ايڊٿ وارٽن
آمريڪي
اَنار داڻا
شارلوت آشبي، دروازي تي اچي بيٺي. مارچ مهيني جي هڪ ڏينهن، ٽن
پهرن جي تاريڪ فضا، روشنيءَ ۾ تبديل ٿيندي پئي
ويئي ۽ شهر جي ڳُتيل ۽ گهٽيل آباديءَ ۾ ڄڻ ته ساهه
پئجي ويو هو. هوءَ ڪُلف ۾ ڪنجي وجهڻ کان اڳ، رستي
ڏانهن پُٺ ڏيو، پراڻي نموني جي سنگمرمر واريءَ
ڏيڍيءَ ۾، گهڙيءَ کن لاءِ بيٺي رهي. اندرئين
دروازي جي طاقن تي چڙهيل ساٽين جي نرم پردن، ڏينهن
جي روشنيءَ کي جهڪو ڪري ڇڏيو هو. جنهن ڪري اندر
ڪجهه به نظر نٿي آيو. ڪينٿ آشبيءَ سان شادي ڪرڻ
کان پوءِ، پهرين ڏينهن ۾، هوءَ ان سانتيڪي گهٽيءَ
جي جاءِ ۾ اچن ڏاڍو پسند ڪندي هئي، جتان فيشن ۽
واپار گهڻو اڳ ختم ٿي ويو هو. نيويارڪ جي بي روح
گوڙ گهمسان، اتي جي بتين جي هلاڪ ڪندڙ روشني،
آمدرفت جي پيهه پيهان ۽ سوڙهه، ڳتيل گهرن ۽ انهن
جي زندگي ۽ هن نويڪلي ۽ پرسڪون گهر جي وچ ۾ جيڪو
تفاوت هو، سو هميشه مٿس گهرو اثر ڇڏيندو هو. ڄڻ ته
هن کي مِينهن ۽ طوفان ۾، ننڍڙو ٻيٽ هٿ اچي ويو هو.
پر هاڻي گذريل مهينن ۾، هر ڪا شيءِ بدلجي ويئي
هئي. گهر جي ڀَورڙين تي چڙهدني ئي هن جا قدم ڏڪي
ويندا هئا، ۽ هوءَ دل تي پٿر رکي، گهر ۾ پير
پائيندي ئي.
هوءَ اڃا اُتي ئي بيٺي هئي، ته سندس اکين اڳيان گذريل واقعا ڦرڻ
لڳا وڏو ڪمرو، جنهن ۾ چوڌاري پُرانيون تصويرون
ٽنگيل هيون، اُڀي ڏاڪڻ ۽ کاٻي طرف مڙسس جو وڏو ڪتب
خانو، جنهن جا بيشمار ڪتاب، تماڪ ڇڪڻ جو پائيپ ۽
وڏيون چمڙي جون ڪرسيون، هميشه غور ۽ فڪر جي دعوت
ڏينديون هيون. هوءَ انهيءَ ڪمري کي ڪيترو نهپسند
ڪندي هئي. وري ماڙيءَ تي سندس رهڻ جو ڪمرو، جنهن
۾ ڪينٿ جي پهرينءَ زال جي وفات کان پوءِ فرنيچر ۽
تصويرون به ڪين بدلايون ويون هيون، ڇاڪاڻ ته نئين
سينگار لاءِ ايتري رقم ڪانه هئي. پر شارلوت،
فرنيچر ۾ ٿوري ڦيرڦار ڪئي، هن ڪتابن ۾ به ڪجهه
اضافو ڪيو ۽ بتيءَ سوڌي نئين ميز آڻي، انهيءَ کي
پنهنجي رهڻ جو ڪمو بنايو هو. جڏهن هن ڪينٿ جي
اڳوني خود غرض ۽ کُنڊيءَ زال سان، جنهن کي هوءَ
ٿورو سڃاڻندي هئي (پهريون ۽ آخري ڀيرو ملاقات ڪئي
هئي)، تڏهن هن ٻاراڻيءَ ريس سان اهو محسوس ڪندي
سندس چوڌاري نهاريو هو، ته اهو ئي ويهڻ جو ڪمرو
هو، جيڪو هوند هوءَ پنهنجي لاءِ پسند ڪري. ۽ هاڻي
هڪ سال کان به گهڻو عرصو ٿيو هو، جو اهو ڪمرو
سندس، حوالي هو ۽ جنهن ۾ هوءَ پنهنجي مرضيءَ مطابق
هرڪا ڦيرپار ڪري سگهي ٿي. سياري جي ڏينهن ۾، شام
ٿيندي ئي، هوءَ انهيءَ ڪمري ۾ اچي ويهندي هئي ۽
ايستائين بخاري جي ڀرسان ويٺي پڙهندي هئي، يا ميز
تي ويهي خطن جا جواب لکندي هئي، يا ماٽيجي ٻارن جي
اسڪولي ڪمن جون ڪاپيون پئي ڏسندي هئي، جيستائين
مرسس جي قدمن جو کڙڪو ٿيندو هو.
ڪڏهن ڪڏهن ته دوست به ايندا ئا، ڪڏهن- ۽ گهڻو ڪري- هوءَ اڪيلي
هوندي هئي 7 اڪيلائي کيس ڏاڍي وڻندي ئي، ڇاڪاڻ ته
ان حالت ۾، هوءَ پاڻ کي ڪينٿ سان گڏ محسوس ڪندي،
اهو سوچيندي هئي ته صبح جو وڃن وقت هن کيس ڇا چيو،
۽ جڏهن هو واپس ايندو، تڏهن کيس اڪيلو انتظار ۾
ڏسي ڇا چوندو؟
هاڻي انهيءَ جي بدران هن کي فقط هڪ شيءِ جو خيال هو- خط، جيڪو
وڏي ڪمري واريءَ ميز تي پيل هجي يا نه؟ جيستائين
هوءَ پاڻ کي پڪ نه ڏياريندي هئي ته اهو ميز تي پيل
آهي يا نه، تيستائين هن جي ذهن ۾ ٻي ڪابه ڳالهه
ڪين ايندي هئي. لفافو به هميشه ساڳئي ئي نموني جو
هوندو هو. چور خاڪي لفافو، جنهن تي ”جناب ڪينٿ
آشبي” پڪن اکرن ۽ ڇڊيءَ مس سان لکيل هوندو هو.
شارلوت شروع کان ئي، ان ڳالهه کي اهميت ڏيندي پيئي
آئي ته ههڙيءَ پختيءَ تحرير لکڻ وارو ڪيئن ٿي
جَهڪا حرف لکي سگهيو. ائڊريس به ائين لکيل هوندي
هئي، ڄڻ ته قلم ۾ پوري مس ئي ڪين هئي، يا ته لکندڙ
جو هٿ اهڙو ته ڪمزور هو، جو قلم کي جهلي ئي ڪونه
ٿي سگهيو. ٻي عجب جهڙي ڳالهه هيءَ هئي، ته حرفن ۾
مرداني لکڻيءَ جي ڍنگ جي باوجود، تحرير ظاهر ظهور
زناني پئي لڳي. پهرينءَ نظر ۾ ڪا تحرير زناني
لڳندي آهي ته ڪا مرداني، پر خاڪي لفافي جي تحرير،
پنهنجي سموريءَ پختگيءَ ۽ خاطريءَ هوندي به بنا
ڪنهن شبهه جي، زناني هئي. لفافي تي خط وٺندڙ جي
نالي کان سواءِ، ٻيو ڪجهه به لکيل ڪونه هوندو هو-
نه تڪلي نه لکندڙ جو پورو پتو. خط يقيناً= هَٿون
هٿ پهچايو ويندو هو- پر ڪير پهچائيندو هو؟ اها ڪل
ڪانه هئي- اهو خط پيتيءَ ۾ وڌو ويندو هو، جتان
نوڪرياڻي بتين ٻارڻ وقت در جا طاق بند ڪري، کڻي
ايندي هئي. بهرهال اهو هميشه شام جي وقت ٿيندو هو،
جڏهن اونداهه ٿي ويندي هئي ۽ شارلوت ميز تي لفافو
پيل ڏسندي هئي. هن انهيءَ خط کي هڪڙو ئي خط ڪري
سمجهيو هو، ڇاڪاڻ ته جيتوڻيڪ سندس شاديءَ کان
پوءِ، ڪيترائي- يقيناً= ست- خط آيا هئا، پر اهي
ڏسڻ ۾ ايترو ته هڪجهڙا هئا جو هن جي ذهن ۾ اهي سڀ
گڏجي هڪ ئي خط ٿي پيا هئا.
پهريون خط ان ڏينهن پهتو هو، ڏهن هوءَ شاديءَ کان پوءِ، ٽن
مهينن کان به وڌيڪ عرصو ويسٽ انڊيز جو سير سفر
ڪري، مُڙسس سان گڏ نيويارڪ واپس آئي هئي. هُن ان
ڏينهن شام جو مڙس سميت پنهنجيءَ سَسُ وٽ رات جي
ماني کاڌي هئي، ۽ گهڻيءَ گهڻيءَ دير کان پوءِ،
جڏهن پنهنجي گهر واپس آئي، تڏهن گهر ۾ داخل ٿيندي
ئي وڏي ڪمري واريءَ ميز تي هڪڙو خاڪي لفافو پيل
ڏٺو. هُن ڪينٿ جي ڏسڻ کان اڳ ئي لفافو ڏسي ورتو ۽
سندس پهريون خيال هيءُ هو ته ’شايد مون هيءَ تحرير
اڳ به ڏٺي آهي، پر ڪٿي؟‘ هوءَ اهو ياد نه ڪري
سگهي. هوءَ انهيءَ خاڪي لفافي جي جهڪيءَ تحرير کي
پريان ڏسي، هڪدم سڃاڻي ويئي هئي ۽ جڏهن مڙسس جي ان
تي نظر پيئي، تڏهن هن جون اکيون چمڪڻ لڳيون. هوءَ
انهيءَ خط بابت ڪو وڌيڪ ويچار ڪونه ڪري ها، جيڪڏهن
کيس پنهنجي مڙس جي لفافي تي نظر پوڻ واري روش
پَروڙڻ جو موقعو نه ملي ها. اهو سڀ ڪجهه اک- ڇنڀ ۾
ٿي گذريو- مڙسس جو خط ڏسڻ ۽ ان کي کڻڻ لاءِ هٿ
وڌائڻ، ۽ پوءِ اهو کڻي مٿس لکيل تحرير کي پڙهڻ
لاءِ پنهنجي ڪمزور اکين ويجهو آڻڻ، ۽ پوءِ اوچتو
شارلوت جي ڪلهن تان ٻانهن هٽائي، روشنيءَ جي هيٺان
وڃي،شارلوت کي پُٺ ڏئي بيهڻ. هن انتظار ڪيو- اواز
يا دانهن ٿيڻ لاءِ انتظار ڪيو. هن اهو انتظار ڪيو
ته خط کولي، پر پوءِ سواءِ ڪنهن حرف چوڻ جي، خط
کڻي پنهجي کيسي ۾ وڌو ۽ زال جي پٺيان ڪتبخاني
ڏانهن هليو ويو. اتي هو ٻيئي بخاري جي ڀرسان وڃي
ويٺا ۽ سگريٽ دکائي پيئڻ لڳا. هو بلڪل خاموش ويٺو
هو. هن جو ڪنڌ ارام ڪرسيءَ تي جُهڪيل هو ۽ اکيون
چُلهه ۾ کتل هئس، ۽ انهيءَ وقت هن پنهجي هٿ
پيشانيءَ تي ڦيرائيندي چيو: ”اڄ رات اَمان جي گهر
ڏاڍي گرمي هئي. منهنجو مٿو سور کان ڦاٽي ٿو.
جيڪڏهن آءٌ وڃي سمهان ته توکي اعتراض ته ڪونه
ٿيندو؟“
اهو پهريون ئي ڀيرو هو. انهيءَ وقت کان وٺي، شارلوت خط پهچڻ جي
موقعي تي ڪڏهن به موجود ڪانه رهي. دستور مطابق
مڙسس جي آفيس مان اچڻ کان اڳ خط ايندو هو، جيڪو
هوءَ کڻي وڃي مٿي ڇڏيندي هئي. پر جيڪڏهن هوءَ خط
نه به ڏسندي هئي، ته رات جو مانيءَ کائڻ وقت،
پنهنجي مڙس جو ڦريل منهن ڏسي، هڪدم سهي ڪندي هئي
ته خط آيو آهي. ظاهر آهي ته خط ۾ ڇا لکيل هوندو
هو، پر ڪينٿ آسبي پنهجي سِر انهيءَ کي حاصل ڪرڻ
چاهيندو هو، ۽ جڏهن هو موٽي ايندو هو، تڏهن ائين
لڳندو هو ڄڻ ته هو پنهنجي ڄمار جا ڪيترائي سال
گذاري چڪو آهي ۽ منجهس نه زندگي آهي نه، همت،
ايتري قدر جو هن کي پنهنجي زال جي موجودگيءَ جو به
احساس ڪونه رهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته هو شام جو
سمورو وقت چپ چاپ گذاري ڇڏيندو هو، ۽ جڏهن
ڳالهائيندو به هو ته سندس گفتگوءَ ۾ گهرو انتظام
بابت ڪي تنقيدي اشارا ۽ گهر جي بندوبست ۾ ڦيرڦار
ڪرڻ بابت ڪي رايا هوندا هئا، يا ٿورو پريشان ٿي
پڇندو هئس: ”تون سمجهين نٿي ته جوائس جي ڪمري جي
سنڀاليندڙ عورت، جوان ۽ وهمي آهي.“ يا ”تو هميشه
اهو خيال رکيو ته پيٽر- جنهن جو گلو نازڪ هو،
اسڪول وڃڻ وقت گلي کي چڱيءَ طرح مفلر سان ويڙهيو
هو.“ اهڙن موقعن تي شارلوت کي پنهنجن دوستن جا اهي
تاڪيدي جملا ياد ايندا هئا، جيڪي ڪينٿ آشبيءَ سان
شاديءَ ڪرڻ وقت، انهن چيا هئا: ”ٽٽل دل رنڙ سان
شادي ڪرين ٿي اهو جو کائتو ڪم نه آهي؟ توکي خبر
آهي ته ايلسي آشبيءَ جو مٿس ڏاڍو اثر هو.“ ۽ پوءِ
ڪيئن هوءَ چرچن مان جواب ڏيندي هئي ته ”هن کي ته
انهيءَ تبديليءَ ۽ آزاديءَ تي خوشي ٿيڻ گهرجي.“ ۽
انهيءَ باري ۾ هوءَ واقعي سچي هئي. شروعاتي مهينن
۾ کيس انهيءَ ڳالهه ٻڌائڻ جي ضرورت ئي ڪين هئس ته
ڪو سندس مڙس، کانئس پوريءَ طرح راضي هو. شاديءَ
کان پوءِ، جڏهن هو پننجي وڏي سفر تان موٽي آيا،
تڏهن ساڳين دوستن ٻڌايس: ”تو ڪينٿ کي ڇا ڪيو آهي؟
هو ته ويهن ورهين جو نوجوان پيو ڏسجي.“ ۽ هِن ڀيري
هُن خوش ٿيدني، بيپرواهيءَ سان جواب ڏنو: ”آءٌ
سمجهان ٿي ته مون هن کي هڪ نئين راهه ڏيکاري آهي.“
پر خاڪي لفافن جي اچن کان پوءِ، هُن هڪ پريشان ڪندڙ ۽ ڪَڙي نڪته
چيني محسوس ڪئي، جيڪا انهن خطن مان ڪنهن به هڪ خط
ملڻ بعد، جڏهن ه پاڻ ۾ گڏبا هئا، ۽ هڪ ٻئي جي
نگاهن ۾ نهاريندا هئا، تڏهن ائين لڳندو هو ته هو
پنهنجي مرضيءَ جي خلاف نهاري رهيو آهي. اهي نگاهون
پيار کان خالي ڪين هيون، نهوري منجهن بيپرواهي
هئي، پر اهي نگاهون هڪ اهڙي ماڻهوءَ جون هيون،
جيڪو غير معمولي حالتن کان ايترو ته پري ٿي ويو
هو، جو جڏهن هو ڄاتل سڃاتل شين ڏانهن موٽي ٿي آيو،
تڏهن اهي هن کي ڌاريون پئي لڳيون. جيتوڻيڪ شروع
کان ئي هن کي يقين هو ته خاڪي لفافن تي ڪنهن عورت
جي هٿن جي تحرير آهي، پر گهني وقت گذرڻ کان پوءِ،
هوءَ انهن پراسرار خطن کي هڪ راز ڪري سمجهڻ لڳي.
کيس پنهنجي مڙس جي پيار جو پورو پورو يقين هو ۽
اهو به ڀروسو هوس ته هُن جي خشڪ زندگيءَ ۾ رونق
آندي هئائين. اهو وڌيڪ وسهڻ ۾ پئي آيو ته اهي خط،
جيڪي سچ پچ ته هن کي ڪنهن به قسم جي جذباتي خوشي
ڏئي ڪانه ٿي سگهيا، ڪنهن خانگي ماڻهوءَ جي بدران
هڪ مصروف وڪيل ڏانهن لکيل هئا. يقيناً= اهي ڪنهن
ڪمزور اصيل عورت جا هوندا، ڇا لاءِ مڙس کيس اڪثر
ڪري ٻڌائيندو هو ته اهي خط به اصيلن جهڙا ئي
ٿڪائيندڙ ۽ پريشان ڪندڙ هئا، ۽ لکندڙ اهو ڪونه
چاهيندا هئا ته سندن خط هن جو منشي کولي پڙهي. اهو
ئي سبب هو جو هو اهي خط پاڻ گهر کني ايندو هو.
هائو، پر اهڙيءَ حالت ۾ اها لڪل عورت، پنهنجن خطن
جي پيدا ڪيل اثر مطابق ته پاڻ وڌيڪ تڪليف
پهچائيندڙ هئڻ گهرجي. انهيءَ کان سواءِ، جيتوڻيڪ
پنهنجي ڌنڌي ۾، هن جي قابليت مثالي هئي، پر عجب ته
هن ڪڏهن به بي صبريءَ وچان انهن تي ڪا راءِ ڪين
ڏني، هن ڪڏهن به شارلوت کي مخاطب ٿي اها شڪايت ڪين
ڪئي، ته هڪ پريشان ڪندڙ عورت، مقدمي هارائڻ ڪري
کيس تڪيلف پهچائيندي ٿي رهي. البت سواءِ ڪنهن نالي
وٺڻ يا تفصيل ٻڌائڻ جي، هو ٻٽي گهمرا انهيءَ بابت
اشارن ئي اشارن ۾ ڪجهه چيو هو، پر انهيءَ پراسرار
لکپڙهه بابت سندس زبان تي مهر لڳل هئي.
هڪ ٻيو به امڪان هو، جنهن کي نرم ۽ هلڪن لفطن ۾ ”پراڻي پريشاني“
کڻي چئجي ته مناسب آهي. شارلوت آشبي هڪ وڏ- گهراڻي
عورت هئي. هوءَ اڳ ۾ ئي انساني دل جي دشوارين بابت
گمراهه ٿيل هئي ۽ کيس اها به ڄڻ هئي ته اڪثر ڪري
پراڻيون پريشانيون هونديون آهن. پر هن جڏهن ڪينٿ
آسبيءَ سان شادي ڪئي، تڏهن سندس دوستن انهيءَ
امڪان ڏانهن اشاري ڪرڻ بدران چئي ڏنو هو ته ”تو
پنهنجي لاءِ ڪم تيار ڪري رکيو آهي. ڊان جوان[1]
سان شادي ڪرڻ، هڪ اهڙي عهدي حاصل ڪرڻ برابر آهي،
جنهن تي ڪو به ڪم ڪرڻو ڪونه ٿو پوي.“ ڪينٿ جڏهن
پهرين پهرين ايلسي ڪارڊر کي ڏٺو هو، ان کان پوءِ
هن ڪنهن ڏانهن به اک کڻي ڪونه نهاريو هو. سندن
شادي ٿيڻ کان پوءِ سمورو عرصو، هو هڪ بيزار پيار
ڪندڙ، خاوند پئي نظر آيو. هو ڪڏهن به ڪنهن آرام
ڪرسيءَ کي ڦيرائي رکڻ يا ڪنهن بلب مٽائڻ جي توکي
اجازت ڪونه ڏيندو، ۽ تون جيڪي ڪجهه ڪرڻ جي ڪشش
ڪندينءَ، هو ذهني طور اهو سمجهندو ته جيڪڏهن
تنهنجي جاءِ تي ايلسي هجي ها ته اُها ڇا ڪري ها؟
ٻارن جي پَرگهور لهڻ بابت، سندس قابليت جي باري ۾، سواءِ هڪ
ڀيري پيدا ٿيل ذهني بدگمانيءَ جي، سندس خوش
مزاجيءَ ۽ ٻارن لاءِ پيار، سڀني غلط فهمين ۽
بدگمانين جي رفتي رفتي ميٽي ڇڏيو هو. انهن اڳ-
چنتائن مان ڪابه هڪ صحيح ثابت ڪين ٿي. بدنصيب ۽
اُداس رَنڙ، جنهن لاءِ سندس ويجها دوست چوندا هئا،
ته هن جي پهرين زال جي وفات کان پوءِ، مصروف واري
ڌنڌي، هن کي پاڻ مارڻ کان بچايو آهي. پهرين زال جي
مرڻ کان ٻه- سال پوءِ هو، شارلوت گورن جي عشق جي
دام ۾ ڦاسي پيو، ۽ ڪجهه وقت جي پرجوش محبت کان
پوءِ، ساڻس شادي ڪيائين ۽ کيس وٺي گرم ملڪن جي سير
تي روانو ٿي ويو هو. انهيءَ وقت کان وٺي، سندس
پيار ۾ اُهائي اوائلي ڏينهن واري گرمي ۽ جوش هوندو
هو. شارلوت کي پاڻ سان شاديءَ لاءِ چوڻ کان اڳ، هن
نهايت فراخدليءَ ۽ سچائيءَ سان پنهنجي اڳوڻي زال
لاءِ بيپناهه محبت ۽ هن جي اوچتي موت کان پوءِ
سندس نااميديءَ بابت کيس ٻڌايو هو، پر انهيءَ
هوندي به هن ڪوبه سخت قدم ڪونه کنيو ۽ نه وري
زندگيءَ ۾ اڳوڻي لطف نه هجڻ بابت ڪا شڪايت ئي ڪئي.
هن جي روش ڏاڍي سادي ۽ فطري پئي رهندي آئي ۽ هن
پنهنجي شاندار مستقبل جي اميد جو شارلوت جي اڳيان
اقرار ڪيو هو. شادي ٿيڻ کان پوءِ، جڏهن هو انهيءَ
گهر ۾ واپس آيا، جتي هن زندگيءَ جا ٻارهن سال
اڳئينءَ زال سان گڏ گذاريا هئا، تڏهن هن شارلوت کي
ٺَهه پَهه چئي ڏنو هو ته ”مون کي افسوس آهي جو آءٌ
سموري جاءِ، تنهنجي حوالي ڪري نٿو سگهان.“ انهيءَ
ڄاڻ هوندي به خيال هوندا آهن، جيڪي هڪ مرد ڪڏهن به
ڪونه سمجهي سگهندو آهي. تنهن ڪري هن کي گذارش ڪئي
هئائين ته ”مون سان صلاح مشوري ڪرڻ کان سواءِ،
جيڪا به ڦيرپار توکي مناسب لڳي، سا بيشڪ ڪر.“ پر
انهيءَ پراڻي ماحول ۾، هنن جي نئين زندگي شروع ڪرڻ
جو طريقو، ايترو ته سنئون سڌو هو، جو جلد ئي هوءَ
پاڻ کي آسودو سمجهڻ لڳي. البت هن کي اهو ڏسي، ڏاڍو
ڏک پهتو هو ته ڪتبخاني ۾ مڙسس جي ميز مٿان ٽنگيل
ايلسي آشبيءَ جي وڏي تصوير، سندس عير حاضريءَ ۾
لاهي، ٻارن جي ڪمري ۾ ٽنگي ويئي هئي، اهو خيال
ڪندي ته تصوير جي لهڻ جو اڻ سڌو سبب هوءَ پاڻ هئي،
هن انهيءَ باري ۾ مڙس سان ڳالهه چوري، پر هن
وراڻيو: ”هون، منهنجو خيال هو ته ٻار ڀلي سندس
نظرن هيٺ پلجي وڏا ٿين.“ انهيءَ جواب شارلوت کي
ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ کيس تسلي ٿي. پوءِ جيئن وقت
گذرندو ويو، تيئن کيس اقرار ڪرڻو پيو ته جڏهن کان
ڪتبخاني واري سرد ۽ خوبصورت چهري جي جاچيندڙ اکين،
ڏانهس نهارڻ ڇڏي ڏنو هو، تڏهن کان هوءَ پنهنجي گهر
۾ وڌيڪ آسائشي هئي ۽ مڙسس جو مٿس گهڻو اعتبار ۽
پيار هو. ائين ٿي لڳو ڄڻ ته ڪينٿ جو پيار انهيءَ
راز جي تَهه تائين پهچي ويو هو، جنهن کي سندس دل
قبول ڪرڻ لاءِ تيار ڪين هئي. راز- پاڻ کي هن جي
ماضيءَ جي ملڪ سمجهڻ جي جوشيلي خواهش جو راز.
انهن سڀني خوشين ميسر هوندي به اها هڪ عجيب ڳالهه هئي ته گهڻي
وقت کان پوءِ هن پاڻ کي هڪ ذهني تشويش ۾، محسوس
ڪيو. پر اتي ته اهو خوف هو، ۽ انهيءَ خاص ٽن- پهرن
جو- ڇاڪاڻ ته شايد هوءَ گهڻو ٿڪل هئي، يا نئين
بورچيءَ کي هٿ ڪرڻ جي پريشانيءَ کان، يا ٻئي ڪنهن
اجائي سبب، اخلاقي يا جمساني سبب کان- انهن احساسن
جي خلاف ڪم ڪرڻ لاءِ، هن پاڻ کي بيوس سمجهيو.
ڪُنجن جو ڇُڳو هٿ ۾ ئي هئس، ۽ پٺيان خاموش گهٽيءَ
ڏانهن نهاريندي، هن پريان عام شاهراهه جي بي انداز
روشنائين ڏانهن ڏٺو ۽ وري آسمان ڏانهن نهاريو،
جيڪو اڃا به روشن هو. هن سوچيو، هڪ طرف ”بيشمار
وڏيون وڏيون عمارتون، اشتهار، ٽيليفون، تارو،
هوائي جهاز، فلمون، موٽرون ۽ ويهين صديءَ جون سڀئي
شيون آهن ۽ ٻئي طرف دروازي جي هن طرف جيڪي آهي،
انهيءَ کي نه واضح ڪري سگهان ٿي ۽ نه بيان ڪرڻ جي
سگهه اٿم. ايترو قديم جهڙي دنيا، زندگيءَ جو جهڙو
پراسرار.....واهيات خيال! مون کي آخر فڪر ڪنهن
ڳالهه جو آهي؟ تن مهينن کان خط ڪونه ٿو اچي،
انهيءَ ڏينهن کان جڏهن ڪرسمس ملهائي ڳوٺان
آياسين...عجب جو، اهي سدائين اسان جي موڪل ملهائي
اچڻ کان پوءِ ئي اچن ٿا!...آءٌ ڇا لاءِ سمجهان ته
اڄ رات به ڪو خط آيو هوندو!“
ڪوبه سبب ڪونهي ته ڇو، پر اهو ته پاڻ وڌيڪ خراب هو- بيحد خراب!
اُهي به ڏينهن هئا، جڏهن هوءَ پردن چڙهيل طاقن جي
هن طرف نقابل برداشت اڳ- ڇنتائن کي منهن ڏيڻ لاءِ،
اتي ئي بيٺي ڏڪندي ۽ ٿَڙڪندي هئي ۽ جڏهن دروازو
کولي اندر ويندي هئي، تڏهن اُتي ڪجهه به ڪين هوندو
هو، پر ٻين ڏينهن تي هوءَ اڳ- چنتا واري سردي
محسوس ڪندي هئي، جيڪا خاڪي لفافي کي ڏسي، سچ ثابت
ٿيندي هئي. تنهن ڪري آخري خط اچڻ کان وٺي، هر شام
جو هوءَ هڪ قسم جي ڏڪڻي ۽ ڳڻتي محسوس ڪندي هئي،
ڇاڪاڻ ته هن ڪڏهن به انهيءَ ڳالهه سوچڻ کان اڳ
دروازو ڪونه کوليو هو، ته اندر ڪو خط پيو هوندو.
خير، اها حقيقت هئي ته هن کي گهڻو ئي ڪجهه برداشت ڪرڻو پيو هو.
پر هاڻي هوءَ وڌيڪ برداشت ڪري ڪين ٿي سگهي. خط اچڻ
واري ڏينهن تي، جيڪڏهن مڙس جو منهن لهي ويندو هو ۽
مٿي ۾ سور پوندو هوس، ته ٿوريءَ دير کان، پوءِ هو
بلڪل ٺيڪ ٿي ويندو هو، پر سندس حالت ته مرڳو ابتڙ
ٿي ويندي هئي. اهو بار هينئر پاڻ گهڻو وڌي ويو هو.
انهيءَ جو سبب ظاهر هو. مڙسس کي خبر پوندي هئي ته
خط ڪٿان اچي ٿو ۽ ان ۾ ڇا لکيل هوندو، ۽ هو اڳ ۾
ئي هر خراب حالت کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار هوندو هو،
ليڪن هوءَ پنهنجي گمانن ۽ قياسن سميت اڃا تائين
اوندهه ۾ هئي.
”نمون کان وڌيڪ سَٺو ڪونه ٿيندو! مون کان وڌيڪ سَٺو ڪونه
ٿيندو!“ هن ڪلف ۾ ڪنجي وجهندي، رَڙيون ڪندي چيو.
هن ڪنجي ڦيرائي ۽ ڪلف لاهي اندر داخل ٿي ته اُتي،
ميز تي، لفافو پيو هو.
(2)
اهو ڏسي، هوءَ ڏاڍي خوش ٿي. ائين ٿي لڳو ڄن ته هر ڳالهه سچي پئي
ثابت ٿي ۽ سموري لڪڪ ۽ پوشيده معامو واضح ٿي رهيو
هو. مڙسس لاءِ خط، هڪ عورت وٽان- يقيناً= ”پراڻي
پريشاني“ جو هڪ ٻيو واهيات معاملو، انهيءَ ۾ سڪ
ڪندي هن ڪيتري نه بيوقوفي ڪئي! هڪ معمولي ڳالهه
لاءِ، ايتري مٿا ماري! هن نفرت وچان خط کي کڻي هٿ
۾ سوگهو جهليو ۽ ان تي ليکڪ جي جهڪن اکرن کي غور
سان ڏسڻ لڳي ۽ وري ان کي روشنائيءَ اڳيان جهلي،
اندر پيل ڪاغذ کي چڱيءَ طرح ڏٺائين. هن ائين
سمجهيو ته جيستائين ڪاغذ جي تحرير کي نه ڏسنديس،
تيستائين آرام نه ايندو.
مڙسس اڃا ڪونه آيو هو، هو آفيس مان ساڍي ڇهين يا ستين بجي کان
اڳ ورلي ڪو ايندو هو، ۽ اڃا ته ڇهه به ڪين ٿيا
هئا، هن وٽ ڪافي وقت هو ته خط کڻي مٿس ويهڻ واري
ڪمري ۾ وڃي، چانهه جي ڪٽليءَ جي ڀرسان جيڪا سندس
انتظار ۾ هميشه ان وقت پئي ٽَهڪندي هئي، ان کي
جهلي بيهي، انهيءَ اسرار کي حل ڪري، ۽ وري جتي خط
پيو هو، اتي ئي رکي ڇڏي. ڪنهن کي به ايترو عقل
ڪونه ايندو، ۽ سندس پريشاني ختم ٿي ويندي. ٻي واٽ
اها به هئي، ته انهيءَ باري ۾ پنهنجي مڙس سان سوال
جواب ڪري، پر اهو ته پاڻ وڌيڪ مشڪل هو. هن خط کي
آڱوٺي ۽ آڱر جي وچ ۾ جهلي توريو، روشنائيءَ اڳيان
جهلي ان کي ڏٺائين، ۽ پوءِ کڻي ڏاڪڻ چڙهڻ لڳي- پر
وري هوءَ هيٺ لهي آئي ۽ لفافو ميز تي رکي ڇڏيائين.
”نه، آءٌ ڪڏهن به ائين ڪين ڪري سگهنديس.“ هن ناراض ٿيندي چيو.
پوءِ کيس ڇا ڪرڻ گهرجي؟ هوءَ مٿي آرام دهه ڪمري ۾، اڪيلي به وڃي
ڪين ٿي سگهي، نه چانهه پي ٿي سگهي، نه پنهنجي
لکپڙهه ٿي ڏسي سگهي، نه ڪتاب يا رسالي کي نظر مان
ڪڍي ٿي سگهي ۽ نه وري هيٺ پيل لفافي ڏانهن اک کڻي
نهاري ٿي سگهي. انهيءَ خيال کان ته ڪجهه دير ۾
مڙسس ايندو ۽ دستور مطابق لفافو کولي خط پڙهندو ۽
ڪتبخاني ڏانهن اڪيلو هليو ويندو.
اوچتو، هن فيصلو ڪيو. هوءَ ڪتبخاني ۾ ترسندي ۽ پنهنجي سر ڏسندي،
ڏسندي ته هن ۽ انهيءَ خط ۾ ڇا ٿو ٿئي. ۽ جڏهن هن
کي ڪابه خبر ڪين هوندي ته کيس ڪير ڏسي پيو. کيس
عجب لڳو ته ههڙو خيال اڳ ڪڏهن به ڪين آيو هو. هوءَ
دروازو ٻَيڪڙي ان جي پٺيان ڪنڊ ۾ ويهي، هن کي ڏسي
سگهندي. هن ڪرسي ريڙهي ڪنڊ ۾ رکي ۽ ان تي ٿي ويٺي،
۽ پوءِ اکيون دروازي جي سيرَ ۾ کُپائي، انتظار ۾
ويهي رهي. جيتري قدر کيس ياد هو، اهو پهريون ڀيرو
هو، جو هن ٻئي شخص جي مخفي معاملن ۾ دخل ڏيڻ جي
ڪوشش ٿي ڪئي. پر کيس پشيمانيءَ جو ڪوبه احساس ڪونه
ٿي ٿيو. هن رڳو ايترو محسوس ڪيو ته هوءَ هڪ گهڙي
ڌُنڌ ۾ ڦاٿل هئي، جنهن مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ هن سخت
ڪوشش پئي ڪئي.
آخرڪار هن ڪينٿ جي ڪُنجيءَ جو کڙڪو بڌو ۽ ٽپ ڏيئي اُٿي بيٺي.
جلدي ٻاهر نڪري ساڻس ملڻ جي خواهش، هن کان اها
ڳالهه بنهه وساري ڇڏي ته هوءَ اتي ڇو ويٺي هئي. پر
عين وقت تي هن کي يادگيري آئي ۽ هوءَ وري ويهي
رهي. هن پنهنجيءَ جاءِ تان مڙس جي هر حرڪت کي پئي
جاچيو- هن ڏٺو ته هو وڏي ڪمري ۾ آيو، هن دروازي
مان ڪُنجي ڪڍي، مٿي تان ٽوپ لاٿو ۽ پوءِ اووَر ڪوٽ
لاٿو. جنهن وقت هو دستانن لاهڻ لاءِ ميز ڏانه
مُڙيو، ته سندس نظر وڃي لفافي تي پيئي. بلب جي
روشني هن جي مُنهن تي هئ،ي ۽ شارلوت،جيڪا پهرين
ڳالهه محسوس ڪئي، سا هيءَ ته سندس ڱچهري تي تعجب
جا آثار هئا. ظاهر آهي ته کيس خط جي بنهه اُميد
ڪانه هئي- ۽ نه اهو خيال هئس ته انهيءَ ڏينهن خط
اچڻ جو ڪو امڪان هو. پر انهيءَ هوندي به جيئن ته
هينئر هُن خط ڏسي ورتو هو، ۽ کيس چڱيءَ طرح معلوم
هو ته ان ۾ ڇا لکيل هوندو، تنهن ڪري هن لفافي کولڻ
جي ڪابه تڪليف ڪانه ڪئي ۽ بي حرڪت اُتي ئي بيٺو
رهيو. سندس مُنهن جو رنگ آهستي آهستي ڦِرندو ويو.
ائين ٿي لڳو ڄڻ ته لفافي کي هٿ لائڻ جي همت ڪانه
پئي ٿيس. پر نيٺ هن پنهنجو هٿ وڌايو، لفافو کڻي
کوليائين ۽ روشنيءَ ڏانهن ويو. ائين ڪندي هن
پنهنجي پُٺ شارلوت ڏانهن ڪئي، ۽ هوءَ رڳو سندس
جهڪيل ڪنڌ ۽ ٿوراوريل ڪلها ڏس سگهي. هن اندازو
لڳايو ته جيڪي ڪجهه اهي، سو هڪ ئي صفحي تي لکيل
آهي. ڇاڪاڻ ته هن ڪاغز ورايو ئي ڪونه، بلڪ ان کي
اهڙيءَ طرح پئي ڏٺائين، ڄن ته کيس ڪيترائي ڀيرا
انهيءَ جي پڙهڻ جي ضرورت هئي يا شايد انهيءَ عورت
کي ائين معلوم ٿيو، جنهن ساهه روڪي هن کي پئي ڏٺو.
نيٺ هن کيس اتان چُرندي ڏٺو. هن خط کي اکين جي
وڌيڪ ويجهو آندو، ڄن ته هو پوريءَ ط رح تحرير ڪونه
ٿي پڙهي سگهيو. پوءِ هن ڪنڌ جهڪايو ۽ شارلوت کيس
ڪاغذ کي چُمي ڏيندي ڏٺو.
”ڪينٿ!“ هن دانهن ڪئي، ۽ ٻاهر وڏي ڪمري ڏانهن ويئي. مڙسس، جنهن
جي هٿ ۾ خط سوگهو هو، مُنهن ورائي ڏانهنس نهاريو.
”تون ڪٿي هئينءَ؟“ هن گهٽيل ۽ ڏڪندڙ آواز ۾، هڪ
اهري شخص وانگر چيو، جيڪو ننڊ مان ڇرڪ ڀري اُٿيو
هجي.
”ڪتب خاني ۾، تنهنجي لاءِ.“ هن پنهنجو آواز مضبوط ڪندي چيو:“ ڇا
ڳالهه آهي؟ خط ۾ ڇا ليکل آهي؟ تون هئڊو ٿي ويو
آهين؟“
زال جي حيراني ڏسي، هن کي ڪجهه آٿت ملي، ۽ هن ٿورو مُرڪندي،
لفافو کڻي کيسي ۾ وڌو ”هئڊو؟ مون کي افوس آهي.
آفيس ۾ اڄوڪو ڏينهن ڏاڍو ڏکيو گذريو- ٽي ٽي ڏاڍا
مونجهاري وارا مقدما هئا. سمجهان ٿو ته آءُ ڏاڍو
ٿڪل اهيان.“
”اچڻ وقت ته اهڙو ٿڪل ڪونه ٿي نظر آئين، پر لفافي کولڻ سان
تنهنجي منهن جو ٿورو رنگ بدلجي ويو آهي. هي پهريون
ئي ڀيرو آهي جو مون کي ائين نظر آيو آهي.“
هن مرس کي وڪيلن واري مِٺي ۽ هَلڪي آواز ۾ چوندو ٻڌو: ”اوهو، تو
۾ به اها عادت آهي ته ٻين کي پنهنجا خط پڙهندي لڪي
ڏسين ۽ هو تنهنجي انهيءَ حرڪت کان بلڪل بي خبر
هجن.“
”مون ۾ اها عادت ڪانهي. مون اهڙي حرڪت اڳ ڪڏهن به ڪانه ڪئي آهي.
پر مون کي اهو معلوم ڪرڻو هو ته هوءَ توکي
باقاعدگيءَ سان انهن خاڪي لفافن ۾ ڇا ٿي لکي.“
انهيءَ تي هن ٿورو غور ڪيو. ”پر اهي باقاعدگيءَ سان ته ڪونه ٿا
اچن.“ هن وراڻيو.
”اوهو، آءٌ چئي سگهان ٿي ته مون کان وڌيڪ تو تاريخن جو حساب
رکيو آهي.“ هن پَلاند ورتو. مڙسس جي لهجي جي
وڏائيءَ تي ضرب هَنئي هئي. ”مون کي ايتري خبر آهي
ته هر دفعي اها عورت ئي توکي خط موڪليندي رهي ٿي.“
”تون ڇو ٿي سمجهين ته اها عورت آهي؟“
”اهي هٿ اکر عورت جا ئي آهن. تون انهيءَ کان انڪار ڪرين ٿو؟“
هُن مُرڪيو، ”نه، آءُ انڪار ڪونه ٿو ڪرينا، مون
رڳو انهيءَ ڪري پڇيو ته عام طرح ائين سمجهيو وڃي
ٿو ته اها تحرير مرداني آهي.“ شارلوت انهيءَ تي ڪو
ڌيان ئي ڪونه ڏنو. ”۽ اها عورت- پوءِ تنهنجو مُنهن
بنهه لهي ويو؟“
مڙسس، سندس پٺيان ڪتبخاني ۾ ويو، ۽ ٻيئي هڪ ٻئي کي گُهوري نهارڻ
لڳا. شارلوت سهي ڪيو ته ڪيئن نه مڙسس پاڻ سنڀالي
ورتو هو. هن جي ڌنڌي کيس پنهنجي چهري ۽ آواز کي
مختلف صورتن ۾ آڻڻ جي سُڍي سکيا ڏني هئي. هن هڪدم
محسوس ڪيو ته مڙس جي راز تي اوچتو حملو ڪري. هوءَ
پاڻ کي نقصان ۾ وجهندي، پر ساڳئي وقت کائونس اهي
سڀئي اٽڪلون وسري ويون، جن جي وسيلي هوءَ اها
پرولي سَلي ٿي سگهي. تنهن هوندي به انهيءَ ڳُجهه
جي تَهه تائين پهچڻ لاءِ اڃا به سندس خواهش هئي،
پر فقط ايتري قدر ته مڙسس تي جيڪو بار هو، تنهن کي
هلڪي ڪرڻ لاءِ، هوءَ کيس مدد ڪري سگهي. ”کڻي اها
ڪا ٻي عورت ئي هجي.“ هن سوچيو.
”ڪينٿ“، هن جي دل زور زور سان پئي ڌڙڪي، پر نيٺ چياِن، ”آءٌ هت
انهيءَ لاءِ منتظر هئس ته توکي ايندو ڏسان. مون
توکي خط پڙهڻ مهل غور سان جاچڻ ٿي چاهيو.“
هن جو منهن، جيڪو ه!ئڊو هو، گهرو سُرخ ٿي وري هَئڊو ٿي ويو.
”اهو خد؟ ڇو خاص اهو خط؟“
”ڇاڪاڻ ته مون ڏٺو آهي ته جڏهن به انهن مان ڪو خط اچي ٿو ته
توتي انهيءَ جو عجب و غريب اثر ٿيندو آهي.“
ڪاوڙ وچان هن جي اکين ۾ اهڙي لالاڻ ڦري ويئي، جيڪا هن اڳ ڪڏهن
به ڪانه ڏٺي هئي، ۽ هن پنهنجي دل ۾ چيو: ”هوءَ
توکي ڇاجي باري ۾ لکندي اهي؟“
گهڙيءَ کن لاءِ ائين معلوم ٿيو، ڄڻ ته هو وري فڪر ۾ پئجي ويو
هو. ”ڪاروبار بابت.“
”قانوني ڪاروبر؟“
”هائو، عام ڪاروبار.“
”هن جي پاران سندس ڪاروبار تون سنڀالين ٿو ڇا؟“
”هائو.“
”تو وٽ اهو ڪم وڏي عرصي کان آهي؟“
”هائو، گهڻي وقت کان.“
”مٺڙا ڪينٿ، تون اهو ڪونه ٻڌائيندين ته هوءَ ڪير آهي؟“
”نه، آءُ ڪونه ٻڌائي سگهندس.“ هو ڪجهه دير خاموش رهيو ۽ دل من
هڻڻ کان پوءِ چوڻ لڳو: ”اهو اسان جو ڌنڌو آهي.“
شارلوت جي دل مان خون مٿي چڙهي ۽ لونَدڙين تائين
پهچي ويو.
”ائين نه چئو- ائين نه چئو!“
”ڇو نه چوان؟“
”مون توکي خط چمندي ڏٺو.“
انهن لفظن جو اثر ايترو ته پريشان ڪندر هو، جو هوءَ پڇتائڻ لڳي.
مڙسس، جنهن نفرت ڏياريندڙ اطمينان سان کيس آڏي پڇا
ڪرڻ لاءِ پاڻ سپرد ڪيو هو، ڄن ته هڪ ضدي ٻار سان
پئي چرچا ڪيا. هن ڪاوڙ ۽ رَنج وچان من هن ورائي
کيس ڏٺو، ۽ ڪوشش ڪري پاڻ سنڀالي، هَٻڪندي چيائين:
”تحرير صاف لکيل ڪين آهي، تو مون کي خط چڱيءَ طرح
پڙهڻ لاءِ پنهنجي اکين جي وجهو آڻيندي ڏٺو هوندو؟“
”نه، مون توکي اهو چمندي ڏٺو.“ هو خاموش رهيو. ”مون توکي اهو
چمندي ڪونه ڏٺو؟“
هو وري بي خياليءَ ۾ ٻُڏي ويو. ”شايد.“
”ڪينٿ! تون اتي بيٺو آهين ۽ ائين ٿو چوين- مون کي؟“
”انهيءَ کان توکي ڪهرو اَهنج ٿو پهچي؟ جيئن مون توکي ٻڌايو، خط
ڪاروبار بابت آهي. تون سمجهين ٿي ته آءٌ توسان ڪوڙ
ڳالهائنيدس؟ خط لکندڙ منهنجو هڪ قديمي دوست آهي،
جنهن کي ڏٺي ڪيترائي ڏينهن گذري ويا اهن.“
”ماڻهو ڪاروباري خط ڪونه چمندا آهن، کڻي اهي سندن قديمي دوست
عورتن جا ئي ڇو نه هجن. اهو فقط تڏهن ٿيندو آهي،
جڏهن اهي سندن محبوبائن جا هوندا آهن.“
هن پنهنجي ڪُلهن کي لوڏيو ۽ ڪاوڙ وچان مُنهن ورائي هلڻ لڳو. ڄن
ته هن بحثت کي اتي ئي ختم سمجهيو هو.
”ڪينٿ!“ شارلوت اڳتي وڌي، هن کي ٻانهن کان جهليو.
هو بيهي رهيو. هن جي منهن مان ٿڪاوٽ پئي ظاهر ٿي. هن زال جي هٿ
۾ هٿ ڏنو، ”توکي مون تي اعتبار ڪونهي؟“ هن ڏاڍي
نرمائيءَ سان چيو.
”اعتبار ڪيئن ٿيندو؟“ آءٌ ڏسان ٿي ته تو وٽ اهي خط ايندا رهن
ٿا- مهينن کان پيا اچن، جڏهن کان پاڻ ويسٽ انڊيز
مان آيا آهيون- ته پهرئين ڏينهن ئي انهن مان هڪڙي
اچي ڦَهڪو ڪيو. انهن مان هر هڪ جي چاڻ بعد، تنهنجي
عجيب حالت ٿيو وڃي. آءٌ توکي پريشان ۽ غمگين ڏسان
ٿي. ائين ٿو لڳي ڄڻ ته ڪو توکي مون کان جدا ڪرڻ جي
ڪوشش ڪري رهيو آهي.“
”نه ، مٺڙي نه نه! ڪڏهن به نه!“
هوءَ پٺتي هٽي مڙس کي ڪاوڙ مان گهورڻ لڳي، ”خير، پوءِ اهو ثابت
ڪري ڏيکار. اهو ته آسان آهي!“
هن زوريءَ مُرڪيو. ”هڪ عورت، جنهن جي ذهن جي ڪا ڳالهه گهر ڪري
ويئي هجي، تنهن کي اها ڳالهه ثابت ڪري ڏيڻ، سُهنجو
ڪم ڪونهي.“
”تون رڳو مون کي اهو خط ڏيکار.“
هن جو هٿ جوڻس جي هٿ مان کسڪي ويو ۽ هو پٺتي هٽي ڪنڌ لوڏڻ لڳو.
”تون ڪونه ڏيکاريندين؟“
”ته پوءِ اها عورت، جيڪا توکي خط لکي ٿي، تنهنجي سُريت آهي.“
”نه پياري، نه!“
”شايد هينئر نه هجي، آءُ سمجهان ٿي ته هوءَ توکي واپس هاصل ڪرڻ
جي ڪوشش ۾ آهي، ۽ تون هن جو همدرد هئڻ جي ڪري،
وڏيءَ ڇڪتاڻ ۾ مبتلا آهين- منهنجا ڪينٿ!“
”آءٌ قسم سان چوان ٿو ته هوءَ ڪڏهن به منهنجي سُريت ڪانه هئي.“
شارلوت کي محسوس ٿيو ته سندس اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا هئا، ”هاءِ
پوءِ ته اها خراب ڳالهه چئبي- هاڻي ته ڪابه اُميد
ڪانه رهي! اهي اهڙيون ته چالاڪ ۽ حرفتي ٿين ٿيون،
جو هميشه مرد کي پنهنجي قبضي ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪنديون
آهن. اها سڀني کي خبر آهي.“ هن بيئي هٿ کنيا ۽
پنهنجو مُنهن کڻي انهن ۾ لڪايو.
مڙسس خاموش رهيو. هن نه ته ڪو دلاسو ڏنس ۽ نه وري انڪاري ٿيو.
هوءَ آخر پنهنجا ڳوڙها اگهندي، مڙس جي اکين ۾
نهاري چتائڻ لڳي.
”ڪينٿ، خيال ڪر! اسان کي شادي ڪئي ٿورو ئي عرصو گذريو آهي. آخر
مون کي ايترو ڏک ڇا لاءِ ٿو پهچائين؟ تون چوين ٿو
ته آءٌ توکي اهو خط ڪونه ڏيکاريندس. تون مرڳو
انهيءَ کي ظاهر ڪرڻ کان به انڪار ڪرين ٿو.“
”مون توکي بڌايو ته اهو ڪاروباري قسم جو خط آهي. انهيءَ لاءِ
آءُ قسم به کڻي سگهان ٿو.“
”هڪ عورت کي لڪائڻ خاطر، مرد هر قسم لاءِ تيار ٿيندو. جيڪڏهن
تون چاهين ٿعو ته آءٌ تنهنجي ڳالهه تي اعتبار
ڪيان، ته گهٽ ۾ گهٽ مون کي هن جو نالو ٻڌاءِ. آءٌ
انجام ڪريان ٿي ته پوءِ خط ڏيڻ لاءِ هرگز مجبور
ڪانه ڪنديس.“
ڪيتريءَ دير تائين ٻيئي حيرت ۾ بيڍا رهيا. هن جي دل زور زور سان
پئي ڌڙڪي، ڄڻ ته ان کيس انهيءَ خطري کان آگاهه پئي
ڪيو، جنهن ۾ هوءَ ڦاٿل هئي.
”آءٌ ڪونه ٿو ٻڌائي سگهان!“
هن آخرڪار چيو.
”هن جو نالو به نه؟“
”نه.“
”ڪجهه وڌيڪ به ڪونه ٻڌائيندين؟“
”نه.“
وري ٿوري وقت لاءِ خاموشي ٿي ويئي، هاڻي ائين ٿي لڳو ته ڄن ته
ٻيئي پنهنجي بحث جي انتها تي پهچي، هڪ ٻئي کي نا
اُميديءَ مان نهاري رهيا هئا.
شارلوت ٻيئي هٿ پنهنجي سيني تي رکيو، تڪڙا تڪڙا ساهه پئي کنيا،
هن کي ائين معلوم ٿيو ڄڻ ته هن هڪ وڏي ڊوڙ پاتي
هئي، پر منزل اڃا گهڻو پري هئي، هن پنهنجي مڙس تي
اثر ويهارڻ ٿي چاهيو، پر هوءَ رڳو هن کي ناراض ڪرڻ
۾ ڪامياب ٿي سگهي هئي. ۽ انهيءَ غلطيءَ جي ڪري هو
هڪ ڌاريو پئي لڳو، هڪ اهڙو اسرار ڀريو ۽ سمجهه کان
مٿي شخص، جنهن کي سندس التجا ۽ محبت به پهچي ڪين
ٿي سگهي. عجب جهڙي ڳالهه هيءَ هئي ته هوءَ رڳو هن
کي ناراض ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي هئي، ۽ انهيءَ
غلطيءَ جي ڪري هو هڪ ڌاريو ٿي لڳو. هڪ اهڙو اسرار
ڀريو ۽ سمجهه کان مٿي شخص، جنهن کي سندس التجا ۽
محبت ۾ پهچي ڪين ٿي سگهي. عجب جهڙي ڳالهه هيءَ ته
هوءَ پنهنجي مڙس جي بردباريءَ ۽ تحمل مان پوريءَ
طرح واقف هئي، پر ٻنهي جي وچ ۾ هڪ فاصلو، پهچ کان
ٻاهر فاصلو هو، جنهن کي ختم ڪرڻ، بيحد مشڪل پئي
لڳو. هن پاڻ کي مڙس جي زندگيءَ کان جدا ۽ پري
محسوس ڪيو. پر هڪ ٻن گهڙين گذرڻ کان پوءِ، کيس
ڪجهه ڌيرج آئي ۽ هن ڏٺو ته هوبه ايترو ئي دکي ٿي
نظر آيو، جيتري هوءَ پاڻ هئي. هن جي ڳنڀير چهري
مان ڏک پئي ٽميو. خاڪي لفافي جي اچڻ ڪري جيتوڻيڪ
هو ڪجهه پريشان ٿيندو هو، پر زال سان انهيءَ بحث
ڪرڻ کان پوءِ جيڪو مٿس اثر ٿيو، اهڙو اڳ ڪڏهن به
ڪونه ٿيو هو.
شارلوت همت ڪئي ۽، شايد سندس دل ۾ اڃا به ڪا اُميد جي چڻنگ روشن
هئي. هوءَ ٿورو وڌي هن جي ويجهو ويئي ۽ پنهنجو هٿ
هن جي ٻانهن تي رکيائين. ”ڪينٿ! جيڪر توکي معلوم
ٿئي ته مون کي ڪترو نه افسوس آهي.“
انهيءَ همدرديءَ جو اظهار ڪرڻ تي هن محسوس ڪيو ته هو ڏڪي ويو
هو، پر مڙسس سندس هٿ وٺي، اُن کي زور ڏنو.
”انهيءَ کان وڌيڪ بدتر ٻيو ڇا ٿيندو ته آءٌ ڪنهن به پيار ڪرڻ جي
لائق نه آهيان.“ هوءَ چوندي رهي، ”۽ نه هڪ پاڪ
محبت جي خوبصورتيءَ ۽ ان جي مقصد جو ابداريءَ جي
بار سهڻ جي قابل آهيان.“
هُن ملامت ڀريل نظرن سان ڏانهنس نهاريو. ”اَڙي، منهنجي لاءِ
ائين نه چئو.“
آخرڪار هن پاڻ کي صحيح راهه تي محسوس ڪيو. هن وري ڳالهايو ته
سندس آواز جوش کان ڏڪڻ لڳو: ”پوءِ مون ۽ انهيءَ
ٻيءَ عورت بابت ڇا ٿيندو؟ تو ايلسيءَ کي اڳي ئي
ڪونه وساري ڇڏيو آهي؟“
مڙسس جي اڳوڻيءَ زال جو نالو هوءَ ڪو ورلي وٺندي هئي. اهو هن جي
زبان تي ايندو ئي ڪونه هو. پر هينئر اهو سندس زبان
مان نڪري ويو. ڄڻ ته هن هڪ ٺڪاءُ ڏئي ڦاٽندڙ شيءِ
کي لت هنئي هئي ۽ پوءِ هڪدم پٺتي هٽي انتظار ڪرڻ
لڳي ته اها ڪڏهن ٿي ڦاٽي.
مڙسس چُريو به ڪونه، هن جي صورت مان پاڻ وڌيڪ رنج ظاهر ٿيڻ لڳو،
پر ان تي راضپي جو ذرو نشان به ڪون هو. ”مون
ايلسيءَ کي ڪڏهن به ڪين وساريو آهي.“ هن چيو.
”شارلوت پنهنجي ٿورڙيءَ مُرڪ کي روڪي ڪين سگهي. ”پوءِ، پيارا،
تو اسان ٽن جي وچ ۾-“
”نه-“، هن چيو، پر پوءِ وڌيڪ ڪجهه چئي ڪونه سگهيو ۽ پنهنجو هٿ
کڻي پيشانيءَ تي رکيائين.
”نه ڇا؟“
”مون کي افسوس آهي، خبر نه آهي آءٌ ڇا ٿو چوان، مون کي مٿي ۾
سخت سور آهي.“
انهيءَ سچ ڳالهائڻ تي هو سڄو هئڊو ٿي ويو. پر هن جا اهي حيلا
بهانا ڏسي، هوءَ بنهه ڪاوڙجي پئي.
”هائو! خاڪي لفافي جو سَر درد!“
هن پنهنجي مڙس جي نگاهن ۾ تعجب کي لِيئا پائيندي ڏٺو. ”مون کي
اهو وساري ڇڏڻ گهرجي ته ويجهڙائيءَ کان ڪنهن چتائي
پئي ڏٺو.“ هن جهيڻي آواز ۾ چيو. ”جيڪڏهن تون مون
کي اجازت ڏين ته آءٌ مٿي وڃي اوندهه ۾، ڪلاڪ اڌ
ڪوشش ڪري ڏسان ته من هن اعصابي درد کان ڇوٽڪارو
ملي سگهي.“
هن پهريل دل من هَنيو، پر پوءِ پختي ارادي سان چيائين: ”مون کي
تنهنجي مٿي جي سور لاءِ ڏاڍو افسوس آهي. پر تون
وڃين، انهيءَ کان اڳ آءٌ اهو چوڻ چاهيان ٿي، ته
اڳي يا پوءِ اسان جي وچ ۾ هن سوال جو فيصلو ٿي وڃڻ
گهرجي. ضرور ڪو آهي، جيڪو اسان کي جدا ڪرڻ جي ڪوشش
پيو ڪري. مون کي ڪابه پرواهه ڪانهي ۽ چاهي مون کي
ڪيتري به قيمت ادا ڪرڻي پوي، پر آءٌ ان کي ڳولي
لهنديس.“ هن مڙس جي اکين ۾ گهوري ڏٺو ”جيڪڏهن
انهيءَ لاءِ تنهنجي پيار تان به هٿ کڻڻو پيو ته به
مون کي پرواهه ڪانهي! جيڪڏهن مون کي تنهنجو اعتبار
نه مليو، ته پوءِ توکان ٻي ڪابه شيءِ نه گهرجي.“
هن اڃا به سُستيءَ مان ڏانهس نهاريو. ”مون کي وقت ڏي.“
”ڇا جو وقت؟ توکي فقط هڪ لفظ چوڻو آهي.“
”وقت انهيءَ لاءِ ته توکي ثابت ڪري ڏيکاريان ته تو منهنجو پيار
۽ ڀروسو ڪونه وڃايو آهي.“
”چڱو، آءٌ انتظار ڪريان ٿي.“
هو دروازي ڏانهن مُڙيو ۽ پوءِ مُنهن ورائي پٺيان ڏٺائين.
”انتظار ڪر، منهنجي مٺڙي“، هن چيو ۽ ڪمري مان ٻاهر نڪري ويو.
هن پنهنجي مڙس جي ٿڪل قدمن جو آواز ڏاڪڻ تي چڙهندي ٻڌو ۽ ڪمري
جي دروازي بند ٿيڻ جو به. هن پاڻ کي آرام ڪرسيءَ
تي کڻي اُڇلايو ۽ پنهنجو منهن ٻنهي ٻانهن ۾، لڪائي
ڇڏيائين. هن جي پهرينءَ حرڪت مان ئي پيشيماني ۽
افسوس ظاهر هو. هن خيال ڪيو ته ”منهنجون حرڪتون
نهايت سخت، غير انساني ۽ گمان کان پري آهن. ٿورو
سوچ ته مون هن کي چيو ته تنهجي محبت جي به پرواهه
ڪين آهي! سراسر بڪواس!“ هوءَ پنهنجا اهي لفظ واپس
وٺڻ لا3، هن جي پٺيان مٿي وڃڻ لڳي، پر پوءِ ڪنهن
خيال کان بيهي رهي. نيٺ هن کي به ته پنهنجيءَ راهه
تي هلڻو هو، هن پنهنجي راز کي هر حملي کان بچايو
هو ۽ هاڻي هو انهيءَ ٻيءَ عورت جي خط پڙهڻ لاءِ،
پنهنجي ڪمري ۾ اڪيلو پوريو ويٺو هو.
(3)
هن اڃا انهيءَ تي ئي پئي ويچاريو، ته نوڪرياڻي کيس ڳوليندي اچي
اُتي نڪتي، ”نه“، شارلوت چيو، ”آءٌ رات جي مانيءَ
کائڻ لاءِ ڪپڙا ڪونه مَٽائينديس. مسٽر آسبيءَ جي
ماني کائڻ تي مرضي ڪين آهي. هو ڏاڍو ٿڪل آهي ۽
آرام ڪرڻ لاءِ مٿي پنهنجي ڪمري ۾ ويو آهي. ٿورو
سهي، پوءِ ڪجهه کاڌو پليٽ ۾ وجهي، گول ڪمري ۾ کڻي
اچ.“ هوءَ پنهجي سمهڻ واري ڪمري جي ڏاڪڻ چڙهڻ لڳي.
رات جي پائڻ جو وڳو، بستري تي پيو هو، جنهن کي ڏسي
کيس پنهنجي خاموش ۽ پرسڪون گهرو زندگيءَ جي خيال
اچي ورايو. هوءَ ائين محسوس ڪرڻ لڳي ته سندن اها
گفتگو ضرور ٻيءَ دنيا ۾، ڪين ٻين ٻن جيوَن جي وچ ۾
ٿي هوندي، جيڪي يقينا شارلوت گورزي ۽ ڪينٿ آسبي
نه، لڪ سندن بيچين خيال جون بنايل تصويرون
هونديون. هُن شاديءَ کان پوءِ وارو زمانو ياد ڪيو-
مڙسس جي پر خلوص وفاداري، ثابت قدمي، بيحد نرمائي
۽ ڪن موقعن تي هن جو کيس ڏيکاريل احساس ته هو دل و
جان سان سندس تابعدار آهي، حد کان وڌيڪ فريب آهي،
ڄڻ ته بنهي جي جسمن ۾ هڪ ئي روح سمايل هو. اهو سڀ
ڪجهه ياد ڪندي پنهنجي انهيءَ بيهودگيءَ جو احساس
ٿيو، جو ڪي گهڙيون اڳ، مڙسس کي ٻيءَ عورت جو آشنا
هئڻ ڪري، گهٽ وڌ ڳالهيو هئائين! پر، پوءِ ڇا-؟
مٿي هلڻ جي خواهش وري کيس ڌُونڌاڙيو، ته هلي هن کان معافي وٺجي
۽ ڪوشش ڪري انهيءَ غلط فهميءَ کي دور ڪجي. پر هن
جي خانگي معامن ۾ دخل ڏيڻ جو خوف، کيس اڳتي وڌڻ نه
ڏنو. هو دکي ۽ رنجايل هو، ڪنهن خوف يا غم جو ستايل
۽ هن ائين ڏيکائي ڏني هئي ڄڻ ته اها جنگ هو اڪيلي
سر فتح ڪندو. وڌيڪ عقلمنديءَ ۽ بلند همتيءَ جي
ڳالهه هيءَ چئبي ته هُن جي خواهش جو احترام ڪجي.
هن جي ڪمري ۾ هلڻ، ڪهڙي نه انوکي ۽ اَڻ سهائيندڙ
ڳالهه ٿيندي، هوءَ ته مرڳو دنيا جي ٻئي ڇيڙي تي
پهچي ويندي! انهيءَ ذهني پريشانيءَ ۾ هن کي ڏاڍو
افسوس ٿيو ته مڙسس جي اچن کان اڳ، هن خط کولي،
پڙهي واپس ميز تي رکڻ جو ڇو همت ڪين ڪئي؟ گهٽ ۾
گهٽ انهيءَ راز جي ته کيس به خبر پئجي وڃي ها ۽
پوءِ اها سموري شيطان گيري ختم ٿي وڃي ها. ڇاڪاڻ
ته هاڻي هوءَ سمجهڻ لڳي هئي ته انهيءَ راز ۾ ضرور
ڪا بدخواهي ۽ بدباطني آهي، هڪ مخفي سزا، جنهن جي
خيال کان هو ڏڪي ٿي ويو، پر انهيءَ هوندي به هو
پاڻ کي انهيءَ کان بچائي ڪونه ٿي سگهيو. هن ٻه- ٽي
گهمرا مڙسس جي نٽائيندڙ اکين ۾، مدد ڪرڻ جي خواهش
۽ اقرار ڪرڻ جي دٻيل تمنا کي محسوس ڪيو هو. ائين
ٿي لڳو ته کيس ڄاڻ هئي ته جيڪڏهن جوڻس انهيءَ راز
مان واقف هجي ها، ته يقيناً= سندس مدد ڪري ها! پر
انهيءَ هوندي به هو کيس ڪجهه به ڪونه ٻڌائي سگهيو
هو.
اوچتو سندس دل ۾ پنهنجيءَ پوڙهيءَ سس وٽ هلڻ جو خيال اُڀري آيو.
جنهن کي هوءَ ڏاڍو ڀائيندي هئي. مسز آشبي، مضبوط
چمڙيءَ ۽ چمڪندڙ اکين واري هڪ معزز خاتون هئي،
جنهن جي لهجي ۾ شارلوت جي طبيعت جهڙي خشڪي ۽ سختي
هئي. جنهن ڏينهن پوڙهي مسز آشبي، پنهنجيءَ نُنهن
وٽ پهريون ڀيرو، ٻنپهرن جي ماني کائڻ لاءِ آئي
هئي. تڏهن شارلوت ڪتبخاني ۾، سندس آڌر ڀاءُ ڪيو
هو، ۽ هن پنهنجي پُٽ جي ميز جي ڀر واريءَ خالي
ديوار کي ڏسي نهايت اثرائتن ۽ پر معنيٰ لفظن ۾ چيو
هو ته ”ايلسي ويئي هلي، هان؟“ ۽ شارلوت جي مِڻ مِڻ
واري سمجهاڻيءَ جو جواب ڏيندي، ٻن جي رفاقت ڪافي
آهي.“ ۽ شارلوت هن جو مطلب سمجهي مُرڪڻ کان سواءِ،
رهي ڪين سگهي هئي. انهيءَ ڏينهن کان وٺي هنن ٻنهي
جي وچ ۾ هڪ خاموش اقرار ٿي چڪو هو. پر هينئر کيس
ائين پئي لڳو ته مسز آشبيءَ جي اها خوفنڪا صاف
گوئي، ضرور انهيءَ نئين راز کي ڳولي پڌرو ڪندي. پر
وري هوءَ دل مَن هڻن لڳي، جو انهيءَ خيال مان
بيوفائيءَ جي بوءِ پئي آيس. کيس ڪهڙو حق هو جو ٻين
کي سڏي انهيءَ راز تي اوچتو حملو ڪري، جنهن کي
مڙسس ظاهر ڪرڻ ڪونه ٿي چاهيو؟ ”ممڪن آهي ته هو
رفتي رفتي پنهنجي ماءُ سان انهيءَ باري ۾ ڳالهه
چوري. “ هن سوچيو، ”پر انهيءَ جي اهميت ئي ڪهڙي
آهي؟ اسان کي پاڻ ۾ ضرور ڪو فيصلو ڪرڻ گهرجي.“
اڃا هن انهيءَ مسئلي تي پئي منصوبا سِٽيا ته دروازي تي کڙڪو ٿيو
۽ مڙسس اندر لنگهي آيو. هن کي رات جي سمهڻ وارا
ڪپڙا پيا هئا، ۽ سندس مُنهن مان ائين ٿي معلوم ٿيو
ته زال کي اتي ويٺل ۽ ڪپڙن کي هڪ طرف پيل ڏسي، هو
پاڻ عجب ۾ پئجي ويو هو.
”تون هيٺ ڪين ٿي هلين؟“
”مون سمجهيو ته اوهان ناچاق هوندؤ،“ هن لاچاريءَ مان جواب ڏنو.
مڙسس زوريءَ مُرڪيو، ”منهنجي طبيعت واقعي ڪجهه
خراب آهي، پر بهتر آهي ته پاڻ هيٺ هلون.“
هن جو مُنهن جيتوڻيڪ اڃا تائين سِيٽيل هو، پر ڪلاڪ اڳ جڏهن مٿي
ويو هو، تڏهن کان البت سانتيڪو ٿي ڏسڻ ۾ آيو.
”اجهو هي آهي، هو ڄاڻي ٿو ته خط ۾ ڇا لکيل آهي، ۽ کڻي ڇا به
هجي، هو وري انهيءَ مشڪلات کي منهن ڏئي آيو آهي.“
هن سوچيو، ”۽ هيڏانهن آءٌ اڃا به اوندهه ۾ آهيان.“
هن گهنڊڻي وڄائي ۽ حڪم ڏنو ته رات جي ماني هڪدم
آندي وڃي- ٿورو ئي کاڌو، پر جلد تيار ٿي سگهي،
ڇاڪاڻ ته هوءَ ۽ مسٽر آشبي البت ٿڪل هئا ۽ بُک ڪين
هُئن.
ماني آئي ۽ ٻيئي کائڻ لاءِ ويٺا. پهرين ته ٻنهي مان ڪنهن کي به
چوڻ لاءِ ڪو لفظ ڪونه ٿي سُجهيو، پر پوءِ آشبيءَ
هڪ فرضي اطمينان سان گفتگو شروع ڪئي، جيڪا سندس
خاموشيءَ کان وڌيڪ گران هئي. ”ڪيترو نه ٿڪل اهي!
حد کان وڌيڪ ٿڪل!“ شارلوت دل ۾ چيو، ۽ هن ميونسپل
سياست هوائي جاز راني، فرانس جي جديد تصويري
نمائش، پنهنجي پوڙهي چاچيءَ جي صحت ۽ خود هلندڙ
ٽيليفون لڳارائڻ بابت، بيڪار ڳالهيون ڪندو رهيو.
”هاءِ الا، ڪيترو نه ٿڪل اهي!“
ماني کائڻ کان پوءِ، هو ٻيئي دستور مطابق ڪتبخاني ۾ ويا. شارلوت
ڀِت واريءَ ڪرسيءَ تي چڙهي ڪپڙا اَڻڻ لڳي ۽ هو
پائيپ دکائي بتيءَ جي هيٺان پيل آرام ڪرسيءَ تي
ويٺو. پر اڄوڪي شام هنن انهيءَ ڪمري ۾ وڃڻ کان
پاسو ڪيو، جنهن ۾ سندن اها گفتگو ٿي ههئي. ان جي
بدران شارلوت جي گول ڪمري ۾ ويا.
هو بخاري جي ويجهو ٿي ويٺا، ۽ جڏهن ڪَڙڪ پِي پوري ڪيائون، تڏهن
شارلوت چوڻ لڳي: ”تنهنجو پائيپ؟“
هن پنهنجو ڪنڌ لوڏيو. ”نه، اڄ رات نه.“
”تون جلدي وڃي آرامي ٿيءُ، تون بنهه ٿڪل ٿو ڏسجين، مون کي پڪ
آهي ته هو توکي آفيس ۾ گهڻو ڪم ڪرائين ٿا.“
”آءٌ سمجهان ٿو ته ڪڏهن اسين سڀيئي گهڻو ڪم ڪندا آهيون.“
هوءَ اُٿي ۽ ڪنهن اوچتي ارادي سان مڙس جي اڳيان ٿي بيٺي.
”خير، آءٌ توکي وڌيڪ اجازت ڪانه ڏينديس ته تون اهڙيءَ طرح
پنهنجي قوت ضايع ڪندو رهه. اها واهيات ڳالهه
چئبي. آءٌ چڱيءَ طرح ڏسان ٿي ته ون بيمار آهين.“
هوءَ مڙس جي مٿان جُهڪي ۽ هن جي پيشانيءَ تي
پنهنجو هٿ رکيائين. ”منهنجا ٻڍڙا ڪينٿ! جلد تياري
ڪر ته ڪجهه عرصي لاءِ ڪا وڏي موڪل ملهايون.“
هن ڇرڪ ڀريندي، ڏانهس نهاريو، ”موڪل؟“
”يقيناً=، توکي ياد ڪونه رهيو ته مون توکي ايسٽر تي پاڻ سان وٺي
هلڻ ٿي چاهيو؟ ٻن هفتن اندرئي ڪنهن نه ڪنهن پاسي
هڪ مهيني جي بحري سفر تي هلنداسون. ڪنهن وڏي
سامونڊي جهاز تي!“ هُن ماٺ ڪئي ۽ ٿورو ويجهو ٿي
سندس پيشانيءَ تي پنهنجا چپ رکيائين. ”آءٌ پاڻ به
ڏاڍي بيزار آهيان، ڪينٿ!“
ائين ٿي لڳو ڄڻ ته هُن انهن آخري لفظن تي ڪو ڌيان ئي ڪونه ڏنو،
بلڪ ٿورو پٺتي هٽي هن کي سمجهڻ لاءِ، کيس غور سان
چتائڻ لڳو.
”وري؟ مٺڙي پاڻ ڪونه ٿا هلي سگهيون. ممڪن آهي آءٌ ٻاهر نه وڃي
سگهان.“
”آءٌ سمجهي نٿي سگهان ته تون ’وري‘ ڇو ٿو چوين. ڪينٿ، هن سال
پاڻ ڪابه سچي مومل ڪانه ملهائي آهي.“
”ڪرسمس تي جو هفتو کن پاڻ ٻارن سان گڏ ڳوٺ ۾ گذاريو هو؟“
”هائو، پر هن ڀيري منهنجو مقصد آهي ته ٻارن، نوڪرن ۽ گهر کان
پري هليا هلون، هر انهيءَ شيءِ کان پري، جيڪا
مانوس ۽ ٿڪائيندڙ آهي. جيڪڏهن جائس ۽ پيٽر تنهنجي
ماءُ وٽ رهندا ته هوءَ پاڻ خوش ٿيندي.“
هو ڪاوڙجي پيو ۽ ڪنڌ ڌوڻڻ لڳو. ”نه، مٺڙي! آءٌ هنن کي اَمان وٽ
ڪونه ٿو ڇڏي سگهان.“
”ڇو، ڪينٿ، اها ته اجائي ڳالهه چئبي! هوءَ ته پاڻ ٻارن کي
ڀائيندي آهي. جڏهن پاڻ ويسٽ انڊيز هليا هئاسون،
تڏهن ٻن مهينن کان به مٿي وقت وٽس ٻار ڇڏيندي تو
ته ڪا اهڙي ڳالهه ڪين ڪئي هئي.“
هن هڪ وڏو شوڪارو ڀريو ۽ تڪليف سان اُٿي بيٺو. ”اها ٻي ڳالهه
هئي.“
”ٻي ڳالهه؟ڇو؟“
”منهنج مطلب آهي ته ان وقت مون اهو محسوس ڪونه ڪيو هو-“
هو هٻڪي بيٺو، ڄڻ ته لفظ ٿي چونڊيائين ۽ پوءِ چوڻ لڳو: ”منهنجي
ماءُ ٻارن کي ڀانئي ٿي، جيئن تو چيو، پر هوءَ ڪا
سدائين انصاف ڪندڙ ڪين آهي. ڏاڏيون هميشه ٻارن کي
کاري ڇڏينديون آهن. هوءَ ڪنهن وقت ته سواءِ سوچ
ويچار جي جيڪي زبان تي ايندو اٿس، ٻارن جي اڳيان
چئي ڏيندي آهي.“ هن زال کي ڏاڍيءَ عاجزيءَ سان
مخاطب ڪيو. ”مون کي نه چئو، مٺڙي،“
شارلوت ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويئي، واقعي پوڙهي مسز آشبيءَ کي جيڪي
زبان تي ايندو هو، هو چئي ڏيندي هئي، پر دنيا ۾
هوءَ ئي هڪ اهڙي عورت هئي، جيڪا پنهنجي پٽ جي
اولاد اڳيان اهو سڀ ڪجهه چئي ٿي سگهي، جنهن کان هڪ
شڪي طبع مائٽ کي، رنج پهچي سگهيو ٿي، شارلوت مڙسس
ڏانهن پريشانيءَ مان نهاريو.
”آءٌ سمجهي ڪين ٿي سگهان.“
هو ساڳيءَ عاجزيءَ ۽ تڪيلف سان هن کي ڏسندو رهيو.
”گهڻي پچار نه ڪر.“ هن چپن ۾ چيو.
”پچار نه ڪريان؟“
”هاڻي نه- اڃا نه.“ هن هٿ کڻي لَوندڙين کي زور سان ڀِڪوڙيو.
”توکي خبر نه آهي ته ضد ڪرڻ مان ڪوبه فائدو ڪونه پهچندو. آءٌ
هتان ڪونه ٿو نڪري سگهان، کڻي ڪيترو به ضروري ڇو
نه هجي.“
شارلوت اڃا تائين سنجيدگيءَ سان هن کي تَڪيندي رهي. ”سوال اُٿي
ٿو ته تنهنجي مرضي آهي؟“
هن، گهڙيءَ کن لاءِ پنهنجي نظر پيرائي، هن جا چَپ ڏڪڻ لڳا، ۽
تمام آهستي چوڻ لڳو: ”منهنجي مرضي- وڌيڪ توکي ڇا
گهرجي.“
”۽ انهيءَ هوندي به-“
”مون کان نه پُڇ، آءٌ هتان ڪونه ٿو نڪري سگهان- نه!“
“تنهنجي چوڻ جو مطلب آهي ته تون انهن خطن جي قبضي مان ٻاهر نڪري
ئي ڪونه ٿو سگهين!“
مڙسس سخت تڪليف واريءَ حالت ۾ سندس اڳيان بيٺو هو، ۽ پوءِ اوچتو
ڪنڌ ورائي سڄي ڪمري ۾، پَسار ڪرڻ لڳو. هن جو ڪنڌ
جهڪيل هو ۽ اکيون غاليچي ۾ کتل هئس.
شارلوت پنهنجي ناراضپي کي وڌندو محسوس ڪيو. ”ائين ئي آهي“. هن
اصرار ڪندي چيو. ”تون اهو قبول ڇو نٿو ڪرين؟ انهن
کان سواءِ تون زندهه رهي ڪونه سگهندين ڇا؟“
هو ڏاڍيءَ تڪليف سان ڪمري ۾ پَسار ڪندو رهيو، پر وري بيهي رهيو.
هن پاڻ کي کڻي ڪرسيءَ تي ڪيرايو ۽ پنهنجو مُنهن
ٻنهي هٿن سان لڪائي ڇڏيائين. سندس ڪُلهن جي لوڏي
مان شارلوت سمجهيو ته هو روئي پيو. هن ڪڏهن به
ڪنهن مرد ماڻهوءَ کي روئندي ڪين ڏٺو هو. البت ننڍي
هوندي، جڏهن مانس گذاري ويئي هئي، تڏهن هن پنهنجي
پيءُ کي روئندي ڏٺو هو، ۽ هن کي اڃا تائين ياد هو
ته انهيءَ نظاري کي هوءَ ڪيترو نه ڊني هئي، ۽
هينئر به هوءَ ڊڄي ويئي هئي. هُن محسوس ڪيو ته
مڙسس کي ڪنهن زوريءَ گِهلي پراسرار قيد ۾ بند ڪرڻ
پئي چاهيو ۽ پنهنجي خاطر هن کي آزاد ڪرائڻ جي
ڪشمڪش ۾، کيس پنهنجي قوت جو آخري ذرو به استعمال
ڪري ڇڏڻ گهرجي.
”ڪينٿ- ڪينٿ!“ هوءَ سندس ڀرسان گوڏن ڀَر جُهڪي، ليلائڻ لڳي،
”تون منهنجي ڳالهه ڪين ٻڌندين؟ تون اهو به ڏسڻ جي
تڪليف ڪونه ڪندين ته مون سان ڪهڙي ويڌن آهي؟ آءٌ
ڪا هرو ڀرو ويل ڪين آهيان! مٺڙا، سچ پچ ڪين!
منهنجو ڌيان انهن خطن ڏانهن وڃي ئي ڪونه ها،
جيڪڏهن انهن جو توتي ايترو اثر نه ٿئي ها. اهو
منهنجو شان ڪونهي جو ٻين جي مسئلن ۾ پاڻ ڦاسايان،
۽ آءٌ ڏسان ها ته خطن جي ملڻ ڪري توکي خوشي ٿئي
ٿي، تون انهن جي بيقراريءَ سان اتنظار ڪرين ٿو،
انهن جي اچڻ جا ڏينهن ڳڻين ٿو، انهن کي ڏسڻ چاهين
ٿو، ۽ اهو ته انهن جيڪي ڪجهه توکي ڏنو آهي، اها
مون کي خبر ڪانه آهي ته ڪهڙيءَ طرح ڏنو وڃي ٿو-
ڇو، ڪينٿ،ل آءٌ ائين ڪين چوان ٿي ته انهن کان مون
کي به تڪليف ڪين پهچڻ کپندي هئي، پر ائين ڪين چوان
ٿي ته انهن کان مون کي به تڪليف ڪين پهچڻ کپندي
هئي، پر اهڙيءَ حالت ۾ اهو اثر ٻيءَ طرح جو هجي
ها، ۽ مون ۾ پنهنجي انهيءَ احساس کي لڪائڻ جي همت
هجي ها، ۽ پڻ اها اميد هجيم ها ته ڪنهن نه ڪنهن
ڏينهن توکي منهنجي لاءِ به ساڳيو ئي اهڙو احساس
ٿيندو، جهڙو انهن خطن جي لکندڙ لاءِ توکي ٿيو هو.
پر جيڪا ڳالهه منهنجي برداشت کان ٻاهر آهي، سا
هيءَ ته انهن جي ڪري توتي ڪيتري نه دهشت طاري ٿي
ويئي هئي، ۽ انهن توکي ڪترو، نه نقصان پهچايو هو،
۽ انهيءَ هوندي به تون ڪيئن انهن کان سواءِ رهي
ڪونه ٿي سگهين ۽ ٻاهر ڪونه ٿو نڪرين، شايد انهيءَ
خوف کان ته تنهنجي غير حاضريءَ ۾ ڪو خط توکي نه
ملي سگهندو يا شايد.“ هن اڳتي چيو- سندس آواز
شڪايت ڪرڻ سبب پئي ڏڪيو- ”شايد انهيءَ ڪري جو سچ
پچ هوءَ توکي ٻاهر وڃڻ کان روڪي ٿي. ڪينٿ، مون کي
ضرور جواب ڏي، اهو ئي سبب آهي نه؟ ائين آهي نه، ته
هوءَ توکي مون سان گڏجي ٻاهر هلڻ کان منع ڪري ٿي؟“
هوءَ مڙس جي ڀرسان جهڪندي ويئي، هن پنهنجا هٿ آهستي آهستي هيٺ
لاهي ڇڏيا. هوءَ پنهنجي اصرار تي ڏاڍو پيشيمان ٿي،
انهيءَ پريشان ڪندڙ ۽ ڌوڪو ڏيندڙ شڪل تان، نقاب
هتائڻ جي ڪري ڏاڍو شرم پئي ٿيس، پر انهيءَ هوندي
به ارادو ڪيائين ته آءٌ پاڻ کي انهن غذرن ۾ ڪين
ڦاسائينديس. مڙسس جون اکيون جُهڪيل هيون ۽ مُنهن
جا پَٺا پئي ڏڪيس. شارلوت جهڙي پاڻ کي تڪليف
پهچائي هئي، انهيءَ کان به وَڌ مڙس کي پهچائي
هئائين، انهيءَ هوندي به هوءَ پاڻ جهلي ڪين سگهي.
”ڪينٿ، ائين آهي نه؟ هوءَ اسان ٻنهي کي گڏجي ڪنهن طرف وڃڻ هرگز
ڪين ڏيندي.“
اڃا به هن ڪجهه ڪونه ڳالهايو ۽ نه اکيون کڻي ڏانهنس نهاريو، هن
کي پنهنجيءَ شڪست جو احساس ٿيڻ لڳو، نيٺ به، هن
سوچيو، انهيءَ ڪشمڪش جو نتيجو هار آهي. ”توکي جواب
ڏيڻ جي ڪا ضرورت ڪانهي. مون کي يقين آهي ته آءٌ
سچي آهينا.“ هن چيو.
اوچتو جيئن ئي هوءَ اٿي ته مڙسس مَڙيو ۽ کيس جهلي هيٺ
ويهاريائين. سندس هٿ مڙسس جي هٿن ۾ اچي ويا هئا ۽
هن اهڙو ته زور ڏنس جو سندس منڊيون هٿ جي اڱرين جي
گوشت ۾ گِهڙي ويون. انهيءَ گرفت مان دهشت ۽ خوف
پئي ظاهر ٿيو. هڪ اهڙو شخص جو خوف جنهن پاڻ کي
ڪنهن پهاڙيءَ جي چوٽيءَ تان کِسڪي ڪِرندي محسوس
ڪيو هو. هو پنهنجي مٿان شارلوت جي جُهڪيل چهري
ڏانهن وڌندو پئي ويو، ڄڻ انهيءَ چهري ۾ ڇوٽڪارو
سمايل هو ”بيشڪ پاڻ گڏجي هلنداسون، جتي تون
چوندينءَ، اوڏانهن هلنداسون.“ هن آهستي ۽ منجهيل
آواز ۾ چيو ۽ شارلوت کي ڳِراٽڙي پائي سندس چپن تي
پنهنجا چپ کڻي رکيائين.
(4)
شارلوت خيال ڪيو هو ته ”اڄ رات آءٌ سمهي ننڊ ڪنديس.“ پر انهيءَ
جي بدران هوءَ هڪ- ٻين بجي تائين بخاري جي ڀرسان
انهيءَ خيال کان ويٺي رهي ته مٿس مُڙسس جي ڪمري ۾
ڪو کڙڪو ته ڪونه ٿو ٿئي. پر شام واري هنگامي کان
پوءِ، هو جلد ئي سمهي رهيو هو. هن هڪ- ٻه ڀيرا
چوريءَ دروازو کولي اندر نهاريو ۽ گهٽيءَ واريءَ
دريءَ مان ايندڙ جَهڪيءَ روشنيءَ ۾ مڙس کي اگهور
ننڊ ۾ سُتل ڏٺو. اهڙي ننڊ، جنهن مان ٿڪاوٽ ۽
ڪمزوري پئي ظاهر ٿي. ”هو بيمار آهي.“ هن سوچيو،
”ها يقيناً= هو بيمار آهي ۽ انهيءَ جو سبب گهڻو ڪم
ڪونهي، اها پُراسرار سزا آهي.“
هن اطمينان جو ساهه کنيو. هڪ ٿڪائيندڙ ويڙهه کاڌي هئي ۽ کيس فتح
هاصل ٿي هئي. پوءِ کڻي اها گهڙيءَ پل جي سهي. هو
جيڪر هڪدم تياري ڪري سگهن. ڪنهن به پاسي نڪري وڃن
جي تياري! کيس خبر هئي ته موڪلن کان اڳي، هن کي
هلڻ لاءِ چوڻ بيڪار ٿيندو، ۽ انهيءَ وچ ۾ اهو مخفي
اثر- جنهن بابت پاڻ اڃا تائين اوندهه ۾ هئي- سندس
خلاف ڪم ڪندو رهندو، ۽ جيستائين ڪنهن سفر جو
سانباهو ٿئي، تيسائين هر روز انهيءَ مشڪلات ۾ نئين
سر مُنهن ڏيڻو پوندو. پر پوءِ سڀ ڪجهه درست ٿي
ويندو. کيس پَڪ هئي ته جيڪڏهن هڪڙو ڀيرو ڪنهن ٻئي
ملڪ ۾ وڃي سگهيا ته يقيناً= مڙسس کي انهيءَ بد اثر
کان نجاب ملي ويندي. انهن خيالن ڄڻ ته کيس آٿت ٿي
ڏني. آخر هوءَ پاڻ به سمهي رهي.
صبح ج جڏهن اک کليس، تڏهن گهڻي دير ٿي ويئي هئي. هوءَ
بستري م ئي پئي هئي ۽ پنهنجي گهڻي وقت سمهڻ تي
افسوس پئي ڪيائين ۽ عجب پئي کاڌائين. صبح جو سويل
اٿي، ڪتبخاني واري بخاري وٽ مڙس سان گڏجي نيرن
کائڻ ۾ کيس ڏاو لطف ايندو هو، پر گهڙيال تي نظر
ڪرڻ سان خبر پيس، ته هو گهڻو اڳي آفيس ڏانهن روانو
ٿي ويو هو. پَڪ ڪرڻ خاطر هوءَ بستري مان ڇال ڏيئي
اُٿي ۽ مڙس جي ڪمري ڏانهن ويئي، پر اهو خالي هو.
وڃڻ وقت هن به کيس ڏٺو هو ۽ اهو ڏسي، ته هوءَ اڃا
تائين ستي پيئيآهي، سواءِ هن جي آرام ڦٽائڻ جي، هو
چپ چاپ هيٺ لهي ويو هو. صبح جو وقت ائين وڃائيندي،
کيس ڏاڍو ڏک پهتو. ائين پئي لڳو، ڄڻ ته سندن ناتا
ڪنهن عاشق معشوق جهڙا هئا.
هن گهنڊڻي وڄائي ۽ پڇا ڪئي ته ”مسٽر آشبي روانو ٿي ويو آهي ڇا؟“
”هائو، ڪلاڪ کن ٿيندو.“ ٻانهيءَ چيو، ”هو تاڪيد ڪري ويو هو ته
مسز آشبيءَ کي نه اُٿاريو وڃي ۽ نه وري ٻارن کي
ڏانهنس ڇڏيو وڃي، جيستائين هوءَ پاڻ نه کين
سڏائي.... هائو، هو پاڻ ٻارن جي ڪمري ۾ ويو هو ۽
ائين چيائين،“ اهو ته سڀ ڪجهه دستور مطابق هو، پر
شارلوت کي سمجهه ۾ ئي ڪونه آيو ته هن پڇا ڇو ڪئي؟
”مسٽر آشبي ڪو نياپو ته ڪونه ڇڏي ويو؟“
”هائو،“ ٻانهيءَ چيو، ”هو نياپو ڇڏي ويو، پر افسوس آهي ته جو
مون کي وسري ويو. وڃڻ وقت چيائين ته آءٌ سفر جو
انتظار ڪرڻ وڃان ٿو ۽ مسز آشبيءَ کي ٻڌايو وڃي ته
هوءَ سڀاڻي سامونڊي سفر تي هلڻ جون تياريون ڪري
ڇڏي.“
نوڪرياڻيءَ جي آواز جو پڙاڏو شارلوت وٽان ٿيو، ”سڀاڻي؟“ هوءَ
نوڪرياڻيءَ کي گهورڻ لڳي، ڄڻ ته کيس اعتبار ئي
ڪونه ٿي آيو. ”سڀاڻي- توکي پڪ اهي ته هن سڀاڻي هلڻ
لاءِ چيو؟“
”سائين، آءٌ يقين سان چوان ٿي. مون کي سمجهه ۾ ئي ڪونه ٿو اچي
ته مون کان اها ڳالهه چوڻجھ ڪيئن وسري ويئي.“
”خير، ڪا حرڪت ڪانهي، چڱو، منهنجي غسل جو انتظار ڪر.“ شارلوت
ائين چوندي اُٿي کڙي ٿي ۽ سينگار خاني ۾ گهڙي
ويئي. هوءَ جيئين ئي وارن کي ڦني ڏيڻ لاءِ ويٺي ته
آئيني ۾ پاڻ کي جوهنگاريندي ڏٺائين. پنهنجي
ڪاميابيءَ تي هوءَ وري پاڻ کي نوجوان سمجهڻ لڳي.
اڳوڻي شارلوت هينئر پري پري غائب ٿي چڪي هئي، ۽
هاڻي هيءَ نئين شارلوت آئيني ۾، پنهنجي چپن ۽ اکين
جي عڪس کي ڏسي بهار بهار ٿي. ته پوءِ، هو کيس
ڀانئين ٿو-اڳي وانگر ئي پيار ڪرين ٿو. هو سندس
پريشانين کي سمجهي ويو آهي، ۽ يقين اٿس ته اسان جي
خوشي انهيءَ ۾ آهي ته اسين هتان نڪري هلون ۽
ڪالهوڪي ڪَڙي آزمائش کان پوءِ، وري هڪ ٻئي کي ڳولي
لهون. سندن وچ ۾ جيڪو اثر ڪم ڪري رهيو هو، تنهن جي
هيمئر هن کي بنهه پرواهه ڪين هئي. هن انهيءَ راڪاس
کي منهن ڏنو هو ۽ کيس تڙي ڪڍيو هئائين. ”همت-
اهوئي ته راز آهي! جيڪي ماڻهو محبت ڪن ٿا، تن کي
پنهنجين خوشين جي اکين ۾ اکيون ملائي ڏسڻ جي، خطري
کان سدائين خوفزده ٿيڻ گهرجي.“ مٿي تي کجور جي
شاخن[2]
وانگر چلڪڻ لڳا. خير، ڪن زالن کي خبر آهي ته مردن
سان ڪيئن پيش اچجي ۽ ڪن کي ڪانهي. رڳو سليقيمند
زالن کي- هن ڏاڍي خوشنمائيءَ سان باين ڪيو- همت
سُونهين ٿي. سچ پچ ته هوءَ ڏاڍي پيئي لڳي.
صبح، هڪ سپيءَ وانگر چلڪندڙ سمونڊ جي اڳيان پئي نچيو- اهڙو
سمونڊ جيڪو جلد ئي هنن کي پار ڪرڻو هو. اڄ هن خاص
کاڌو تيار ڪرڻ لاءِ حڪم ڪيو ۽ ٻارن کي اسڪول ڏانهن
اماڻيو. سندس ڪپڙن جو قصندوقون هيٺ لاٿيون ويون ۽
نوڪرياڻيءَ سان آرهڙ جي ڪپڙن کڻڻ لاءِ صلاح مسورو
ڪيو- آخر کين گرميءَ ۽ تابش ۾ به ته گذارڻو پوندو-
هن پوءِ ويچار ڪيو ته ڪينٿ جا فلانيل جا سوٽ ڪافور
مان ٻاهر ڪڍان يا نه. ”پر هي سڀ ڪجهه ڪيترو نه
اجايو ڪم آهي.“ هن سوچيو، ”مون کي ته اڃا به خبر
نه آهي ته اسين ڪيڏانهن ٿا وڃون!“ گهڙيال کي
ڏٺائين ته ٻپهر ٿيڻ وارا هئا، ۽ نيٺ فيصلو ڪيائين
ته هن سان آفيس ۾ هلي ملجي. انهيءَ ۾ ڪا ٿوري دير
ٿي ويئي، ۽ پوءِ مڙس جي منشيءَ کي چوندي ٻڌائين-
مسٽر آشبي صبح سويل، گهڙيءَ کن لاءِ آيو هو، پر
وري هڪدم موٽي ويو- اوهو، خير، شارلوت پوءِ هن کي
فون ڪندي. هو ڪيتري وقت ۾ واپس ايندو؟ منشيءَ
ٻڌايو: ”آءٌ چئي ڪونه ٿو سگهان، آفيس ۾سڀني کي فقط
ايتري خبر آهي ته هو جڏهن ويو ٿي، تڏهن چيائين ته
’آءٌ تمام تڪڙو آهيان، جو مون کي شهر کان ٻاهر
وڃڻو آهي.‘“
”شهر کان ٻاهر!“ شارلوت رضسيوَر کڻي ڦٽو ڪيو ۽ ويهي رهي. سندس
اکين اڳيان اوندهه اچي ويئي. هو شهر کان ٻاهر ڇو
ويو؟ هو ڪيڏانهن ويو؟ هيترن ڏينهن ۾ هن پنهنجي
اوچتي روانگيءَ لاءِ، هي موقعو ڇو چونڊيو؟ خوف کان
هن ڪجهه ڏڪڻي محسوس ڪئي. شايد هو انهيءَ عورت سان
ملڻ ويو هوندو- يقيناً= هن کان اجازت وٺڻ ويو
هوندو. هو پوريءَ طرح هن جي قبضي ۾ آهي ۽ شارلوت
جي اها مورکپائي هئي و هن پنهنجي پيشانيءَ تي کجور
جي شاخن جا نشان ڏٺا. هن کان ٽهڪ نڪري ويو، ۽ سڄو
ڪمرو لتاڙي هوءَوري آئيني جي اڳيان ٿي ويٺي. هن
ڪهڙي نه ڦريل صورت ڏٺي! سندس ڦڪن چپن جي مُرڪ ڄنڻ
ته ٻيءَ شارلوت جي گلابيءَ رُخ تان چٿر پئي ڪئي.
پر آهستي آهستي سندس رنگ روپ موٽ کاڌي. آخر هن کي
به ته ڪاميابي4 جي مهام هڻڻ جو حق هو. مڙسس ته
سندس ئي مرضيءَ مطابق سڀ ڪجهه ٿي ڪيو ۽ نه ٻيءَ
عورت جي چوڻ موجب. تنهن ڪري ٻئي ڏينهن سفر تي هلڻ
جي اوچتي فيصلي ڪرڻ بعد، اها فطري ڳالههه آهي ته
هن کي انتظار ڪرڻو پوندو، ڪاروباري ڳالهين کي فيصل
ڪرڻو پوندو. تنهن کان سواءِ اهو سمجهڻ به ضروري
ڪونه آهي ته هو ڪو انهيءَ خط لکندڙ عورت وٽ ويو
هجي. ٿي سگهي ٿو ته هو ڪنهن اصيل وٽ ويو هجي، جيڪو
شهر کان ٻاهر رهندو هجي. البت آفيس جا ماڻهو
شارلوت کي ڪونه ٻڌائيندا، خود منشيءَ به مسٽر
آشبيءَ جي عير حاضريءَ جي معمولي ڳالهه ٻڌائڻ کان
پهرين پئي نٽايو. بهتر آهي ته پنهنجي تياري ڪري
ڇڏجي، باقي کيس ڪهڙيءَ جنت جو سير ڪرڻو آهي، تنهن
بابت شام جو خبر پئجي ويندي.
وقت تيزيءَ سان اُڏامندو ويو ۽ هوءَ بيقراريءَ سان تياري ڪندي
رهي. آخر جڏهن بانهي، درن درين تان پردن کڻڻ لاءِ
اندر آئي، تڏهن شارلوت پنهنجو پورهيو بند ڪيو. هن
کي اهو ڏسي عجب ٿيو ته گهڙيال ۾ پنج وڳا هئا، پر
اڃا تائين کيس اها سَمَڪَ به ڪين هئي ته ٻئي ڏينهن
ڪهڙي طرف وڃڻو پوندو. هن، آفيس ۾ فون ڪري مڙس جي
ساٿيءَ جي پڇا ڪئي، پر هو به ڪجهه ڪونه ٻڌائي
سگهيو، جو هو پاڻ به ريل گاڏيءَ جي دير سان اچڻ
ڪري، ڳوٺان صبح جو ان وقت آفيس ۾ پهتو هو، جڏهن
مسٽر آشبي اچي واپس هليو ويو هو. شارلوت منجهي
بيهي رهي. اوچتو هن پنهنجيءَ سس کي فون ڪرڻ جو
فيصلو ڪيو. ڪينٿ کي ماءُ سان ملندي مهينو ٿو ٿئي،
ممڪن آهي ته ان کي ڏسڻ ويو هجي. سندس اجاين
اعتراضن جي باوجود ٻارن کي پوڙهيءَ، مسز آشبيءَ
وٽ، ڇڏي وڃڻو هو ۽ انهيءَ مان ظاهر هو ته هن کي
ڪيترين ئي ڳالهين بابت، ماءُ سان فيصلو ڪرڻو هو.
هن کي اهو به ڏک ٿيو ته انهيءَ صلاح مشوري ۾، کيس
شريڪ ڪونه ڪيو ويو هو، پر انهيءَ جو ڪو فڪر ڪونهي،
ڇاڪاڻ ته اڄ ته سندس ڪاميابيءَ جو ڏينهن هو ۽ مڙسس
اڃا به سندس هو ۽ نه ٻيءَ ڪنهن عورت جو. هن وڏي
چاهه مان مسز آشبيءَ کي فون ڪيو، هن جو قربائتو
آواز ٻڌائين ۽ چيائين: ”خير، ڪينٿ جون خبرون ٻڌي
ته توکي عجب لڳو هوندو. اسان جي ڀڄي وڃڻ بابت
تنهنجو ڇا خيال آهي؟“
مسز آشبيءَ جي جواب ڏيڻ کان اڳ ئي، شارلوت سهي ڪيو ته هوءَ ڇا
چوندي. مسز آشبيءَ پٽ کي ته مورڳو ڏٺو ئي ڪونه هو.
کيس هُن وٽان ڪو نياپو به ڪونه پهتو هو ۽ نه وري
پنهنجي نُنهن جو ئي مطلب ٿي سمجهيائين. اچرجر وچان
شارلوت چپ چاپ بيٺي رهي. ”پر پوءِ هو ڪيڏانهن ويو
آهي؟“ هن سوچيو. نيٺ پاڻ سنڀالي، هن پنهنجو اوچتو
فيصلو مسز آشبيءَ کي سمجهايو. ائين ڪندي، هن پاڻ ۾
ڪجهه خود اعتمادي محسوس ئي ۽ وري يقين آيس ته ڪينٿ
۽ سندس وچ ۾ وري ڪڏهن ڪو به ويڇو ڪونه پوندو. مسز
آشبيءَ ڏاڍي صبر ۽ اطمينان سان خبر ٻڌي. هن جو پڻ
اهو خيال هو ته ڪينٿ پريشان ۽ ٿڪل ٿي ڏسڻ ۾ آيو ۽
هوءَ پاڻ ساڻس شامل راءِ هئي ته اهڙيءَ حالت ۾،
ڪنهن طرف نڪري وڃڻ، سٺو علاج آهي. ”آءٌ ڏاڍي خوش
ٿيندي آهيان، جڏهن هو ڪيڏانهن ويندو آهي.“ آلسيءَ
کي سير سفر پسند ڪونه هو، هوءَ هميشه ڪونه ڪو
بهانو ڪري، هن کي سفر تي وڃڻ کان روڪيندي هئي. شڪر
آهي جو تو ۾ اها ڳالههه ڪين اهي. مسز آشبيءَ کي ته
انهيءَ تي به عجب ڪونه ٿيو ته هنن کيس پنهنجي
روانگيءَ بابت اڳواٽ ڪونه ٻڌايو. پر جنهن وقت هن
اهو فيصلو ڪيو هوندو، انهيءَ گهڙيءَ کان هن کي تڪڙ
هوندي، پر ممڪن آهي ته رات جي مانيءَ کائڻ کان اڳ
هو اچي نڪري. رڳو پنجن منتن جي ڳالهه بولهه ڪافي
هئي. ”مون کي اميد آهي ته تون رفتي رفتي ڪينٿ جي
انهيءَ سوداءَ جو علاج ڪندينءَ، جنهن جي ڪري هو،
هر انهيءَ سوال کي اجائي ڊيگهه ڏيندو آهي، جيڪو
چند لفطن ۾ حل ٿي سگهي. اڳي ته ڪڏهن به هو ائين
ڪونه ڪندو هو ۽ جيڪڏهن ڪاروبار ۾ هن پنهنجي اها
عادت جاري رکي ته جلد ئي هو پنهنجا اصيل ڦٽائي
ڇڏيندو.... هائو، مٺڙي، جيڪڏهن وقت هجئي ته بيشڪ
ٿوريءَ طير لاءِ، مون وٽ هلي اَچ، مون کي پڪ آهي
ته تنهنجي پهچڻ تائين هو به هتي پهچي ويندو.“ مسز
آشبيءَ جي همٿائيندڙ آواز جو پڙاڏو خاموش ڪمري ۾
ٿيندو رهيو ۽ هوءَ تياري ڪرڻ لڳي.
ستين بجي فون آيو ته هوءَ ٽپ ڏيئي اوڏانهن ويئي. هاڻي ضرور خبر
پوندي! پر اهو فون انهيءَ ايماندار منشيءَ جو هو،
جنهن آفيس بند ٿيڻ کان اڳ مسز آشبيءَ کي واقف ڪرڻ
ضروري ٿي سمجهيو ته مسٽر آشبي اڃا ڪونه آيو هو ۽
نه وري ڪو نياپو موڪليو هئائين.
”ٺهيو، مڙئي خير آهي. تنهنجي مهرباني.“ شارلوت خوشي4 واري آواز
۾ چيو، ۽ ڏڪندڙ هٿ سان رسيور رکي ڇڏيائين. پر هن
وقت تائين، هن سوچيو، هو پنهنجي ماءُ وٽ پهچي ويو
هوندو. هن خانان بند ڪري ڪٻٽ جا طاق بند ڪيا ۽ ڪوٽ
پائي، مٿي ۾ ٽوپ وجهي، ٻارن جي ڪمري ۾، اطلاع ڪرڻ
ويئي ته آءٌ ٻارن جي ڏاڏيءَ سان ملڻ لاءِ ٿورو وقت
ٻاهر وڃان ٿي.
مسز آشبي ڪا گهڻو پري ڪين رهندي هئي، ۽ بهار جي ٿڌيءَ شام جي
مختصر پنڌ ۾ کيس خيال ٿيو ته ڏانهس ايندڙ هر پاڇو،
سندس مڙس جو پاڇو هو. پر هو رستي ۾ ڪونه نظر آيس ۽
جڏهن هوءَ گهر ۾ داخل ٿي، تڏهن پنهنجيءَ سَس کي
اڪيلو ڏٺائين. ڪينٿ نه فون ڪيو هو ۽ نڪي آيو هو.
پوڙهي مسز آشبي، بخاري جي اڳيان ويٺي هئي ۽ سندس
ڦُڙتيلن هٿن ۾، آڻڻ جون سُيون تڪڙو تڪڙو هلڻ ڪري
جرڪيون پئي. پوڙهيءَ کي ڏسي، شارلوت کي ڪجهه ساهه
پيو. هائو، اها يقينا عجيب ڳالهه آهي جو مسٽر
آشبي، سواءِ ڪنهن اطلاع ڪرڻ جي سڄو ڏينهن غائب
رهيو هو، پر اها اميد ڪرڻ به کپندي هئي ت هڪ مصروف
وڪيل جي هٿ ۾ ايترا ته ڍيرا هوندا آهن، جو ڪنهن
تجويز ۾، اوچتي ڦيري اچڻ ڪري، انتظار ۽ فيصلي جي
سڀني اڻ ڏٺل نمونن کي ڏسڻ لاءِ، مجبور ٿي پوندو
آهي. هو شهر جي آسپاس ڪٿي ڪنهن اصيل کي ڏسڻ ويو
هوند ۽ اتي ئي ترسايو ويو هونود، ماڻس کي ياد هو
ته هڪ ڀيري هُن ٻڌايو هئس ته پاڻ نيو جرمنيءَ جي
هڪ عجيب تارڪ الدينا، پوڙهئي امير جو قانوني
صلاحڪار هو. پر اهو امير ايترو ته ڪنجوس هو، جو
ٽيليفون به هڻائي ڪونه ٿي سگهيو. پڪ هئي ته انهيءَ
مصيبت وٽ ڦاٿل هوندو.
پر، شارلوت پاڻ تي پريشانيءَ جو غلبو محسوس ڪرڻ لڳي. جڏهن مسز
آشبيءَ کاؤنس پڇيو ته بئي ڏينهن ڪهڙي وقت جهاز ۾
چڙهندا؟ تڏهن هن اَڻڄاڻائي ڏيکاري ۽ چيائين ته
”ڪينٿ مون ڏانهن نياپو موڪليو هو ته آءٌ سفر جي
انتظار ڪرڻ لاءِ پيو وڃان.“ اهي لفظ چوندي وري به
کيس حالت جي نرالي هجڻ جو احساس ٿيو. خود مسز
آشبيءَ کي به قبول ڪرڻو پيو ته اها تعجب جهڙي
ڳالهه آهي، پر جلد ئي هن چيو ته ”انهيءَ مان ظاهر
آهي ته هن کي ڪيتري نه تڪڙ آهي.“
”پر امان، هينئر ته اٺ ٿا وڄن! کيس اهو ته سوچڻ کپندو هو ته مون
کي اڃا تائين خبر ڪانه آهي ته سڀاڻي اسان کي ڪنهن
وقت روانو ٿيڻُ آهي.“
”اڙي، شام تائين جهاز ڪونه ڇُٽندو آهي. ڪڏهن ته وِيرَ چڙهڻ لاءِ
هنن کي آڌيءَ رات تائين به ترسڻو پوندو آهي. پڪ
اٿم ته ڪينٿ انهيءَ ڪم پٺيان هوندو. آخر هو به ته
سمجهو آهي.“
شارلوت اُٿي بيٺي. ”اها ڳالهه ڪانهي، هن سان مڙيئي ڪا ويڌن
آهي.“
مسز آشبي پنهنجي عينڪ لاٿي ۽ اوڻڻ جو سامان ويڙهي رکيو. ”جيڪڏهن
تو پاڻ کي اهڙين ڳالهين جي سوچڻ جي اجازت ڏني-“
”توکي ذرو به فڪر ڪونهي؟“
”آءٌ ڪڏهن به ڪونه ڪنديس، جيستائين ڪا اهڙي حالت پيدا نه ٿئي.
منهنجي مرضي آهي تون رات جي ماني هتي ئي کاءُ ۽
فون ڪري اهڙو اطلاع گهر ڏئي ڇڏ.مون کي پڪ آهي ته
گهر ويندي، هو ضرور هتي ايندو.“
شارلوت پنهنجي گهر فون ڪيو. ”نه،“ نوڪرياڻيءَ چيو، مسٽر آشبي
ڪونه آيو هو ۽ نه وري فون ڪيو هئائين. سندس اچڻ تي
کيس اطلاج ڪبو ته مسز آشبي پنهنجيءَ سس وٽ ماني
کائيندي. شارلوت، سس جي پٺيان کاڌي واري ڪمري ۾
ويئي ۽ پنهجي سُڪل ۽ ٺَوٺ نڙيءَ سان خالي پليٽ جي
اڳيان ٿي ويٺي. انهيءَ وچ ۾ مسز آشبي چپ چاپ وڏيءَ
هوشياري سان مختصر تيار ڪيل کاڌو وڌيندي رهي.
”ڇوڪري، چڱو ٿيندو ته تون ڪجهه کاءُ، نه ته تنهنجي
به ڪينٿ جهڙي حالت... هائپ.“
هن شارلوت کي انگوري شراب جي هڪڙي گلاس پيئڻ ۽ ڊبل روٽيءَ جي
ٽُڪري کائڻ لاءِ زور ڀريو. پوءِ ٻيئي گول ڪمري ۾
آيون، جتي باهه ٻاري، مسز آشبيءَ جي آرام ڪرسيءَ
کي ڇنڊي صفا ڪيو ويو. اهو سمورو ماحول ڪيترو نه
ڄاتل سڃاتل ۽ سلامتيءَ وارو پئي نظر آيو، ۽
هوڏانهن ٻاهر ڪٿي رات جي خاموشي ۽ غير يقينيءَ ۾،
ٻن عورتن جي خيالن جو جواب، هڪ ڳوليندڙ نامعلوم
پاڇي وانگر اڳ جهليو بيٺو هو.
آخر شارلوت اُٿي کڙي ٿي چيائين: ”بهتر ٿيندو ته آءٌ واپس وڃان.
هن وقت ڪينٿ سڌو گهر ويو هوندو.“
مسز آشبي پيار وچان مُرڪڻ لڳي. ”مٺڙي، ڪا گهڻي دير ڪين ٿي آهي.“
”هاڻي ته نَو به وڄي ويا آهن.“ شارلوت کيس چمي ڏيڻ لاءِ هيٺ
جهڪي. ”حقيقت هيءَ آهي ته آءٌ آرام سان ويهي ڪين
ٿي سگهان.“
مسز آشبيءَ پنهنجو ڪم هڪ طرف ڪري رکيو ۽ ٻيئي هٿ آرام ڪرسيءَ جي
ٻانهن کتي کڻي رکيائين. ”آءٌ توسان گڏجي هلان ٿي.“
هُن اُٿندي چيو.
شارلوت گهڻُ ئي منع ڪيس ته ڪافي وقت گذري ويو آهي، ۽ اهو ڪو
ضورر ڪونهي، جنهن وقت به ڪينٿ ايو ته هوءَ کيس
اطلاع ڪندي. پر، مسز آشبي اڳ ۾ ئي، ٻانهيءَ کي
حاضر ٿيڻ لاءِ گهنڊني وڄائي چڪي هئي. هوءَ ڪجهه
منڊڪائي هلندي هئي، تنهن ڪري جيستائين نوڪرياڻي
سندس شال آڻي، هوءَ لڪڻ کي ٽيڪ ڏيئي بيٺي رهي.
”جيڪڏهن مسٽر ڪينٿ اچي ته چئجانس ته آءٌ سندس گهر
هونديس.“ هن نوڪرياڻيءَ کي هدايت ڪئي ۽ پوءِ ٻيئي
ڄنيون ٽيڪسيءَ ۾ چڙهي روانيون ٿيون. واپس ايندي
شارلوت شڪر ڪيو ته پاڻ اڪيلي ڪين هئي. مسز آشبيءَ
جي قربت جي احساس ۾، ڪجهه جوش ۽ سچائي هئي- سندس
اکين جهڙي صاف ۽ سندس چمڙيءَ جهڙي مضبوط ۽ تازي،
جيئن ئي ٽيڪسي رواني ٿي، هن همت ڪري شارلوت جي هٿ
تي هٿ رکيو. ”ڏسجانءِ، هُتي ضرور ڪو نياپو پهتو
هوندو.“
شارلوت گهنڊڻي وڄائي ۽ دروازو کليو. ٻئي ڄڻيون اندر ويون. جوش
وچان شارلوت جي دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي. سندس رڳن
۾ سَسڻس جي ڏايريل ڀروسي جو خون ڊوڙڻ لڳو.
”تون ڏسندينءَ- تون ڏسندينءَ،“ مسز آشبي وري وري چيو.
نوڪرياڻي، جنهن دروازو کوليو، تنهن ٻڌايو ته مسٽر آشبي ڪونه هو،
۽ نه وري وٽاؤنس ڪو نياپو پهتو هو.
”توکي پَڪ آهي ته ٽيليفون ته خراب ڪونه آهي؟“ مسز آشبيءَ چيو، ۽
ٻانهي4 جواب ڏنو: ”اڌ ڪلاڪ اڳ ته فون ٺيڪ هو، پر
آءٌ وري وڃي ٿي خاطري ڪريان.“ هوءَ غائب ٿي ويئي،
۽ شارلوت پنهنجو توپ ۽ ڪوٽ لاهي رکيو. انهيءَ وچ ۾
اوچتو سندس نظر وڏي ڪمري جي ميز تي وڃي پيئي، جتي
خاڪي لفافو پيو هو، جنهن تي مڙسس جو نالو ڇڊيءَ مس
سان لکيل هو. ”اڙي!“ هُن کان عجب وچان دانهن نڪري
ويئي.
”منهنجي مٺڙي، ڇا آهي؟“ مسز آشبيءَ اچرج ۾ پئجي پڇيو.
شارلوت ڪوبه جواب ڪونه ڏنو. هن لفافو کنيو ۽ بيهي ان کي چتائي
نهارڻ لڳي، ڄڻ ته ڏسڻ ٿي گهريائين ته ان ۾ ڇا آهي.
اوچتو هن کي ڪو خيال آيو. هُن ورائي، اهو لفافو
پنهنجيءَ سس ڏانهن وڌايو.
”هيءَ تصوير تون سڃاڻين ٿي؟“هن پڇيو.
مسز آشبيءَ خط ورتو. هن ٻئي هٿ سان عينڪ پاتي ۽ لفافو روشنيءَ
تي جهلي، ڏسڻ لڳي. ”ڇو!“ هن کان دانهن نڪري ويئي،
۽ پوءِ هوءَ چپ ٿي ويئي. شارلوت ڏٺو ته سندس مضبوط
هٿ ۾ لفافو پئي ڏڪيو. ”پر هيءُ ته ڪينٿ جي نالي تي
آهي.“ نيٺ مسز آشبيءَ آهستي چيو، جنهن مان ائين ٿي
لڳو، ڄڻ ته کيس پنهنجي نُنهن جو اهو سوال ٻاراڻو
پئي معلوم ٿيو.
”هائو، پر فڪر ڪونهي.“ شارلوت هڪدم فيصلو ڪندي چيو، ”آءٌ ڄاڻڻ
گهران ٿي، ته اها تحرير تون سُڃاڻين ٿي؟“
مسز آشبيءَ لفافو واپس ڪيو. ”نه.“ هن صاف جواب ڏنو.
ٻيئي زالون ڪتبخاني ڏانهن ويون. شارلوت بتي ٻاري ۽ دروازو بند
ڪري ڇڏيائين. سندس هٿ ۾ اڃا تائين لفافو هو.
”آءٌ هي کوليان ٿي.“ هن اعلان ڪيو.
هن ڏٺو ته سسڻس جي نظرن مان پريشاني ظاهر ٿيڻ لڳي. ”پر مٺڙي- خط
تنهنجي نالي تي ڪونه آهي. منهنجي مِٺي تون اهو نٿي
کولي سگهين.“
”آءٌ سمجهان ٿي ته مون کي اها ئي ڳڻتي هئي!“ هوءَ مسز آشبيءَ جي
نگاهن ۾ پيار سان نهاريندي رهي، ”هيءُ خط مون کي
ٻڌائيندو ته ڪينٿ ڪٿي آهيئ“
مسز آشبيءَ جي چمڪندڙ گلابي مُنهن تي ڦِڪاڻ وري ويئي. سندس
مضبوط ۽ ڀريل ڳِٽا- لڙڪي پيا. ”ائين ڇو ٿيڻ گهرجي؟
اهو تون ڪيئن ٿي سمجهين- اهو ممڪن ڪونهي.“
شارلوت برابر هن جي بدليل چهري ۾ ڏسندي رهي. ”هائو، ته پوءِ
يقيناً= توکي هن تحرير جي ڄاڻ آهي.“ هن جي اکين
مان بي خوفي پئي بَکي.
”مون کي تحرير جي ڄاڻ آهي.“ مون کي ڪهڙي خبر؟ پنهنجي پٽ جي
سموري لکپڙهه بابت جيڪي ڄاڻان ٿي، سو هي-“ مسز
آشبيءَ کڻي زبان روڪي ۽ پنهنجي نُنهن ڏانهن بنهه
ڊڄندي ڊڄندي التجا سان ڏسڻ لڳي.
شارلوت هن کي اچي ڪرائيءَ کان جهليو. ”اَمان! تون ڇا ٿي ڄاڻين؟
مون کي ٻڌاءِ ضرور ٻُڌاءِ!“
”ته مون کي پَڪ آهي ته ڪنهن به عورت کي پنهنجي مڙس جي پرپٺ سندس
خط کولي پڙهڻ مان، ڪا چڱائي ڪين پهچندي آهي.“
شارلوت کي ائين لڳو ڄن ته اهي لفظ، ڪنهن اخلاقي ڪتاب جو ڪو جمو
هو. هوءَ بي صبريءَ سان کلڻ لڳي، ۽ پنهنجي سَس جي
ڪَرائيءَ کي ڇڏي ڏنائين. ”ائين آهي. خط کڻي کولجي
يا نه، پر هن منان ڪابه چڱائي ڪين ملندي. آءٌ اهو
چڱيءَ طرح ڄاڻان ٿي. پر کڻي ڪهڙي به بُرائي ٿئي،
منهنجو مطلب رڳو هيءُ اهي ته ان ۾ ڇا لکيل آهي.“
جڏهن هُن لفافو کنيو، تڏهن سندس هٿ پئي ڏڪيا، پر
هاڻي اهي مضبوط ٿيندا ويا ۽ سندس آواز به صاف
ٿيندو ٿي ويو. هوءَ اڃا به مسز آشبيءَ کي چتائي
ڏسندي رهي. اسان جي شادي ٿيڻ کان پو3، هي نائون خط
آهي، جيڪو ساڳيءَ تحرير ۾ ڪينٿ جي نالي تي پئي آيو
اهي. هميشه ههڙو ئي خاڪي لفافو. آءٌ هنن کي ڳڻيندي
رهي آهيان، ڇاڪاڻ ته هر خط اچن کان پوءِ، هو هڪ
اهڙي شخص وانگر نظر ايندو آهي، جنهن کي ڪو سخت
صدمو پهتو هجي، ۽ انهن جي اثر کان پاڻ ڇڏائڻ لاءِ،
هن کي ڪافي وقت لڳندو آهي. مون هن کي به اهو ئي
ٻڌايو آهي ته خط تون ظاهر ڪر ته اهي ڪنهن وٽان اچن
ٿا. آءٌ ڏسان پئي ته هي خط هن جي زندگيءَ کي ڄڻ
ختم ڪندا ٿا رهن. هو منهنجي سوالن جا جواب ئي ڪونه
ٿو ڏئي. هو چوي ٿو ته ”آءٌ هنن بابت ڪجهه به ٻڌائي
ڪونه سگهندس. پر گذريل رات هن مون سان ٻاهر هلڻ جو
انجام ڪيو هو- هنن خطن مان جان ڇڏائڻ لاءِ.“
مسز آشبي ڏڪندڙ قدمن سان هلي وڃي آرام ڪرسيءَ تي وٺي. سندس ڪنڌ،
جهڪيل هو، ”هاءِ“، هن چپن ۾ چيو.
”هاڻي تنهنجي سمجهه ۾ ڳالهه ويٺي آهي.“
”هن توکي ائين چيو ته هنن خطن مان جان ڇڏائڻ لاءِ ٻاهر هلون
ٿا؟“
”هن چيو هو ته هنن خطن مان جان ڇڏائڻ لاءِ-جان ڇڏائڻ لاءِ، هن
جو آواز ايترو ته ڀرجي آيو هو جو ڳالهائي به ڪونه
ٿي سگهيو، پر مون ٻڌايو مانس ته مون کي خبر آهي ته
ائين ڇو آهي.“
”۽ هن ڇا چيو؟“
”هن کڻي مون کي پنهنجي ڀاڪر ۾ جهليو ۽ چيائين ته جتي تون
چوندينءَ اوڏانهن هلنداسون.“
”آه، شڪر آهي!“ مسز آشبيءَ چيو، ٿورو وقت سانت ٿي ويئي ۽ هوءَ
پنهنجي نُنهن مان نظرون هٽائي، ڪنڌ جهڪايو ويٺي
رهي. نيٺ هن مٿي نهاريو ۽ چيائين، ”توکي پَڪ آهي
ته ههڙا نَو خط آيا هئا؟“
”يقينا- هي نائون خط آهي. آءٌ ڳڻيندي آئي آهيان.“
”۽ هن تفصيل ٻڌائڻ کان بنهه انڪار ڪيو آهي؟“
”صاف انڪار.“
مسز آشبيءَ ڀِڪوڙيل چپن مان آهستي پئي ڳالهايو. ”ڪڏهن کان اهي
اچڻ شروع ٿيا آهن؟ توکي ڪا يادگيري آهي؟“
شارلوت وري مرڪي ڏنو، ”يادگيري؟ پهريون خط انهيءَ رات آيو هو،
جڏهن اسين هنيون ملهائي واپس آيا هئاسين.“
”انهيءَ وقت؟“ مسز آشبيءَ پنهنجو ڪنڌ کنيو ۽ ڪنهن اوچتيءَ سگهه
سان ڳالهائڻ لڳي. ”پوءِ- هائو، کولينس.“
اهي لفظ ايترا ته خلاف توقع هئا، جو شارلوت پنهنجي لوندڙين ۾
خون ڊوڙندو محسوس ڪيو ۽ سندس هٿن وري ڏڪڻ شروع
ڪيو. هن لفافي ۾ آڱر وجهي وري کولڻ جي ڪوشس ڪئي،
پر اهو اهڙو ته مضبوط چنبڙيل هو، جو مجبورا= کيس
مڙس جي لکڻ واريءَ ميز ڏانهن، عاج جي ڇُريءَ کڻڻ
لاءِ وڃڻو پيو. انهن ڄاتل سڃاتل شين کي گهڻي وقت
کان پوءِ، پنهنجي آڱرين سان ڇهندي، هن پاڻ ۾ ڪنهن
تازي مردي جهڙي ٿڌاڻ محسوس ڪئي. هن لفافو کوليو ته
ڪاغذ جي ڦاٽڻ جو آواز ڪمري جي گهريءَ خاموشيءَ ۾
ڪنهن انسان جي رَڙ وانگر پئي معلوم ٿيو. ڪاغذ ڪڍي،
هوءَ بتيءَ جي ويجهو ويئي.
”چڱو ٿيو؟“ مسز آشبيءَ هوريان چيو.
شارلوت نه چُري ۽ نه ڪو جواب ڏنائين. هوءَ پيشآنيءَ ۾ گهنڊ پايو
خط جي مٿان جُهڪي بيٺي هئي، ۽ ان کي روشنيءَ جي
ويجهو ڪندي رهي. ڪاغذ جي نرم مٿاڇري تي بتيءَ جي
عڪس پوڻ سبب، سندس اکين اڳيان تِرورا اچي ٿي ويا،
7 گهڻيءَ نظر ڪرڻ کان پوءِ هوءَ صرف ٻه- ٽي جهڪا
لفظ سڃاڻي سگهي ۽ اهي به اهڙا به جهڪا ۽ ڏنگا ڦڏا
هئا، جو بنهه سڃاڻڻ ۾ ئي ڪونه ٿي آيا.
”آواز ته ڪو مطلب ئي ڪين ٿي ڪڍي سگهان.“ هن چيو.
”تنهنجو مقصد ڇا آهي، مٺڙي؟“
”تحرير سڃاڻڻ ۾ .ئي ڪين ٿي اچي......ترس.“
هوءَ ميز ڏانهن واپس ويئي ۽ ڪينٿ جي ميز- بتيءَ جي ويجهو ويهي،
خط کي ٿلهي شيشي جي هيٺان رکي ڏسڻ لڳي. سمورو وقت
کيس خبر هئي ته ڪيئن نه سَسڻس چتائي پئي نهاريو.
”خير ته آهي؟“ مسز آشبيءَ ساهه کنيو.
”اڃا به صاف ڪونهي. آءٌ ڪين ٿي پڙهي سگهان.“
”تنهنجو اهو مطلب ته ڪونهي ته سڄو ڪاغذ بنهه اڇو آهي؟“
”نه، ائين نه آهي، ڪجهه لکيل ته آهي. آءٌ مطلب ڪڍي ڪين ٿي
سگهان. هي ڇا آهي؟ ’منهنجا‘ – اوهه، ۽ ’اچ‘ ئي ٿي
سگهي ٿو.
مسز آشبي هڪدم اُٿي بيڍي. سندس مُنهن اڳي کان به وڌيڪ هيڊو ٿي
ويو. هوءَ ميز ڏانهن وڌي آئي ۽ پنهنجا ٻيئي هٿ ان
تي رکي، هڪ اونهو ساهه کنيائين. ”مون کي ڏسڻ ڏي.“
ڄڻ ته هن زوريءَ اها نفرت جهڙي ڪوشش ٿي ڪئي.
شارلوت هن جي مُنهن جي سفيدي ڏسي، دل ۾ چوڻ لڳي ته هن کي خبر
آهي. هن خط کسڪائي ڏانهس وڌايو ۽ سسڻس ڪنڌ جهڪائي
خاموشيءَ سان ان کي پنهنجين هيڊين آڱرين سان ڇهڻ
کان سواءِ ڏسڻ لڳي.
شارلوت به کيس اهڙيءَ طرح جانچي ڏٺو، جيئن هن کيس جانچيو هو.
مسز آشبيءَ بيقراريءَ سان عينڪ ڪڍي اکين تي چاڙهي
۽ کليل خط تي وڌيڪ جُهڪي، غور سان ڏسڻ لڳي. بلب جي
روسني سڌي سندس پوڙهي منهن تي ٿي پيئي، ۽ شارلوت
جانچڻ لڳي ته انهيءَ صاف ۽ کليل خط و خال جي پٺيان
ڪهڙو نامعلوم خيال گهات ۾ ويٺو هو. هن ڪڏهن به
پنهنجيءَ سس جي مهانڊن مان، سواءِ معمولي ۽ معقول
جذبن جي ٻيو ڪجهه به ظاهر ٿيندي ڪونه ڏٺو هو- گرم
جوشي، خوش مذاقي، مدردي، پر هاڻي انهن مان ڪاوڙ
طاهر هئي. هينئر ائين ٿي ڳو ته انهن مان خوف ۽
نفرت پئي نڪتي، نه يقين ايندڙ هراس ۽ سرڪشي پئي
طاهر ٿي. ائين پئي معلوم ٿيو ته سندس اندر ۾
وڙهندڙ روحن هن جي صورت ئي بگاڙي ڇڏي هئي. نيٺ هن
پنهنجو مٿو کنيو”آءٌ ڪين ٿي سمجهي سگهان. آءٌ ڪين
ٿي سمجهي سگهان.“ هن ڏکوئيندڙ ٻاراڻي آواز ۾ چيو.
”تون به هن مان ڪو مطلب ڪڍي نٿي سگهين؟“
هن پنهنجو ڪنڌ لوڏيو ۽ شارلوت ڏٺو ته هُن جي ڳلن تان ٻه ڳوڙها
وَهي هيٺ ڪريا.
”ڄڻ ته تون هن تحرير مان واقف آهين؟“ شارلوت ڀِڪوڙيل چپن سان
زور ڏيندي چيو.
مسز آشبي انهن لفظن ڏانهن ڪوبه ڌيان ڪونه ڏنو. ”آءٌ ڪجهه به
مطلب ڪڍي ڪين ٿي سگهان- ڪجهه به ڪين.“
”پر تون هن تحرير کي سڃاڻين ٿي؟“
مسز آشبيءَ ڊڄندي ڊڄندي پنهنجو ڪنڌ کنيو، کيس خاموش ۽ ڄاتل ڪمور
به خوفائتو پئي نظر آيو.
”آءٌ ڪيئن چئي سگهان ٿي؟ آءٌ ته پهرين گهٻرائجي ويس.....“
”گهٻرائجي وَئينءَ، هڪجهڙائيءَ کان؟“
”خير، مون کي خيال آيو-“
”امان! چڱو ٿيندو ته تون چئي ڏي. تو ڏسڻ شرط سهي ڪيو ته اها هُن
جي تحرير آهي؟“
”ترس، منهنجي مٺڙي- ترس.“
”ڇا لاءِ ترسان؟“
مسز آشبيءَ مٿي نهاريو، سندس اکيون شارلوت کي ڏسندي، آهستي
آهستي پُٽس جي لکڻ واريءَ ميز جي پُٺيان ڀِت ۾ وڃي
کُتيون.
شارلوت تيز آواز ۾ ٽهڪ ڏيڻ لڳي، جن مان تهمت ۽ بوءِ پئي ائي.
”مون کي وڌيڪ ترسڻ نه گهرجي! تون مون کي جواب ڏئي
ڇڏيو. ديوار تي تون سڌو انهيءَ جاءِ تي پيئي ڏسين،
جتي هن جي تصوير ٽنگيل هوندي هئي!“
مسز آشبيءَ احتجاج طور پنهنجو هٿ مٿي کنيو، ”هُش-“
”تون اهو نه سمجهه ته ڪا شيءِ مون کي وري به ڊيڄاري سگهندي!“
شارلوت رڙَ ڪئي.
سَسنس اڃا تائين ميز تي جُهڪي بيٺي هئي. رنج وچان هن جا چپ ڏڪيا
پئي. ”پر اسين ٻيئي چَريون آهيون- اسان ٻنهي جو
دماغ خراب ٿي پيو آهي. اسان کي چڱيءَ طرح خبر آهي
ته اهڙيون ڳالهيون ناممڪن آهن.“
نُنهڻس قياس وچان ڏانهُس تڪيني رهي. ”مون کي گهڻي وقت کان خبر
آهي ته هرڪا ڳالهه ممڪن آهي.“
”هيءَ به؟“
”هائو، بلڪل هيءَ به.“
”پر هيءُ خط- انهيءَ هوندي به هن خط ۾ ته ڪا اهڙي ڳالهه لکيل ئي
ڪين آهي.“
”شايد اها هو سمجهي. آءٌ ڪيئن چوان؟ مون کي ياد آهي ته هڪڙي
ڀيري هن مون کي ٻڌايو هو ته ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن
جي تحرير مان واقف هجي ته انهيءَ تحرير جا جهڪي ۾
جهڪا لفظ به هن جي سمجهه ۾ اچي ويندا. هينئر خبر
پيئي اٿم ته هن جو مطلب ڇا هو. هو هن تحرير مان
اڳي ئي واقف هو.
”پر ٻه- ٽي لفظ جيڪي سمجهه ۾ اچن ٿا، اهي به ته بنهه جهڪا لکيل
آهن. اهو ممڪن ئي ڪونهي ته ڪير خط پڙهي سگهي.“
شارلوت وري ٽهڪ ڏنو، ”آءٌ سمجهان ٿي ته هرڪا روحاني شيءِ
لُڙاٽيل هوندي آهي.“ هن تيز آواز ۾ چيو.
”نينگر، ائين نه چئو!“
”ڇو نه چوان؟ جڏهن ته خالي ديوارون به رڙيو ڪري پيون ٻڌائين؟
انهيءَ ۾ ڪهڙو فرق پوي ٿو. جيڪڏهن هن جا خط آءٌ ۽
تون ڪونه ٿيون پڙهي سگهون، جيڪڏهن تون به هن خالي
ديوار تي سندس صورت ڏسي سگهين ٿي، ته پوءِ هو ڇو
نه هن خالي ڪاغذ جي تحرير پڙهي سگهندو؟ تون ڏسي
ڪين ٿي ته هن گهر ۾ هوءَ هر هنڌ موجود آهي ۽ هن جي
گهڻو قريب آهي. باقي ٻين جي لاءِ ته هوءَ غائب ٿي
چڪي آهي.“
شارلوت پاڻ کڻي ڪرسيءَ تي ڪيرايو ۽ ٻنهي هٿن سان پنهنجو منهن
لڪائي ڇڏيائين. سُڏڪن جي ڪري هوءَ ننهن کان وٺي
چوٽيءَ تائين ڏڪي ويئي هئي. ڪجهه دير کان پوءِ،
احساس ٿيس ته ڪنهن سندس ڪلهي کي ڇهيو آهي ۽ هن ڪنڌ
کڻي مٿي نهاريو ته پنهنجيءَ سس کي پاڻ تي جهڪيل
ڏٺائين. ائين ٿي لڳو ڄن ته مسز آسبيءَ جو منهن
ويتر لهي ويو هو، پر ان تي هينئر ڳنڀيرتا آيل هئي.
انهي4 سموريءَ روحاني جهاڳورَ ۾ شارلوت انهيءَ
مستقل روح جو پاڻ تي گهڻو اثر محسوس ڪيو.
”سڀاڻي- سڀاڻي. تون پاڻ ڏسندينءَ. انهيءَ جو سبب سڀاڻي معلوم ٿي
ويندو.“
شارلوت هن کي وچ ۾ ئي روڪيو. ”سبب؟ مون کي عجب آهي ته اهو ڪير
ٻڌائيندو؟“
مسز آشبي پٺتي هٽي، همت سان سڌي ٿي بيٺي.
”خود ڪينٿ ٻڌائيندو.“ هن تيز آواز ۾ رڙ ڪئي. شارلوت ڪجهه به
ڪونه چيو، ۽ پوڙهي وڌيڪ چوڻ لڳي: ”پر انهيءَ وچ ۾
پاڻ کي ڪجهه ڪرڻ گهرجي. اسان کي کپي ته پوليس کي
اطلاع ڪري ڇڏيون. هينئر سواءِ ڪنهن وقت ضايع ڪرڻ
جي، اسان کي سڀ ڪجهه ڪرڻ گهرجي- سڀ ڪجهه.“
شارلوت آهستي ۽ تڪليف سان اُٿي، سندس سَنڌ پوڙهين زالن وانگر
پئي لچڪيا.
”بلڪل صحيح، ڄڻ ته اسان ائين سمجهيو هو ته ڪجهه ڪرڻ مان ڪا
چڱائي ٿيندي.“
مسز آشبي دانهن ڪري چيو: ”هائو!“ ۽ شارلوت ٽيليفون ڏانهن وڃي
رسيور کنيو.
|