي خلاف اٿي بيهندا، ۽ پوءِ
هنن جي اڳيان شآمي، بدوي يا پارٿينس، ٻارن مثل
هوندا. هو مستقل طرح اسان جي خلاف گهاٽ گهڙي رهيا
آهن. ٿيندو به ائين، ڇو جو هنن کي يقين آهي ته، ته
هنن مان ئي هڪ اهڙو شهزادو پيدا ٿيندو، جو سڄي
دنيا تي راڄ ڪندو. هو انتهائي خطرناڪ آهن، ۽ انهن
جو خامتو لازمي آهي! جيروسلم کي نابود ڪرڻ ضروري
آهي! مون کي شال ديوتا ان ڏينهن تائين جيئرو رکي،
جنهن ڏينهن جيروسلم جون ڀتيون مٽيءَ سان ملن، گهر
باهه جي نذر ٿين ۽ ماڻهو تلوار جو بُک! جنهن ڏينهن
يهودين جي مندرن تي هر ڦِرندا، ان ڏينهن مان
سمجهندس ته يهوديت سان پورو پورو انصاف ٿيو!“
لاميا گفتگو کي ڪنهن پر امن موضوع ڏانهن موڙڻ جي ڪوشش ڪئي ”اهو
آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو ته پونٽيس، تنهنجي
تجربي يهودين کي تنهنجي پيار لائق ثابت نه ڪيو
آهي. تنهنجي خيال ۾ هو رڳو بي اعتبار ۽ شر پسند
آهن. پر مان جيروسلم ۾ هڪ سياح جي حيثيت ۾ رهيو
آهيان، ۽ اتان جي روزمرهه جي زندگيءَ ۾، ساڻن لهه
وچڙ ۾ آيو آهيان، مون انهن ۾ گهڻي ئي اهڙيون
خصلييتون به ڏٺيون آهن، جي توکان ڳُجهيون پئي
رهيون آهن. مون هنن ۾ اسپارٽا جي روشنين وانگر
ڪيترائي مهربان، ديالو ۽ سادهه مزاج ماڻهو به ڏٺا
آهن. پر پونٽيس، تو ته رڳو ڪن عام لوفرن ۽ بددماغ
ماڻهن سان پلاند اٽڪايو آهي. جي پورو پنهنجو نالو
به نه لکي سگهندا هئا، ۽ پنهنجيءَ جهالت سبب سچ
تان صديقي ٿي، تنهنجن فوجين جو شڪار ٿيندا هئا.
اهڙا ماڻهو ته واقعي، تنهنجي چوڻ موجب، ڌڪار جي
لائق اهن. اهو مان هن ڪيري چوان ٿو جو هر معاملي ۾
اسان کي نسبتاً فهم کان ڪم وٺڻ گهرجي. حالانڪ مون
پاڻ ۾ ڪڏهن به يهودين لاءِ چاهنا به محسوس نه ڪئي
آهي، پر ان سان گڏ مون کي هنن لاءِ قدر شناسي پڻ
آهي. داد دشمن کي به ڏيڻ گهرجي.
”انهن ڏهاڙن ۾ مان جوان هئس، ۽ شام جون عورتون مون کي ان ڳالهه
جو ئي احساس ڏيارينديون هيون. گرم حسينائن جا
ترڪڻا جسم، سنهڙا چپ ۽ مخمور ڪانڍ ڏيندڙ اکيون،
اهي سڀ گوشت ۾ ٻرندڙ شيخ جو ڪم ڪندا هئا. هنن جي
چهرن تي خبرداريءَ ۽ چالاڪيءَ جا نقش هوندا هئا، ۽
باهه وڌائڻ لاءِ ڀڙڪيدار ۽ مسحور ڪن عطر ۽ وڳا ڪتب
آندا هئا. اهڙيون عورتون هڪ عياش ماڻهوءَ لاءِ وڌ
۾ وڌ غنيمت آهن.“
پونٽيس پيلاطس پنهنجي بي صبريءَ کي جهلي نه سگهيو. ”مان اهڙن
ڄارن ۾ ڦاسڻ وارو ماڻهو نه هوس.“ هن وچ ۾ ئي چيو.
”جيئن ته ڳالهه نڪري چڪي آهي، ان ڪري مان توکي
ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته مون تو جهڙي عياش ڪردار کي
ڪڏهن به سٺين نظرن سان نه ڏٺوآهي. مون توکي اڳ
ڪڏهن به اهو نه ٻڌايو هو ته جنهن ڏوهه ۾ توکي ملڪ
نيڪالي ڏني ويئي هئي، سو منهنجي نظر ۾ ڪيترو نه
خراب ۽ ڪريل ڏوهه هو، ڇاڪاڻ ته توکي ان ڏوهه جي
پوري پوري سزا ملي چڪي هئي ۽ تون اها لوڙهي رهيو
هئين. يقين ڄاڻ ته شادي هڪ مقدس فعل آهي، خاص ڪري
اسان جهڙن ماڻهن لاءِ، ۽ اسان تي ئي سچي رومي
سلطنت جو مدار آهي. اهڙي حرڪت ڌارين عورتن ۽ ڪنيزن
تائين محدود رکن، ڪنهن حد تائين نٺيڪ نه آهي، پر
اها عادت به نه هئڻ گهرجي. جي مان ائين چوان ته
برو نه ڀانئجانءِ ته تون وينس ديوتا تي قربانين
ڏيڻ جو گهڻو شائق آهين. منهنجيءَ راءِ ۾، تنهنجو
وڏو ڏوهه اهو آهي، جو تو شادي نه ڪئي آهي ۽ پنهنجي
جمهوريت کي ڪو ٻار نه ڏنو آهي، جو تو جهڙي ماڻهوءَ
جي شان وٽان نه آهي.“
پر ان شخص، جنهن کي نبرباس ملڪ نيڪالي ڏني هئي، تنهن ڪراڙي جج
جي ڳالهه کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. هن بچيل شراب
چڪي هڪ ڳيت ۾ ختم ڪئي ۽ ڪنهن پُور پوڻ تي مرڪيو،
ٿوريءَ دير بعد هو اٿي بيٺو، ۽ درجي بدرجي وڌندڙ
آواز سان چوڻ لڳو:
”ڪهڙو نه بهترين ناچ ڪنديون هيون، شامي عورتون! هڪ يهودڻ کي مان
به سڃاڻندو هوس، جا هڪ شرابخاني ۾ ناچ ڪندي هئي.
ان شرابخاني ۾ هڪ فانوس ٻرندو هو ۽ پٽ تي غاليچو
وڇايل هوندو هو، جنهن مهل هو جانجهه وڃائيندي هئي،
ته سندس ٻانهون ڪايرهر نانگ وانگر وٽ کائينديون
هيون، هن جي پُٺي چٻي ٿي پوندي هئي ۽ ڪنڌ پوئتان
ڪري پوندو هوس، گويا سندس ڊگهن وارن جو بار پٽتي
هيٺ ڇڪيندو هو. سندن اکين ۾ آگ جو درياءَ ڇوليون
هڻندو هو ۽ سندس چپن جي نزاڪت ته قلوپيطرا جي روح
کي به، ساڙي ڇڏيدني هئي. مون کي اهي وحشِ ناچ ڏاڍا
وڻندا هئا. سندس هلڪو ۽ تيز آواز منهنجي اندر ۾،
گهاوَ ڪندو هو. ۽ سندس بدن جي خوشبوءِ مون کي مست
ڪري ڇڏيندي هئي! مان هن جو هر هنڌ پيڇو ڪندو هوس.
فوجين وت، گُتن ۾، ۽ هر عام ماڻهوءَ وٽ، جتي به
هوءَ ويندي هئي. پوءِ هڪ ڏينهن هوءَ اوچتو گم ٿي
ويئي ۽ مون هن کي وري نه ڏٺو. مان هر گهٽيءَ ۽
گُتي ۾ گهميس، پر سڀ بيڪار. منهنجي دماغ مان ڪنهن
تيز ۾ تيز نشي جو خمار به نڪري ويندو هو، پر هن جو
خيال لاهي ڇڏڻ ڏکيو هو. نا اميديءَ جي چند مهينن
کان پوءِ، مون ٻڌو ته هن هڪ اهڙي ٽولي ۾ وڃي شرڪت
ڪئي هئي. جنهن جا مرد ۽ عورتون هڪ نوجوان پرچارڪ –
جنهن کي يسوع ناصري پئي سڏيو ويو، جي پوئيواري ڪري
رهيا هئا. بعد ۾ ان ناصريءَ کي ڪنهن ڏوهه سبب صليب
تي به چاڙهيو ويو هو. توکي ان جي ڪا يادگيري آهي؟“
پونٽيس پيلاطس ٿوري دير دماغ تي زور ڏنو، ۽ ڀرن تي آڱرين جو زور
ڏيئي، ڪجهه ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.
”يسوع؟“ هن ڀُڻڪيو – ”يسوع ناصري؟ نه، مان ان لاءِ ڪابه ڳالهه
نٿو ڪري سگهان. مون لاءِ اهو نالو ڪوبه مطلب نٿو
رکي!“ |